پيارا ٻارو! اوهان سڀني ڪڏهن نه ڪڏهن اهو ضرور ٻڌو
هوندو ته،
”ڪوشش
ڪاميابي جي ڪُنجي (چاٻي) آهي“
ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اهو ڇو چيو ويندو
آهي؟ ان جو ڇا مطلب آهي؟ اوهان کي اوهان جا اُستاد
يا والدين محنت ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڇو ڪندا آهن؟ بار
بار پڙهڻ جو ڇو چوندا آهن؟ ٻارو، اصل ڳالهه اها
آهي جو اوهان جا والدين اوهان کي پاڻ کان وڌيڪ
سُکِيو، وڌيڪ امير، وڌيڪ عزت وارو ۽ وڌيڪ پيار
ڪندڙ ڏسڻ چاهيندا آهن. هو چاهيندا آهن ته اوهان
خوب محنت ڪري پڙهي لکي وڏا آفيسر ۽ سُٺا انسان
بڻجو. جيئن اوهان پنهنجي گهر وارن مٽن مائٽن،
دوستن، پاڙي وارن ۽ شهر واسين سميت پنهنجي ديس
پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري سگهو هڪ سٺي زندگي گذاري
سگهو. اوهان کي خبر آهي ته سڀني شين کي حاصل ڪرڻ
لاءِ هڪڙو ئي اصول آهي ۽ اهو آهي محنت!، محنت ڪرڻ
وارن لاءِ هر شيءِ آسان آهي. محنت ڪندڙ لاءِ ڪا
به شيءِ مشڪل نٿي رهي. اوهان ياد ڪريو، جڏهن اوهان
پَٽي (نرسري) يا
’پهرين
ڪلاس‘
۾ هئا ته، ڇا اوهان کي پنهنجو نالو، پنهنجي
والدين جو نالو، يا ڪو به لفظ لکڻ ۽ پڙهڻ ايندو
هو!؟ يقينن اوهان جو جواب
”نه“
هوندو، پر اڄ اوهان هيءُ سڀ پڙهي ۽ لکي رهيا
آهيو. ڪهڙو سبب آهي جو اڄ اوهان هي سڀ لفظ ۽ ڪتاب
آسانيءَ سان پڙهي رهيا آهيو!؟ ڇا ان لاءِ اوهان کي
محنت ناهي ڪرڻي پئي؟
بلڪل! اوهان کي هر روز پنهنجي نِنڊ ڦِٽائي اسڪول
وڃڻو پيو هوندو، ڪافي محنت بعد اوهان پڙهڻ ۽ لِکڻ
سِکيو هوندو، اوهان سِکڻ دوران سوين، هزارين
غلطيون به ڪيون هونديون، کوڙ ساريون ڪاپيون لکِي
لکِي ڀريون هونديون.
پيارا ٻارو! بلڪل ائين ئي اوهان کي پنهنجي محنت
جاري رکڻي آهي، تڏهن ئي اوهان ڪجهه سِکي سگهندؤ.
دنيا ۾ ڪا به شيءِ / ڪو به ڪم ڏکيو يا مشڪل ناهي
هوندو، بس اسان سِکڻ واري لاءِ اهو نئون هوندو
آهي. جنهن ڪري اسان ان کي سمجهي ناهيون سگهندا ۽
پوءِ ڪجهه وقت لاءِ پريشان ٿي ويندا آهيون. پر
جڏهن اهو ڪم گهڻا دفعا ڪندا آهيون، مطلب
جڏهن اسان ان کي بار بار پنهنجي مشق (Practice)
۾ آڻيندا آهيون، ته اهو ڪم بلڪل به
آسان ٿي پوندو آهي. چيو ويندو آهي ته
”محنت
آڏو جهڪي پوي ٿو نيٺ جبل“
تنهن
ڪري محنت جاري رکندي هر ڪم آسان بڻائي سگهجي ٿو.
پيارا ٻارؤ! اوهان جنهن به اسڪول يا مدرسي ۾ پڙهي
رهيا آهيو، اوهان ڏٺو هوندو ته سڀ اُستاد ڪجهه
ٻارن جي تمام گهڻي تعريف ڪندا آهن. اُستاد انهن
کي ڪڏهن به مار يا دڙڪا ناهن ڏيندا بلڪه کين هميشه
پيار ڪندا آهن. اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اهو ڇا
جي ڪري آهي؟ جيڪڏهن اوهان انهيءَ ڳالهه تي غور
ڪندؤ ته اوهان کي خبر پوندي. اهي ٻار جن سان
اُستاد بيحد پيار ڪندا آهن، اهي شاگرد تمام گهڻا
محنتي هوندا آهن. اوهان جي اسڪول ۾ امتحان جي
رزلٽ اچڻ کان پوءِ اوهان ڏٺو هوندو ته اُستاد انهن
شاگردن جي تمام گهڻي تعريف ڪري، کين انعام ۽
خرچي ڏئي، اوهان کان انهن لاءِ تاڙيون وڄرائيندا
آهن. انهن ٻارن کي ذهين، هوشيار ۽ محنتي چئي انهن
کي ڪلاس ۾ پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر ڏيندي ڪلاس جا
مانيٽر مقرر ڪندا آهن.
ڇا ائين نه آهي !؟ اوهان جو جواب يقينن ها هوندو.
ڇاڪاڻ جو هر اسڪول ۾ ڪجهه ٻار گهڻا محنتي هوندا
آهن. جيڪي نه صرف پنهنجي اسڪول ۾ محنت ڪري ڪلاس
ٽيسٽ
’مڊٽرم‘
يا سالياني امتحان پاس ڪندا آهن، بلڪ هوشيار ٻار
ته اسڪالرشپ پاس ڪري ٻين وڏن شهرن ۽ وڏن اسڪولن ۾
پڙهڻ
به ويندا آهن. جن اسڪولن ۾ انهن ٻارن کي کوڙ
ساريون سهولتون ملن ٿيون. پڙهائي ۽ رهائش لاءِ
بهترين ماحول به سرڪار طرفان ڏنو ويندو آهي.
يقينن اوهان جي اسڪول جا به ڪجهه ٻار جيڪي
تمام ذهين يا ائين چوڻ بهتر ٿيندو ته جيڪي گهڻا
محنتي هوندا آهن، اهي مختلف اسڪالرشپ تي سنڌ توڙي
پاڪستان جي وڏن ادارن ۾ پڙهندا آهن. ڇا اوهان جي
اسڪول مان به ڪجهه ٻار اسڪالرشپ تي سنڌ يا
پاڪستان جي وڏن اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن؟
پيارا ٻارو! اسان جو اسڪول جنهن جو نالو گورنمينٽ
بوائز اليمينٽري اسڪول ميمڻ محلا آهي، جيڪو اسان
جي شهر سيتاروڊ ضلعي دادو جو بهترين اسڪول پڻ آهي.
انهيءَ اسڪول جا ڪيترائي شاگرد هن وقت به علي ڳڙھ
پبلڪ اسڪول، آرمي پبلڪ اسڪول، اين جي وي
NJV،
توڙي سنڌ جي ناليوارن اسڪولن آءِ بي اي
IBA
سکر ۽ دادو ۾ پڻ اسڪالرشپ تي تعليم حاصل ڪري رهيا
آهن. انتظاميه طرفان انهن کي کاڌو، پيتو، هاسٽل
رهائش، ٽيوشن، اسڪول ڊريس، ڪتاب، ڪاپيون، ۽ ضرورت
جي سامان سميت هر مهيني خرچي پڻ ملي ٿي. تازو ئي
اسان جي اسڪول مان ٽي شاگرد ۽ هڪ شاگردياڻي
SEF
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، پاران ڏنل آءِ بي اي
IBA
اسڪالرشپ
24/2023
۾ پاس ٿيڻ کان پوءِ
”آءِ
بي اي پبلڪ اسڪول سکر
IBA PUBLIC SCHOOL SUKKUR“
۾ پڙهي رهيا آهن. انهن ٻارن خوب محنت ڪري دادو
ضلعي ۾ پوزيشن حاصل ڪئي.
پهرئين نمبر تي عادل علي ميمڻ ۽ شهزاد سليم ساند،
ٻئين نمبر تي محمد حسين ميمڻ ۽ سندس ڀيڻ زينب ميمڻ
ٽيسٽ ۾ پاس ٿي هن وقت ڇهون ڪلاس آءِ بي اي پبلڪ
اسڪول سکر ۾ پڙهي رهيا آهن. دادو ضلعي جي سرڪاري
اسڪولن ۾، ضلعي ليول تي، ميمڻ محلا اسڪول جا
شاگرد ڪامياب ٿيا. انهن شاگردن جي پاس ٿيڻ جو ڪو
ٻيو سبب ناهي نه ئي انهن وٽ ڪو جادو هو. سندن
محنت ئي هئي جنهن محنت کين ڪامياب ڪرايو. انهن
محنت ڪئي ۽ اڄ هو سنڌ جي سُٺي اسڪول ۾ پڙهي رهيا
آهن. ۽ ان شاءَ لله، ائين ئي هو محنت ڪري، هڪ
ڏينهن سُٺا ڊاڪٽر، وڪيل، انجنيئر، ۽ وڏا آفيسر
بڻجندا ۽ قوم جي خوب خدمت ڪندا.
اسڪالرشپ جي ٽيسٽ ڪيترن ئي ٻارن ڏني هئي. جن مان
ڪجهه ڪامياب ٿيا ۽ ڪجهه رهجي ويا. جن شاگردن هنن
ٻارن سان گڏ ٽيسٽ ڏني هئي ۽ سُٺي اسڪور سان پاس
به ٿيا، پر داخلا اصول تحت وڌيڪ جاءِ ( سيٽ ) نه
هجڻ ڪري کين اسڪالرشپ نه ملي سگهي. اهي ٻار اڄ به
پنهنجي اسڪول ۽ ڪلاس ۾ سخت محنت ڪندي، ڪلاس ٽيسٽ
۽ امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪري انعام حاصل ڪن ٿا.
اُهي ٻار جن اسڪالرشپ جي ٽيسٽ ڏني هئي ۽ پاس ٿي نه
سگهيا انهن شاگردن کي مايوس يا پريشان نه ٿيڻ
گهرجي. اهي پنهنجي محنت جاري رکن، زندگيءَ ۾ هر
روز نوان ۽ سُٺا موقعا ايندا رهن ٿا، کوڙ ساريون
ٻيون اسڪالرشپس اچن ٿيون انهن ۾ اپلاءِ ڪن ۽ محنت
ڪري پاس ڪرڻ لاءِ اُستادن ڪتابن کان مدد وٺندا
رهن. ان شاءَ الله! هڪ ڏينهن کين ڪنهن سُٺي
اداري ۾ اسڪالرشپ ضرور ملندي ۽ پڙهي لکي وڏا آفيسر
۽ سُٺا اُستاد بڻبا.
پيارا ٻارؤ! ڪڏهن به مايوس نه ٿيندا ڪريو، مايوسي
ڪفر آهي. محنت ڪندا رهو
’محنت
۾ ئي عظمت آهي.‘
اڄ، اوهان پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪريو ته، اوهان
تمام گهڻي محنت ڪري دل لڳائي پڙهندا ۽ هڪ ڏينهن
ڪامياب ٿي پنهنجي والدين ۽ ملڪ جو نالو روشن
ڪندا.
مٿين تصويرن ۾ انهن ٻارن کي ڏسي سگهو ٿو، جن
پنهنجي محنت ڪندي اسڪالرشپ حاصل ڪئي.
شاهده چانڊيو ڪلاس پنجون،
ڄام شورو
اُستاد جي اهميت
·اُستاد
جي اهميت ماءُ پيءُ جي برابر آهي.
·اُستاد
اهو ماڻهو آهي جيڪو ٻارن توڙي وڏن کي تعليم ڏئي،
صحيح ۽ غلط جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو.
·اُستاد
اسان جي معاشري جو هڪ عظيم، قابلِ عزت، معزز، مهذب
۽ رهبر شخصيت سمجهيو ويندو آهي.
·اُستاد
جي ڪري انسان وڏيون منزلون ڪاميابيءَ سان حاصل
ڪري اعليٰ مقام حاصل ڪري ٿو.
·اُستاد
ئي بهتر معاشري جي تعمير ڪري سگهي ٿو.
·اُستاد
محنت ۽ شفقت سان پڙهائي وقت جي پابندي اختيار ڪندي
شاگردن کي نه صرف تعليم ۽ تربيت ڏئي ٿو بلڪه زندگي
گذارڻ جو طريقو پڻ سيکاري ٿو.
·تنهن
ڪري اُستاد جي عزت ۽ احترام ڪرڻ اسان سڀني جو
اخلاقي فرض آهي.
سنڌ جيڪي عظيم ماڻهو پيدا ڪيا آهن. پير حسام الدين
راشدي انهن مان هڪ آهي. پير صاحب سنڌي ادب جو وڏو
تاريخدان، محقق ۽ عالم هو. هو لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ
ننڍڙي ڳوٺ
’بهمڻ‘
۾
20
سيپٽمبر
1911ع
۾ ڄائو هو. سندس نالو حسام الدين رکيو ويو. جيڪو
ادبي دنيا ۾ پير حسام الدين راشدي جي نالي سان
مشهور ٿيو. هن جي والد جو نالو پير حامد شاهه هئو.
پر سندس پروَرش سندس ڏاڏي پير
’پير
شاهه‘
ڪئي. کيس پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشدي سان
روايتي ڳوٺاڻي تعليم ڏياري وئي. پر باقائده ڪنهن
اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ ڪونه پڙهيو. وٽس
ڪابه علمي ڊگري يا سرٽيفڪيٽ ڪونه هو.
پاڻ ابتدائي دور ۾ پنهنجي ڀاءُ پير علي محمد
راشديءَ جا ڪتاب ڏسي انهن ڏي متوجه ٿيو ۽ ان جا
ڪتاب کڻي اُٿلائڻ پُٿلائڻ لڳو. ائين ڏسي ڀاڻس دڙڪو
ڏيندي چيو ته،
”اڙي!
ڄَٽَ، منهنجي ڪتابن سان کڙاند نه ڪندو ڪر!“
انهن لفظن مٿس وڏو اثر وڌو ان کان پوءِ ويتر چاهه
وڌي ويو ۽ پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ سان ڪتاب
گهرائي پڙهڻ لڳو ائين ڪتابن جي دنيا ۾ داخل ٿي
ويو. پاڻ ويهن سالن جي عُمر ۾ لکڻ شروع ڪيائين.
شروع ۾ صحافت سان وابسته ٿيو ۽ پنهنجي ڀاءُ پير
علي محمد شاهه راشديءَ سان سکر مان نڪرندڙ اخبار
’سنڌ
زميندار‘
۾ ڪم ڪرڻ لڳو. اهڙي ماحول ۾ رهندي شعر ۽ افسانا
لکڻ لڳو ۽ ادب جي دنيا ۾ داخل ٿي ويو. پهريائين
”فدائي
الراشدي“
جي نالي سان لکندو رهيو. بعد ۾ پير حسام الدين
راشدي ٿي اُڀريو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ادب جي دنيا ۾
وڏي تاريخدان طور نالو روشن ڪيائين. سندس شمار ملڪ
جي وڏن وڏن اسڪالرن ۾ ٿيندو رهيو. راشدي صاحب
سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ جو وڏو عالم هو.
انهن ٻولين ۾ پنجاهه کان مٿي ضخيم ڪتاب لکيائين،
جن کيس دنيا ليول تي پذيرائي
ڏني. ايتري تائين جو ايران جي
”تهران
يونيورسٽيءَ“
کيس پي. ايڇ. ڊي. جي ڊگري عطا ڪئي ۽ ايران جو وڏو
سِول اعزاز
”سپس
نامه درجه اول“
سان نوازيو. اهڙيءَ ريت سنڌ يونيورسٽيءَ به پير
صاحب کي پي. ايڇ. ڊي. جي اعزازي ڊگري ڏني. پير
حسام الدين راشدي نه رڳو ڪتاب لکيا پر،ڪيترا علمي،
ادبي ۽ تحقيقي ادارا قائم ڪيا. جن ۾
”انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي“،
”سچل
اڪيڊمي“
۽ ٻيا کوڙ سارا ادارا شامل آهن. پاڻ ڪيترن ئي ڏيهي
۽ پرڏيهي ادارن جا سربراهه ۽ ميمبر پڻ رهيا. راشدي
صاحب جيڪي به ڪتاب لکيا، اهي سنڌ جي تاريخ بابت
آهن. انهن ۾ سنڌي ادب، مقالات شعراء، تحفة الڪرام،
مڪلي نامو، مير محمد معصوم بکري، تذڪره امير خاني،
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، هُو ڏوٿي هُو ڏينهن، ۽ ٻيا
قابل ذڪر آهن. کيس سنڌ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب سان
بيپناهه محبت هئي. هو سنڌ جي تاريخ کي قومي رنگ ۾
پيش ڪرڻ وارو واحد تاريخدان هو. جنهن سبب کيس سنڌ
جو
”قومي
تاريخدان“
قرار ڏنو ويو. پير صاحب جا سنڌ، ايران، افغانستان،
عراق، انگلينڊ، جرمني، ترڪي، آمريڪا ۽ هندستان جي
نامور عالمن سان دوستاڻا ۽ علمي تعلقات هئا. ملڪ
جي نامور عالمن سان پڻ خوشگوار لاڳاپا رهيا. جن ۾
علامه غلام مصطفى قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر غلام علي
الانا، شيخ اياز، ڊاڪٽر اياز قادري، ايم. ايڇ.
پنهور، غلام رباني آگرو، غلام محمد لاکو، جميل
الدين عالي، حڪيم محمد سعيد، جميل جالبي، ڊاڪٽر
ائنميري شمل ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. پير صاحب کي علم ۽
ڪتابن سان وڏو چاهه هو. وٽس عاليشان لائبريري پڻ
هئي، جنهن ۾ چاليهه هزار کان وڌيڪ ڪتاب موجود هئا.
سڄي زندگي علم ادب جي خدمت ڪندي گذاريائين. پهرين
اپريل
1982ع
تي
71
سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار مڪلي
قبرستان ضلعي ٺٽي ۾ آهي.
آخوند نور احمد ڏهوٽ
ڦلجي اسٽيشن/دادو
حيدرآباد جي تاريخي بيڪري
پيارا ٻارؤ! هونءَ ته سنڌ ۾ هزارين بيڪريون آهن،
پر مان اڄ حيدرآباد جي قديم ۽ تاريخي بيڪريءَ جو
ذڪر ڪندس جنهن جو نالو
”بمبئي
بيڪري“
آهي. جنهن جي سوغات مُلڪان مُلڪ مشهور آهي.
حيدرآباد جنهن جو پراڻو نالو
’نيرون
ڪوٽ‘
آهي، هن شهرکي ڪلهوڙن گاديءَ جو هنڌ بڻايو،
حيدرآبد سنڌ جي دل، ٻيو نمبروڏو شهر ۽ هوائن جو
شهر طور مشهور آهي. هتي جي آبهوا بهترين آهي، جتي
ڪيترائي ادارا، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن. هي سنڌو
نديءَ جي کاٻي ڪپر تي آهي، جتي منهنجو (راقم) جو
ننڍپڻ به گذريو آهي. هي بيڪري صدر جي علائقي پراڻي
چاندني سينما جي ڀرسان آهي.
’بمبئي
بيڪري‘
هندو خاندان جي ملڪيت آهي. جنهن جو بنياد سال
1911ع
۾ ڪمار صاحب يا
’پھلاج
راءِ‘
110
سال اڳ رکيو هو! جنهن جي چوٿين پيڙهي بيڪري هلائي
رهي آهي. ٻُڌڻ ۾ آيو ته ڪمار صاحب کي اولاد ڪو نه
هو پوءِ ڪو ٻار هنج ورتائين يعني پاليائين. هن
بنگلي جي هڪ پاسي رهائش ۽ ٻئي پاسي بيڪري جو سيٽ
اپ ڪيو. ڪمار صاحب جي جهان ڇڏڻ کان پوءِ
شري ڪشنچند،
پوءِ شري ڪمار ۽ هن وقت شري سونو بيڪري هلائي رهيو
آهي. هتي صبح شام قطارون ختم نٿيون ٿين، ڪيڪ ۽
بسڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽي وقت مقرر ٿيل آهن، جن ۾
صبح
9
وڳي، منجهند
1
وڳي ۽ شام
6
وڳي جو ٽائم مقرر آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسٽاڪ ختم ٿي
ويندو آهي ته بيڪري بند ڪندا ۽ معذرت ڪندا آهن.
هنن وٽ مختلف ذائقا جن ۾
’ڪافي
ڪيڪ‘،
’چاڪليٽ‘،
’ميڪرون‘
۽
’فروٽ
ڪيڪ‘
انتهائي مذيدار هوندا آهن جيڪي بهترين ۽ منفرد
ذائقي جي ڪري پوري پاڪستان ٻاهرين ملڪن ۾ به مشهور
آهن، ڪيڪن جي ريسپي جي ڪنهن کي اڄ تائين خبر نه
آهي. ھن وقت بيڪري جو ڪار وھنوار محمد سلمان شيخ
ھلائي رھيو آهي. بنگلو رات جي وقت خوبصورت ۽ سهڻو
لڳندو آهي. جيڪو سدائين سينگاريل ۽ صاف نظر ايندو
آهي ۽ عجيب خوشبوءِ پڻ ايندي آهي. فرش تي ڪارپيٽ
وڇايل ۽ مهانگي ڪاٺ مان ٺاهيل شوڪيس ڀتن سان برابر
اهڙا ته خوبصورت لڳندا آهن، ڄڻ ڪنهن شوق ۽ محنت
سان ٺهرايا آهن. دروازن کان محرابن کي ڏسي لڳندو
آهي ڄڻ ڪا ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس هجي. هن بيڪريءَ جا
پنهنجا قائدا ۽ اصول به آهن، ته هو پنهنجي بيڪريءَ
جو ڪيڪ واپاري يعني دڪاندار کي نه ڏيندا آهن، پر
هر ماڻهو ٻه يا ٽي وٺي سگهي ٿو، هتي جي سوغات جي
بهترين ڪواليٽي ۽ مناسب قيمت هوندي آهي. ڪيڪ کائڻ
کان پوءِ ماڻهو تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي.
هتي پارڪنگ سسٽم پڻ آهي، گل، ٻوٽا ۽ ڊگها وڻ بنگلي
جي خوبصورتيءَ کي چار چنڊ لڳائي رهيا آهن. پيارا
ٻارو توهان جو جڏهن به حيدرآباد وڃڻ ٿئي ته هيءُ
بيڪري گُهمي ڏسو ۽ ڪيڪ ضرور کائو. هن بيڪريءَ جا
ڪيڪ ۽ بسڪيٽ ڏاڍا مزيدار آهن.
احمدعلي جمالي
بدين
ڄاڻ جو خزانو
سوال:
موئن جو دڙو ڪنهن ڳولي لڌو هو؟
جواب:
موئن جو دڙو هڪ انگريز سرجان مارشل ڳولي لڌو هو.
سوال:
موئن جي دڙي جي کوٽائي ڪڏهن ٿي؟
جواب:
موئن جي دڙي جي کوٽائي
1922ع
۾ ٿي.
سوال:
سنڌوندي کي انگريزيءَ ۾ ڇا چوندا آهن؟
جواب:
سنڌوندي کي انگريزيءَ ۾ انڊس رِوَر
Indus River
چوندا آهن.
سوال:
ائٽم گهڻن حصن تي مشتمل آهي؟
جواب:
ائٽم ٽن حصن تي مشتمل آهي. (اليڪٽران، پروٽان،
نيوٽران)
سوال:
اهڙي مئمل جو نالو ٻڌايو جيڪو اُڏامندو آهي؟
جواب:
چمڙو اُڏامندڙ مئمل آهي.
سوال:
سيوهڻ شريف جو پراڻو نالو ڇا هو؟
جواب:
سيوهڻ شريف جو پراڻو نالو سيوستان هو.
سوال:
ڪوهنور جو هيرو هينئر ڪٿي آهي؟
جواب:
ڪوهنور جو هيرو هينئر لنڊن جي ميوزيم ۾ رکيل آهي.
سوال:
سنڌ جون مشهور ڍنڍون ڪهڙيون آهن؟
جواب:
سنڌ جون مشهور ڍنڍون ڪينجهر ڍنڍ ۽ منڇر ڍنڍ آهن.
***
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
آرسي يا آئينو
پيارا ٻارؤ! اسين مرد توڙي عورتون سڪندر بادشاهه
جا ٿورائتا آهيون. جنهن آئينو ايجاد ڪري اسان کي
ڏِسڻو وائِسڻو بڻايو، نه ته جيڪر اڄ ڪلهه چهري جي
صفائي ڪندڙ اسان جهڙن ڪيترن ئي دوستن جا نڪ ۽ چپ
ڪٽيل نظر اچن ها. آئينو ايجاد نه ٿئي ها ته پنهنجي
شخصيت جو جائزو وٺڻ لاءِ وتون ها پاڻيءَ جا دُٻا
ڳوليندا. لُڙاٽيل دُٻن ۾ ته پنهنجي شخصيت جو قالب
ئي ڦِريل نظر اچي ها ۽ پنهنجي شڪل پاڻ کي ئي
ڊيڄاري ها.
ڪائو يا شيشو شفاف ٿيندو آهي. عام شيشي توڙي آتشي
شِيشي جي هڪڙي پاسي پاري جو تَهُه چاڙهبو ته آرسي
يا آئينو ٿي پوندو. عام آرسيءَ مان اسين پنهنجي نڪ
نقشي، رنگ روپ، بُت ۽ بيهڪ ۽ لباس جي ڍنگ ۽ ڊولَ
جو جائزو وٺي سِينو ٺوڪي چئي سگهون ٿا ته خدا اسان
کي ابتدا کان ئي اهڙو ٺاهوڪو بڻايو آهي.
عام آرسيءَ کان سواءِ سندس ٻيا به ڪي قسم آهن جن
کي اسين ڏسي نٿا سگهون. البته محسوس ضرور ڪَريون
ٿا. جهڙوڪ اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ فنڪارن وغيره
جا آئينا جڏهن انهن جي کوکِلِي کوپڙيءَ جي آئيني
تي عقل چاڙهيو وڃي تڏهن
”عقل
جو آئينو“
ٺهي پوي ٿو. اهڙيءَ طرح اک ۽ دل جا پڻ آئينا آهن.
عقل جو آئينو آهي ڪسوٽي يا پرکَ، اک جو آئينو
بصيرت ۽ عبرت ۽ دل جو آئينو حساس يا قدر آهي. آرسي
اولڙو ڪندي آهي ۽ هن اولڙي جو عڪس جنهن به شيءِ
مٿان پوي ٿو ان کي روشن ڪري ڇڏي ٿو.روشنيءَ سبب هر
ڪا شيءِ چٽي نظر اچي ٿي. اسين ان کي هر پهلو کان
چڱيءَ طرح سُڃاڻي سگهون ٿا ۽ سندس مُلهه ڪَٿي
سگهون ٿا. عقل جي آئيني ۾ جهاتي پائڻ سان انسان
ساڃهه، سوچ ۽ سمجهه کان سواءِ پاڻ جهڙي ٻئي انسان
جي پرک ۽ امتياز ڪري سگهي ٿو. عدل ۽ انصاف جو ڌاڪو
ڄمائي مظلومن جي حق رَسِي ۽ داد طَلبِي ڪري ٿو.
حيرت انگيز ايجادون ڪري ٿو ۽ انهيءَ کان سواءِ
اصلاحي طور مشين جو هڪ چُرندڙ پُرندڙ گاڏو بڻجي بي
حس ۽ حرڪت ڪندڙ انساني ڍانچي کي زندگيءَ جي سِڌي
پٽڙيءَ تي هلائي ٿو. اک جو آئينو فقط ڪائنات جي
شين کي نٿو ڏسي پر هن ۾ اها به خاصيت آهي ته هي هر
سامهون ايندڙ شيءِ کي دل ڏانهن اُڇل ڏئي ۽ ساڻس
مشورو ڪري ان شيءِ کي عبرت سان ڏسي ٿو يا کيس
پسند يا نا پسند ڪري ٿو. چوندا آهن ته،
”اک
دل جي دري آهي.“
دل جي آئيني بابت چئي چڪا هئاسين ته اهو شيءِ جي
اثر کي محسوس ڪري ٿو. ان بعد اهو اک ۽ عقل جي
آئينن ۾ اصلاح ڪري ٿو. انسان لاءِ هڪ نفس جو آئينو
پڻ آهي. هن آئيني جي اولڙي جي اوٽ ۾ انسان خود
غرض، متعصب، غير منصف مزاج، سرڪش ۽ عيار نظر اچي
ٿو! هي آئينو آتشي آئيني وانگر دوکو ڏئي انسان کي
پنهنجي وجود ۽ اصليت کان ڀُلائي کيس غاصب ۽ وحشِي
بڻائي ڇڏي ٿو! هڪ وري روح جو آئينو ٿيندو آهي.
جيڪو انسان کي
”پنهنجو
سڃاڻج پاڻ“
۽
”لوچ
ته لهين سپرين“
پارو پيغام پهچائي کيس حق ۽ انصاف جي راهه ڏيکاري
ٿو ۽ کيس الاهي احڪامات ۽ اخلاقي قدر سيکاري ٿو.
اهڙيءَ طرح
”ضمير
جو آئينو“
انسان کي خود شناس، خدا شناس، خوددار۽ باوقار
شخصيت جو حامل بڻائي ٿو.
پيارا ٻارؤ! آرسيءَ جي شيشي سان قريبي نسبت آهي،
آرسي شِيشي جي بدليل صورت آهي. هيءَ پڻ ڀڄي سگهي
ٿي، مگر جڏهن سندس پاري تي ڪا رهڙَ اچي ٿي يا
گرميءَ جي شدت سبب سندس پارو قسمت جي لڪيرن وانگر
جاميٽريءَ جون جدا جدا شڪليون ٺاهي ٿو. تڏهن هيءُ
يڪدم اهو اثر قبول ڪري ٿو. اهڙن حصن وٽان آرسي
شفاف ٿي وري شيشي واري صورت اختيار ڪري ٿي يا وري
ڌنڌلڪو ٿي بيڪار ٿي پوي ٿي. ساڳيءَ طرح انساني
جسم سان واسطيدار مٿي بيان ڪيل آئينا ڀڄي يا ٽُٽِي
ته نٿا پون البته بگڙي ضرور سگهن ٿا. عقل جي آئيني
جي گاٺ سبب انسان عبرت واري نگاهه کڻڻ بدران
امتيازي ۽ اجنبيت وارو خول ڍڪي ٿو. دل جي آئيني جي
گاٺ انسان کي زنده لاش بڻائي ٿي. البته نفس جي
آئيني ۾ ڪابه تبديلي نه ٿي اچي. ضمير جي آئيني ۾
گاٺ انسان کي چاپلوس ۽ ابن الوقت بڻائي ٿي. روح جي
آئيني جي گاٺ انسان جو ٻنهي جهانن ۾ خانو خراب ڪري
ٿي. انسان گمراهيءَ جي غار ۾ کوهه جي ڏيڏر وانگر
”ٽان
ٽان“
ڪري مٿو هڻي نيٺ مري وڃي ٿو.
پيارا ٻارؤ! تنهنڪري مرد توڙي عورت تي لازم آهي ته
اهي آرسي يا آئيني جهڙي امُلهه شيءِ جو قدر ڪن،
کيس سيني سان سانڍين، کيس ڪڏهن به ٽُٽڻ نه ڏين،
اهو ئي سهج ۽ سينگار جو واحد وسيلو آهي، هيءَ
جيڪڏهن هٿان ويو ته اسين ڪٿي جا به نه رهنداسين.
***
رحمت الله ڪلاس پنجون،
ڄام شورو
هڪ شاگرد جي ڪهاڻي
هڪ شهر ۾ شهزاد نالي سان هڪ ڇوڪرو رهندو هو. اهو
صبح جو سوير اسڪول ويندو هو ۽ پڙهائيءَ ۾ هوشيار
هوندو هو. هرڪو ان سان ڏاڍي محبت ڪندو هو. ان جي
اسڪول ۾ امتحان اچڻ وارا هئا. هو امتحانن ۾ دل سان
ڪوشش ڪندو هو. ان جا امتحان ختم ٿي ويا. ان کي ٻه
ٽي هفتن جي موڪل ملي، پوءِ ان جي رزلٽ آئي. هو
پنهنجي رزلٽ وٺڻ ويو اسڪول ۾ اهو پهريون نمبر آيو.
اهو چوٿين ڪلاس ۾ پاس ٿي پوءِ پنجين ڪلاس ۾ آيو.
ان جا ماءُ پيءُ ان سان ڏاڍي محبت ڪندا هئا. ان کي
پنهنجي پيءُ موبائل وٺي ڏني. پوءِ اهو رڳو موبائل
هلائيندو هو، پڙهائي گهٽ ڪندو هو. ان جا پنجين
ڪلاس ۾ ڪچا امتحان اچڻ وارا هئا هو امتحانن ۾
پهرين وانگر محنت نه ڪندو هو. موبائل هئڻ جي ڪري
رڳو موبائل هلائيندو هو اهو چوٿين ڪلاس ۾ پهريون
نمبر آيو ۽ پنجين ڪلاس ۾ اٺون نمبر آيو.
نوٽ: هن ڪهاڻيءَ مان معلوم ٿيو ته اسان کي پڙهائي
۾ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ننڍي عُمر ۾ موبائل نه هلائڻ
گهرجي. ڇو ته موبائيل جي ڪري پڙهائي تي اثر پوندو
آهي.
سويرا ڪلاس پنجون،
ڄام شورو
عائشه
هڪ غريب ڇوڪريءَ هئي، جنهن جو نالو عائشه هو. هن
جو پيءُ مزدور هو، هن کي پڙهڻ جو گهڻو شوق هوندو
هو. پر هن جي پيءُ جي ڪمائيءَ سان صرف گهر جو خرچو
هلندو هو. ان ڪري هن کي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهڻو پيو
هو. هو چاهيندي هئي ته هوءَ هڪ سُٺي اسڪول ۾ پڙهي.
سرڪاري اسڪول ۾ هئڻ جي باوجود به هن جي پڙهائي
ايتري ته پڪي هئي، جو وڏا وڏا پڙهائيءَ جا مقابلا
جيتيندي هئي. جڏهن هوءَ پنجين ڪلاس ۾ هئي ته هن جي
اسڪول ۾ هڪ مقابلو ٿيو جنهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هن کي
ٽي سؤ رپين جي ضرورت هئي پر هن وٽ پئسا ڪونه هئا.
هوءَ روئڻ لڳي اتي هڪ ٽيچر آئي ان پڇيو ته تون ڇو
روئي رهي آهين؟ عائشه ٽيچر کي سڀ ڪجهه ٻڌايو ۽
ٽيچر کيس چيو ته تون روءُ نه، اڄ کان پوءِ توکي
جنهن به شيءِ جي ضرورت هجي، مان توکي ڏيندس، پر
توکي دل لڳائي پڙهڻو پوندو. پوءِ هن ڏينهن رات
پڙهائي ڪئي. آخرڪار هن محنت ڪري پنهنجو مقصد حاصل
ڪيو ۽ اها عائشه اڄ ڊاڪٽر آهي.
فقير شان سيوهاڻي/سيوهڻ
موبائيل فون
ننڍپڻ ۾ جڏهن ڳوٺ ۾ هئس ته اسڪول جي موڪل کان پوءِ
ماني کائي ڪجهه آرام ڪري شام جو راند کيڏندا
هئاسين. جن ۾ ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، والي بال،
اِٽي ڏڪر وغيره. ڪڏهن ڪڏهن ڪپڙن سٽڻ واري سونٽي
بيٽ جي جڳهه تي اسٽيمپ جي جاءِ تي ڦڏيون سڌيون
ڪاٺيون هڻي ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين. انهن راندين ۾
ورزش به ٿيندي هئي، ڀَڄَ ڊُڪ جي ڪري جسم مان پگهر
به ايندو هو ۽ صحت به سُٺي رهندي هئي. رات جو
سوير ئي گهر ۾ ويهي اسڪول جو هوم ورڪ ڪندا هئاسين
۽ صبح جو اسڪول ۾ وڃي اها ڪوشش هوندي هئي ته استاد
جي چوڻ تي فخر سان چئي سگهجي، ته
”ها
سائين هوم ورڪ ڪري آيو آهيان.“
ريڊيو شوق سان ٻُڌندا هئس. پنهنجيون مقامي
اسٽيشنون حيدرآباد، ڪراچيءَ تي سُٺا معلوماتي
پروگرام گيت، گانا ۽ ٻارڙن جا پروگرام ٻُڌي
معلومات ۾ اضافو ٿيندو هو. اوچتو ٽيليوزن آئي، هئي
ته سٺي ڳالهه پر سڄي توجهه ٽي وي تي هلي وئي . ان
کان پوءِ ڊش آئي ماڻهو ڊش وارو کارو لڳائي غير
ملڪي فلمون ڏسڻ لڳا، سڄو ڏينهن ڊش ڏانهن توجهه
هوندي هئي. وري
’موبائيل
فون‘
آئي ۽ ماڻهو اسٽائيل سان موبائيل ڪن تي رکي
ڳالهائڻ لڳا. موبائل وارو ڳالهائڻ مهل اهڙُ تاثر
ڏئي ڳالهائيندو هو، ڄڻ ته اهو وڏو شاهوڪار آهي ۽
ٻيا سڀ سُڃا آهن. آهستي آهستي موبائل فون تي
تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون، سڄو سسٽم موبائل تي
اچي ويو، پوءِ ڇو نه فلمون هجن ڊراما هجن معلومات
هجي ۽ ميڊيا وغيره. پر اچانڪ اهڙيون رانديون اچي
ويون جن نئين نسل جي ٻارن ۽ نوجوانن کي
’ذهني
معذور‘
ڪري ڇڏيو آهي سڄو ڏينهن ۽ رات جو دير تائين موبائل
فون ۾ اکيون کُتل. عجيب رانديون کيڏي نئين نسل
پنهنجو ذهن خراب ڪري ۽
’اکين
جو نور چَٽُ‘
ڪري ڇڏيو نه تعليم جي ڳڻتي نه ڪنهن روزي يا
ڪاروبار جي ڳڻتي. موبائل فون ۾ وجهرائي خوامخواهه
کپايا ويا حاصل ڪجهه به نه. ڪڏهن ڪڏهن غريب والدين
سان ضدُ ڪري پئسا ورتا ويا ۽ بيلينس وجهرايو ويو.
آخر موبائل تي فضول رانديون کيڏي پئسي جو ذيان ڪري
۽ صحت کي خراب ڪري ڇا ٿو ملي؟ تعليم جي ڳڻتي وئي،
اخلاق بگڙجي ويو ۽ صحت به وئي.
مون واري دوست پنهل جو پُٽ ته اکين کان به انڌو ٿي
ويو. ان ڪري جو رات ڏينهن موبائيل فون ۾ اکيون
گهڻي علاج ۽ گهڻي پئسي خرچ ڪرڻ کان پوءِ مس وڃي
اکيون ڪجهه ٺيڪ ٿيون. تنهن هوندي به هڪ ٿلهو چشمو
اکين تي پائي ٿو ۽ انڌن وانگر گهڻي توجهه کان پوءِ
ڪا شيءَ سُڃاڻي ٿو.
”ڳالهه
آهي سمجهه جي.“ |