عديل احمد ميمڻ
سيتا روڊ/دادو
گل ڦُل رسالو ڪنهن لاءِ!؟
دنيا جي هر ادب ۾ ٻاراڻي ادب کي هڪ خاص اهميت
حاصل آهي. ڇاڪاڻ جو ٻار مستقبل ۽ قوم جو معمار
هوندو آهي. معمار جي پالنا، تربيت ۽ سندس ڪردار
تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. جيڪڏهن تربيت بهتر ناهي
ته قوم ۽ مستقبل جو معمار بهتر ڪردار ادا ڪري نٿو
سگهي. انهيءَ اڏاوت
کي بهتر ۽
پختو بنائڻ لاءِ ٻاراڻو ادب
’ڪرنگهي
جي هڏي وارو‘
ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن ڪري دنيا جي ٻين ٻولين
جي ادب ۾ ٻاراڻي ادب تي باقاعده ڪم ٿيل آهي ۽ سندن
ڪوشش اڃا به جاري آهي، پر بدقسمتيءَ سان پنهنجي
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب تي ڪم ۽ ڌيان تمام گهٽ نظر
پيو اچي. وڏا وڏا اديب جن کي ٻاراڻي ادب تي ڌيان
ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي آئيندي يعني طالب علم لاءِ
لکڻ گهرجي، نه ڄاڻ، ڇو نه پيا لکن!؟
سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ
’گُل
ڦُل‘
رسالو گذريل مني صديءَ کان پنهنجو ڪردار بهتر
انداز سان نڀائي رهيو آهي. هڪ ته هر مهيني
باقاعدگيءَ
سان شايع ٿي رهيو آهي ۽ ٻيو سندس قيمت انتهائي
گهٽ هئڻ ڪري، هر عام ۽ خاص نه صرف پنهنجي لاءِ، پر
پنهنجي دوستن، مِٽنِ، مائٽنِ
۽ عزيز ساٿين لاءِ پڻ هڪ کان وڌيڪ رسالا خريد ڪري
پڙهي ۽ ٻين کي پڙهائي سگهي ٿو.
’گُل
ڦُل‘
رسالو ٻاراڻي ادب جي گهرج کي پوري ڪرڻ لاءِ ڀرپور
ڪوشش ڪندي، هر شماري ۾ مختلف ۽ وڻندڙ موضوع سان گڏ
شايع ٿي، ٻارن جي مطالعي هيٺ رهي ٿو.
هيءُ رسالو اوهان تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ ئي
آهي. اوهان هن رسالي کي تاڪيد سان پڙهندي هن رسالي
مان ڪافي ڪجهه نئون سِکي سگهندؤ، جنهن جو شايد
اوهان کي اندازو به ناهي. هن رسالي ۾ موجود مزاح ۽
نصحيت سان ڀريل ڪهاڻيون ۽ خاڪا اوهان کي ذهني طور
مضبوط ڪرڻ سان گڏ، لفظن جو ذخيرو ۽ صورتخطيءَ ۾
ٿيندڙ غلطين کان بچائڻ سان گڏ پڙهڻ ۾ روانگي ۽
لفظن جو صحيح اُچار پڻ سيکاري ٿو. ان کان علاوه
رسالي ۾ سائنس، فن، تهذيب ۽ ثقافت سان گڏ تاريخي
ماڳن ۽ نين نين شين کي به پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڪافي
سارو مواد ملي ٿو، جنهن سان اوهان
شاگردن کي
پنهنجي مضمونن (Subjects/Class)
کان علاوه ٻي ڄاڻ به حاصل ٿئي ٿي ۽ دنيا متعلق
اوهان ڄاڻي سگهو ٿا، ته دنيا ۾ ڇا ڇا ۽ ڪيئن ڪجهه
هلي ٿو يا ٿي رهيو آهي.
والدين ۽ اُستادن کي پڻ گهرجي ته، هي رسالو هر
مهيني ٻارن کي خريد ڪري پڙهائن ۽ هن رسالي ۾ پاڻ
۽ شاگردن جي لکڻين سان گڏ اسڪول يا ڪاليج ۾ ٿيندڙ
تعليمي پروگرامن بابت
”گل
ڦل“
رسالي ڏانهن لکي موڪلين. جيڪو مواد پڻ هن رسالي جي
زينت بڻجي ۽ ٻين شاگردن جي علم ۾ اضافو ٿئي. هن
ماهوار رسالي جي مدد سان اسان ۽ اوهان گڏجي ايندڙ
نسل کي هڪ الڳ سوچ هڪ الڳ نظريو ڏئي سنڌ ڌرتيءَ
جي سُک ۽ بهتريءَ لاءِ بهتر مستقبل تعمير ڪري
سگهون ٿا. رسالي ۾ موجود لکڻين مان سنڌ جي نئين
ايندڙ نسل کي هڪ راھ، هڪ گس، ۽ هڪ ڏاهپ ڀريو
ڏانءُ ملي ٿو، جنهن تي عمل ڪندي اسان جو
ايندڙ نسل
پنهنجي قوم ۽ پنهنجي وطن کي دنيا اڳيان
سرخرو ڪري سگهندو.
پڙهندڙ
ساٿيو! ادبي ڪتابن جي نه پڙهڻ ڪري پنهنجي ديس جا
طالب علم، مئٽرڪ، انٽر توڙي جو ڪاليج ۾ داخلا بعد
پنهنجي تخليق ڪندي ڪو مضمون۔ ڪا ننڍي عبارت به نٿا
لکي سگهن! کين ڪهڙي به عنوان ۽ مسئلي تي سوچڻ،
سمجهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ڏات بلڪل به گهٽ آهي.
جنهن جو سبب ننڍي عمر کان مخصوص ڪتابن تي محدود
رهندي، ادبي ڪتابن کان دوري آهي. گذريل ڪافي عرصي
کان ذاتي مشاهدي جي بنياد تي آئون اهو يقين سان
چئي سگهان ٿو ته، ادب پڙهندڙ شاگرد ۽ عام شاگرد جي
ذهني سوچ ۽ سمجهه ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي.
ڪوشش ڪري پنهنجي ٻارن کي
”گل
ڦل“
رسالو ۽ ٻاراڻي ادب جا جيڪي ڪجهه ڪتاب شايع ٿيل
آهن اُهي پڻ پڙهايو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اوهان پنهنجن
ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي وڌندي ڏسندؤ.
***
پروفيسر ڊاڪٽر رشيده ڀٽي
ڄام شورو
موسم ۽ صحت
”موسم
۽ صحت“
اهڙو موضوع آهي،
جنهن تي ڄاڻ هجڻ ۽ پوءِ مٿس ٿوري گهڻي دسترس هجڻ
هر انسان لاءِ تمام ضروري آهي. چوندا آهن ته هر
انسان حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ ئي پنهنجي لاءِ اڌ
حڪيم/طبيب جو درجو رکي ٿو.
}گرمين جي موسم ۾ صحتمند رهڻ جا چند بنيادي اصول{
1.
تيز اُس کان بچڻ گهرجي. گرمين جي موسم ۾
تمام تيز اُس ۾ بغير ڪنهن احتياطي تدبير اختيار
ڪرڻ جي ٻاهر نڪرڻ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي
ٿو.. تيز اُس ۾ هوا به تمام گهڻي گرم ٿي
’لوءِ‘
(جهولي) جي شڪل اختيار ڪري وٺندي آهي. ان کان
علاوه اُس جو پنهنجو گرمي پدُ پڻ تمام وڌي ويندو
آهي، جڏهن زمين به تپي لوهه مثل ٿي ويندي آهي.
اهڙيءَ صورتحال ۾ اُگهاڙي مٿي ۽ بدن جي جيڪڏهن
ٻاهر نڪربو ته جسم جي اندروني گرمي ٻاهر نڪري نه
سگهندي . اُلٽو ٻاهر جي گرمي جسم جي اندر داخل ٿيڻ
شروع ٿي ويندي آهي. انسان جي دماغ کي گرمي لڳڻ ڪري
هن ۾
موجود
”ٽيمپريچر
ڪنٽرول سينٽر
Temperature
Control Centre“
جيڪو عام طور تي جسم جو گرمي پدُ وڌڻ نه ڏيندو آهي
سو، نا ڪارا ٿي وڃڻ جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو
آهي ۽ اهڙيءَ طرح جسم جو درجهءِ حرارت (گرمي پد)
ماحول جي مطابق وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي. ان ڪري
شديد گرميءَ واري موسم جي ڏينهن ۾ مٿي تي ٽوپي يا
ڪپڙو رکي ٻاهر نڪرجي ۽ حتى الامڪان ڪوشش ڪجي ته
اُس کان پاسيرو ٿي هلجي. پاڻي وغيره گهڻي مقدار ۾
واپرائجي ۽ اهڙيون ٻيون به احتياطي تدبيرون اختيار
ڪرڻ ضروري ٿي پون ٿيون.
ايئرڪنڊيشن استعمال ڪرڻ وارن لاءِ شديد گرمي
منجهان هڪدم سردي ۽ تيز ٿڌي جڳهه کان هڪدم گرميءَ
۾ ٻاهر وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ لازمي آهي.
2.
پاڻي ۽ ٻيا مشروب وڌيڪ واپرائڻ گهرجن.
گرميءَ ۾ اسان جي جسم جو درجهءِ حرارت مستقلاً
نارمل رکڻ لاءِ اسان جي چمڙي هر وقت گهميل يعني
آلي رهندي آهي. اهو سڀ ڪجهه پگهر وسيلي ممڪن ٿيندو
آهي. جنهن جي وسيلي جسم جي اندروني گرمي ٻاهر
منتقل ٿيندي رهي ٿي. اهڙي ريت اسان جي جسم جو
درجهءِ حرارت (گرمي پد) ته پنهنجي جڳهه تي نارمل
قائم رهي ٿو، ليڪن پاڻي ۽ نمڪيات ڪجهه قدر جسم ۾
گهٽجي ويندا آهن. اُن ڪَميءَ کي پوري ڪرڻ جي لاءِ
اسان کي دماغي حڪم
”اُڃ
لڳڻ“
جي صورت ۾ ملندو رهندو آهي، جيڪو اسان ڪڏهن ته
پوري طريقي سان پورو ڪندا آهيون ۽ ڪڏهن اِن
”اُڃ“
کي اُجهائڻ لاءِ پورو رد عمل نه ڏيکاريندا آهيون.
ڪڏهن گهٽ ۽ ڪڏهن وڌ، پاڻي پيئندا آهيون پر اسان
”نمڪيات“
(Salt)
کي قطعي وساري ڇڏيندا آهيون. اهڙي شديد موسم ۾ وڌ
کان وڌ پاڻي پيئڻ گهرجي ۽ وچ واري وقفي ۾ ڪجهه
شربت وغيره جنهن ۾ لوڻ ۽ کنڊ جي آميزش هجي، ضرور
استعمال ڪرڻ گهرجي. مثال طور: لسي، اسڪواش ۽ ميوي
جو نڪتل رسُ، يعني جوس وغيره ضرور شامل رکڻ گهرجي.
لوڻياٺي شيءِ جي استعمال سان اسان جي جسم ۾ ضايع
شده لوڻ وري واپس ايندو رهي ٿو ۽ پوءِ ڪمزوريءَ جو
احساس نٿو رهي. اهڙي قسم جي شڪايت انهن ماڻهن ۾
ضرور ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جيڪي مٿي ذڪر ڪيل تدبيرون
اختيار نه ڪندا آهن.
”کنڊ“
جو هجڻ ان ڪري ضروري آهي، جو اُن جي موجودگيءَ ۾
”نمڪيات“
کي جسم ۾ سُٺي نموني جذب ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو
آهي. ليڪن بلڊ پريشر ۽ ذيابيطس جي مريضن کي پهرئين
پنهنجي ڊاڪٽر سان ضرور مشورو ڪرڻ گهرجي، ته جيئن
انهن جي مرض مطابق،
”کنڊ
۽ لوڻ“
جي استعمال ۾ مقدار مقرر ڪري سگهجي.
3.
فروٽ ميوا ۽ ڀاڄيون وڌيڪ کائو.
ميوي ۽ ڀاڄين جو استعمال هونئن ته هر موسم ۾ لازمي
طور تي وڌيڪ ڪرڻ کپي. پر خاص طور تي گرمين جي موسم
۾ ته خاص طرح تي انهن شين جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.
اسان جي جسم ۾
80
سيڪڙو پاڻيءَ جو ئي مقدار موجود آهي ۽ قدرتي طور
تي حاصل ٿيندڙ غذا يعني ڀاڄين ۽ ميون ۾ به پاڻيءَ
جو ايتروئي مقدار موجود آهي. ان طرح وڌيڪ پاڻي نه
پيئڻ جي صورت ۾ به ڪافي مقدار پاڻيءَ جو ان ڄاڻايل
خوراڪ جي ذريعي جسم اندر پهچي وڃي ٿو. هن موسم ۾
اهڙيون ڀاڄيون جيڪي پنهنجي اندر پاڻيءَ جو وڌ کان
وڌ ذخيرو رکن ٿيون، مثال طور ڪدو، توريون، ميها،
کِيرو، ونگا وغيره. ۽ ميوي ۾ هِنداڻون، گِدرو،
گَرمو، آلوبخارا، آڙو، انگور وغيره اهڙي غذا جي
لسٽ ۾ شامل آهن، انهن شين جو استعمال وڌ کان وڌ
ڪرڻ گهرجي.
پروٽين يعني گوشت ۽ بيضا وغيره جو استعمال هن موسم
۾ گهٽائي ڇڏڻ گهرجي، ڇوته پروٽينز جو فالتو مادو
يعني
”يوريا“
جسم لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي ۽ نارمل ڏينهن ۾
انساني جسم پنهنجي گڙدن يعني
”بُڪين“
(Kidneys)
وسيلي ان فالتو مادي کي پيشاب ذريعي فوراً خارج
ڪري ڇڏيندو آهي، پر اسان سڀني کي خبر آهي ته گرمين
۾ پيشاب جو مقدار به گهٽ ٿي ويندو آهي. ان طرح
پيدا ٿيندڙ
”يوريا“
جو جسم مان خارج ٿيڻ به گهٽجي ويندو آهي، جڏهن ته
انساني جسم ۾ ان تبديليءَ جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ
صلاحيت موجود آهي، پر پوءِ به احتياط ڪرڻ لازمي
آهي.
|