اقصيٰ بيبو چنا (لاڙڪاڻو)
گُل ڦُل
آهي سڀ کان پيارو گُل ڦُل،
رنگ برنگي نيارو گُل ڦُل.
ڌرتيءَ جو آهي سينگار گُل ڦُل،
علم ادب جو تارو گُل ڦُل.
ڏئي ٻار کي ٿو تعليم گُل ڦُل،
شعر مضمون ڪهاڻين وارو گُل ڦُل.
تنهنجي ڪتاب کي ڏسي چون ٿا،
آهي سڀ کان پيارو گُل ڦُل.
صادق لاشاري
غزل
علم اسان وٽ آ،
قلم اسان وٽ آ.
همٿ ڀريو هر دم.
قدم اسان
وٽ
آ.
ڏيئا ڪبا روشن،
عزم اسان وٽ
آ.
سچو صفا سهڻو،
ڌرم اسان
وٽ آ.
چڱي چڱائي جو،
الم اسان وٽ آ.
گھڻي پڙهائي جو،
قسم اسان وٽ آ.
ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي(پهرين قسط)
مختلف عمر جي ٻارن جو ادب
ڇهن سالن جي عمر ۾ هڪ ٻار چِٽي اُچار سان ڳالهائڻ
لڳندو آهي يعني ان عمر ۾ ٻار کي پنهنجي مادري زبان
تي عبور حاصل ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙيءَ طرح ان عمر ۾
ٻار ۾ ادبي شعور پيدا ٿيندو آهي. تنهنڪري ٻارن جو
ادب تخليق ڪرڻ وقت سندن عمر جو بيحد گهڻو خيال
رکيو ويندو آهي.عمر جي مختلف درجن جي حساب سان
ٻارڙن جي ادب جي ورهاست به ڪئي ويندي آهي.
ڇهن ستن سالن جي ٻارن لاءِ اهڙا ڪتاب لکيا وڃن
جيڪي ٻوليءَ جي لحاظ کان سولا هجن. انهن ۾ تصويرون
وڻندڙ، واضح ۽ موضوع جي مناسبت سان ٺهڪندڙ
هجن.ٻارڙا تصويرن ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندا آهن.
ان کان سواءِ ان عمر ۾ ٻارڙن جو شاعريءَ سان لڳاءُ
به وڌي ويندو آهي. هو ننڍا ننڍا شعر ۽ نظم ڳائيندو
۽ گنگنائيندو رهندو آهي. پروفيسر مسعود حسين لکي
ٿو ته
”ان
عمر ۾ ٻار ۾ تُڪبنديءَ جو شوق به پيدا ٿيندو آهي
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٻار تُڪبندي تمام سٺي ڪندا
آهن، جڏهن ته کين شاعريءَ جي وزن بحر جي به ڪا ڄاڻ
نه هوندي آهي. ٻارڙن جي ذهني ۽ تخليقي
صلاحيت
ان عمري ۾ ئي پڌري ٿي پوندي آهي. سندس تخليقي سگهه
۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيندي رهندي آهي. سندس ذهن خيالي
دنيا ۾ تيز اڏام ڪرڻ لڳندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو
شاعريءَ کانپوءِ جيڪڏهن ٻار ڪنهن شيءِ ۾ دلچسپي
وٺندو آهي ته اهي خيالي ڪهاڻيون ئي هونديون آهن.“
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي خيالي ڪهاڻيون ٻارڙن
لاءِ بيحد اثرائتيون هونديون آهن، پر انهن خيالي
ڪهاڻين جو ڳانڍاپو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ روزاني
زندگيءَ سان ضرور هجڻ گهرجي. ان عمر ۾ ٻارڙا
ڏاڏيءَ يا نانيءَ ۽ ڏاڏي ۽ ناني کان ڪهاڻيون ٻُڌڻ
پسند ڪندا آهن ۽ ڪهاڻي ٻُڌڻ کان سواءِ کين ننڊ ئي
ڪونه ايندي آهي. ان عمر ۾ ٻارڙن کي روايتي قسم جون
ڪهاڻيون ٻڌايون وينديون آهن،جيڪي وڏڙا پنهنجي وڏڙن
کان ٻڌي چڪا هوندا آهن.
نَون سالن کان يارهن سالن تائين جي ٻارڙن جو ادب
مٿي بيان ڪيل عمر جي ٻارڙن جي ادب کان گهڻو مختلف
هوندو آهي.مٿي ٻڌايل عمر جي ٻارڙن لاءِ خيالي ۽
تصويري ڪهاڻين ۾ وڏي ڇِڪ هوندي آهي. جڏهن ته هن
عمر جي ٻارڙن جي دلچسپي خيالي دنيا کان وڌيڪ حقيقي
دنيا ۾ وڌي ويندي آهي. جن ڪهاڻين جو تعلق زندگي،
سماج ۽ روزمرهه جي تجربن ۽ مشاهدن سان هوندو آهي
تن ۾ ٻارڙن جي دلچسپي گهڻي هوندي آهي. اها دلچسپي
ان ڪري هوندي آهي جو
”ٻار
پنهنجي گهر ۽ ڪٽنب جي واتا ورڻ مان ٻاهر نڪري ٻاهر
جي دنيا کان واقف ٿيندا آهن. شروعات ۾ جنهن ٻار کي
جانورن ۽ پکين
جون ڪهاڻيون يا وري پَرين ۽ جادوگرن جون ڪهاڻيون
وڻنديون هيون، تنهن کي هينئر حقيقت سان
ڀريل رچنائون وڻن ٿيون.“
هن عمر ۾ ٻار جي جسماني واڌ ويجهه فطري طور تي
گهڻو تيز ٿي ويندي آهي. هُو ذهني طور تي به گهڻو
بُلند ۽ سمجهدار ٿي ويندو آهي. هو ماڻهن ۾ دلچسپي
وٺڻ لڳندو آهي. سندس ذهن ۾ هي سوال اُڀرندا آهن ته
ماڻهو ڪيئن رهندا آهن؟ اهي ڇا ڪندا آهن؟ اهي ڇا
ڳالهائيندا آهن؟ اهي ڇا کائيندا پيئندا آهن؟ مطلب
ته هڪ ٻار ماڻهن جي ڪردار، طور طريقن ۽ اُٿڻي
ويهڻيءَ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو آهي. ان کان سواءِ
وڏن جو نقل به ڪرڻ لڳندو آهي. تنهن ڪري هن عمر جي
ٻارڙن جي ادب ۾ ڊرامي کي به شامل ڪري سگهجي ٿو.
گڏوگڏ هن عمر
جي ٻارڙن کي ماڳن، مڪانن، تاريخ، ثقافت،
بزرگن ۽ پراڻي زماني جي وڏڙن سان سونهون ڪرائڻ
بيحد ضروري آهي ته جيئن ٻار پنهنجي ذهن ۾ پنهنجي
مستقبل جو هڪ خاڪو جوڙي سگهي.
ٻارهن کان پنڌرهن سالن جي عمر جي ٻارڙن جو ادب
گهڻو حقيقت پسنداڻو هوندو آهي. هن عمر ۾ هڪ ٻار
چڱيءَ طرح عقلمند ٿي ويندو آهي. هو دنيا، سماج،
ماحول، ڪٽنب ۽ پنهنجي آس پاس کان پوريءَ طرح واقف
ٿي ويندو آهي. کيس بُري ۽ ڀلي جي سُڌ پئجي ويندي
آهي. هن جي لفظي ذخيري ۾ واڌارو، خيال ۾ پُختائي،
تجربي ۾ گهرائي، ۽ اعتماد ۾ مضبوطي اچي ويندي آهي.
هن عمر ۾ ٻار آزادي ۽ خود مختياري کي پسند ڪندو
آهي. پنهنجي پسند ۽ ناپسند تي ضد ڪندو آهي.پنهنجي
مرضيءَ سان سڀ ڪجهه ڪرڻ چاهيندو آهي. کيس جيڪو
ڪجهه به پنهنجي ڪٽنب، ماحول تعليم ۽ ادب مان
ملندو آهي تنهن کان وڏي حد تائين متاثر ٿيندو
آهي.دراصل هن عمر ۾ ٻار جي شخصيت، مزاج،عادتن،
طريقن ۽ ڪردار جي جوڙجڪ ٿيندي آهي.هن عمر جي ٻارڙن
جي ادب ۾ وڏڙن ڪارناما، تاريخي ناول، جوش ڏياريندڙ
شاعري، اخلاقي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل ڪتابن ۽
مضمونن کي شامل ڪرڻ گهرجي.ان ڏس ۾ هوند راج بلواڻي
لکي ٿو ته
”ٻار
پنهنجي ٻالڪپڻ مان نڪري ڪشور اوَسٿا ۾ پرويش ڪن
ٿا، تڏهن هنن کي بهادريءَ جون ڪهاڻيون ۽ وگيانڪ پس
منظر واريون رچنائون وڌيڪ ڪشش ڪن ٿيون. انهيءَ عمر
۾ هنن کي ڪٽنب جي مسئلن ۽ ڪٽنبي ماحول تي لکيل
رچنائون به وڻن ٿيون. سماجڪ ڪهاڻيون به هنن کي پاڻ
ڏانهن ڇڪين ٿيون.“
هن عمر جي ٻارڙن جي شخصيت ۽ سندن ڪردار جي جوڙجڪ
۾ اُن ادب جو وڏو هٿ هوندو آهي، جيڪو هو پڙهندا
آهن. عام طور ماڻهو اهڙي شاعريءَ، قصن ڪهاڻين ۽
مضمونن کي گهڻي اهميت ڏيڻ لڳندا آهن، جن ۾ ڪا
نصيحت يا هدايت هوندي آهي، اسان وٽ عام ڪري اها
سوچ هوندي آهي ته جيڪي اخلاقي قدر ڪنهن قوم، طبقي،
فرقي ۽ قبيلي ۾ رائج ۽ داخل هوندا آهن، تن کي
اهڙيءَ طرح پيش ڪيو وڃي ته جيئن ٻار انهن کي ڪنهن
سبق وانگر پڙهن ۽ انهن مان لاڀ پرائين. اهڙي شاعري
يا ڪهاڻيون يا مضمون سُٺا ته ضرور هوندا آهن، پر
ٻارڙن لاءِ سڌو سنئون نا صحاڻو انداز اختيار ڪرڻ
هرگز به مناسب ناهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته مقصد
کي اهڙي ادبي انداز ۾ ويڙهي سيڙهي پيش ڪيو وڃي،
جيئن ڪڙي گوريءَ تي کنڊ جو تَهه چاڙهيو ويندو آهي.
ٻارڙن جي ادب جون خاصيتون
ٻارڙن جي ادب جون پنهنجون گُهرجون ۽ مقصد ٿيندا
آهن. ان جون پنهنجون خاصيتون ٿينديون آهن. تنهن
ڪري ٻارڙن جو ادب تخليق ڪرڻ وقت انهن خاصيتن کي
اڳيان رکڻ نهايت ضروري ۽ اهم آهي. انهن خاصيتن کان
سواءِ عمدو، نتيجا ڏيندڙ ۽ سبق آموز ادب نه ٿو
تخليق ڪري سگهجي.ٻارڙن جي دل وندرائڻ، کين متاثر
ڪرڻ ۽ سندن ذهنن کي مسحور ڪرڻ جي ڏس ۾ هيٺين
خاصيتن کي سامهون رکڻ بيحد ضروري آهي.
ٻارڙن جي ادب جو بنياد علم ۽ اخلاق تي ٻَڌل هجي ۽
ان جو مقصد سٺي تعليم ۽ تربيت تي مشتمل هجڻ گهرجن،
ته جيئن ٻارڙن جي ادب ۾ ٻارڙن جي فطري صلاحيتن کي
اُڀاري سگهن. ان ڪري سڌو سنئون ناصحاڻو انداز
اختيار ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ويندو آهي. ٻارڙن جي
ادب ۾ حُب الوطني، ايڪي ۽ ٻَڌي، قومي يڪجهتيءَ
جهڙن جذبن جو عڪس هجڻ به ان جي هڪ وڏي خاصيت آهي.
(هلندڙ)
پيارا
ٻارو! هاڻي گرمين جي موسم اچي وئي آهي. انهيءَ جي
ڪري اوهان ٻارن کي گرمي کان بچاءَ لاءِ جوڳا
اُپاءَ وٺڻ گهرجن. ۽ گرمي جي بچاءَ لاءِ ٻارن کي
هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي.
* ڪپڙا اڇي يا هلڪي رنگ جا پائڻ گهرجن ڇو جو ڪاري
يا گهري رنگ جا ڪپڙا گرمي جذب ڪري بدن کي گرم ڪن
ٿا.
* ڪپڙا سوٽي ڌاڳي جا هجن جيڪي پگهر جذب ڪن. ٽيٽرون
يا ريشمي ڪپڙا پگهر جذب نه ٿا ڪن ان ڪري بدن ٿڌو
نٿو ٿئي.
* ميرا ڪپڙا هڪدم ڌوئي پوءِ پائجن.
مٿي تي وار ننڍا هجن. مٿو يا ته کليل هجي يا وري
سوراخن واري ٽوپي پائجي ته جيئن مٿي جو پگهر سڪندو
رهي.
* ٽاڪ منجهند جو تيز سج جي روشنيءَ ۾ ڪوشش ڪري نه
نڪرجي يا وري اُس وارو ڪارو چشمو لڳائجي.
* کاڌي ۾ گيهه واريون تريل ۽ گهڻي مٺاڻ واريون
شيون نه کائجن، گوشت گهٽ ۽ داليون، ڀاڄيون ۽ ميوو
گهڻو استعمال ڪجي. چانهه اُڃ کي ختم ڪري ٿي پر اها
گهٽ استعمال ڪجي.
* پاڻي گهڻو پيئجي ڇو ته پاڻي گهڻي پيئڻ سان صحت
جي لاءِ وڏو فائدو آهي.
* رات جو سمهڻ کان اڳ ڏندڻ ڏئي وهنجي پوءِ سمجهي.
* سگريٽ ڇڪڻ صحت لاءِ ڏاڍو نقصانده آهي ان کان
پرهيز ڪجي.
* هٿن ۽ مُنهن کي هر هر صابڻ يا ٿڌي پاڻي سان
ڌوئجي.
* روزانو صبح سوير ڊوڙڻ يا ورزش ڪرڻ جي عادت وجهجي
۽ ان تي لاڳيتو عمل ڪجي.
عبدالقدير چاچڙ (گهوٽڪي)
اسڪول طرفان سير سفر
اسلام عليڪم پيارا ڀائرو ڪيئن آهيو اميد ته بلڪل
ٺيڪ ٺاڪ هوندا.
پيارا دوستو اڄ آءٌ اوهان کي پنهنجي زندگي جي
پهرين سفر بابت ٻڌائڻ چاهيان ٿو اميد اٿم اوهان کي
پسند ايندو.
تاريخ
18.02.2022
تي اسان جو ٽوئر هو. موڪل جو وقت ٿيڻ وارو هو اسان
جي اسڪول جي ڪجهه شاگردن اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب
سر فهد حسين لکڻ کي عرض ڪيو ته سائين اسان کي ٽوئر
ڪرايو وڃي. سائين جن اسان جي اها گذارش قبول ڪئي.
اهو ٻڌي اسان کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي اسان جي
استادن جا نالا هي آهن. سائين حق نواز انڍڙ، سر
فهد حسين لکڻ، سائين سائينداد لکڻ، استاد غلام
اصغر ملهڻ، استاد جميل احمد لکڻ، استاد وقار احمد
لکڻ، استاد صدام حسين چاچڙ، استاد محمد شريف
انڍڙ،استاد جلال الدين انڍڙ، استاد حفيظ الله
ميمڻ، استاد غلام مصطفيٰ چنا صاحب .
اسان سڀني دوستن جا نالا هي آهن. شهزادو، جاڳڻ،
گلشير، فهيم، ربنواز، ثناءُ الله، ۽ ٻيا دوست ٽوئر
لاءِ منصوبه جوڙڻ لڳاسين ۽ استاد کي ٽوئر لاءِ
ڪجهه پنهنجو مشورو به ڏيڻ لڳاسين سر فهد حسين لکڻ
ٻارن کي چيو ته جيڪي ٽوئر تي هلن ٿا اهي نالا نوٽ
ڪرائين ۽ گهران اجازت وٺي اچن. اهڙيءَ طرح سڀني
شاگردن جيڪي ٽوئر تي هلن پيا انهن استادن کي
پنهنجا نالا نوٽ ڪرايا جمعي جي ڏينهن
3.00
وڳي اسان جو ٽوئر پروگرام ڪيو ويو ۽ سڀني ٻارن کي
هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جنهن تي ڪجهه شاگردن
جي ڪري اسان جو ڪجهه وقت زيان ٿيو. اسان کي پنهنجي
غلطي جو احساس ٿيو. اهڙيءَ ريت
3.50
وڳي تي اسان جي گاڏي ڳوٺ ڄام محمد علي لکڻ کان
رواني ٿي. سفر جي شروعات اسان قرآن مجيد جي تلاوت
۽ نعت مقبول ﷺ سان ڪئي.سفر جي دعا گهرائي وئي سڀ
پهريائين اسان حضرت سچل سرمست رح جي مزار تي حاضري
ڀريسون اتي پهچي خوشي به ٿي ان کان بعد اسان جو
سفر اڳتي يعني ڀٽائي سرڪار جي درگاهه ڏانهن شروع
ٿيو . رستي ۾ اسان پنهنجي گاڏي کي هڪ اسٽاپ به
ڪرايو جتي اسان رات جي ماني به کاڌي ۽ چانهه به
پيتي. پوءِ اسان گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ گاڏي رواني ٿي
رات جي
12.30
وڳي اسان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
جي مزار تي آياسين جيڪا اسان کان اڳ ئي بند ٿيل
هئي اهو ڏسي اسين مايوس ٿي ميوزيم ۾ آياسين. اتي
سُمهڻ جي رٿ ڪئيسون. ميوزيم بند هو ان ڪري اسان جي
استادن هڪ هوٽل تي رهڻ لاءِ فيصلو ڪيو. سائين وارن
جي مهرباني سان اسان کي هڪ هوٽل تي رهڻو پيو. پر
اسان جي هيڏي وڏي تعداد
71
ماڻهن جي سُمهڻ لاءِ جڳهه جو بندو بست ڪرڻ ڏاڍو
ڏکيو هو. آخرڪار هڪ هوٽل تي رات گذارڻ جو فيصلو
ڪيو ويو.
ڪجهه شاگرد هيٺ يعني هوٽل اندر سُتا ۽ ڪي وري مٿي
آرامي ٿيا اهڙي طرح سڀني ٻارن آرام ڪيو. ان کان
پوءِ صبح ٿيڻ سان ئي سڀ ٻارن کي اٿڻ لاءِ چيو ويو
سڀ استاد ۽ ٻار حضرت شاهه عبد اللطيف
ڀٽائي رح جي مزار تي حاضري ڀري. ڀٽائي
سرڪار جي حاضري ڀرڻ کان پوءِ اسان مولا علي ع جي
قدم مبارڪ ڏسڻ لاءِ حيدرآباد روانا ٿياسون اهڙيءَ
ريت مولا علي عليه السلام جن جا قدم مبارڪ ڏٺا ۽
هڪ بزرگ جي درگاهه ڏٺي. ان کان پوءِ اسان جو سفر
اڳتي روانو ٿيو. اسين سڀ ٺٽي روانا ٿياسين ٺٽي ۾
مڪلي جي تاريخي قبرستان جو سير ڪيوسين. اتي اسان
بزرگن جي مزارن جي زيارت ڪئيسين. مڪلي کان پوءِ
اسان ڪينجهرڍنڍ جو سير ڪرڻ وياسين ان کان پوءِ
اسين لعل شهباز قلندر رح جي مزار تي حاضري ڀرڻ
لاءِ سيوهڻ جو رخ ڪيوسين. شام جي وقت اسين سيوهڻ
پهتاسين ۽ هڪ هوٽل تي رات رهڻ جو پروگرام ڪيوسين.
پوءِ رات جي ماني هوٽل تي کائي حضرت لعل شهباز
قلندر رح جي مزار تي حاضري ڀريسين ۽
دعائون گهريوسين. ميلي جي تاريخ ويجهي هئڻ جي ڪري
سيڪيورٽي انتظام سخت هئا. مزار کان واپسي کان پوءِ
هوٽل تي رات گذاري سون صبح جو ناشتو ڪري اسين
ڪوٽڏيجي قلعي لاءِ روانا ٿياسين. ڪوٽڏيجي قلعي تي
پهچي ڪري اسان کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ايترو وڏو قلعو
ڪيئين تعمير ڪرايو ويو هوندو. آخري ڏينهن هئڻ ڪري
ڪيترن ئي اسڪولن جا شاگرد قلعي تي ڏسي خوشي ٿي
قلعي جو سير ڪري گهر روانا ٿياسين ۽ اڌ ۾ خيرپور
ميرس ۾ اچي منجهند جي ماني کاڌي سون
پوءِ پنهنجي
منزل ڏانهن روانا ٿياسين.آخرڪار
6.00
وڳي گهر پهتاسين.
هي سفر اسان سڀن دوستن لاءِ يادگار سفر هو ڇو ته
هن سفر کان پهريائين اسين ڪڏهن به اهڙين جاين تي
نه ويا هئاسين.
پروفيسر اعجاز علي شاهه رضوي
ڳجهارت
سنڌي لوڪ ادب جي سڀني صنفن مان ڳجهارت جي صنف تمام
گهڻي مقبول آهي.
لفظ ڳجهارت جي اصليت بابت جدا جدا رايا آهن. ڪن جي
خيال ۾ هيءُ لفظ ڳجهو اَرٿ مان نڪتل آهي ۽ ڪن جي
راءِ ۾
”ڳجهارت“
لفظ هندي ٻوليءَ جي لفظ
”ٻجهارت“
يا ٻجهول سنڌيءَ زبان ۾ رائج ٿيو”ٻجهارت“لفظ
جي معنيٰ آهي
”حساب
ڪتاب صاف ڪرڻ“البته
ٻجهول جي معنى پرولي ڀڃڻ آهي.، پر جيئن ته سنڌي
ٻولي هنڌي ٻوليءَ کان وڌيڪ قديم آهي. انهيءَ ڪري
قوي گمان سان چئي سگهجي ٿو ته ٻجهارت سنڌي ٻوليءَ
جو پنهنجو لفظ آهي جو
”ٻوجهه“
يا ٻجهڻ مان
”سمجهڻ“
جي معنيٰ ۾ آڳاٽي وقت کان رائج ٿيو ۽ اهڙي طرح
ڳجهه، راز يا مام (پروڙڻ) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ
لڳو. شاهه صاحب پڻ ٻجهارت لفظ انهيءَ معنى ۾
استعمال ڪيو آهي.
ٻولي ٻجهارت جو گيان سنڌي ذات جي
ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو هلڻ ۾ حيرت
عجب عبارت، پهه پروڙڻ ان جو (سر رامڪلي)
]ڳجهارت جي بنيادي يا لفظي سٽاءُ[
”ڳجهارت“
ڪناية مطلب ادا ڪرڻ جو
بهترين ذريعو
آهي ۽ انهي لحاظ کان ڳجهارت جي سٽاءَ جا ٻه
پهلو آهن.
(الف)مقصد واري ڳالهه
(ب)پَن پردي سان ان جي ادائگي
عام اصطلاح ۾ پن ۽ پردي واري طرز ادا کي ئي
”ڳجهارت“
چيو وڃي تو.
ڳجهارتن جا قسم.
1.
سُريلي/ سُرائتي: اُها ڳجهارت جا ڪنهن سُر ۾ هجي
جهڙوڪ: سُر مارئي، سُر ليلان چنيسر، سُر هير
رانجهو، سُر سُهڻي ميهار، سُر مومل راڻو وغيره ۾
آيل هجي.
2.
بي سُري: اُها ڳجهارت جيڪا ڪنهن به سُر ۾ نه هجي
پر سگهڙ خيال ڪري لِڪ کي ڳجهارت بنائي.
مثال: نالن ۾ نالا پيا
ولايت وئي.
جواب ڪارن ۾ اڇا پيا،
صورت وئي
3.
هُنر واري: اُها ڳجهارت جنهن ۾ لفظن جي ڀَڃ گَهڙ
ڪيل هجي.
مثال: نر نان ۾ آهي؟
جواب سڪندر ۾ آهي
(سِڪ اندر ۾ آهي)
4.
دوراهي واري: اُها ڳجهارت جنهن ۾ دوراهي جي فن کي
نظر ۾ رکيو وڃي.
ڳجهارت جي ڀڃڻي:
ڳجهارت ۾ فقط ڪنهن لاڳاپي واري شيءِ جو نالو ورتو
ته ڳجهارت ڀڄي پوندي ۽ پوءِ ڳجهارت ڏيندڙ، ڳجهارت
سڄي ڪري ٻڌائيندو.
مثال طورڳجهارت آهي:
”ليلان
ڪونئرو ٿي هار
آندو تڏهن ٻولي گاهه ڪر.“
هاڻي ڳجهارت ڀڃندڙ ويندو گاهن ۽ ٻولين جا نالا
وٺندو ۽ ٻيا سگهڙ پڻ هن سان شامل ٿي، ڳجهارت جي
ڀڃڻيءَ جي ڳولا ڪندا. پوءِ سگهڙ ڌَڪن پٺيان ڌَڪ
هڻندا ۽ ڳجهارت ڏيندڙ جي ڪَنڌ جي ڌُوڻ پئي پوندي ۽
چوندو ته:
”اڃا
بچي اڃا گُٿو آهين، اڃا جيئري آهي.“
۽ ٻيا اهڙي قسم جا لفظ چوندو رهندو. تان جو ڪنهن
سگهڙ جو پورو ڌَڪ وڃي لڳندو. يعني ڪنهن گاهه جو
نالو ورتو
”مُڃ“
ته ڏيندڙ چوندو
”ويئي“پوءِ!
مجلس ۾ واهه، واهه ٿي ويندي ۽ چوندس ته
”سڄي
ڪر“
پوءِ هو سڄي ڪندو. يعني
ڳجهارت ڀڃي ٻڌائيندو. گاهه يعني
”مُڃ“
ٻولي يعني
”ڇني“
ڀڃڻي ٿيندي:
ليلان، ڪونئرو ٿي هار آندو. تڏهن ڇني مُڃ ڪر.
ڳجهارت ۽ پرولي ۾ فرق:
معنوي لحاظ سان ڳجهارت جيتوڻيڪ هڪ قسم جي پرولي
آهي، مگر سٽاءَ جي لحاظ سان پرولي ۽ ڳجهارت ۾ فرق
آهي. پرولي جو بنياد تشبيهه ۽ استعاري تي آهي ۽
ڳجهارت جو مدار تجنيس ۽ تلميح تي آهي.
اَدينه ارشاد هاليپوٽو
منهنجو ڳوٺ
منهنجي ڳوٺ جو نالو بقا هاليپوٽو آهي.اهو ضلعي
ٽنڊو الهيار ۾ قبو اسٽاپ ۽ راشد آباد جي ويجهو
آهي.منهنجو ڳوٺ نهايت وڻڪار وارو ۽ خوبصورت آهي.
هتي هڪ گورنمينٽ پرائمري هاءِ اسڪول آهي. اسڪول جي
پُٺئين پاسي حضرت باقِل فقير جي مزارَ ۽ اڳئين
پاسي وري سنڌ جي سدا سچار صوفي بزرگ وتايو فقير جي
مزارَ آهي.ٻنهي مزارُن تي هر سال وڏو ميلو لڳندو
آهي، جنهن ۾ صوفياڻا ڪلام ۽ حمّد و ثنا
پڙهيا ويندا آهن.درگاهن جي ويجهو ريلوي اسٽيشن پڻ
آهي.آئون راشد آباد جي ٽِي
–
سِي
-
ايف اسڪول ۾ ڇهون درجو پڙهان ٿي. مون کي پنهنجي
ڳوٺ ۽ اسڪول تي وڏو ناز آهي.
ڊاڪٽر اسد الله پلي
دماغ جو اضافي پاڻي
(هڪ مهلڪ مرض)
(Hydrocepholus)
انساني دماغ ۽ ڪرنگهي جي ڏوري جي جي پردن جي وچ ۾
هڪ خاص قسم جو پاڻي مقرر مقدار ۾ موجود آهي. اهو
پاڻي دماغ جي خارجي مادن مان ٺهي ٿو. ۽ دماغ لاءِ
ڪجهه خاص ڪم ڪندو رهي ٿو. ساڳي وقت اهو پاڻي اگر
پنهنجي مقرر مقدار کان وڌي وڃي ٿو ته هڪ خاص قسم
جي بيماري پيدا ڪري ٿو.
جنهن کي
Hydrocepholus
چئجي ٿو. هن بيماريءَ
جون هيٺيون نشانيون ٿين ٿيون.
(الف) ٻارن ۾ نشانيون
ٻارن جا مٿا ڄمار جي حساب کان تمام گهڻا وڏا ٿين
ٿا. ٻارڪمزور ٿيو پَون، انهن جون ذهني صلاحيتون
پٺتي پئجيو وڃن. ٻار کي اڪثر بخار، الٽيءَ جا
عارضا ٿين ٿا ۽ ٻار ڪڏهن ڪڏهن مستقل بيهوش رهن
ٿا.ٻارن جون اکيون لهندڙ سج وانگيان هيٺ ڏرا ڏيو
وڃن ٿيون.
(ب) وڏن ۾ نشانيون
وڏن ۽ نوجوانن ۾ وري اضافي پاڻي سبب مٿي ۾ سور،
اُلٽيون، چڪر، مرگهي جا دورا، نظر جو خراب يا ضايع
ٿيڻ ۽ بيهوشي تاري ٿيڻ تائين ڪئين تڪليفون ٿين
ٿيون.
مجموعي طور اضافي پاڻي وارا مريض دماغ جي ڪيترن ئي
مستقل عيبن ۾ مبتلا ٿيو وڃن.
سبب: اگر اسين هن پاڻي جي اضافي ٿيڻ جا سبب
ڳولينداسين ته به ڪيترائي
آهن.جيئن ڪجهه
ٻارن ۾ هي بيماري پيدائشي آهي بلڪ ڪي سياڻا
ڊاڪٽر چون ٿا ته اگر دورانِ حمل عورت کي ڪنهن به
تڪليف جي غلط دوا ملندي ته اُها سندس پيٽ ۾ پلجندر
ٻار ۾ هيءَ تڪليف ۽ ٻيون دماغي بيماريون ڪري
وجهندي آهي.
پيدائشي سببن کان علاوه، دماغ جا زخم، ڌڪ جو لڳڻ،
گردن ٽوڙ بخار، دماغ جي ڪينسر، دماغ ۾ رت جي نالين
جو ڦاٽڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي سبب آهن.پر اسانجي ملڪ ۾
دماغ جي ٽي بي هڪ اهڙو مرض آهي جو دنيا جي ٻين
مُلڪن ۾ اڪثر ڪونهي ۽ ڊاڪٽرن جي ٿوري غفلت ۽ مريض
جي نافرماني. اهڙي مرض کان، اگر بچيو وڃي ته به
ذهني اپاهج ڪريو ڇڏي.
هِن اضافي پاڻي لاءِ چيو وڃي ٿو ته مختلف بيمارين
سبب يا ته اهو پاڻي ٺهي گهڻو ٿو، يا جيترو ٺهي
انهيءَ کان گهٽ جذب ٿئي ٿو يا وري انهي ۾ ڪٿي رستا
روڪ ٿئي ٿي.سڀني حالتن ۾ اهو اضافي مقدار انساني
حياتي لاءِ ڏاڍو خطرناڪ ۽ هاڃيڪار ٿيو پوي.
تفتيش: هن قسم جي مريضن جي ليبارٽري چڪاس لاءِ
سندن چيلهه يا وري ننڍن ٻارن جي تارونءَ مان پاڻي
ڪڍي چيڪ ڪرائبو آهي. انهيءَ سان گڏ دماغ جو الٽرا
سائونڊ پڻ ننڍن ٻارن ۾ ڪارآمد آهي. دماغ جو
ڪمپيوٽر يا سي ٽي اسڪين ۽ دماغ جو ايم آر آئي ٻه
جديد چڪاسون پڻ هن مرض لاءِ سٺيون مددگار آهن.
علاج: جڏهن هنن مريضن جا
”اضافي
پاڻي وارا“سبب
معلوم ٿي وڃن ۽ بيماري جي پوري سڃاڻپ ٿي وڃي ته
پوءِ جيترو جلدي هن مرض جو آپريشن ڪرائجي اهو
فائده مند ٿيندو ٻي حالت ۾ نقصان ويندا وڌندا ۽
ڪجهه مريضن ۾ اهڙ ا مستقل نقصان ٿيندا
آهن.جو
پوءِ به تدارڪ ڪو نه ٿو ٿي سگهي.”اضافي
دماغي پاڻي“
جي آپريشن سان گڏ انهيءَ کي پيدا ڪندڙ سبب جو به
علاج گڏوگڏ ڪبو آهي پر اگر هي بيماري پيدائشي آهي
ته پوءِ صرف پاڻي لاءِ آپريشن ڪبو آهي.
آپريشن: دماغ جا ماهر جراح هڪ خاص قسم جي نلڪي
جنهن کي وي پي شنٽ (V.P
Shunt)
چيو وڃي ٿو ته دماغ جي پاڻي جي خانن مان، کل جي
اندران پيٽ جي اندر پهچائين ٿا. جنهن ذريعي اهو
پاڻي جيڪو اضافي آهي دماغ مان انساني پيٽ ۾ منتقل
ٿي وڃي ٿو. پيٽ ۾ اها گنجائش قدرتي طور موجود آهي
جتان اهو پاڻي جذب ٿي وڃي ٿو ۽ جسم مان خارج ٿئي
ٿو.
هي جيڪي ناليون يا شنٽ آهن انهن جا ڪيترائي قسم
آهن جيڪي استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪجهه حالتن ۾ هي
نلڪيون پيٽ جي بدران دل ڏانهن به اُماڻيون وڃن
ٿيون.
ڪجهه ٻارڙا جن ۾ پيدائشي طور چيلهه يا ڪياڙي وٽ
ڳوڙها ٿين ٿا انهن ۾ به هي ساڳي آپريشن ڪبي آهي،
ڇاڪاڻ ته اهڙن پيدائشي ڳوڙهن ۾ به در اصل پاڻي
جيڪو اضافي آهي اهو دماغ کان پهچندو آهي ۽ انهيءَ
جو به دماغ تي برابر اثر پوي ٿو.
اگر صحيح وقت تي دماغي اضافي پاڻي واري مريض جي
شناخت ۽ تفتيش ٿئي ۽ دماغ جا ماهر جراح معياري
نلڪين سان انهن جو ڪامياب آپريشن ڪن ۽ مريض ڊاڪٽر
طرفان ڏنل هدايتن تي مڪمل عمل ڪن ته دماغ جي هن
آپريشن جا تمام
ڪامياب نتيجا
نڪرن ٿا ۽ مريض صحتياب ٿيو ويٺا خدا جا
شڪرانا ادا ڪن ۽ ڊاڪٽرن جا ڳڻ ڳائين. باقي جڏهن
مريض پنهنجي غلطين سبب يا ڏَڏُ ڊاڪٽرن جي مشوري تي
ويهي آپريشن بدران دوائن تي وقت وڃائين ٿا ته پوءِ
کين حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو قول ياد
اچيو وڃي ته:
تَن طَبيب نه گڏيا - ڪُٺيس ڪُويچن،
ڏيئي ڏَنڀ ڏَڏَن - پاڻان ڏيل ڏکويو. |