اقبال هنڱورو
ڪنڊيارو
ٻارن کي
وقت ڏيو
عام طور تي هر ماڻهو دوستن ۽ گهر ڀاتين سان وقت
گهارڻ، ڪچهريون ڪرڻ ۽ گُهمڻ ڦِرڻ چاهيندو آهي،
تيئن ننڍن ٻارن جي به خواهش هوندي آهي، ته ڪير
ساڻن وقت گهاري، ڪچهريون ڪري ۽ گُهمي ڦِري.
ڪيترائي والدين پنهنجن ٻارن سان ڪچهري ته ڇڏيو، پر
ڳالهائڻ به پسند ناهن ڪندا. اُتي ئي وري ڪي اهڙا
والدين به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ٻارن سان نه صرف
ڪچهريون ڪندا آهن، پر انهن کان صلاح مشوار به
وٺندا آهن. اُهي پنهنجي پسند کي پوئتي رکي، پنهنجن
ٻارن جي پسند کي اولين ترجيح ڏيندا آهن. جيڪي
والدين پنهنجي اولاد کي ننڍپڻ ۾ وقت ۽ اهميت ڏيندا
آهن، اُهي ئي ٻار پنهنجي
والدين کي ضعيفيءَ ۾ ناهن ڇڏيندا ۽ جن ٻارن
کي ننڍپڻ ۾ پنهنجي والدين طرفان وقت ۽ اهميت ناهي
ملي سگهندي، اُهي ٻار پنهنجي والدين کان پيريءَ ۾
بيزاري اختيار ڪندا آهن! والدين کي پنهنجي ٻارن جي
احساسن کي سمجهڻ گهرجي، ڪي ٻار حساس طبيعت ٿيندا
آهن. حساس طبيعت رکندڙ ٻار جي دل صفا نرم هوندي
آهي. اگر اُن کي والدين ڪو دڙڪو به ڏيندا آهن، ته
هُو روئي پوندو آهي. ٻارن جو ٻيو قسم اهڙو آهي، جن
کي والدين طرفان مارَ ڪُٽ به ملندي، تب هُو ناهن
روئندا.
ننڍو ٻار ڪوري ڪاغذ مثل هوندو آهي، اهو والدين تي
منحصر آهي، ته هُو پنهنجي ٻارن کي ڇا سيکارڻ ۽ ڇا
بنائڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن والدين پنهنجي ٻارن کي
سُٺي انسان ٿيڻ، هر ننڍي وڏي جو ادب احترام ڪرڻ جو
درس ڏين، ته هوند هن دنيا مان بُرائين جون پاڙون
پٽجي پون ۽ هيءُ جهان جنت مثل بڻجي پوي.
اسان جا ٻار اسان جو آئيندو
آهن. اسان جو ڪُل سرمايو هجڻ سان گڏ ملڪ، قوم ۽
ذات لاءِ پڻ فخر جو ذريعو بڻبا آهن. ٻار جڏهن
پهرين درسگاهه ماءُ جي هنجَ مان نيڻ ٽِمڪائي هن
ڪائنات کي ستارن جھڙين اکين سان جهلملائي نهاري
ٿو، تڏهن ڄڻ ته سڄي ڪائنات سندس مُرڪن سان جرڪڻ ۽
ٻهڪڻ لڳي ٿي. جڏهن جيجل کيس لولي ڏيئي ٿي ته اها
شاعراڻي رڌم نه صرف کيس سرور بخشي ٿي بلڪه اها
رڌم کيس ريجهائي به ٿي.
ٻار مستقبل جا مهندار آهن. تنهنڪري ٻارن جي نه صرف
جسماني تربيت سُٺي ڪجي، بلڪه سندن ذهن ۽ سندن
نفسيات کي به ائين سمجهڻ گهرجي، جيئن هڪ ماءُ ڪنهن
صغير معصوم ٻار جي چُرپر مان سندس تڪليف جو اندازو
لڳائي وٺندي آهي. بلڪل ائين ٻارڙن لاءِ اُستاد
سميت اديبن، شاعرن کي به ٻارن جي نفسياتي ڪيفيتن
کي سمجهندي قلم کي مُتحرڪ رکي، انهن لاءِ سگهاري
ادب سان گڏ ٻارن ۾ ادبي لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ به
پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ سُٺا اديب شاعر
پيدا ڪرڻ جو هڪ سٺو سنوَڻ آهي. سياڻن چيو ته
”جيڪو
پوکيندين سوئي لڻندين“
اڄ اسان ٻارن لاءِ سٺو، مثبت ۽ سگهارو ادب
لکنداسين، ته اسان جو ادبي آئيندو وڌيڪ خوبصورت ۽
سهڻين لکڻين سان همڪنار هوندو، جيڪو مضبوط، ارڏا،
بي باڪ، عظيم شاعر ۽ ليکڪ پيدا ڪندو. ان ڏس ۾
اسان جي سينئرز جو ٻاراڻي ادب ۾ پنهنجو پنهنجو
حصو ادب جي جياپي جو سبب بڻبو، کين ٻارڙن لاء وڌ
کان وڌ لکڻو پوندو ٻاراڻي ادب جي تاريخ تي نظر
ڦيرائبي ته ڪافي اديبن شاعرن هن ميدان ۾ پاڻ
ملهايو آهي، جن ۾ امداد حسيني، اياز پاٽولي، اڪبر
جسڪاڻي، سڪندر سرواڻ، نجمه پنهور، اياز گل، خليل
عارف سومرو، عابده گهانگهرو، نياز پنهور، علي محمد
درد سولنگي، غلام مصطفى سولنگي، ادل سومرو، نصير
مرزا سميت ڪئين نانءَ آهن، جن ٻاراڻي ادب کي
مضبوط متحرڪ ۽ هر دور ۾ زنده رکيو آهي. ٻاراڻي ادب
کي زندھ رکڻ ئي ڪافي ناهي بلڪه انهيءَ کي اڳتي
وڌائڻ ۽ نون لکندڙن کي همٿائي اڳيان آڻڻ به ٻاراڻي
ادبي قلعي کي مضبوط بنائڻ جو بنيادي ايڪو آهي
ٻاراڻو ادب سرجڻ ڏکيو عمل آهي. ٻالڪن لاءِ تخليق
لکڻ وقت پنهنجي ڪيفيت به ٻالڪپڻي واري ھئڻ گهرجي ۽
اها ڪيفيت ٻارن جي سوچ، نفسيات ۽ خصلتن جو نچوڙ
هوندي آهي، جنهن لاءِ توهان کي ان دور ۾ وڃڻو
پوندو آهي، جيڪو توهان گذاري چڪا آهيو.
ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
حيدرآباد
دين جي معلومات
·قرآن
پاڪ الله تعاليٰ جي طرفان موڪليل اِلهامي ڪتابن ۾
آخري ڪتاب آهي
·قرآن
پاڪ وحيءَ جي صورت ۾ حضرت جبرائيل عليه السلام
معرفت پياري نبيءَ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ تي نازل
ٿيو.
·پهرين
نازل ٿيل سورة، سورة
”علق“
۽ پهريون لفظ”اقراء“
معنيٰ
’پڙهه‘
آهي.
·قرآن
پاڪ ۾ ڪل
86
مڪي سورتون ۽
28
مدني سورتون آهن.
·قرآن
پاڪ عربي زبان ۾ نازل ٿيو.
·قرآن
پاڪ ۾
114
سورتون، ٽيهه سيپارا، ست منزلون،
14
سجدا ۽
540
رڪوع آهن.
·’سورة
البقره‘
قرآن جي وڏي ۾ وڏي سورة اڍائي
سيپارن جي آهي.
·سورة
’الڪوثر‘
سڀني سورتن ۾ ننڍي سورة ٽن آيتن جي آهي.
·قرآن
پاڪ جو پڙهڻ، ياد ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن تي عمل ڪرڻ
احسن عمل آهي.
***
سنڌ جي معلومات
·سنڌ
جي ثقافت جو اُهڃاڻ سنڌي ٽوپي، اجرڪ، رليون، کيس،
جنڊيءَ جو سامان، سنڌي علم ۽ ادب آهن.
·ڊسمبر
جي مهيني جي پهرين هفتي جي آچر تي سنڌي ثقافت جو
ڏهاڙو سنڌ سان گڏ موجوده وقت پوريءَ دنيا جي وڏن
ملڪن ۾ موجود سنڌي قوم ملهائي رهي آهي، جيئن
آمريڪا، لنڊن، ڪئناڊا، دبئي ۽ ٻيا ملڪ آهن.
·سنڌ
جي شهر حيدرآباد جو اصل نالو
”نيرون
ڪوٽ“
هو جنهن کي پوءِ حيدرآباد سڏيو ويو. غلام شاهه
ڪلهوڙي حڪمران هن شهر جو بنياد
1768ع
۾ رکيو.
·حيدرآباد
جون راتيون ٿڌيون وڻندڙ ۽ ڏينهن گرم آهن.
·يونيورسٽين
جو شهر ڄامشورو حيدرآباد جي ويجهو آهي. ڄامشورو ۾
سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ (لمس)
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي موجود آهن.
·سنڌو
دريا کي
”دريا
مهراڻ“
به سڏيو ويندو آهي. سنڌ جو هيءُ قديم دريا
2700
ڪلوميٽر جي ڊيگهه رکي ٿو.
وقاص ياسين آرائين
ڦلجي اسٽيشن/دادو
لِيمُو ن
Lemon
ليمون قدرت جو هڪ انمول تحفو آهي، ليمون ڏسڻ ۾
ننڍو نظر ايندو آهي، پر بيشمار فائدن سان تمام
ميون ۽ ڀاڄين ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. ليمون وٽامن
’سي‘
جو خزانو آهي. ان کان علاوه هن
۾ وٽامن
’بي‘،
ڪيلشئم، فاسفورس ۽ پوٽيشم به ملي ٿي. ميسوپوٽيميا
۽ بابل جي کنڊرن مان پتو پوي ٿو، ته چار هزار سال
قبل مسيح جا ماڻھو ليمي جو استعمال ڪندا هئا.
پاڪستان، ڀارت، الجزائر ۽ جنوبي يورپ جي ملڪن ۾
ليمون ڪثرت سان پيدا ٿئي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ هن جا
ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن ۾ بھترين قسم ڪاغذي
ليمن جو آهي. هن جي کلَ سنھي ٿئي ٿي ۽ ان
مان رس گھڻو نڪري ٿو. اسان ليمي جو استعمال کائڻ
پيئڻ جي شين ۾ ڪيون ٿا. چٽِڻي، سلاد ۽ شربت ۾ ليمي
جو رسُ وڌو ويندو آهي ۽ کائڻ جو مزو ٻيڻو ٿي ويندو
آهي. گوشت جي مختلف کاڌن ۾ ليمي جو عام استعمال
ڪيو وڃي ٿو. ليمي جي کل به تمام گھڻي ڪم جي شيءِ
آهي، ڇو ته ان مان هڪ تيل نڪرندو آهي، جيڪو پاڻي
کي خوشبودار ڪندو آهي. ليمي جي کلَ جو روغن پيٽ جي
تڪليف لاءِ فائديمند آهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ کلَ جِي
رس انگريزي دوائن ۾ تمام
گھڻي استعمال ٿئي ٿي.
’ليمي
جو رس‘
انتھائي فائديمند ۽ ڪارآمد
شيءِ آهي. گرمين ۾ جڏھن جَهولا ھلن ٿا، ته ليمي جي
رس جو شربت گرميءَ کي ختم ڪري ٿو ۽ بدن کي تازگي
بخشي ٿو. شديد اُڃ جي حالت ۾ ليمي جي ٽڪڙي چوسڻ
سان اُڃ ختم ٿي وڃي ٿي.
ليمون مختلف بيمارين جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي
ٿو. هن جي سُنگھڻ سان دِل کي فرحت ملي ٿي. ھي
مَھارن جي بيمارين ۽ نزلي، زُڪام لاءِ فائديمند
آهي. ليمي جو آچار وڌيل تِلي کي گھٽ ڪري ٿو ۽ رتَ
کي پٽڙو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جنھن سان رت ۾ پت
جي سطح کي اعتدال ۾ رکڻ ۾ مدد ملي ٿي.
’دل
ڪچي‘
ٿيڻ جي صورت ۾ ليمي جي ٽڪڙي تي ھڪ ڪارو مرچ پِيٺل
وجهي چُوسِجي. ھي بيمارين جي خلاف قوت مدافعت پيدا
ڪري ٿو. ليمي جو رسُ ڪَنَ جي زَخم، تِرن. ڦُرڙِين،
موھِيڙَن، اَڌُ مَٿي جو سُور، ڪِيڙن مَڪوڙن جي چڪَ
پائِڻ ۽ وارَن جي غير ضروري سَڻڀَ ختم ڪرڻ ۽ نُنھن
کي خوبصورت ٺاهڻ لاءِ فائديمند آهي.
وارن کي خوبصورت ۽ چمڪدار بنائڻ لاءِ ليمي جو رس
استعمال ڪرڻ فائديمند آهي. تيل ۾ ليمي جو رس ملائي
لڳائڻ سان وارَ تيزي سان وڌن ٿا. مٿي ۾ خُشڪيءَ جي
حالت ۾ ليمي جو رس هم وزن گرم پاڻي ۾ ملائي ڪري،
وارن جي ڳنڍن ۾ لڳائجي. چھري جي خشڪي ۽ هٿ پيرن جو
’کُھروپن‘
ختم ڪرڻ جي لاءِ ليمي جو رسُ گليسِرين ۽ عرقَ
گُلاب ملائي ڪري سُمھڻ کان پهرين مُنھن، هٿ ۽ پيرن
تي لڳائجي. کير ۾ ليمي جو رس ملائي مُنھن تي لڳائڻ
سان چهري ۾ خوبصورتي پيدا ٿئي ٿي. ليمي سان ٿولهه
جا شڪار ماڻھو پنھنجي فالتو چرٻي ۽ لٽڪيل توند ختم
ڪري سگھن ٿا. نيراني ليمي جو رس قهوي ۾ ملائي پيئڻ
سان فالتو چرٻي زائل ٿي وڃي ٿي. ليمون ٿانون جي
صفائي ۽ ڪپڙن جي ڌورائيءَ ۾ به استعمال ڪيو وڃي
ٿو.
غلام حسين ڪوريجو
ڳوٺ: لقمان ڪوريجا هالا نوان
ڀاڳيا لفظ جي معنى
ڀاڳيا: چؤپايو مال ڌاريندڙ، خوشحال ڀاڳ وارا، خوش
نصيب.
آڳاٽي تصور مطابق مالدار ۽ ڌنوان اھو آھي، جنھن وٽ
چوپائي مال جو ڌڻ ھجي. مال ۽ ڌڻُ شاهوڪاريءَ جي
معنيٰ ۾ آڳاٽي دؤر جي نشاني آهن، جڏهن انسان زراعت
سان گڏ مال ڌارڻ شروع ڪيو ۽ انهن جي گهڻائي
’ڀاڳ‘
جي نشاني سمجهي وئي. چوپايو مال ھميشه وڌندڙ آھي.
جيڪو قدرتي چراگاهه مان قُوت ڪري، ڌڻيءَ کي ڌڻ/ ڌن
وڌائي ڏيندو آھي. جوڙي مان ٻه ٿيندا، ٻن مان ٻارھن
۽ پنجن منجھان پنڌرھن ٿيندا آهن. سچ پڇو ته ڌڻ اھو
ئي آھي، جيڪو وڌي ۽ ويجھي ٿو. ڀاڳيا اھي ماڻھو
آھن، جن جو جياپو پنھنجي مال تي ھوندو آھي. ھو
رڍن، ٻڪرين، ڍڳِن، مينھن جا ڌڻ ۽ اُٺن جا وڳ
ڌاريندا آھن. ھنن مان ڪيترا مال جي چاري لاءِ ھڪ
ھنڌ کان ٻئي ھنڌ گُھمندا رھندا آھن ۽ کين مالوند ۽
سانگي به چوندا آهن. سندن مال مان کير ۽ مکڻ کان
سواءِ اُنَ ۽ ڏاس جي به ڪافي پيدائش ٿيندي آهي.
ٻڪريءَ کان وٺي گھوڙي ۽ اُٺ تائين، ٻئي ھر طبقي جو
ھُنرمند کُٽي وڃي، پر ڀاڳيو
سدائين سائو
ھوندو آھي. چوڻي آھي ته،
”ڀاڳين
جا ڀاڻ سدائين ڀريل ھوندا آھن“
اھا چوڻي نھايت ئي معنيٰ واري آھي. وضاحت لاءِ
ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
فقير شان سيوهاڻي
سيوهڻ
غريب
جيئن ئي اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هوس، ته
اوچتو دروازي تي ڪنهن ننڍي ٻار جي
صدا گونجي،
”الله
جي نالي خيرات ڏيندا.“
عجب لڳو، ته هي آواز ڪيڏو نه درد ڀريل هو. تڪڙ ۾
ان ڇوڪري ڏانهن وڌيس. دروازي تي هڪ ننڍو ڇوڪرو
جنهن جي عمر ڇهه يا ست سال لڳي رهي هئي، وار ٽڙيل،
چهري تي معصوميت، ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل، پير اگهاڙا
هئس. کيسي مان ڏهه رپيا ڪڍي هٿ تي رکيامانس. محبت
۽ شفقت ڀريل نظرن سان نهاريومانس. هو مون کي اُداس
نظرن سان گهوري رهيو هو. جيئن هو مون ۾ ڪنهن کي
تلاش ڪري رهيو هجي. اچانڪ هن آواز ڪڍيو،
”سائين
مون ٻڌو آهي، اوهين اُستاد آهيو. اسڪول ۾ پڙهايو
ٿا.“
هن جو سوال ڪنهن اُميد سان ڀريل هو. مون وراڻيو،
”ها
پُٽ آءٌ اُستاد آهيان، پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندو
آهيان. ڇا تون پڙهڻ چاهين ٿو؟“
اهو ٻُڌي ڇوڪري جي چهري تي رونق ڀرجي آئي ۽ اکين ۾
چمڪ وڌي وئي. جيئن ڪو اُميدن جو ڏيئو روشن ٿي ويو
هجي. پر وري اُداسيءَ واري حالت ۾ وراڻيائين ته،
”بابا
گڏهه گاڏو هلائيندو هو، پر هاڻي گڏهه گاڏو کپائي
رڪشو ورتائين ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٽرڪ جي ٽڪر سان
حادثو ٿي پيو ۽ بابا جي ڄنگهه ڀڄي پئي آهي ۽ بيمار
آهي. امان پاڙي وارن جي گهر جو ڪم ڪار ڪري کائڻ
لاءِ ڪجهه نه ڪجهه کاڌو کڻي ايندي آهي ۽ آءٌ گهرن
مان ڪجهه نه ڪجهه پِني پئسا کڻي ويندو آهيان. آءٌ
اسڪول ويندس ته بابي ۽ امان کي ڪير پئسا ڏيندو.“
مون وراڻيو ته،
”پُٽ
هينئر آءٌ اسڪول پيو وڃان، واپس اچي شام جو تنهنجي
گهر ايندس ۽ تنهنجي بابا سان ملندس. تون ڪنهن جو
پُٽ آهين؟“
ڇوڪري جواب ڏنو ته،”آءٌ
پيرل جو پُٽ آهيان ۽ پاڙي ۾ بند واري پاسي رهان
ٿو.“
مون وراڻيو ته،
”ٺيڪ
آهي. مون کيسي مان هڪ سؤ رپيا ڪڍي ڏنامانس ۽
چيومانس ته، چڱو پُٽ تون گهر هل ۽ هاڻ، تون ڪنهن
جي گهر پنڻ ڪونه ويندين.“
هن ڇوڪري ڪنڌ لوڏي نَهه ڪار ڪئي ۽ واپس هليو ويو.
هن جي وڃڻ ۾ خوشيءَ جي ڦُڙتي هئي. مون اهو محسوس
ڪيو، ته ڄڻ ڇوڪري جي زندگيءَ ۾ هڪ خوشگوار موڙ
اچڻ وارو هجي.
اسڪول جي ڊيوٽي ڪري واپس آيس. ماني کائي ۽ ڪجهه
آرام ڪرڻ لاءِ ليٽي پيس. ڪَن ۾ اُهو ساڳيو آواز
گونجڻ لڳو. هڪ معصوم آواز جنهن ۾ ترنم به هو ۽
اضطراب به هو! شام ٿي پاڙي ۾ پُڇا ڳاڇا ڪري پيرل
جي گهر پهتس. دروازي وٽ بييهي درُ ٺُڙڪايم ۽ سڏ به
ڪيم،
”پيرل
او ادا پيرل.“
محسوس ٿيو ته ڪو اندران اچي رهيو آهي. دروازو
کليو، اهو ئي معصوم چهرو ننڍو ڇوڪر دروازي تي ڏسي
خوش ٿي رهيو هو. اندران گهر مان آواز آيو حامد پُٽ
ڪير آهي ٻاهر؟ شايد اهو پيرل جو آوازهو. ڇوڪري
جواب ڏنو،
”بابا
اُستاد سائين آهي.“
اندران آواز آيو.
”اندر
وٺي اچينس پٽ.“
گهر ۾ اندر ڪمري ۾ داخل ٿيس هڪ ڇڳيل کٽَ تي پيرل
ليٽيل هو. ڪمري ۾ نظر ڊوڙايم ڪا عورت نظر نه آئي.
شايد پيرل جي
گهرواري پاڙي ۾ ويل هئي. پيرل اُٿڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو هو. مون چيومانس،
”پيرل
تون ليٽيو پيو هج.“
پيرل پاسي ۾ ويهڻ جو چيو. خبرن چارن کان پوءِ مون
چيو ته،
”پيرل
آءٌ تنهنجي پُٽ کي پڙهائڻ ٿو چاهيان. ڪتاب مفت ۾
آهن ۽ ڪپڙن جو بندوبست به منهنجي ذِمي آهي ۽ ها
ڪجهه تنظيمون آهن، جيڪي غريبن جي فلاح ۽ بهود جي
لاءِ ڪم ڪن ٿيون. آءٌ انهن وٽان توکي راشن وغيره
وٺي ڏيندس. جيستائين تون ٺيڪ ٿي وڃين.“
اهو ٻڌي پيرل جي اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها نڪري
آيا. چيائين،
”سائين
ڪير چاهي ٿو، ته سندس اولاد ائين در در تي پنڻ
وڃي.“
مون حامد ڏي نهاريو جيڪو خوش ٿي رهيو هو. جيئن ڪو
گُل بهار جي موسم ۾ ٽِڙندو آهي. مون حامدکي چيو،
”حامد
پُٽ تون هاڻ پڙهڻ ويندين ۽
ٻين شاگردن وانگر
تنهنجي هٿ ۾ به ڪتابن جو ٿيلهو هوندو.“
وقت گذرندو رهيو. حامد منهنجي اسڪول ۾ پڙهي پنجون
درجو پاس ڪري ڇهون درجو پڙهڻ لاءِ هاءِ اسڪول وڃڻ
لاءِ تيار هو. سندس پيءُ ٺيڪ ٿي ويو هو ۽ رڪشو
هلائي پنهنجو گذر سفر ڪري رهيو هو. هيڊ ماستر کان
سرٽيفڪيٽ وٺي مون ڏانهن وڌيو ۽ تعظيم سان نِوڙي
موڪلائي هڪ نئين جذبي سان هاءِ اسڪول ڇهين درجي جي
پڙهڻ لاءِ روانو ٿيو. اهڙي نموني سان کوڙ شاگرد
پاس ٿيندا ويا. وقت گذرندو رهيو ۽ آخر منهنجي سروس
پوري ٿي. رٽائرڊ ٿي پنهنجون جوابداريون پوريون ڪيم
پُٽن ۽ نياڻين جون شاديون ڪرايم گهر ٺهرائي ڏنو
مانُ ۽ الله الله ڪندو رهيس.
هڪ ڏينهن پنهنجي شهر جي
’ڌمال
چوڪ‘
تان گذري رهيو هوس ته اچانڪ هڪ فوجي گاڏي منهنجي
اڳيان بيهي رهي. گاڏيءَ ۾ ويٺل فوجي مون کي گهوري
رهيا هئا. آءٌ ڪجهه تجسَس ۾ پئجي ويس.! ان گاڏيءَ
مان هڪ فوجي لٿو ۽ مون ڏانهن وڌڻ لڳو. ٻيا به فوجي
گاڏي مان لهي مون کي ڏسي رهيا هئا. فوجي منهنجي
سامهون اچي پنهنجي فوجي انداز ۾
”سليوٽ“
هنيو ۽ جُهڪي هٿ وڌايائين ۽ چيائين ته
”سائين
آءٌ حامد آهيان، پيرل رڪشي واري جو پُٽ.“
ڪرشن چندر
(قسط:
ڏهين)
سنڌيڪار: عبدالستار لغاري/ٽنڊو الهيار
اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)
پوءِ ھن ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو، وڻ جي ھيٺان ھڪ
مالھي سُتل ھو، موھن مالھيءَ کان خانقاهه جو ڏس
پڇيو، ھو سامھون آھي، خر....خر..... مالھي جواب
ڏيئي وري سُمھي رھيو. خانقاهه جي ڏاڪڻين تي پادري
بيٺو ھو، ھن جي گلي ۾ صليب ۽ لال لڙڪي رھي ھئي.
موھن کي لڳو ته پادري به سُمھي رھيو آھي، ھن سُتلن
جي شھر ۾ ڪنھن کان ڪجهه گُھرڻ يا ڳالھائڻ فضول
آھي ، اھو سوچي ھن جھٽڪي سان پادري جي گلي ۾ پيل
لال کسڻ چاھي، پر پادري ھن جو ھٿ جھلي ورتو ۽
چيائين ڪير آھين تون. موھن حيرت مان چيو اڙي تون
ته جاڳين پيو، مون سمجھيو سُتل ھوندين. معاف ڪيو
پادري صاحب مون کان غلطي ٿي، دراصل رستي تان ايندي
مون کي ھر ماڻھو ستل مليو، مون سوچيو توھان کي
جاڳائڻ جي ڪھڙي ضرورت، پنھنجو ڪم ڪري ھليو وڃان.
تنھنجو ڪھڙو ڪم آھي پُٽ؟ پادري شائستگي مان چيو.
موھن پادري کي الف کان ي تائين پوري ڪھاڻي
ٻڌائي.پادري چيو توکي لال ھڪ شرط تي ڏيندس. ڪھڙو
شرط، توکي ھن لال جي بدلي موتين جو باجو ڏيڻو
پوندو. موتين جو باجو ڪٿان ملندو؟ پادري چيو ھيٺ
وادي ۾ جيڪو قلعو آھي، ان ۾ ست ديو رھندا آھن، ان
وادي تي ديون جي حڪومت آھي، انھن ديون ماڻھن کي
سُمهڻ، جاڳڻ جي چڪر ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، يعني
واديءَ جا سڀ ماڻھو نه سُتل آھن ۽ نه جاڳيل آھن،
ماڻھن جي اھڙي حالت ڪري، ديو پنھنجي زندگي عياشي ۾
گذاري رهيا آهن، وادي جا سڀ ماڻھو ديون جو ڪم ڪندا
آھن، ان جي بدلي ديون طرفان جيڪو ملندو آهي،
خوشيءَ سان قبول ڪري وٺندا آهن. ماڻھن کي اھا به
خبر ناھي ته ھو ديون جا غلام آھن. آئون انھن سُتلن
کي جاڳائڻ چاھيان ٿو. پر انھن موتين جي باجي سان
ڇا ٿيندو. باجو منھنجي ھٿ ۾ ايندو ته کيس وڄڻ لاءِ
چوندس. ان جو آواز ٻڌنڌي ئي وادي جا سڀ ماڻھو جاڳي
پوندا. ۽ ديون جي حڪومت ختم ٿي ويندي. باجي جي
آواز ۾ ماڻھن جي زندگي ۽ ديون جي موت آھي. اھو
ڪيئن؟ ماڻھو جاڳڻ سان ئي ديو مرڻ لڳندا. باجي جي
آواز سان ديون جي ڪنن جا پردا، دماغ جون رڳون ڦاٽي
پونديون ۽ ھي خوبصورت وادي آزاد ٿي ويندي. انڪري
ديون ان باجي کي قلعي ۾ وڏي حفاظت سان رکيو آھي،
ڏينھن رات پھرو ڏيندا آھن. ته پوءِ اھو مونکي ڪيئن
ملندو، آئون ته ھڪ معمولي ڇوڪرو آهيان پادري صاحب؟
جيڪڏھن تون مونکي موتين وارو باجو نه آڻي ڏيندين
ته آئون توکي لال نه ڏيندس، پادري اھو چئي خانقاھ
جي اندر ھليو ويو. سج لھي ويو ۽ شام ٿي وئي، موھن
پريشان ٿي ويو. سڀاڻي ٻيو ڏينھن شروع ٿي ويندو،
پوڙھي چيو ھو ته جيڪڏهن ٽن ڏينھن تائين اچي وئين
ته يوسف جي جان بچي سگھي ٿي. گھڻي سوچ ويچار
کانپوءِ موھن قلعي مان موتين وارو باجو چورائڻ جو
فيصلو ڪري ورتو. ھو شھر جي گھٽين ۾گھمندو رھيو،
جڏھن رات ٿي ته ھو قلعي ڏانهن ويو. قلعي جي چوڌاري
وڏي کڏ ھئي، جيڪا پاڻي سان ڀريل ھئي. قلعي جي
دروازي کان ڪاٺ جي ھڪ پُل ٺھيل ھئي. موھن کي موقعي
جي تلاش ھئي، ٿوري دير کانپوءِ شھر جا ڪجهه ماڻھو
آھستي ھلندا کڏ وٽ بيھي رھيا، ماڻھن جي ڪلھي تي
اناج ھو، ڪن جي ھٿن ۾ ڀاڄيون ھيون، ڪو گيهه کڻي
آيو ھو ته ڪنھن جي ھٿ ۾ چانور ھئا. ڪوري ڪپڙا کڻي
آيا ھئا، ڌنار رڍون ۽ ٻڪريون کڻي آيا ھئا. اھي کڏ
وٽ سڀ سامان ڇڏي ھليا ويا. ھاڻي اتي صرف چار ماڻھو
بيٺا هئا، ٻه نوجوان ڇوڪرا ۽ ٻه نوجوان ڇوڪريون.
چارئي تمام گھڻا خوبصورت ھئا. موھن انھن کان پڇيو،
توھان ھتي ڇو بيٺا آھيو؟ اسان اڄ ديون جو کاڄ
ٿينداسين، نوجوان ڇوڪري چيو. توھان کي ڪير
کائيندو؟ موھن حيرت مان پڇيو. ھا ھڪ نوجوان ڇوڪري
چيو، اسان چئني کي ديو کائيندا. ۽ اھا ڳالهه توھان
آھستي، ننڊ جي خُمارن ۾ مزي سان ڪري رھيا آھيو،
جھڙو توھان دعوت تي وڃي رھيا ھجو. ھا دعوت ئي ته
آھي، ڇوڪري چيو. پر پر اھو توھان جي زندگيءَ جو
سوال آهي، توھان کي وڙھڻ گھرجي. ديون سان ڪير ٿو
وڙھي سگھي، نوجوان چيو اھو ته اسان جي قسمت ۾ آھي،
اسان به رڍون، ٻڪريون کائيندا آھيون. پر توھان ته
انسان آھيو. پوءِ ڇا ٿيو، ڇوڪري چيو، ديو چوندا
آهن ماڻھن جو رت پيئڻ ۾ ڏاڍو مزيدار آهي.
پر...پر.... موھن کي چڪر اچڻ لڳا، اھو ڪجهه چئي نه
سگھيو. ھي چارئي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڪون سان بيھي
موت جو انتظار ڪري رھيا ھئا! ايتري ۾ قلعي مان ھڪ
پُل ظاھر ٿي جيڪا کڏ جي مٿان وڇائجي وئي. پوءِ
قلعي جي اندران ھڪ وڏو ديو ظاھر ٿيو. موھن يڪدم
رڍن جي وچ ۾لڪي ويو، ديو چادر وڇائي ان ۾ اناج،
رڍن ۽ ٻڪرين کي وجھي قلعي جي اندر کڻي ويو. ديو
سڌو رڌڻي ۾ ويو، جتي وڏا چُلھا ٻري رھيا ھئا. ديو
اناج ۽ ڀاڄي کي الڳ الڳ رکيو. موھن کي چئني
نوجوانن سان گڏ ٻُڌي ھڪ ڪُنڊ ۾ رکيائين. ديو وڏا
ٽھڪ ڏيندي چيو، اڄ اسان جي رعيت اسان لاءِ چار
انسانن بدران پنج موڪليا آهن، ديو اھا خوشخبري ٻين
ديون کي ٻڌائڻ ھليو ويو. جڏھن ديو ھليو ويو، موھن
نوجوانن کي چيو اچو ته رسا ٽوڙائي ڀڄي ھلون،
ڪيڏانھن ڀڄي ھلنداسين، چئني ھڪ ئي آواز ۾ چيو،
جيڪو قسمت ۾ لکيل ھوندو اھو ئي ٿيندو.موھن رسي کي
ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ ديو ٻين ديون کي به
وٺي آيو. ھي ست ديو موھن کي ڏسي خوش ٿيڻ لڳا. اڇن
سڱن واري ديو ڪم ڪرڻ واري ديو کي چيو، رعيت کي حڪم
ڪيو ته سڀاڻي کان اسان لاءِ پنج انسان موڪلين،
ھاڻي جلدي سان ماني تيار ڪر، پھرئين ھنن جي ڀاڄي
تيار ڪر. ديو موھن ۽ نوجوان ڏي اشارو ڪندي چيو.
ديو رسو کولي ڇڏيو، موھن ۽ نوجوانن کي صاف ڪرڻ
لاءِ ھڪ ٿالهه ۾ وڌو ۽ پاڻ ڇُري کڻڻ لاءِ رڌڻي ۾
ھليو ويو. موھن نوجوانن کي چيو اچو ته ڀڄي ھلون،
موت مٿان بيٺو آهي. اڙي يار اسان کي سُڪون سان
سُمھڻ ڏي، موت ته ھونئن ئي اچڻو آهي. موھن ھمت ڪري
ٿالهه مان ٽپ ڏنو فرش تي اچي ڪِريو، اُتان يڪدم
ڀڄي وڏن ٿانون کان ٿيندو رڌڻي کان ٻاھر ھليو ويو.
۽ ڏاڪڻ جي پٺيان لڪي ويھي رھيو. ٿوري دير کانپوءِ
ڀڄ ڀڄان شروع ٿي وئي، ديو موھن کي ڳولڻ دوران ڪمرن
۾ پيل سامان کي کڻي اُڇلي رھيا ھئا، موھن ڏاڪڻ جي
پٺيان پنھنجي زندگيءَ جون گھڙيون ڳڻي رھيو ھو، ھن
ديون جي گفتگو ٻڌي، اڳ ۾ ڪڏھن به ايئن نه ٿيو آھي.
اڇن سڱن وارو ڪٿي آھي؟ ھو باجي واري ڪمري ۾ چوڪي
ڏيئي رھيو آھي. ھن کي سڏ ڪر، ھن کي انسان جي بوءِ
ايندي آھي، ٿوري دير ۾ باجي کي ڇا ٿيندو، باجي کي
ته تالو لڳل آھي. ٺيڪ آ سڏيانس ٿو. ھڪ ديو واپس
ويو، ٻيو ديو ڏاڪڻ جي مٿان اڇن سِڱن واري کي سڏڻ
ويو. موھن يڪدم ھلندو ڏاڪڻيون مٿي چڙھيو. سندس
خيال هو ته ديو پويان نه ڏسندو، ھن جو خيال صحيح
ثابت ٿيو. ديو اڇن سڱن واري ديو وٽ ويو، جيڪو باجي
تي چوڪي ڏيئي رھيو ھو. اڇن سڱن واري ديو ٻي ديو کي
ڏسندي ئي چيو،
”آدم
بوءِ، آدم بوءِ“.
ڪٿي آ انسان، ٻي ديو رڙ ڪري چيو، ان لاءِ آئون ھتي
آيو آھيان، پنجون انسان ڀڄي ويو آهي، تون ھل ڳول.
پر ھي باجو، ھتي آئون ٿو چوڪي ڏيان. ديو پٺيان
ٿيو، موھن به سندس پٺيان لڳو آيو، اڇن سڱن واري
چيو، مونکي ته ھتي انسان جي بوءِ پئي اچي. ڪٿان
پئي اچي، منھنجي کيسي ۾ هٿ وجهي ڏس، مون ڪنھن
انسان کي ته نه لڪايو آھي. اڇن سڱن واري ديو ٻي
ديو جا کيسا ڦلھورڻ لڳو. |