پروانو سيوهاڻي (قسط:
پهرين)
ننڍپڻ جا اڻ وسرندڙ منظر
ها... ذهن جي اسڪرين تي هڪ ننڍپڻ جو خاڪو ياد آيو
اٿم.آهي ته ننڍپڻ جو پر اڄ به ڄڻ تازو واقعو آهي.
آءٌ اڃان تائين ان خاڪي تي کلندو آهيان، پر اوهان
به زور سان کلندا جي اهو خاڪو پڙهندا... پر آءٌ
اوهان کي اهو خاڪو نه ٻڌائيندس، جو اوهان منهنجي
چريائپ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيو ۽ مون کي چريو سمجهي
مون تي کلو...! ها اوهان کي کلڻ گهرجي.کل ته
زندگيءَ جو حسين منظر آهي.مون کي
ننڍپڻ جا اُهي
عڪس ۽ منظر هڪ چترڪار جي جوڙيل چتر جيان
منهنجي ڪمري جي ديوار تي ٽنگل هڪ تمام خوبصورت
(پورٽريٽ) جيان لڳل آهن جن کي ڏسندي ڏسندي مون کي
ٻالڪپڻ جون تمام ڳالهيون ياد اچي وينديون آهن ۽
آءٌ ڪجهه دير لاءِ ماضيءَ جي تصوراتي منظرن ۾ گم
ٿي ويندو آهيان. ۽ پوءِ جڏهن تصور جا ريشمي پڙدا
ڦاڙي چيري ٻاهر نڪري ايندو آهيان ته اکين مان لڙڪ
چپن تي مُرڪ تري ايندي اٿم.
پهريون اڻ وسرندڙ منظر:
منهنجو ننڍپڻ جو پيارو دوست (۽منهنجا
(محبوب) ربڏنو عرف ربو جيڪو هاڻ ڪراچي ۾ انجنيئر
آهي. اهو ۽ آءٌ رات جو گهر ڏي وڃي رهيا هئاسين ته
رستي ۾ اسان ٻنهي جو دوست مليو، جنهن اسان کي
پلاءُ جو تباکڙو ڀري ڏنو ۽ چوڻ لڳو
”وڃي
ٻئي گهر کائو.“
اسان ٻئي (دوست) اهو پلاءُ جو تباکڙو کڻي گهر
آياسون. نالو هيس پلاءُ پر هو ڄڻ رکو ڀت، اسان
پلاءُ کي کائڻ لڳاسون اوچتو پلاءُ مان هڪ ٻوٽي
نڪري آئي، اسان ٻنهين جون نظرون وڃي ٻوٽيءَ تي
پيون، ربڏنو چوي ته اها ٻوٽي منهنجي پيٽ ۾ وڃي،
آءٌ چوان ته اها ٻوٽي منهنجي پيٽ ۾ وڃي. ٻوٽي هڪڙي
اميدوار ٻه. نيٺ مون ٻوٽي ۾ هٿ وڌو، بس پوءِ هو
ٻوٽي پاڻ ڏانهن ڇڪي آءٌ پاڻ ڏانهن ڇڪيان مزاق مزاق
۾ هڪ خسيس ٻوٽيءَ تان وڙهي پياسين اهڙو ته
وڙهياسون جو گهر جا سمورا ڀاتي اسان کي ڇڏائڻ لاءِ
ڊوڙندا آيا، پر مجال جو اسين هڪ ٻئي مان هٿ ڪڍون.
هڪڙي ٻوٽيءَ کڻي سڄو گهر ٿرٿلي ۾ وڌو هو. جڏهن
وڙهي وڙهي ساڻا ٿي کٽ تي ڪري پياسون، ٿوري دير کان
پوءِ مون ڏانهن نهاري وڏا وڏا ٽهڪ پيو ڏئي آءٌ هن
ڏانهن نهاري وڏا وڏا ٽهڪ پيو ڏيان ۽ پوءِ وري کائڻ
شروع ڪيوسون. پوءِ مون سوچيم
ته اهو ڪم
شيطان جو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن رکي ڀت ۾
ٻوٽي اڇلائي اسان ٻنهي دوستن کي پاڻ ۾ وڙهايو.
ٻيو دلچسپ منظر:
آءٌ ننڍي هوندي ناناڻي ويو هيس. منهنجو نانو هيڪلو
پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، دراصل منهنجي نانَي کي
نانِي ڇڏي خداکي پياري ٿي وئي هئي. ان ڪري نانو
پاڻ واڍڪو ڪم به ڪندو هو ۽ گهر جو به رڌو پڪو پاڻ
ئي ڪندو هو.آءٌ اڪثر ڪري اسڪول کان ڀڄندو هيس ته
وڃي ناني وٽ لڪندو هيس. نانو سيتا ۾ رهندو هو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ناني جي پاڙي وارن ڇوڪرن
سان گڏجي گاهه ڪرڻ ويس. اهي ڇوڪرا منهنجا دوست
هئا، جن سان آءٌ رانديون به کيڏندو هيس.دوستن مون
کي چيو
”منظور
گڏهه تي چڙهندين؟“
آءٌ پنهنجي سڄي عمر ۾ گڏهه تي نه چڙهيو هئس، سو
دوستن کي مون چيو ته
”يار
آءٌ گڏهه تي ڪونه چڙهندس“
نيٺ دوستن وري مون کي چيو
”يار
گڏهه تي چڙهي ڏس ڏاڍو مزو ايندئي“
آءٌ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس ته گڏهه تي سواري ٿو ڪيان.
مون کي ڪنهن ٻڌايو هو ته گڏهه تي سواري ڪرڻ گهرجي
سو مان به گڏهه تي چڙهان يارن کي چيم
”يارو
جيڪا اوهان جي مرضي آءٌ گڏهه تي چڙهان ٿو، پر يار
خيال ڪجو ڪٿي مون کي گڏهه ڪيرائي نه، آءٌ گڏهه تي
ڪڏهن به ڪونه چڙهيو آهيان.“
”اڙي
ڊڄڻا! گڏهه چريو ٿيو آهي جو
توکي
ڪيرائيندو“
هڪ دوست ٽوڪ
منجهان چيو.
آءٌ به خدا تي آسرو رکي گڏهه تي لانگ ورائي ويٺس،
گڏهه آهستي آهستي هلڻ لڳو. مان گڏهه تي پهريون
ڀيرو سواري ڪري رهيو هيس ان ڪري مون کي تمام گهڻو
مزو اچي رهيو هو، پر حد کان وڌيڪ خوف به هو ته
متان گڏهه تان ڪِري نه پوان ۽ پوءِ ٿيو به ائين
گڏهه کي مذاق
مان الائي ڪنهن لڪڻ وهائي ڪڍيو ۽ بس پوءِ
ته گڏهه وٺي ڀڄڻ لڳو. مان به وٺي دانهون ڪوڪون ڪرڻ
لڳس تيئن گڏهه وٺي تيز ڀڄي. آءٌ پنهنجو پاڻ کي
سنڀالي نه سگهيس ۽ وڃي آٿرن سوڌو زور سان پٽ تي
ڪريس. آٿرن ۾ گاهه ڪرڻ جو ڏاٽو پيل هو سو وڃي
منهنجي ڪک جي پاسي ۾ لڳو سڄو ڪُکَ جو پاسو ئي وڍجي
ويو. هيڏو سارو گهاءُ ٿي پيو، قميص ۽ سلوار سڄي
ڳاڙهي ٿي ويئي. ڪجهه دير ته آءٌ به بيهوش پيو هيس
جڏهن هوش ۾ آيس ته اکيون ڦيرائي ڏٺم ته منهنجي
مٿان مايون ۽ ٻار بيٺل ڏٺم. مون اکيون مٿي ڪري
ڏٺو، مون کي ڇت جون پٽيون نظر آيون سوچيم ته آءٌ
ڪٿي آيو آهيان. پوءِ مون کي خبر پئي ته آءٌ مامي
پيرل پرديسيءَ جي گهر آهيان....پيرل پرديسي پنهنجي
دؤر جو وڏو شاعر هو.
منهنجو هيڻو حال ڏسي مون وارن دوستن جي مائٽن کي
اچي سر سان
لڳي.مائين کي اچي خوف ٿيو ته ڪاڪو فيضل (نانو) نه
ڪاوڙجي پوي، نانو ڏاڍو خار باز هوندو هو، شل نه
ڪنهن تي مڇرجي، پوءِ ان جو خير نه هوندو هو. واڻين
جي وقت کان سيتا ۾ رهندو هو.
مون پنهنجي ڪپڙن ڏانهن نهاري ڏٺو سڄا رت ۾ ڳاڙها
هئا. آءٌ گهر موٽي آيس، پر منهنجو منهن لٿل هو،
ناني مون کي چيو
”ڇا
ڳالهه آهي اڄ تون خاموش آهين.“
مون ناني کي ڪو به جواب ڪونه ڏنو، وڃي اندر ڪمري ۾
سُمهِي پيس، نانو مون
وٽ ڪيترا ڀيرا
آيو ويو، هر دفعي پي پڇيائين،”ڇوڪرا
ڇا ٿيو اٿئي؟“۽
مون جواب ۾ چيومانس پي
”نانا
آءٌ ٺيڪ
آهيان.“مون
کي ناني جي موچڙن جو خوف هو، ان ڪري سچي ڳالهه نه
پيو ٻڌايانس. سور به ڏاڍو پي ٿيم، پر ناني جي
موچڙن جي ڀؤ کان ٻڻڪ به ٻاهر ڪونه ٿي ڪڍيم بس دل
جو سور دل ۾ پي سانڍيم آءٌ دل ئي دل ۾ انهن ڇوڪرن
کي گاريون ڏيڻ لڳس جن مون کي گڏهه تي زوريءَ
ويهاريو هو، منهنجي ته گڏهه تي چڙهڻ جي ڪابه مرضي
ڪانه هئي پر دوستن زوريءَ مون کي گڏهه تي وهاريو
هو. بس منهنجي قسمت ۾ ڌڪ لڳڻو هو سو لڳو، مون ناني
ڏانهن نهاري ڏٺو هو منهنجي ڪري تمام گهڻو پريشان
هو، ناني هڪ ڀيرو وري مون ڏانهن نهاري چيو
”ڇوڪرا
تو جهڙو (شيطان) ماٺ ڪري ويهي رهي اهو ڪهڙي ڪتاب ۾
لکيل آهي.“
آئون سور وچان ناني کي جواب ڏئي نه سگهيس ۽ ماٺ
ڪري چادر وجهي سُمِهي رهيس. ناني کي ڪنهن پاڙي جي
ماڻهوءَ ٻڌايو ته (فيضل تنهنجو ڏهٽو گڏهه تان ڪري
پيو آهي ۽ پيٽ ۾ ڏاڍو ڌڪ لڳو اٿس). بس پوءِ ته
نانو مڇرجي پيو ۽ وڃي جيهڙو ڪري آيو جن مون کي
گڏهه تي چاڙهيو هو،۽ صبح جو مون کي به ڳوٺ جي ٽڪيٽ
وٺرايائين ۽ مون به اچي ڳوٺ ٺڪاءُ ڏنو. ان ڏينهن
کان پوءِ مون گڏهه تي چڙهڻ کان توبهه ڪري ڇڏي.
ٽيون دلچسپ منظر:
آئون ننڍي هوندي کان وٺي ڊڄڻو آهيان اڃان تائين به
اجايا سجايا پيو ڇرڪ ڀريندو آهيان، گهر ۾ ڪنهن جي
هٿ مان گلاس فرش تي ڪري پوندو آهي ته مون کان
اوچتو ڇرڪ نڪري ويندو آهي. ڪنهن ٻار پستول جو
ٺڪاءُ ڪيو مون کان ڇرڪ نڪري ويندو آهي. بس پوءِ ته
دل تمام تيز ڌڙڪڻ لڳندي آهي جيئن ڪُتر جي مشين
هلندي آهي.
مزي جي ڳالهه آهي ته اسان جي شهر ۾ اوچتو ماڻهن ۾
هراس پکڙجي ويو جڏهن ماڻهن کي خبر پئي ته هڪ
خطرناڪ بلا پيدا ٿي آهي، جيڪا ماڻهن کي کنيو ٿي
وڃي. هر روز بلا جي متعلق نيون نيون خبرون ٻڌندا
هئاسين، آءٌ ته اڃان سج بيٺو هوندو هو ته گهر ۾
لڪي ويهندو هئس.
هڪ ڏينهن مون کي شهر ۾ دير ٿي ويئي رات ٿي وئي،آءٌ
شهر ۾ هئس يارن دوستن جي ڪچهريءَ ۾ مون کان ته بلا
جو خيال به دل مان نڪري ويو هو، اوچتو بجلي هلي
ويئي۽ پوءِ مون کي بلا جي يادگيري اچي وئي مون
دوستن کي گهڻيون ئي منٿون ڪيون ته مون کي منهنجي
گهر ڇڏي اچو پر سڀني اهو جواب ڏئي ڇڏيو ته
”نه
بابا ايڏانهن ڪير هلندو بلا کان پنهنجو پاڻ
کارائڻو آهي ڇا.“
آخر مجبور ٿي مون کي گهر ڏانهن اڪيلو ئي وڃڻو پيو،
پوءِ ته بلا جي خوف کان
رکيم کُڙين تي
زور. اڳيان پٺيان هر هر نهاريندو پيو وڃان،
رستي ۾ ٻه ٽي ڀينڊ به هٿ ۾ کنيم
۽ قرآن شريف
جون ننڍڙيون آيتون به پڙهندو پي ويس. دل ۽ دماغ تي
خوف ۽ هراس جو راڄ پکڙيل هو، ذهن ۾ بس بلا
جو ئي تصو ر هو، منهنجي خدا کان اها ئي دعا هئي ته
آءٌ خير سان وڃي (ڳوٺ) گهر پهچان، ڪٿي بلا مون کي
ڳڙڪائي نه وڃي.
بس آءٌ انهن ئي سوچن ۾ هئس ته اوچتو منهنجي چيلهه
۾ هڪ طاقت واري مرد هٿ وجهي ڦيرائي کڻي مون کي
ڪلهي تي رکيو ۽ (چرٻٽ جي قلعي) ڏانهن ڊوڙڻ لڳو! بس
مون کي پڪ ٿي وئي ته اها بلا آهي جيڪا مون کي کنيو
ٿي وڃي. بس منهنجو اڄ خير ڪونهي..... آءٌ پنهنجي
جان ڇڏائڻ لاءِ زور سان واڪا ۽ رڙيون ڪرڻ لڳس
”بلا
ڙي ... بلا...مون کي بچايو.... کنيو پئي وڃي.“
پر مجال آهي جو مون کي پٺيءَ تان لاهي، منهنجي
دانهن ۽ ڪوڪن تي پاڙي وارا ڏنڊا ۽ لٺيون کڻي گهرن
مان ٻاهر نڪري آيا، ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳا
”پهتا
آهيون.... پهتا آهيون“
بس پوءِ ته بلا ماڻهن کي هٿ ۾ ڏنڊا ۽ لٺيون ڏسي
مون کي (هلندڙ)
ڊاڪٽر
رشيده ڀٽي (ڄام شورو)
نه وسرندڙ واقعن جو داستان
يادداشتن منجهان قلم بند ڪرڻ دوران ڪجهه ذڪر اهڙين
هستين سان ملاقاتون جن سان مِلڻ ۽ ڳالهائڻ يا وري
جي اُهي هستيون فنون لطيفه سان وابسته ته منهنجي
لاءِ باعثِ فخر ثابت ٿيون. اڄ جنهن هستيءَ جو ذڪر
مان هتي ڪري رهي آهيان سا پڻ فنون لطيفه سان
وابسته هڪ ساده ۽ ٻاجهاري شخصيت جنهن جو نالو آهي
”بيگم
فقيرياڻي“.
سندس اصل نالو ته بيگم يا بيگان ،بيگي هيو، پر
جيئن ته پاڻ ننڍڙي هوندي کان راڳ ويراڳ ۽ صوفي منش
لاڙو رکندڙ بيحد نماڻي ۽ سادگي پسند خاتون هُئي،
ان ڪري کيس بيگم فقيرياڻي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي
ٿو. سندس ڄمڻ جو هنڌ، پنو عاقل ضلعي سکر جي هڪ
ننڍي واهڻ / ڳوٺ جي ڳوٺاڻي هُئي. سندس وڏا درياءَ
منجهه ٻيڙين تي
گذران ڪندڙ ميربحر هُيا. راڳ ۾ دلچسپي
پنهنجي والد طرفان وراثت ۾ مِليس. جنهن دور ۾ بيگم
فقيرياڻي اڃان الاپ سکي، الو ميان چوڻ شروع ڪيو ته
اُنهن ڏينهن ۾
سِنڌ اندر ٻيا به ڪيترائي ڳائيندڙ موجود هُيا،
جيڪي بيحد مقبـول
و معروف هُيا. پر تڏهن به ٻهراڙين جي ماڻهن ۾
مقبوليت مائي بيگيءَ جي هوندي هُئي. کيس اتر سِنڌ
طرف بيگم فقيرياڻي
کي
”ڪوئل“
جو لقب ڏنو ويو هُيو. سندس آواز جي
”الوميان“
واري گونج سڄي سِنڌ ۾ تڪڙي ڦهلجڻ لڳي. فقيري جي
طريقي ۽ سلسلي جي لحاظ کان مائي بيگم
”چڪ
ڀرڪڻ“،
جي بزرگ فقير
”فيض
درياهه“
جي گادي نشين سائين ولايت شاهه جي مريدياڻي هُئي.
دلي طور تي سندس لڳاءُ ۽ روحاني رشتو شاهه لطيف رح
سان جُڙيل هُيو. سندس ڀٽ شاهه تي اچڻ وڃڻ معمول
جو حصو هُيو. کيس موسيقيءَ جي سٺي ڄاڻ حاصل هُئي،
ڇو ته سندس والد هارون پڻ ڳائڻ وڄائڻ ۾ خاص مهارت
رکندو هُيو. مون کيس ننڍڙي هوندي روهڙيءَ شريف ۾
ڳائيندي ٻڌو ۽ شادين مرادين جي ميڙاڪن ۾ راڳ ويراڳ
به پنهنجي خاص
”الوميان“
چوڻ مهل هو ۽ هٿ پنهنجي ڪن تي رکي بُلند آواز ۾
سُر لڳائيندي هُئي، تنهن تي هڪ خاص مهارت رکندڙ
خاتون هُئي. نه صرف صوفياڻه ڪلام پر خوشين جي
موقعي تي، شادين وغيره ۾ خاص طور تي لاڏا، سِهرا ۽
دُعائيه راڳ ٻڌائڻ جي ماهر هُئي.
جيئن بيگم فقيرياڻي اوليائن، بزرگن، پيرن فقيرن جي
درگاهن تي چونڪي ڏيندڙ خاتون هُئي پر پوءِ به
خوشين جي موقعي تي عام رواجي طور گهرن ۾ دعوت ڏئي
کيس گهرايو ويندو هُيو.جيئن ته سندس جنم ته هڪ
ننڍڙي واهڻ اندر
1915ع
۾ ٿيو هُيو پر پوءِ به سندس خاندان لڏي اچي روهڙي
شريف ۾ قيام پذير ٿيو. روهڙي شريف جي فنڪار گهراڻي
سان تعلق رکندڙ
”مائي
بيگم فقيرياڻي“
کي ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي يا لطيف جي فقيرياڻي سڏيو
ويندو آهي.اڪثر اوقات ڀٽ شاهه تي سندس رهائش هوندي
هئي. انهي محبت ۽ انسيت ۾ سندس ڳايل فاطمه
موچياڻيءَ جي هيءَ ڪافي ڪمال جي ڳايل آهي، جنهن جا
ٻول آهن،
”محبت
وڌي آهيان؟ نه ته ڪير ڪشالا ڪري“.
سندس فني ورثو، نامياري شاعر ۽ استاد فنڪار پٽ
درگاهي ميراڻي کان منتقل ٿيندو اڄ سندس پوٽي اختر
درگاهي تائين پهتل آهي جيڪو پڻ هڪ بهترين بااخلاق
سُريلو فنڪار آهي. منهنجي ساڻس ڪيترائي ڀيرا
ملاقات ٿيل آهي. اڄ
13
اپريل تي بيگم فقيرياڻي
1987ع
۾ هن فاني جهان مان
دار البقا ڏانهن رواني ٿي هُئي. سندس ورسيءَ جي
حوالي سان خبر پڙهي مونکي گذريل وقت يعني
65
ـ
1966ع
جو سال ياد اچي ويو. ان وقت مان ڪلاس اٺين ۾
گورنمينٽ هاءِ اسڪول روهڙيءَ ۾ پڙهندي هيم. مون
سان گڏ جيڪي ڪلاس فيلوز هُيون انهن منجهان هڪ نالي
”ف“
جنهن جو پڙهڻ سان بلڪل به چاهه نه هُيو ته مائٽن
روزانا جي دڙڪن ڏيڻ بجاءِ کيس گهر ۾ ويهاري ڇڏيو ۽
پوءِ ؟ ستت ئي شاديءَ جو انتظام ڪيائون. جيئن ته
اسان جي روهڙيءَ ۾ اسان جي برادري جي هُئي ۽ گهَرَ
به ويجها هُئا سو هڪ محلي ۾ اچڻ وڃڻ به هُيو ۽
شاديءَ جي دعوتن ۾ توڙي جو گهَرَ جون وڏيون خواتين
شرڪت ڪنديون هُيون پر پوءِ به مون بابا کي چئي ڪري
اجازت ورتي ته منهنجي دوست آهي. دعوت ڏيندڙ اهو به
ٻڌائي ويون هُيون ته شاديءَ ۾ بيگم فقيرياڻي به
شرڪت ڪندي. سو مان به اُتي امان جن سان گڏجي ويم.
تنهن زماني ۾ شاديون ۽ رسمون سڀ گهرن اندر موجود
پڌر / اڱڻ تي ٿينديون هُيون سڀ خواتين هيٺ گلم ۽
قالين وغيره وڇايل فرش تي ويهنديون هُيون. ڪرسين
جو رواج اڃان نه آيو هُيو. جنهن ڪري ماڻهن جي ويهڻ
جي گنجائش به وڌيڪ هوندي هُئي.جڏهن ڏاج ڏيوڻ
ڏيکارڻ ۽ ٻڪي پوڻ بعد ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو شروع
ٿيو ته سڀني بيچينيءَ سان بيگم فقيرياڻيءَ جو
انتظار ڪيو.خير سان ؟ هوءَ پهتي ۽ راڳ ۽ سِهرا
شروع ڪيا.
پهرين نظر ۾ مون جڏهن ان ڏانهن ڏٺو ته مون کي تمام
عجيب محسوس ٿيو، ڇو ته شاديءَ جو موقعو هُيو پر
بيگم پنهنجي چمڪندڙ ڪاري وڳي ۾ ملبوس سامهون بيٺل
نظر آئي ته ٿوڙي دير لاءِ مون کي جهڙوڪ ڊپ محسوس
ٿيو ڇو ته نه صرف ڪپڙا يعني لباس ڪارو پاتل پر
هَارَ سينگار جا سڀ سڳا ۽ ڌاڳا پڻ ڪارا پاتل هُئس.
ڳچيءَ ۾ ٻانهن، ۾ هٿن ۾ مُنڊيون به گهڻي ڀاڱي نيرن
۽ ڪارن مڻين واريون پاتل هُئس.سندس وار چوٽيءَ ۾
بند ٿيل، وچ تي سينڌ نِڪتل چُهچ ڪارا جهڙا سندس
ڪارا ڪپڙا. بس
”ڪاراڻ“
جو مظهر مائي بيگم فقيرياڻي، جنهن جا نقش مونکي
اڃان تائين ذهن نشين آهن. اکيون به ڪاريون ڪجل سان
ڀريل، ڇا ته سندس آلاپ ۽ سُر لڳائڻ جو منفرد
”انداز“،
من کي موهيندڙ، کليل چٽو صاف آلاپ جنهن دوران سندس
هٿ ڪَن تي رکڻ جو انداز، تمام بيحد سهڻو ۽ سُٺو
هُيو. ڪجهه راڳ کان پوءِ شادي جا سهرا شروع ڪيائين
۽ خواتين خوشيءَ منجهان گهورَ ڏيڻ لڳيون.
اڄ ايتري پراڻي دور جي اها تقريب منهنجي ذهن ۾
ائين نقش آهي، ڄڻ ته ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه هجي.
هونئن ته مونکي پنهنجو گذاريل وقت تمام پيارو
لڳندو آهي، جنهن ۾ بهترين ماڻهو، بهترين ماحول، سڪ
۽ محبت، هڪ ٻئي جو خيال رکڻ، ڏک سُک ونڊڻ، آئي ويل
ڪم اچڻ غمي ۽ خوشي گڏجي گذراڻ وغيره جهڙا
بي مثال جذبا موجود هوندا هُيا.
بااخلاق، بيگم فقيرياڻيءَ جو بُلند، چٽو صاف آلاپ
اڄ به مونکي ياد آهي. سندس ڪاري لباس وارو روپ
ڪيترائي ڏينهن منهنجي ذهن ۾ محفوظ رهيو هُيو. وقت
جي دز ۾ لَٽجي ويل يادون، اڄ به دز هٽائڻ سان صاف
چِٽيون ئي نظر اينديون رهن ٿيون.
صبا
شاهه
عيد الاضحيٰ
عيد جو ڏينهن اسان سڀني مسلمانن لاءِ وڏي خوشيءَ
جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن تي ننڍا توڙي وڏا خوش
هوندا آهن پر قرباني واري عيد تي ماڻهو گهڻو خوش
نظر ايندا آهن. ڇوته قرباني واري عيد تي مسلمان
جانور خريد ڪندا آهن.جهڙوڪ: ٻڪريون، رڍون، ڍڳا،
اُٺ وغيره اُٺ جي قرباني گهڻو ڪري سعودي عرب ۾
ٿيندي آهي يا وري شاهوڪار ماڻهو ڪندا آهن قرباني
حلال جانور جي ڪئي ويندي آهي. قرباني اسان حضرت
ابراهيم عليه السلام جي پياري پٽ حضرت اسماعيل
عليه السلام جي ياد ۾ ڪندا آهيون.اهو انهيءَ لاءِ
ته هڪ ڏينهن حضرت ابراهيم عليه السلام کي
ربّ پاڪ
خواب ۾ حڪم ڪيو
ته پنهنجي سڀ کان پياري شيءِ رب
جي راهه ۾ قربان ڪر.
حضرت ابراهيم عليه السلام کي پنهنجي پٽ حضرت
اسماعيل عليه السلام سان بيحد محبت هئي. ان ڪري
حضرت ابراهيم عليه السلام کي پنهنجي پٽ کي قربان
ڪرڻ جو خيال آيو هو.
حضرت اسماعيل عليه السلام کي قربان ڪرڻ لاءِ منيٰ
جي ميدان ۾ وٺي آيو. اهو ڏينهن ذوالحج جو ڏينهن
هو. الله تعاليٰ کي پنهنجي پياري نبيءَ جي ڳالهه
ڏاڍي پسند آئي. جيئن ئي حضرت ابراهيم عليه السلام
پنهنجي پٽ کي ذبح ڪرڻ لڳو ته ان جي جاءِ تي الله
تعاليٰ هڪ دنبو موڪليو ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام
کي الله پاڪ جو حڪم ٿيو ته، ان کي قربان ڪر.
اهڙيءَ طرح اسان مسلمان خدا سائين جي پياري نبيءَ
جي عظيم قرباني کي ياد رکڻ لاءِ هر سال قرباني
واري عيد جنهن کي
”عيد
الاضحيٰ“
به چوندا آهن اها خوشيءَ سان ملهايون ٿا.صبح جو
عيد نماز پڙهڻ کان پوءِ جانورن جي قرباني شروع ڪئي
ويندي آهي. قرباني جو گوشت مِٽن مائٽن پاڙيسرين،
دوستن، غريب ۽ مسڪين ماڻهن ۾ ورهايو ويندو آهي.
نياز مسرور بدوي
ذميداري
احمد علي
شهر جي هڪ اسڪول ۾ پرائمري استاد هو. جيڪو سندس
گهر جي ڀرسان هو. احمد علي سادو سودو انسان هو ۽
ڪنهن به ڦند ڦير مان نه ڄاڻندو هو. جنهن سبب دوست
گهٽ، پر دشمن گهڻا پيدا ڪيا هئائين. نهايت جفاڪشي
۽ محنت سان ٻارن کي پڙهائيندو هو، پر منجهس هڪ
وڏي خامي اها هيس، جو بنا موڪل جي ٻار جو اسڪول
کان گسائڻ يا ڀڄي وڃڻ کيس ناپسند هو. ٻارن کي
اسڪول کان گسائڻ يا ڀڄڻ تي کين چڱي ڀلي سزا ڏيندو
هو. هن جي سخت
سزا ڏيڻ جي خلاف لچ لوفر ڇوڪرن جي واسطيدارن سندس
خلاف اسڪول جي استادن ۽ هيڊ ماستر کي ٻه،
ٽي دانهون ڏنيون. هن کيس گهڻو ئي سمجهايس ته
زمانو ٺيڪ نه آهي، اهو دؤر ختم ٿي ويو آهي. جنهن ۾
استاد کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.شاگرد کين
پيءَ جو درجو ڏيندا هئا ۽ سندس هر عمل جي پيروي
ڪندي، پاڻ کي سَرهو محسوس ڪندا هئا.
احمد علي انهن رولو ڇوڪرن جي پُٺڀرائي ڪرڻ تي
ناراضگيءَ جو اظهار ڪندو هو، پر ان جي باوجود سندن
ڳالهين
کي مانُ ڏيندي پنهنجي مزاج کي ڪافي ماٺيڻو به ڪيو
هئائين، پر ان ٿڌائپ جي باوجود به، هو پنهنجي اصول
سان سچو رهيو ۽ ٻارن کي هر ڀيري اڳواٽ موڪل وٺڻ يا
موڪل جو اطلاع ڏيڻ جي تاڪيد ڪندو رهندو هو. سُلڇڻا
ٻار سندس لفظن کي عزت ڏيندا هئا، پر ٻار ته
ٻارآهن،خطا پوءِ به ٿي ويندي هُيَنِ. هو کين ڪجهه
هٿ جي مار ۽ ڪجهه زبان جي مار ڏيندو هو.
احمد علي کي استادن جي رويي بيزار ڪري ڇڏيو هو.
اهي وقت، بي وقت مٿس چٿرون ڪندا رهندا هئا. امتحان
جا ڏينهن ويجها هئا، ان ڪري اسڪول مان بدلي به
ڪرائڻ نه ٿي چاهيائين. اهڙيءَ طرح ڏينهن گذرندا
رهيا ۽ نيٺ امتحان جو ڏينهن به اچي پهتو. شاگردن
سان سندس سٺي محنت ٿيل هئي جنهن ڪري هو بنا ڪنهن
ڌڙڪ جي پنهنجي محنت ۽ هوشيارپ جي ٻَلَ تي پاس ٿي
ويا. ڍلن سلن به هيڏانهن هوڏانهن واجهائي پاڻ
ملهايو.
امتحان ڏيارڻ کان پوءِ احمد علي حد جي بيٽ آفيس
کي عرض ڪيو ته
”سائين!
منهنجي هن آفيس ۾ بدلي ڪئي وڃي.“
”هيڊ
ماستر توکي ڇڏيندو؟“
بيٽ آفيسر چيو
”سائين،
اهو خوش ٿيندو.“
جواب ڏنائين.
حد جي بيٽ آفيسر سندس عرض اگهايو ۽ مهرباني ڪندي
بيٽ بدليءَ جو آرڊر کيس گهر پهچرايو.
احمد علي ٻئي ڏينهن اسڪول مان بيدخليءَ جو حڪم
نامو وٺي شهر جي ٻئي اسڪول ۾ داخل ٿيو. جيڪو سندس
گهر کان ڪجهه پرڀرو هو. ان اسڪول ۾ به امتحان ٿي
وڃڻ سبب، استادن کي شاگردن کان واندڪائي هئي ۽
استاد رزلٽ شيٽون تيار ڪري رهيا هئا. هن کي به هڪ
استاد عديل احمد پنهنجيون رزلٽ شيٽون تيار ڪري،
ڏيڻ لاءِ ڏنيون، جيڪي هن ساڳئي ئي ڏينهن تي کيس
مڪمل ڪري ڏنيون.
جيئن ئي نئون تعليمي سال شروع ٿيو ته احمد عليءَ
کان استاد عديل احمد پڇيو ته
”ڪهڙو
ڪلاس پڙهائيندين.“احمد
علي وراڻيو ته
”سائين!
اوهان کان پِرائڻ چاهيان ٿو.“
عديل احمد کي چوٿون ڪلاس ڏنو ويو، ڇو جو هو اڪثر
ڪري چوٿون ڪلاس پڙهائيندو هو ۽ احمد علي کي سندس
پارٽنر بنايو ويو. عديل احمد نهايت ئي سٺو استاد
هو. پڙهائڻ جو ۽ ٻارن تي ضابطو رکڻ جو کيس قدرتي
ڏانءُ مليل هو. پر خلوص، باوقار، بردبار،سنجيده ۽
معامله فهم شخصيت جو مالڪ هو. ڏکين معاملن کي
پنهنجي خداداد صلاحيتن سان آسانيءَ سان نبيري
وٺندو هو. هر ڪلاس ۾ هوشيار ٻار به هوندا آهن ته
وري ڪمزور به. شرارتي ٻار به هوندا آهن ته ڦڏائي
به. سٺا ٻار به هوندا آهن ته خراب به. اهڙن ئي
پڙهڻ ۾ ڪمزور، ڦڏائي ۽ خراب شاگردن مان عمران به
هڪ هو.
عمران جو پيءُ جاين جي خريد ۽ وڪري جي سلسلي ۾
ڪميشن ايجنٽ طور ڪم ڪندو هو ۽ ڪم جي گهڻائي سبب
گهڻو وقت گهر کان ٻاهر رهندو هو. ان ڪري مٿس اها
توجهه ڪانه ڏئي سگهيو، جيڪا هڪ پيءَ کي ڏيڻ گهربي
هئي. ان کان علاوه پاڻ به گهڻو پڙهيل ڪين هو، پر
دنيا داري جي حساب سان چڱو خاصو ڏاهو هو.
عمران جيئن ته لکڻ پڙهڻ ۾ جڏو هو، ان
ڪري اسڪول به
گهٽ ايندو هو ۽ جيڪڏهن اسڪول ايندو هو ته رسيس
ملندي ئي
”ڀڄڻ
ڪم وريام جو
“
تي عمل ڪندي پيرن تي زور ڏيندو هو.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته گهڻن ڏينهن کان پوءِ
عمران اسڪول آيو. ان ڏينهن سائين عديل موڪل تي هو.
عمران جي اکين تي هڪ بهترين عينڪ پاتل هئي. هٿ ۾
واچ / گهڙي ۽ کيسي ۾ ڪافي رپيا موجود هئا. احمد
عليءَ، کانئس اسڪول گسائڻ جو سبب پڇيو ۽ عينڪ ۽
واچ بابت به پڇا ڪئي، جنهن جي موٽ ۾ عمران ڪو
مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنو.
احمد علي جو هٿ لڪُڻ ڏانهن وڌيو ئي مس هو ته ايتري
۾ ڪلاس جو هڪ ٻار اٿي بيٺو ۽ چيائين ته:
”سائين!
عمران چورُ اَٿوَ.هيءَ جيڪا عينڪ ۽ واچ پاتي
اٿائين، اها چوريءَ جي اَٿو.“
احمد عليءَ، عمران ۽ عرفان کي پاڻ ڏانهن سڏيو ۽
عرفان کان پڇيائين ته
”عمران،
هيءَ عينڪ ۽ واچ ڪٿان چورائي آهي؟“
عرفان ٻڌايو ته
”سائين!
عمران بازار ۾ گهمندي هڪ ڪاڪي جي کيسي مان پئسا
ڪڍيا، جن مان هيءَ واچ ورتي اٿائين ۽ هيءَ جيڪا
عينڪ ڏسوس ٿا نه، اها بازار ۾ بيٺل عينڪن واري جي
کنئي اٿائين.“
”سائين!
عرفان ڪوڙ ٿو ڳالهائي، جيئن مون کي مار ملي ، هيءَ
عينڪ ۽ واچ مون کي بابا وٺي ڏني آهي.“
عمران جواب ڏنو.
”نه،
سائين، نه. مان سچ ٿو ڳالهايانوَ، هي چور اٿوَ.
مون هن کي پاڻ عينڪ چورائيندي ڏٺو آهي (۽ جهڙي
نموني چوري ڪئي هئائين، ان جي ايڪٽنگ ڪري ڏيکارڻ
لڳو، ۽ مون کي هن پاڻ ئي ڪاڪي جي کيسي مان پئسن
ڪڍڻ جي ڳالهه ٻڌائي آهي)“.
احمد عليءَ هٿ ۾ لڪڻُ کنيو ۽ عمران جي اکين تان
عينڪ ۽ ٻانهن جي ويڻيءَ مان واچ لاٿي ۽ کيس چوڻ
لڳو
”سچ
ٻڌاءِ هيءَ عينڪ ۽ واچ ڪٿان آندي اٿئي؟“.
”سائين!
مون کي بابا وٺي ڏني آهي.“
عمران وراڻيو.
”اڙي!
سچ ڳالهاءِ، نه ته سٽي ڇڏيندو سانءِ.“
احمد عليءَ، عمران کي چيو.
احمد عليءَ مٿس سخت دٻاءُ وڌو، پر عمران اصل سچي
نه ڪئي. ان وچ ۾ احمد علي کيس ٻه ٽي لڪڻ به وهائي
ڪڍيا، پر فيصلي تي پهچي نه سگهيو ته عمران سچ ٿو
ڳالهائي يا ڪوڙ. ان سچ ۽ ڪوڙ جي ٻه واٽي تي احمد
علي ڪجهه وقت بيٺو رهيو، پر هن اهو اندازو ضرور
لڳائي ورتو هو، ته عمران ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. هن
عمران کي ٻه، ٽي لڪڻ ٻيا به هنيا ته سچي ڪيائين ۽
چيائين ته:
”ها
سائين مون چوري ڪئي آهي.“
ان تي احمد عليءَ، عمران لاٿل عينڪ ۽ واچ ڪلاس جي
دريءَ ۾ رکي ۽ چيائينس ته
”وڃ
۽ وڃي پيءَ کي وٺي اچ.“
عمران پيءَ کي وٺڻ ويو ته موٽيو ئي ڪين.
ٻئي ڏينهن عمران جو پيءُ مولا بخش اسڪول آيو ۽
سائين عديل احمد کي دانهن ڏيندي چيائين ته
”ڪالهه
استاد منهنجي پٽ کان واچ ۽ عينڪ کسي آهي ۽ کيس مار
به ڏني اٿائين.“
سائين عديل احمد کيس چڱيءَ ريت سڃاڻيندو هو. هن
کيس هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ويهاريو ۽ احمد علي کي
ڪلاس مان سڏرايائين. احمد علي، کين سڄي پيرائتي
ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ ان ڇوڪري عرفان کي به ڪلاس مان
گهرايائين، جنهن عمران جي چوريءَ بابت کيس ڄاڻ ڏني
هئي.
عمران جو پيءُ مولا بخش، عديل احمد کي چوڻ لڳو ته
”ادا!
عمران کي عينڪ ۽ واچ مان وٺي ڏني آهي ۽ هي ڇوڪرو
ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ مار جي ڊپ کان عمران چيو آهي ته
مون چوري ڪئي آهي. منهنجو پٽ چور نه آهي. توهان
استاد کي هدايت ڪريو ته منهنجي ٻار کي هروڀرو مار
نه ڏي.“
سائين عديل احمد، مولابخش کي چيو ته
”ادا!
مولابخش! مون تنهنجي وڏن پٽن کي به پڙهايو آهي ۽
مون کي تنهنجي ٻارن جي افعالن جي پوريءَ طرح ڄاڻ
آهي. بيجا طرفداري ڪرڻ به غلط آهي. اها اسان سڀني
جي ذميداري آهي، ته اسين ٻارن جي درست نموني تربيت
ڪريون، کين سٺي ۽ خراب جي ڄاڻ ڏيون. بُرن ڪمن کان
روڪيون ۽ چڱاين ڏانهن مائل ڪريون.“
۽ پوءِ احمد
علي کان پڇيائين ته
”عينڪ
۽ واچ
ڪيڏانهن ڪئي اٿو؟“
احمد علي کيس ٻڌايو ته
”عينڪ
۽ واچ ڪلاس جي دريءَ ۾ محفوظ رکيل آهن. اهي شيون
فقط ان ڪري وٺي رکيم ته جيئن عمران جي والد کي
سندس بابت ڄاڻ ڏيان ته جيئن کيس تنبيهه ڪري.“
سائين عديل احمد، احمد عليءَ کي عينڪ ۽ واچ عمران
جي پيءُ کي موٽائي ڏيڻ جي لاءِ چيو. احمد علي
دريءَ مان اهي شيون ڪڍي اچي عديل احمد کي ڏنيون.
جنهن عمران جي پيءُ مولابخش جي حوالي ڪيون ۽ کيس
هدايت ڪئي، ته عمران جي مٿان خاص توجهه ڏئي، نه ته
پُٽ کري خراب ٿيندءِ ۽ ان جي اجائي ڀَرِ کڻڻ جي
ڪري پڙهي به نه سگهندو.
سائين عديل احمد جي ڳالهه سچي نڪتي ۽ عمران اسڪول
مان پنج درجا پاس ڪرڻ جي باوجود اڄ به ڪورو ڄٽ آهي
۽ کيس انگريزي اسڪول مان به ان ڪري ئي ڪڍيو ويو،
جو کيس ڪجهه ڪونه پئي آيو.
عمران کي سندس پيءُ مولابخش هڪ
دفعو ٻيهر ان
ساڳئي اسڪول ۾ غير سرڪاري طور پهرئين درجي
۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس اسڪول ۾ ويهاريو به ويو
پر سندس عادتون خراب ٿي وڌي وڻ ٿي ويون هيون. ان
ڪري پڙهڻ ۾ دل نه لڳس. اڄ هو شهر جو مشهور ڳنڍي
ڪَپ واروآهي ۽ سال ۾ مڙئي ڳچ مهينا جيل ۾ هوندو
آهي.
عبد الرحمان جتوئي
تتر ۽ شڪاري
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي هڪ شڪاري،
پکين پڪڙڻ لاءِ جهنگ ۾ هڪ پڃرو رکيو. هڪ ٿلهو
متارو تتر خوراڪ جي ڳولا ۾ اتي اچي نڪتو. پڃري ۾
مزيدر اَن جا داڻا ڏسي، سندس وات پاڻي پاڻي ٿيڻ
لڳو ۽ هو تڙ تڪڙ ۾ پڃري اندر ڌوڪي ويو جيئن ئي هن
اَن چُڳڻ جي ڪوشش ڪئي ته پڃري جو دروازو بند ٿي
ويو. هن پڃري مان نڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب
نه ٿي سگهيو.
ايتري ۾ شڪاري به اتي اچي پهتو. تتر شڪاري کي ڏسي
چوڻ لڳو ته جيڪڏهن تون مون کي پڃري کان ٻاهر
ڪڍندين ته مان
ٻيا ڪيترائي پکي توکي ڦاسائي آڻي ڏيندس.
شڪاري تتر جي ڳالهه ٻڌي کيس چيو ته مان اهڙو
بيوقوف نه آهيان جو غائب شيءِ جي آسري تي حاضر
شيءِ کي ڇڏي ڏيان. سياڻن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي جي
آسري تي اڄ کي قربان نه ڪبو آهي يا وري
”جيڪو
اڌ کي ڇڏي سڄي ڏي وڃي ان
کي سڄي ته نه ملي پر اڌ لاءِ به سڪي.“
ائين چئي کيسي مان تِکو چاقو ڪڍي تتر کي ذبح ڪري
گهر ڏانهن روانو ٿي ويو. |