سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مئي  2024ع

باب:

صفحو:2 

Text Box: مضمون

نعمت الله عباسي

ڪنڊيارو

صدائي مسجد اقصى (فلسطين)

دانهن توکي مان ربّ هيءَ ڏيان ٿو،

ويندي اقصى نه مسلم ڏِسان ٿو.

 

آقاﷺ معراج تي هتڙي آيو،

سڀ نبين اڳيان هو بيهاريو،

بند اقصى اُها ربّ ڏِسان ٿو.

 

قبله اول جي ڌرتي آ پياري،

عمررضه آيو هُئي اُٺ جي سُواري،

اهڙيءَ ڌرتيءَ تي بم مان ڏِسان ٿو.

 

آ ايوبيءَ هُئي اقصى ڇڏائِي،

نه ٿو مسلم ڪري ڪا سچائي،

جوانَ اهڙن لاءِ ربّ مان سِڪان ٿو.

 

ڪيئي آهن وڏا ملڪ مسلم،

نٿا غيرت ڪن ان جا حاڪم،

تن مان غيرت ختم ربّ ڏِسان ٿو.

 

جن جا ڪُسجن ٿا معصوم نينگر،

ڪر خدا پاڪ تن جي ڪا واهر،

راند رتَ جي اُتي ربّ ڏِسان ٿو.

 

نعيم توکي ڏني دانهن آهي،

منهنجي هٿ ۾ خدا ڪجهه به ناهي،

ڪر مدد ربّ مان توکي سڏيان ٿو،

دانهن توکي مان ربّ هيءَ ڏِيان ٿو.

 

امداد سروري آراضي/سيوهڻ

محنت

 

منهنجي گهر ۾ جيڪا برڪت آ،

سا محنت آ، سا محنت آ،

۽ جيب ۾ جيڪا دولت آ،

سا محنت آ، سا محنت آ.

جيڪو پاڻ ڪمائي کائي ٿو،

۽ ٻچڙن کي ته سنڀالي ٿو،

ان تي ربّ جي وسندي رحمت آ،

سا محنت آ، سا محنت آ.

الڪاسب حبيب الله يعني،

 پورهيت خدا جو دوست آهي،

دنيا ۾ پورهيت جي عزت،

سا محنت آ، سا محنت آ،

ڏس صبح جو هَر هلائي ٿو،

 ۽ پوک تي پاڻي ورائي ٿو،

اها پوک خدا جي نعمت آ،

سا محنت آ، سا محنت آ.

جيڪو جايون رستا ٺاهي ٿو،

۽ ڪارخانن کي ته هلائي ٿو،

سا ملڪ ۽ قوم جي طاقت آ،

سا محنت آ، سا محنت آ.

جيڪو سمنڊ ۾ موتي ماڻي ٿو،

ڀري جهول موتين جي آڻي ٿو،

منهنجي مالڪ جي سا قدرت آ،

سا محنت آ، سا محنت آ.

هي جبلن جو سِينو چاڪ ڪري،

هر ذرو ڌوئي پاڪ ڪري،

هن سان ته سڀني جي محبت آ،

سا محنت آ، سا محنت آ.

هي عظمت جو شاهڪار آهي،

هي محبت جو مينار آهي،

امداد سروري حقيقت آ،

سا محنت آ، سا محنت آ.


 

نصير احمد فقير چنا

گهوٽڪي

 

سانوڻ مِينهن

 

سانوڻ مينهن ٿا جڏهن وسن،

ياد ماروئڙا ٿا تڏهن اچن،

لڙڪ نيڻن مان ٽِميو پون.

 

عمر تو قيد آ تنگ ڪيو،

بيــــوس بانـــدي بند ڪيو.

 

گهاريـــــان ٿي غم گونـــدر ۾،

سانڍيــــان ســـــور ٿي اندر ۾.

 

مـــــــــولا مــــهــــــر وســـائيندو،

جلـــــدي ملــــــڪ رســــائيندو.

 

فقيــــــر ربّ رنگ لائــــــــيندو،

ســــــارا ســــوال اگهــــــائيندو.

***


 

استاد گُل دايو / لاڙڪاڻو

مينهِن

 

مينھِن اسان جي وِيائي آھي.

وَڇڙِي جنھن کي ڄائِي آھي.

مالڪ سائينءَ ڪرم ڪيو آ،

کير مکڻ جا لارو ٿيو آ،

کير منجهاران مِٺڙِي مِٺڙِي،

امڙ ملائِي ٺاھي آھي،

مينھِن اسان جي ويائي آھي،

وَڇڙِي جنھن کي ڄائِي آھي.

روز کائيندس کِير سان مانِي،

وٽو ڀري جو  ڏيندي  نانِي،

کِير پي ٿيندس جوڌو جاني،

عمر وڌڻ جي آئي آھي،

مينھِن اسان جي ويائي آھي،

وَڇڙِي جنھن کي ڄائِي آھي.

مينھِن اسان جي آھي راڻِي.

گاهُه چري، پيئندي آ پاڻي،

واهه ۾ وھنجي موج ٿي ماڻي،

مَٽر چَڻن تي ڍائِي آھي،

مينھِن اسان جي ويائِي آھي.

وَڇِڙِي جنھن کي ڄائِي آھي.

ايندڙ ڀيري پاڏو ڏيندي،

ڇيڻن جو ڀي گاڏو ڏيندي،

پاڏو وڏو ٿِي بڻبو سانُ،

جنھن کي ڏسڻ ايندا مھمان،

سَولي ڪڍي ھيءَ وائِي آھي،

مينھِن اسان جي وِيائي آھي،

وَڇِڙي جنھن کي ڄائي آھي.

 

عبدالجبار عاجز منگي

شڪارپور

 

وائي

ٻارو! نياز نوڙت سان ئي،

نئون سنسار جُڙي ٿو.

گهرڀاتين جو چيو به مڃجي،

وڏڙن جي وڌ عزت سان ئي،

نئون سنسار جُڙي ٿو.

ڪنهن به وقت نه ٿي بُزدل تون،

همت حوصلي جُرعت سان ئي،

نئون سنسار جُڙي ٿو.

گيت سدا ڌرتيءَ لئه لکجن،

ڌرتيءَ جي چاهت سان ئي،

نئون سنسار جُڙي ٿو.

ٿيءُ نه تون عاجز دودو ٿيءُ،

محنت، جُهد ۽ عظمت سان ئي،

نئون سنسار جُڙي ٿو.

***


 

اظهر آزاد مغل

شڪارپور

 

وائي

غفلت ۾ تون ڪين گُذار،

پيارا پنهنجو پاڻ سُڌار،

پڙهندو ڪر تون پيار سان!

 

قرب ڪتابن ساڻ رک،

پنهنجو تن من ترت اُجار،

پڙهندو ڪر تون پيار سان!

 

ڌرتي ڌن کان آ اُتم،

نانءُ انهيءَ جو روز اُچار،

پڙهندو ڪر تون پيار سان!

 

ٻوٽا پوکج پرت مان،

لهندئي دل تان پوءِ غُبار،

پڙهندو ڪر تون پيار سان!

 

محنت سان جي پاس ٿيا،

ٿيندئي تن ۾ نانءُ شُمار،

پڙهندو ڪر تون پيار سان!

 

ننڊ پڪيءَ مان اُٿ سگهو،

ٻين کي ڀي آزاد اُٿار،

پڙهندو ڪر تون پيار سان!

 

عبدالحئي ڀٽو

 ماٿيلو مومل جي ماڙي/گهوٽڪي

 

سنڌي ٻولي

سهڻن گلن هارن واري آهي سنڌي ٻولي،

سمورن سنڌين سچارن واري آهي سنڌي ٻولي.

 

مومل جي ماڙي کان به پراڻي هي ٻولي آهي،

خوشين، لاڏن، بهارن واري آهي سنڌي ٻولي.

 

سنڌي ٻولي قومي ٻولي مٺڙي لولي واري ٻولي،

اديبن، محققن، سارن واري آهي سنڌي ٻولي.

 

جيڪا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پڙهي وڃي ٿي،

سچن پچن وفادارن واري آهي سنڌي ٻولي.

 

جنهن کي خوب جهونگارن ٿا سگهڙ شاعر،

ڌرتي سرتي مارن واري آهي سنڌي ٻولي.

 

سڄي ٻولي آهي گيت ۽ مُرڪن واري،

ٻُڍنِ، نوجوانن، ٻارن واري سنڌي ٻولي.

 

هن ۾ چئي آهي شاعري شاهه، سچل،

حئي جي پيارن واري آهي سنڌي ٻولي.

 

پريل دايو

پنو عاقل/ سکر

اڳتي قدم

اڳتي قدم وڌايو ٻارو!

علم سان دلڙي لايو ٻارو!

 

اڄ جو ڪم سُڀاڻ تي نه ڇڏجي،

پوءِ متان پڇتايو ٻارو!

 

آئندي جو بار اوهان جي،

ڄاڻ ڪُلهن تي آيو ٻارو!

 

ڇا ڪرڻو ٿَوَ ڇا ٿِيڻو ٿَوَ؟،

لائحه عمل بڻايو ٻارو!

اڳتي قدم وڌايو ٻارو!

***


 

مجاهد مهڙ

شهيد بينظير آباد/ نواب شاهه

 

نا صُحاڻو ڪلام

هار  تنهنجي هار ناهي دل مجاهد تون نه هار،

تار تِکَ مان حوصلي سان پنهنجي ٻيڙي پاڻ تار.

 

پڙهه صحابه رضه جي شجاعت جا سبق تون شوق سان،

ڌار دل مان خوف ڪر ۽ هوش دل ۾ ڌار ڌار.

 

وقت ٿئي تڪليف جو هت ٿورڙو تون صبر ڪر،

کارَ کائين ٿو تون اجائي تون بهادرُ ٿي ڏيکارِ.

 

ٿو چوي الله سائين ڏُک پُٺيان ٿي سُک سدا،

سارَ ساروڻيون ڇڏي ڏي وهم دل مان سڀ وسار.

 

هيءَ آ دنيا دورنگي کول اکڙين کي ادا،

پارَ ڏيان ٿو توکي سارا نيٺ ٿيندين تون به پار.

 

شوق شاهاڻا ڇڏي ڏي وقت غفلت ۾ نه گهارِ،

مارَ پئي ڪا نفس امارا مٿان تون نفس مارِ.

 

جا کڻي تون وک پيارا سوچي سمجهي کڻ هتي،

ٺارَ هِنئين جي سڀن جا تون به سڀ جا نيڻ ٺارِ.

 

مردُ مانجهي ٿيءُ دودو تون ته هر ميدان ۾،

وار هرگز ڏي نه ٻي کي تون ئي جلدي وارَ وارِ.

 

ڪر صحابه رضه جي غلامي جن کان راضي ٿيو ڌڻي،

ڍارَ وٺ تون چئن جي هت چؤ سدا حق چار يارِ..

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org