سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون 2024ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

[16]

 

جَنِي سَودي سَچَ سِين وَکَرُ وِهايو

بَخِرو لَهُمُ البُشرى جو اُنِي لَئي آيو

تَنِ کي لاَلَڻَ لَنگهايو، ساندارو سَمُونڊَر جو.

سمجهاڻي: جن انسانن (زندگيءَ ۾) سچ جو سودو اختيار ڪيو (ڪوڙ ڪپت کان پاسو ڪيو) تن واسطي قرآن شريف جي آيت انهن لاءِ خوشخبري آهي، موجب انهن کي پورو حصو (انعام) ملندو. اهڙن کي ئي اهڙو پيارو محبوب (نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم) سمنڊ جي پيٽ ۾ ڏکيو ڦيرو (جتان ٻيڙين کي ٻُڏڻ کان بچائڻ خاطر هڪ طرف کان ٻئي طرف ڦيرائجي) پار ڪرائي ٿو.

[17]

وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿِئي

ويچِيندي وِلات ۾ ذَرو ٿِئي نه ضاعِ

سا ڪا هَڙَ هَلاءِ، آڳَھِ جَنهِن جي اُبَهِين.

سمجهاڻي: سودي جو سامان سوچي سمجهي اهڙو خريد ڪر جيڪو (اڳتي به ڪم اچي ۽) گهڻي وقت رکڻ سان به بيڪار نه ٿئي، ۽ جڏهن پري پرديس ۾ وڪڻجي ته ٿورڙو به نقصان نه ٿئي. تون اڳتي اهڙو (قيمتي تحفي ڏيڻ وارو) طريقو اختيار ڪر، جنهن سان سُرخرو ٿئين.
 

[18]

وَکَرُ ڍيرَئون ڍيرَ، پَرَ وِهائُو ويسَلا

ڪَنِ وِهائي وَسِ ڪِئو وَکَرُ وَڏِيءَ ويرَ

ڪَنِي گُهمندي سيرَ، وَکَرُ وِڪامِي وِئو.

سمجهاڻي: سودي سامان جا ڪيترا ۽ قسمين قسمين ڍير لڳا پيا آهن، پر خريدار بيخبر ۽ بي سمجهه آهن، ليڪن ڪجهه اهڙا به آهن، جن پنهنجي پوري سوچ ۽ سمجهه سان سوير ۽ وقت اندر سودا ڪري ڇڏيا. پر ڪي اهڙا به آهن، جن رڳو (بازار) گهمڻ ۽ ڏسڻ ۾ سمورو وقت وڃائي ڇڏيو ۽ هوڏانهن مال (سستو) وڪامي ويو.

[19]

هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري

دَنگِي هِنَ دَرياهَ مان هَلائي هاڪاري

طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.

سمجهاڻي: بيشڪ انسان (ٻانهي) جي دل ۾ هڪڙي ڳالهه هوندي آهي، پر مالڪ (ربّ تعالى) هن لاءِ ٻي رٿ ڪندو آهي. اهو ئي مالڪ آهي جيڪو (دنيا جي) هن درياهه مان (زندگيءَ جي) ٻيڙيءَ کي اڳتي هلائي ٿو، اهو ئي ننڍين وڏين ٻيڙين کي پاڻيءَ ۾ تاري سولو سڌو منزل تي پهچائي ٿو.

شاهه جو رسالو

سُر سري راڳ- داستان پهريون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ

 

محمد ياسين ڪنڀر

سلطانپور/پنوعاقل

حمّد

حمّد کان اڳ پڙهان ٿو بسم الله،

آ شِفا به مڃان ٿو بسم الله.

 

خير خوبيءَ سان ڪم ڪرڻ کان اڳ،

مان شروع ۾ ڪيان ٿو بسم الله.

 

منهنجي مشڪل ختم ٿي وڃڻي آ،

چاهتن سان چوان ٿو بسم الله.

 

ماني کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ وقت،

اڳ ۾ پڙهندو رهان ٿو بسم الله.

 

برڪتون رحّمتون ڌڻي ڏيندو،

مان پَنَن تي لِکان ٿو بسم الله.

 

روز ياسين ربّ جو نالو،

دلِ وَ منَ سان وٺان ٿو بسم الله..


 

مجاهد ’مهڙ

شهيد بينظيرآباد/نواب شاهه

نعت

وقت گذري ٿو سهانو دلربا جي سارَ ۾،

ڇا ٻڌايان ساهه منهنجو آ مِٺي منٺارَ ۾.

 

خُلقُ جنهنجو ربّ چيو قرآن ۾ خُلقُ عَظِيم،

جنهن نه ڳالهايو ڪڏهن ڪنهن ساڻ کارَ ۾.

 

اڻ ڳڻيون خوبيون سدا نالي مٺي ۾ دوستو،

واهه ماکي لار  آ ڄڻ محب جي گفتارَ ۾.

 

گُنبذِ خِضرى ڏِسڻ لئه سال ٿيا سڪندو وتان،

حوصلو هاڻي نه آ هن برهه جي بيمارَ ۾.

 

سنڌ منهنجي جندِ آهي واتُ کولي ٿو چوان،

پر رهي ٿو روحُ منهنجو مصطفىﷺجي پارَ ۾.

 

نيٺ مون کي ڀي گهرائيندو مديني شهر ڏي،

آسرو اُميد آ اڙين سندي آڌارَ ۾.

 

شال سڏجان مان به شاعر روز محشر مير جو،

نعت سرورﷺٿو لکان مان عشق جي اظهارَ ۾.

 

هاءِ گُذري هي حياتي مون مجاهد مَهڙ جي

سيد الڪونين والثقلين جي پرچارَ ۾.

 

غلام محمد غازي

شڪارپور

صفائي

بَدن کي ٿي بهتر بَنائي صفائي،

نَزاڪتَ کي بيشڪ وڌائي صفائي.

 

صفائي ضروري آ هر چيز لئه،

وڏو رنگ پنهنجو ٿي لائي صفائي.

 

صفائي سان سُهڻو لڳي آدمي ٿو،

ندِي نورُ جي ٿي وهائي صفائي.

 

لکين جيوڙا گندگيءَ ۾ پَلن ٿا،

اُنهن کان ٿي بلڪل بچائي صفائي.

 

خُدا ڀي صفائيءَ ۾ راضِي رهي ٿو،

يَقِينَن ٿي جنت پَسائي صفائي.

 

صفائي جو تاڪِيدَ قرآن ۾ آ،

ٿي هر جاءِ تي مَانُ پائي صفائي.

 

صفائي وڏو سُک ڏئي ٿي اي غازي

خوشيءَ وارا نغما ٿي ڳائي صفائي.

 

ارباب علي عادل چوهاڻ

شڪارپور

علم

زندگيءَ جو حساب ٿو چاهي،

علم سچ احتساب ٿو چاهي.

 

علم سان فائدو مليو ڪنهن کي،

سو حساب ۽ ڪتاب ٿو چاهي.

 

علم امن و امان ڦهلائي،

پر نڪي اضطراب ٿو چاهي.

 

سارو ماحول ٿي پوي معطر،

علم آڇڻ گلاب ٿو چاهي.

 

علم سان جڳ جهان ٿئي روشن،

ان لئه هڪ آفتاب ٿو چاهي.

 

علم اسڪول يا مدرسي ۾ پڙهه،

توکي بس ڪامياب ٿو چاهي.

 

علم بلڪل لکڻ پڙهڻ، سکڻ لئه،

ظاهري هڪ نصاب ٿو چاهي.

 

علم جي شرح جيئن وڌي سنڌ ۾،

هاڻ هڪ لکڻ باب ٿو چاهي.

 

وک ترقيءَ ڏي ڀلي وڌي عادل

عَلم ئي آب تاب ٿو چاهي.

***


 

شفيق عاصم منگي

شڪارپور

نظم

ميرا ڪَپڙا اَڻڀا وارَ،

ڪيڏا غُربَتَ مارِيلَ ٻار.

آسَ اُميدن هاڻا نَيڻَ،

لِڪَلَ ڏِس مانڌاڻِ ۽ وَيڻُ،

نِراسَايُون ڀِي بيشُمار،

ڪيڏا غُربَتَ مارِيلَ ٻار.

يَتِيميءَ جي پاڇَي پَلجِي،

سُور صَدمن اَهنجن رَلجِي،

ڪِيئَن نه حَياتي ڪَئي آزار،

ڪيڏا غُربَتَ مارِيلَ ٻار.

پَنهنجو ڀِي ڪو فَرض ٿئي ٿو،

اِنسانيت جو قَرضُ ٿئي ٿو،

اچو ته گڏجي لاهِيون بار،

ڪيڏا غُربَتَ مارِيلَ ٻار.

مَيٺ مُحبت تِن سان ونڊِيُون،

سِيني لائي ڏُکڙا ڇَنڊيُون،

دَردن کان تِن ڪَريون ڌَار،

ڪيڏا غُربَتَ مارِيلَ ٻار.

آئِيندي جا اَڏِيندڙ جِيڪي،

مُسرَتُن کي سَڏِيندڙ جِيڪي،

لهجي ’عاصم تِن جي سَار،

ڪيڏا غُربَتَ مَارِيلَ ٻار.

***

ناشاد شوڪت شنباڻي.

ڪوٽڏيجي/خيرپور

علم ۽ سچ

ســچ  جــي  ڳالهائيندين  ٻالڪَ،

ٻــاجهه ڪــندو ھا پوءِ مالڪ.

 

علم به سچ جـي راهه ڏســي ٿو،

علم به سچ سان چاهه رکي ٿـو.

 

مستـقبل ســچ علـم سـان ٺاھي،

علم ۽ سچ کي دِل ســان چاھي.

 

ســچ  جــي  ڳالهائيندين  ٻـالڪَ،

ٻــاجهه ڪــندو ھا پوءِ مالڪ.

 

پيءُ ۽ ماءُ جو چوڻ جي وٺندين،

جلــدي ۾ تــون اڳـــتي وڌنــدين.

 

تنهنجي پـــڪَ ڪــاميابــي آھي،

علم ۽ ســچ سيـــني سان لائي.

 

ســچ  جــي  ڳالهائينــدين  ٻالڪَ،

ٻــاجهه ڪــندو پوءِ تـوتي مالڪ..!

 

معشوق محسن ابڙو

مورو/دادو

نظم

بَـڻايو دوست دل وارو ڪِتـابَـن کي،

عِلم طَبعي، عِلـم ڪِيميا، حِـسابَن کي،

سِکـو سَمجهو سَوالن ۽ جَـوابَـن کي،

صَداقتَ سان سَهيڙيو پِيا ثَوابَن کي،

 

مِـڙن پـَوپـَٽَ رُڳو پـوکيو گُلابَـن کي،

وَڌو اَڳتـي هَٽـائي هَـڙُ حِجـابَـن کي،

نِماڻا ٿي نَمو ڇو ٿا نَـوابَـن کي؟

ٿُڏيو پَرتي شَرابَن ۽ شَبابَن کي.

 

پَڙهو پُرجهو وَڄايو وَقتَ جو وارو!

عِـلـمَ جي لاٽَ ٻــاريـو ٻـاٽَ ۾ ٻـارو!

مِـٺـي مـاکِـي اَسـان جي مـادرِي ٻــولِـي،

سُٺـي سُهڻي سَٻـاجهي آ سِنـڌِي سـولِـي،

 

اُنهـيءَ ۾ مـاءُ مُـرڪِـي ٿِـي ڏِئـي لـولـِي،

مـگـر آهـي غَـــدارن لئه غَـضـب گـولـِي،

دُعا جيجل گُهري دَم دَم جهلي جهـولِـي،

جنين ڳـڀـرن ڳُـڻـن جي آ ڳَـلـِـي ڳـولـِي،

 

پـري تَـن کان عَـداوتَ جـي ڀڄي ٽولـِي،

نه ٿا رُڪجن ڪڏهن ڀي وَقتُ ۽ ڇولِي،

هـميـشه ٿـا هـلـن رفـتـارَ تيـزيءَ سـان!

ڏِسي هرڪو پَيو حيرتَ اَنگيزيءَ سان!

 

سُڌاريل دور سائِنـس جو سَگهارو آ،

عِلـم فلڪيـات فِطـرتَ جـو اِشارو آ،

ڪَتِـي، ٽـيـڙو، سـيّـارو ڇـا سِـتـارو آ،

نِيـارو ڪـهـڪـشـائـن جـو نِـظـارو آ،

 

ڪڏهن سانوَڻ ڪڏهن سِيارو اونهارو آ،

ڪَـمـائـڻ کان ڪَيـو جنهن ڀي ڪِنارو آ،

اُڃـــارو ســو بُـکــارو بـي سَهـارو آ،

خُدا کي خُوبُ هر پورهيت پِيارو آ،

 

مِلي معشوقَ مُحسنَ مانُ مِحنَتَ سان!

وَڌي انسـانُ ٿـو اِيـمــانَ عَـظمَـتَ سان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org