وفا منظور چوهاڻ
شڪارپور
ماٽيلي ماءُ
ٻارن
لاءِ ناٽڪ
منظرڪشي:
ٻهراڙيءَ جي گهر جو ماحول، کٽ تي رِلي وڇايل،
کُليل بورچي خانو ۽ رڌ پچاءُ جو سامان ديڳڙي،
ٿالهه، مرچ مصالحن جا دٻا، تئو ٽِڦڻي، ڪوپ، بسيون،
چانهه جي ڪٽلي وغيره پيل. ان سان گڏ ڇپراٽو، هڪ اڌ
جانور ٻڪري وغيره اهي سڀ اسٽيج تي موجود هجن. جڏهن
ته اڄوڪي دور ۾ اهو ته سولو ٿي پيو آهي. پينا
فليڪس ۾ اهي منظر نمايان هجن. اسٽيج جي سامهون ڀت
تي انهيءَ پينا فليڪس کي لڳائجي. باقي هڪ کٽ اسٽيج
تي موجود هجي. جنهن تي ٻه ڀيڻ ڀاءُ جانب ۽ دعا ٻئي
ويٺا پاڻ ۾ مسخريون ڪندي، وڙهندي، رُسندي ۽ رڙيون
ڪندي نظر اچن. هنن جي ڀرسان سندس ماٽيلي ماءُ
عجيبان ڪم ڪندي ٿانو ڌوئيندي نظر اچي ٿي.
جانب ۽ دعا جي ماءُ گذاري وئي آهي ۽ سندس پيءُ
امداد ٻي شادي ڪئي آهي. دعا ۽ جانب جي رڙين ۽ وڙهڻ
تي عجيبان کين هر هر ٽوڪيندي ۽ ڇڙٻ به ڏيندي رهي
ٿي.
عجيبان: اڙي جانب ڇو ايڏو گوڙ لاتو ٿي؟ دعا تون ڀي
گهٽ ناهين. ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ سڄو گهر زمين آسمان هڪ
ڪري ڇڏيو اَٿئو.
جانب: امان اسان ته کيڏون پيا.
عجيبان: اڙي چنڊئو...! اهو توهان جو کيڏڻ آهي؟ سڄو
ڏينهن توهان جون ڪُوڪُون ۽ رڙيون آهن. منهنجي ته
قسمت ئي ڦِٽي آهي، جو پڻهين مونکي، هن گهر ۾ ڪنوار
ڪري آندو. مونکي ڪهڙي خبر ته هتي اڳي ئي ندورا ٻار
ويٺا آهن. جيڪي جهٽ گهڙي به آرام ڪرڻ نٿا ڏين ۽
هتي ٻه ٽي گهڙيون سُڪون سان ويهڻ به نٿا ڏين. سڄو
ڏينهن توهان جي وڙهه وڙهان ۽ رڙيون منهنجو ته سُور
کان مٿو ٿو ڦاٽي. هڪ ته هن گهر ۾ ڪم ئي نٿو کُٽي.
ٻُهارِي ڏئي مس ويهان ٿي ته ٿانوَ ۽ ڪپڙا ڌوئڻا
پوَن ٿا. ماني پچائي واندي ئي نه ٿي ٿِيان ته ڪُتر
مشين ۾ ڪُتر ڪرڻي ٿي پئي. هي گهر ناهي، ڪم جو ڪو
ڪارخانو آهي. ٻنهي ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا لٽا، ڪپڙا به
مونکي ڌوئڻا پون ٿا.
دعا: امان مان به ته توکي ڪم ۾ هٿ ونڊايان ٿي، صبح
شام گهر جي ٻُهاري مان ڏيان، ڪتر ڪرائڻ ۾ به توسان
گڏ گڏ آهيان، هاڻي ته ماني به پچايان ٿي، ادو به
مال ڍڳو چاري ٿو ۽ ٻني مان گاهه ڪري، مال کي گاهه
ڪونر کارائي ٿو.
عجيبان: اَڙِي..! ڇوري وات پئي هڻين. ڪم جي نه ڪار
جي، حقدار مار جي. ٽوٽِي، اهڙي آهين جو ڄڻ گهر جو
ڪم ڪار ئي تون ٿي ڪرين... لهو کَٽَ تان ڪم ڪار
ڪَرِ، اهي پنهنجون ٻَٽاڪُون بند ڪر. اچ اُٿُ ماني
پچاءِ.
دعا: ها.. امان.. اُٿان ٿي..
عجيبان: اڃا.. ڪڏهن اُٿندينءَ؟“
سڄو ڪم گهر جو ٽِڙيو پکڙيو پيو آهي. اُٿ جلدي اُٿ
ماني پچاءِ...
دعا اڃا دير ڪئي ته عجيبان اُٿي اچي ويلڻ سان مار
ڏيڻ لڳي. دعا مار کائيندي چوڻ لڳي ته، امان....
ايڏو ته نه ڪُٽ...! اڃا ڪالهوڪي مارَ جا سُور ئي
ڏُکن پيا ته هي مارَ ته مونکي اڃا کٽ تي سُمهاري
ڇڏيندي.
دعا جو پيءُ امداد ان وقت گهر ۾ داخل ٿئي ٿو. هن
جي اهي ٻول دعا کان ٻڌا ته سندس ڌيءَ لاءِ
همدرديءَ جا جذبا جاڳيا. عجيبان امداد کي ڏسندي،
رنن وارا مڪِر ڪندي چوڻ لڳي. هاءِ...ڙي...الاڙي...
ظلم ته ڏسو، هڪ ته گهر جي ڪم ڪار ۾ هٿ نٿا ونڊائن
ٻيو وري مونکي ظالم ٿي چئي. مان ته هن گهر ۾
نوڪرياڻي ٿي آئي آهيان. هيڏو گهر جو ڪم کٽڻ جو
نانءُ ئي نٿو وٺي. سڄو ڏينهن ائين ڪم ڪري مان
هيڻِي ۽ ڪمزور ٿي پئي آهيان. هاڻي ته دماغ ۾ به
چڪر ٿا اچن. الاڙي... هي تنهنجا اڳينءَ گهر واريءَ
جا ٻار ناهن، مصيبت جا انبار آهن. سڄو ڏينهن ويٺا
راند روند ۾ وقت پيا وڃائين. ڪجهه ڪم لاءِ چوان ته
الٽو مون تي الزام هڻن ته ڄڻ مان سندن ماءُ ماري
آهي.
دعا: امان اسان سڄو ڏينهن ڪم ته ڪندا آهيون. پوءِ
به روز پئي اسان کي ڪُٽين. ابا هي ڏس ڪالهوڪي مار
جا ڪارا ڊَٻَڙ (ڌڪ) جا نشان..... هي ڏس پُٺي ۽
ٻانهن ڏيکارڻ لڳي.
ڌڪ جي نشان کي ڏسندي امداد عجيبان کي چوڻ لڳو ته،
واقعي تون پنهنجي نالي جيان عجيب ئي لڳين ٿي. ايڏو
ظلم ٻارن تي. پنهنجي پيٽان اولاد نٿي، تنهنڪري
انهن تي ايڏو ظلم ٿي ڪرين. ڪجهه ربّ کان به ڊڄ، ڇو
اُن جي بي آواز لٺ کي آواز ڏئين ٿي. ڪٿي هنن
معصومن جي پِٽِ، آهَه جي پڪڙ ۾ نه اچي وڃين!
عجيبان: هاءِ... الاڙي... آخر تون به هنن جو پيءُ
ئي نڪتين. هنن جي ڳالهه تي ئي اعتبار ڪندين نه. ۽
مونکي ڪوڙو سمجهين ٿو. مون سان تنهنجو ايترو پيار
آهي. مُئي....... مري وئي....... پر ان جو پيار
تنهنجي دل ۾ اڃا آهي. هتي ته منهنجي ڪا عزت ئي
ناهي. هاڻي سمجهيم ته تون مونکي هن گهر ۾ ڪم ڪار
لاءِ وٺي آيو آهين. مان ڄڻ گهر جي نوڪرياڻي آهيان.
هوءَ سُڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
امداد اهو ڏسندي، کيس چوڻ لڳو ته، توسان ته
ڳالهائڻ ئي فضول آهي، ڪا ڳالهه توکي سمجهايان ته
اُن جو اُلٽو ئي مطلب ٿِي ڪڍين.
’ڪاڏي
مُنهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊوالهيار.‘
جو معاملو ڄڻ هتي آهي. پر عجيبان ٻُڌي ڇڏ ته، ٻارن
تي ايڏو ظلم ڪرڻ سٺو ڪم ناهي. ٻار ۽ مُڇ جا وار
ساڳي ڳالهه آهن. جيڏانهن کين وراءِ اوڏي مُڙي
پوندا آهن. تون هنن ٻارن تي پيار جو هٿ گهماءِ،
پوءِ ڏس ته اهي توتان وارِي وارِي قربان پيا
ٿيندا.
عجيبان: اهو مون کان ڪڏهن به نه ٿيندئي. جو مان
تنهنجي اڳين زال جي ٻارن کي ويهي کارايان. هنن کي
رهڻو آهي، ته گهر جو ڪم به کين ڪرڻو پوندو. مان هن
گهر جي مالڪياڻي آهيان ۽ حڪم به هتي منهنجو ئي
هلندو. ڪن کولي ٻُڌ.. پنهنجي اڳين زال جي ٻارن کي
سمجهائي ڇڏ، ته گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به دير
نه ڪن، نه ته مون کان وڌيڪ کين خراب نه ملندين.
امداد کيس چيو ته ها ته.. تون پنهنجي ضد تي اڙي
پئي آهين، منهنجو گهر آهي، مون کي ته گهر هلائڻو
ئي آهي. ائين چئي هو گهر جي ڪمري ڏانهن وڃي ٿو.
عجيبان: ڇوري.. هيڏي اچ نِي.. پڻهين کي ڏسندي ٻلي
شينهن ٿي وئي هئي، ٺڪ.. چپاٽ.. ٺا.. لَٺِ..
دعا: امان ڙي... مري ويس. بس امان بس امان. هاڻي
جيئن تون چوندينءَ ائين مان ڪنديس.
عجيبان: آئي.. آن.. نِي.. پنهنجي دڳَ تي. کٽ تي
سُمهندي.. ڇورِي مون کي زور ڏي.. ٿِڪائي ڇڏيو اٿي.
دعا روئندي، سُڏڪا ڀريندي رهي ٿي ۽ ماءُ کي زور به
ڏيندي رهي ٿي. ماءُ جي کونگهرا هڻڻ تي، اُٿي گهر
کي ٻُهاري ڏيندي گيت ڳائيندي چئي ٿي.
نه ڪنهن جي امان مري ها،
نه ابو ٻي شادي ڪري ها.
ماٽيلي ماءُ جا ظلم نه ٿين ها،
اها به امان ٿي، ائين نه چون ها،
سدا گهر ۾ نه باهه ٻري ها.
نه ڪنهن جي امان هت مري ها،
نه ابو ٻي شادي ڪري ها....
هتي ڪنهن کي اها دانهن ڏيان،
ڀڳل ٻانهن ڏيکاري ادا دانهن ڏيان،
ابو جي ڪجهه ڪري ها،
ته ڳالهه ٺهي ۽ تري ها.
نه ڪنهن جي امان هت مري ها،
نه ابو ٻي شادي ڪري ها.
عجيبان ننڊ مان اٿندي ئي رڙِ ڪري ٿي ته، ڇورِي..
ڪاڏي مري وئي آهين.....اهو لوٽو پاڻي جو ته آڻ.
دعا: آئي.... امان..... آئي.
جيئن ئي دعا پهتي، عجيبان کيس ڪُٽڻ لڳي. قدرت جو
ڪرشمو ڏسو، جيئن ئي کيس ماري پئي، عجيبان دانهن
ڪئي، الا ڙي.. هي مون کي ڇا ٿي رهيو آهي. منهنجي
ٻانهن ۾ ايڏو سُور ٿي رهيو آهي. ائين چئي ڪري پئي.
دعا: ابا.. هيڏانهن اچ امان کي.. الائي ڇا ٿي ويو
آهي. دعا جو آواز ٻڌي پڻس ڊُڪندو آيو، هن عجيبان
کي پُٽَ تان کڻي کَٽ تي سُمهاريو.
امداد: جانب.. پُٽ.. هيڏانهن اچ ني.. جلدي وڃ
ڊاڪٽر جميل کي وٺي اچ.. ماڻهين کي الائي ڇا ٿي ويو
آهي.
جانب: اجهو بابا ويس. ڊاڪٽر کي مان وٺي ٿو اچان.
ٿوري دير کانپوءِ، ڊاڪٽر جميل پهتو،
ڊاڪٽر جميل: امدادَ! مريض ڪٿي آهي.
امداد: ڊاڪٽر سائين.. هي چڱي ڀلي هئي، منهنجي گهر
واري کي اوچتو الائي ڇا ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر چڪاس
ڪندي امداد کي چئي ٿو، بابا.. تنهنجي.. گهر واريءَ
تي هلڪو فالج جو حملو ٿيو آهي. بهرحال مان دوا لکي
ٿو ڏيان، ٻه ٽي ڏينهن کارايوس، ربّ ڪندو ٺيڪ ٿي
ويندي.
امداد عجيبان کي دوا کارائيندي، عجيبان مان توکي
ڪيڏو سمجهايو هو، ته ٻارن تي ظلم نه ڪر انهن جي
آهه نه کڻ. هنن جي ماءُ مري وئي آهي. ربّ توکي
پنهنجي اولاد سان نه نوازيو آهي، هنن کي پنهنجي
اولاد سمجهه. من هنن جي خدمت ڪرڻ سان توکي به ربّ
پاڪ اولاد عطا ڪري. يتيم ٻار کي سهارو ڏيڻ به وڏي
نيڪي آهي. اها ڳالهه توکي سمجهه ۾ نه پئي آئي. اڄ
توکي هي جيڪا تڪليف پهتي آهي، مان سمجهان ٿو ته
هنن ٻارن جي ڪري پهتي اٿئي، تون هنن کي پنهنجي
اولاد وانگر پيار ڏي.
اهو ٻڌي عجيبان روئڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي ته، امداد
چئين سچ ٿو مون کي به اها ڳالهه کُٽڪي رهي آهي ۽
ان وقت مان دعا کي ماري رهي هئس، ته هن بيماريءَ
مون تي حملو ڪيو. مان توبهه ٿي ڪيان ۽ ربّ کان دعا
ٿي گهران، ته هو مون کي چڱو ڀلو ڪري ته مان دعا ۽
جانب کي پنهنجي اولاد وانگر پيار ڏيندس. هو سُڏڪا
ڀري روئڻ لڳي.
امداد: عجيبان تون سچي دل سان توبهه ڪئي آهي، ته
ربّ پاڪ تنهنجي توبهه ضرور قبول ڪندو ۽ ان شاءَ
الله تعاليٰ تون جلد ٺيڪ ٿي ويندينءَ. ڏس هي جانب
۽ دعا تنهنجي لاءِ ڪيڏا نه پريشان ٿيا آهن.
هو ٻنهي کي ڀاڪر ڀري روئڻ لڳي ۽ کين چوڻ لڳي، ته
منهنجي ڌيءَ، منهنجا پُٽ...! مون مُعاف ڪيو هاڻي
توهان کي ڪڏهن به ڏکيو نه رکندس ۽ پوءِ جلدي هُو
ٺيڪ ٿي وئي.
***
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مين مٽياريءَ ۾ يوم
پاڪستان جي ڏهاڙي جي نسبت سان هڪ پروقار تقريب
ڪوٺائي ويئي. جنهن جي صدارت اسڪول جي هيڊ ماسٽر
بشير احمد کتري ڪئي. پروگرام کي ترتيب ۽ جوڙجڪ مس
عائشه ۽ مس زارا ڏني. ڪلاس پنجين جي شاگردياڻين
پروگرام ۾ حصو وٺندي، ڪمپيئرنگ کان وٺي آخري مِلي
نغمي تائين پروگرام هلايو. ڪمپيئرنگ جا فرائض
عليزه ۽ سنڌيا ادا ڪيا. پروگرام جي باقاعدي
شروعات. تلاوت ڪلام پاڪ بمع ترجمو شاگردياڻي بشرى
پيش ڪئي. جنهن بعد نعت سرور صلي الله عليھ وآلھ
وسلم عريبه اياز پيش ڪئي. جڏهن ته تقريرون عريبه ۽
نعمت پيش ڪيون. جنهن بعد
’پيغام
پاڪستان‘
عنوان سان ٽيبلو پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ ثناء، بشريٰ،
آمنه، عريبه اياز، ردا ، حبيبه ۽ زليخا شامل هيون.
ان بعد مُرڪ منير، ثناء ۽ حبيبه مِلي نغما پيش
ڪيا.
پروگرام جي عنوان تي مس زارا ۽ مس عائشه پنهنجا
خيال ونڊيندي چيو، ته
”اسين
پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ ڪامرانيءَ لاءِ، پنهنجي وطن
جي جانثارن، قومي هيرن جي محنتن کي ڪڏهن به وساري
نٿا سگھون. انهن جي ڏنل قربانين مان سبق حاصل ڪري،
نوان رستا تلاشي اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين.“
صدارتي تقرير ڪندي بشير احمد کتري چيو ته،
”اسان
جو ملڪ پاڪستان جيئن وجود ۾ آيو آهي. تيئن مسلسل
مسئلن جو شڪار رهيو آهي. اسان کي انهن مسئلن جي جڙ
تائين رسائي ڪري، حل ڪرڻ لاءِ مسلسل محنت ڪرڻي
آهي. پنهنجي نسل کي تعليم ڏيارڻي آهي. خاص ڪري
نياڻين جي تعليم کي هٿي ڏياري، انهن کي علمي ميدان
۾ آڻڻ لاءِ پنهنجون سڀ توانايون صرف ڪرڻيون آهن.
ان کان سواءِ پنهنجي ملڪي سالميت لاءِ هر عملي
ميدان ۾ پنهنجو پاڻ ملهائڻو آهي، ته جيئن اسين
سائنسي، سماجي، سياسي، معاشي، تعليمي، فني تعليمي
قابليتون حاصل ڪري. ملڪ کي مختلف بحرانن مان ڪڍڻ
جهڙا ٿي سگھون. جنهن لاءِ اسان کي پنهنجي بنيادن
کي مضبوط ڪرڻو پوندو. اهو بنياد آهي، اسان جو
شاگرد، اسان جو ٻار، اسان جو ايندڙ نسل. جنهن جي
علمي، اخلاقي، ديني تربيت اعليٰ کان اعليٰ ڪرڻي
پوندي. ان لاءِ اسان کي گھرجي ته اسين پنهنجن ٻارن
جي تعليم و تربيت ڏانهن خاص توجهه ڏيون. جنهن جي
هن وقت سخت ضرورت آهي. ۽ اسان جي شاگردن کي پڻ
گھرجي ته هن سوشل ميڊيائي دؤر ۽ چٽاڀيٽيءَ واري
ماحول ۾ پنهنجي حيثيت کي مڃائڻ لاءِ پنهنجي علمي
مهارتن کي وڌ کان وڌ اجاگر ڪرڻ لاءِ پنهنجو سمورو
ڌيان تعليم ڏانهن ڏيڻ گھرجي.
***
ٻاراڻي ادبَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جي تاريخ تمام گهڻي
پراڻي وسيع ۽ اھميت واري آھي.جنهن تي دنيا جي وڏن
وڏن محققن شاعرن ۽ تاريخدانن لکيو آھي. ٻاراڻي
ادبَ يا ٻاراڻي شاعريءَ ۾، جهڙيءَ طرح سان ٻارن جي
خيالن کي روشناس ڪيو ويندو آھي، اُهو ايئن آهي
جيئن هڪ ٻوٽي کي ادب جو پاڻي ڏيڻ. ادب تڏھن وڌندو
جڏھن ان جي شروعات ئي ٻاراڻي سوچ کان ۽ ٻاراڻي ادب
سان ٿئي. ٻاراڻو ادب ننڍڙين ڳالهين سان ٻارڙن جي
سوچن ۽ خيالن ۾ هڪ وڏي تبديلي آڻي ٿو. عالمي دنيا
۾ اوهان ادب پڙهندا ته اوهان کي ٻاراڻو ادب ھر
جاءِ تي ملندو گهڻي مقدار ۾ ملندو. هاڻي به عالمي
دنيا ۾ ٻاراڻي ادب تي، تمام گهڻي تحقيق هلي رهي
آھي، ۽ ٻارن جي سوچن کي ادب ڏانهن ڇڪڻ لاءِ انهن
جي ليول وارو ادب تخليق ڪري، انهن کي ڪتابن طرف
مائل ڪيو پيو وڃي.
ٻار تڏهن ادب ڏانهن ڌيان ڏيندو، جڏهن هُن کي اُن
ليول جو مواد ملندو. هڪ ٻار کي اُهو ٻاراڻو ادب
ملڻ گهرجي، جو هو ڌيان ۽ چاهه سان پڙهي ادب ڏانهن
متوجه ٿئي.
ٻاراڻو ادب ڀلي ڪهڙي به ٻولي يا ملڪ جو هجي، پر
اُهو جيڪڏهن نصيحتن، سُٺن ڳڻن ۽ سُٺن ڳالهين، طرف
ٻارن جو ڌيان ڇڪي ٿو ته اُهو ئي ٻاراڻو ادب آھي.
هاڻوڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاراڻو ادب جهڙي تيزيءَ سان
سرجهڻ گهرجي، اُهڙيءَ طرح سان نه پيو سرجي. بهرحال
پوءِ به اسان جا شاعر ٻاراڻي ادب کي سرجهڻ جي ڪوشش
ڪري رهيا آھن.ٻاراڻي شاعريءَ جا موضوع اهڙا هُجڻ
گهرجن، جيڪي هڪ ٻار کي گهڻو ڪجهه ڏيَن، يعني انهن
جو پڙھڻ ثاب پئي ۽ هو اُن مان ڪجهه سِکي، ٻاراڻي
شاعري ۾ منظرنگاريءَ جو لطف به ٻارڙن کي اهڙي
انداز سان ڏنو وڃي، جو هُو بار بار اُن ڏانهن
پنهنجو ڌيان ڏين ۽ پڙھن.
سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ اسان جيڪڏهن پراڻي شاعري ڏي
ڏسنداسين ته اُها معلوماتي، ادب تعليم ۽ اهڙن
ڳالهين سان سلهاڙيل ملندي، جيڪي ڳالهيون، ٻارڙن جي
خيالن کي هڪ سُٺي راھ ڏي وٺي وينديون آھن، جيئن
مرزا قليچ بيگ جو نظم
”آئون
نه ڪڏهن ڪوڙو ٿيندس.“
يا وري
”محنت
ڪر تون محنت ٻار“
وغيره. اُن شاعريءَ سميت ٻي ڪيتري ئي ٻاراڻي شاعري
ڪيترن ئي ڳُڻن ۽ سُهڻن گُفتن سان ٻارن کي سيکاريو
۽ انهن کي ڀلائيءَ طرف وٺي ويا. هاڻوڪي ٻاراڻي
شاعري جيڪي سرجي رهيا آھن انهن جو تعداد وسيع
ناھي، پر پوءِ به انهن جديد شاعرن ۾ جيڪي ٻاراڻي
ادب ۾ خاص ڪري شاعري ڪن ٿا، انھن ۾ وسيم سومرو جو
نانءُ به تعاريف لائق آھي.
وسيم سومرو ٻارڙن جي ليول واري سُٺي نموني، هڪ وڏي
مشاهدي ۽ ٻاراڻي انداز سان سرجهڻ جي فني فڪري سگهه
سان سرشار شاعر آھي. جنهن جي ٻاراڻي شاعري جي
خوبصورت اسمن کي پيش ڪري اڀياس ڪبو ته اسان کي
معياري سادڙي ۽ سمجهه لائق شاعري جو رس چس ملندو:
ٻــــــار ســــوچي پـــــيو،
ڪيئن ڪڪر ٿا ٺهن،
مينهن ڪيئن ٿو وسي.
ڪيئن پکي ٿا اُڏن،
ڪيئن پکي ٿا لهن.
ٻج ڪيئن ٿو ڦُٽي،
واههَ ڪيئن ٿا وهن.
شاعرَ ٻاراڻي سوچ کي ڏاڍي سُٺي نموني بيان ڪيو
آھي. ٻارڙا پنهنجي نئين سوچ مان واقعي سوچيندا آھن
ته، ڪڪر ڪيئن ٿا ٺهن؟ پکي ڪيئن ٿا اُڏرن؟ ٻج ڪيئن
ٿو ڦُٽي؟ ۽ هي پاڻي سان سرشار واھَ ڪيئن ٿا وهن؟
ٻاراڻي ادب ۾ رڳو کوکلو مقصد يا خيال نه هجڻ
گهرجن، جنهن ۾ نه مشاهدو هجي ۽ نه ئي وري ٻارن
لاءِ ڪو پيغام، ته جنهن شاعري جو مقصد نه هجي اُهو
هڪ معصوم ٻار کي متاثر ڪري نه سگهندو. ٻاراڻي ادب
۾ هڪ احساس سان سجايل اهڙو باغيچو هجڻ گهرجي، جنهن
۾ هڪ ٻارڙو شعرن جي پوپٽن کي پڪڙڻ جي معصوم جستجو
ڪري. جيئن وسيم سومري پنهنجي هن نظم ۾ خوبصورت
خيال پيش ڪيو آھي:
هي پڙهندا علم پرائيندا،
۽ تقديرون بدلائيندا،
هي ٻارڙا هي ٻارڙا او هي ٻارڙا.
ڪا ڦِر ڦِر ڦيرِي پائيندا،
هي سارو جڳ جهومائيندا،
هي ڳاڙهي سُر ۾ سوچيندا،
سونهري سُر ۾ ڳائيندا،
هي مُرڪي مُرڪي مائن جي،
هي ڀيڻن جي ۽ ڀائرن جي،
ارمان کي مهڪائيندا،
هي ٻارڙا هي ٻارڙا او هي ٻارڙا..
ٻاراڻو ادب ٻارن جي تعمير انهن جي سوچن خيالن ۾
جستجو ۽ محنت لاءِ ئي سرجي ويندي آھي. ڇاڪاڻ ته هڪ
شاعر، ٻاراڻي انداز ۽ ٻاراڻي ٻوليءَ سان ٻار کي
اُهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، ته هڪ ٻار کي
محنت سان اڳتي وڌڻو آھي ۽ پنهنجي والدين جي خوابن
کي تعبير ڏيڻي آھي. نه رڳو خوابن کي تعبير ڏيڻي
آھي پر حق، سچ، پيار ۽ احساس کي سيني سان لڳائي
زندگي گذارڻي آھي. ٻار حساس هوندو آھي کيس گلاب
وڻندا آھن، پوپٽ وڻندا آھن، رنگبرنگي پکي وڻندا
آھن. رانديون کيڏندا آھن ۽ مرڪون وکيرندا آھن، ۽
جڏهن هڪ شاعر اُهي منظر ڏسندو آھي ته شاعريءَ ۾
انهيءَ کي اظهاري ٻاراڻي خيالن کي تعبير ڏيڻ جي
ڪوشش ڪندو آھي:
ٻــــــارن رانــــد ڪــئي،
مينهوڳيءَ جي مُند ۾،
جُهڙ جا گيت چئي.
ٻار راند ڪندي ڪندي مينهوڳيءَ جي مند ۾ اوچتو ئي
جُهڙ ڏِسي جُهڙَ جا گيتَ چوڻ لڳا.
وسيم سومري ٻاراڻي شاعريءَ ۾ جيڪا بهترين منظرڪشي
ڪئي آھي، اُها محنت ۽ ساراھ جوڳي آھي. يا وري هي
نظم پڙهو:
لڪ لڪوٽي راند وهه واهه،
لــــــڪ لـــــڪوٽي رانــــد،
اچو ته ٻارو گڏجي کيڏون،
لــــــڪ لــــــڪوٽي رانــــد.
موڪل جو ڏينهن آيو آيو،
من ۾ آنڌ ۽ مانڌ وهه واهه،
لــــــڪ لــــــڪوٽي رانــــد.
آچر ڏس تون کاتل آھين!
ڇڏ هيءَ ويڙهاند وهه واهه،
لــــــڪ لــــــڪوٽي رانــــد.
جو به کٽيندو ان کي ملندو،
ڪاشيءَ جو هي ڏاندُ وهه واهه،
لــــــڪ لــــــڪوٽي رانــــد.
وسيم سومري ٻار بڻجي جهڙي نموني هڪ دلچسپ ۽ ٻاراڻي
راند جو منظر
’لِڪ
لڪوٽي راند‘
۾ چِٽيو آھي، اُهو ٻار جو دلچسپيءَ جو هڪ انداز
آھي. جنهن ۾ هڪ ٻار ٻين ٻارن سان مخاطب آھي ته اچو
ته کيڏون
’لڪ
لڪوٽي راند‘.
ٻاراڻي شاعري منهنجي خيال ۾ ٻارن لاءِ هڪ رسِي
جيان ثابت ٿئي ٿي. سماج جي وهندڙ درياھ ۾ رسي جيان
ٻاراڻي شاعري ٻارڙن کي علم شعور محنت ۽ سچ سان پار
ڪرائي ٿي. ٻارڙن جي نون ذهنن جي آبياري جيڪڏهن
سُٺي مثالي شاعريءَ سان ڪئي ويندي ته، ايندڙ وقت
ادب جو هوندو ۽ اسين پنهنجي ٻوليءَ جي حفاظت پڻ
ڪري سگهنداسين.
پيارا ٻارؤ! اميد ته اوهان کي هڪ سلسلي جي پهرين
ڪڙي پسند آئِي هوندي، هن سلسلي لاءِ مان اوهان جي
پسند جي هر شاعر جي شاعري جو اڀياس ڪري، گُل ڦُل
رسالي جي ذريعي اوهان تائين پهچائيندس.
السلام عليڪم محترمه ايڊيٽر گُل ڦُل
اُميد ته خيريت سان هونديون
عرض ته مون ٻارن لاءِ هڪ مضمون لکيو آهي جيڪو
ماهوار گُل ڦُل رسالي ۾ ڇپجڻ لاءِ موڪلي رهيو
آهيان.
اُميد ته منهنجي مضمون کي گُل ڦُل ۾ جاءِ
ڏينديون، ته اوهان جو تههِ دل سان شڪر گذار رهندس.
اقبال هنڱورو
ڀٽائي ڪمپيوٽرس اينڊ فوٽو اسٽيٽ
POڪنڊيارو
ضلع نوشهروفيروز
***
محترمه ايڊيٽر گُل ڦُل صاحبه
السلام عليڪم
عرض ته ماهوار گُل ڦُل جيڪو ٻارڙن جو رسالو آهي.
آءٌ پڻ اسڪول واري زماني ۾ خريد ڪري شوق سان
پڙهندو هوس ۽ ان ۾ لکندو پڻ هوس.منهنجي ادبي
ڪيريئر ۾ ماهوار گُل ڦُل جو بنيادي ڪردار رهيو آهي
۽ هينئر به آءٌ هن ۾ لکندو رهان ٿو.
ٻارن جي ادب جي سنڌي زبان ۾ تمام گهڻي کوٽ آهي.
ماهوار گُل ڦُل هن جي ڪافي حد تائين پورائي ڪئي
آهي. آءٌ مبارڪ ڏيان ٿو آپه نجمه پنهور صاحبه کي
جيڪا هن رسالي کي محنت سان سنواري ٻارن لاءِ پيش
ڪري رهي آهي. رفيق جمالي صاحب کي به وساري نٿو
سگهجي. جيڪو پڻ گُل ڦُل کي سنوارڻ ۾ رات ڏينهن
ڪوشان آهي. ربّ پاڪ ٻنهي جي توفيقات ۾ اضافو ڪري ۽
ماهوار گُل ڦُل ٻاراڻي ادب جو سرواڻ ثابت ٿئي.
(آمين)
دعاگو پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي
ناظم اعلى سيد ثابت علي شاهه اڪيڊمي حيدرآباد
***
السلام عليڪم ، ايڊيٽر
”گل
ڦل“،
مانواري ڀيڻ، اوھان سوڌو، سموري
”گل
ڦل“
سٿ جو دلي ٿورائتو آھيان جو منھنجي ٻارن لاءِ لکيل
ناوليٽ
”چاڪليٽ“
کي محبتن سان
شايع ڪيو. پنھنجي مواد کي گُل ڦُل ۾ شايع ٿيل
ڏسي، دل وڏي ٿي ويندي آھي.
”چاڪليٽ“
ته خاص ھو منھنجي لاءِ. ان شاءَ الله ايندڙ وقتن ۾
به اوھان ۽ سٿ پاران مانُ ملندو رھندو. مارچ،
2024ع
۾
”چاڪليٽ“
پُڄاڻيءَ تي پھتو. شاد آباد ھجو آمين يارب
العالمين...
سرمد عباسي
خانواھڻ
اسلام عليڪم گُل ڦُل رسالي جي ايڊيٽر صاحبه مان
اوهان ڏانهن هي خط لکي رهي آهيان ته جيئن اوهان کي
آگاھ ڪري سگهان ته اسان گُل ڦُل رسالو ڏاڍي
دلچسپيءَ
سان پڙهندا آهيون.
اسان
کي
گُل
ڦُل رسالي مان ڏاڍي ڄاڻ ملي ٿي.
گُل ڦُل هڪ بهترين
رسالو
آهي،
جنهن ۾ کوڙ سارا سٺا مضمون ۽ سٺي شاعري پڙهڻ لاءِ
ملي ٿي.
اسان سڀ شاگرد وڏي چاھ سان هر مهيني هي رسالو
پڙهندا آهيون.
سر
عديل
اسان
کي
هي
رسالو
هر
مهيني
مفت
۾
ڏيندو آهي.
گُل
ڦُل جي مارچ مهيني واري رسالي مان چاڪليٽ ۽ هڪ
ڏينهن جو بادشاھ لکڻي ڏاڍي وڻي.
سر
عديل
اسان
کي
هر
مهيني
هي
رسالو
ڏئي ٿو سائين جي وڏي مهرباني.
آمنه چانڊيو
ڪلاس ڇهون گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ميمڻ
محلا سيتاروڊ ضلع دادو.
اسلام عليڪم: گُل ڦُل رسالي جي ايڊيٽر صاحبه، جڏهن
اسان هن مهيني جو نئون شمارو پڙهيو ته اسان
ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون هن رسالي مان سِکيون. هن
رسالي ۾ موجود ڪاپي ڪلچر واري مضمون مان اسان
سِکيو ته ڪيئن ڪاپي ڪلچر تي هلڻ وارا ماڻهو نقصان
۾ وڃن ٿا۔ اسان کي گُل ڦُل رسالي جي هڪ ٻئي مضمون
مان مڇرن ذريعي ڦهلجندڙ بيمارين بابت خبر پئي ته
ڪيتريون ئي بيماريون مڇرن جي چڪ پائڻ سان ٿين ٿيون
۽ مڇرن جون هلڪيون سلڪيون بيماريون به انتهائي
موتمار ٿي سگهن ٿيون! گل ڦل مان اسان کي روزي جي
اهميت ۽ فضيلت به پڙهڻ لاءِ ملي جنهن سان رمضان
مهيني ۾ روزا رکڻ لاءِ اسان کي وڌيڪ ڳالهين جي
سمجهه آئي ۽ ان کان علاوه اسان کي سنڌ جي عظيم
شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري بابت به ڄاڻ
مليو ته سندس سڄي شاعري اسان لاءِ رهبري. رهنمائي
سجاڳي ۽ جدوجهد جو پيغام ڏئي ٿي.
نور فاطمه ڪلهوڙو ۽ ظائره سولنگي
ڪلاس ڇهون گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول ميمڻ
محلا سيتاروڊ ضلع دادو.
اپريل
2024ع
جي
ماهوار
شماري
۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
ڪلياڻ“
جي داستان
ٽئي
جو
ڏهه
نمبر بيت
آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
جيڪڏهن تون پاڻ کي ڀلي
’بي
شرڪ‘
يعني شرڪ کان خالي سمجهين ٿو، پر اهو تنهنجو
’ڀانئڻ
ئي‘
دراصل شرڪ آهي. (تون جيستائين پنهنجي وجود جو
اقرار ڪرين ٿو يعني ٻه وجود سمجهين ٿو، ايستائين
تون مشرڪ آهين.) انهيءَ ڪري تون پنهنجي هستيءَ کي
فنا ڪر(نيستي حاصل ڪر). هيءَ (ظاهري) وجود ته اصل
۾ آهي ڪونه، پر
’حقيقي
وجود‘
پڻ هن ( ظاهري وجود) کان الڳ ڪونهي. (وجود هڪ ئي
آهي جيڪو
’ذاتِ
حق‘
جو آهي.يعني وحدت الوجود يا لا موجود الالله يعني
وجود صرف الله جو آهي ۽ ٻيو ڪو موجود ناهي.)
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*حسين جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*عادل جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
پاهڙ خان جمالي ضلعو مٽياري
*سليمان
جمالي: ڪلاس ڇهون، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن
هاءِ اسڪول ڳوٺ جان محمد عرف (مٺياڻي) جمالي ضلع
مٽياري.
*خليفو فيصل ڪاڪا: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز
هاءِ اسڪول ڦل ڪاڪا ضلع مٽياري.
* ابوبڪر جمالي: ڪلاس ٻارهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي تعلقه سعيد آباد.
*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*تبسّم جمالي: ڪلاس پنجون، پرائمري اسڪول پاهڙ خان
جمالي.
*محمد يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول پاهڙ خان جمالي تعلقه سعيد آباد.
* طفيل احمد جمالي: ڪلاس نائون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.
*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*صبغت الله ڏاهري: ڪلاس يارهون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو
*وقاص ياسين آرائين:
ڦلجي اسٽيشن
دادو.
*وفا ياسين آرائين: ڦلجي اسٽيشن دادو.
*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول ڦل ڪاڪا.
*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.
*غلام احمد: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
ٽنڊو محمد خان.
*محمد بخش سوڍڙو: ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين
فهيم پرائمري اسڪول هالا نوان.
*عبدالباقي ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي
گهوٽڪي.
*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.
*شازينه بلوچ: ڪلاس ٻارهون، گورنمينٽ خورشيده بيگم
گرلس ڪاليج حيدرآباد
زيد جمالي: گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاهڙ جمالي ضلع
مٽياري.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان محمد بخش
سوڍڙو جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |