مستقيم علي انڍڙ
سهڻا سخن
1.علم
پرايو پينگهي کان قبر تائين،
2.علم
هڪ لازوال دولت آهي.
3.علم
انسان جي ٽين اک آهي،
4.علم
عام ماڻهو کي به نالي وارو بڻائي ڇڏي ٿو،
5.علم
مال کان به بهتر آهي.
6.علم
پرايو زندگي سنواريو،
7.وفا
سکڻ چاهيو ٿا ته گلن کان سکو.
8.توهان
پنهنجي والد جو چيو نه ٿا مڃو ته پوءِ اها اميد نه
رکو ته توهان جو اولاد به توهان جو چوڻ وٺندو.
9.دوستي
ڪرڻ وقت ڪنهن جي مهانڊن يا سندن ڏيک ويک ڏانهن نه
ڏسجي.
10.زندگي
هڪ گل آهي ۽ محبت ان جي خوشبوءِ.
11.جهالت
خانداني ماڻهن کي به خوار ڪري ٿي.
12.سڀ
کان وڏا چور اهي آهن جيڪي توهان جو وقت چورائيندا
آهن.
13.انهيءَ
خوشيءَ کان پاسو ڪريو جيڪا سڀاڻ ڪنڊو بڻجي وڃي.
14.
هن دنيا ۾ ٻه ئي شخص توهان کي بهتر سڃاڻن ٿا هڪ
اهو جيڪو توهان سان محبت ڪري ٿو ۽ ٻيو اهو جيڪو
توهان سان نفرت ڪري ٿو.
امتياز علي انڍڙ (گهوٽڪي)
تعليم
تعليم انسان جي ٽين اک آهي.تعليم کان سواءِ انسان
اڌورو آهي. اسان تي اينگرو وارن جون وڏيون
مهربانيون آهن. جو هن اسان کي وڏيون سهولتون ڏنيون
آهن. اَڄُ انهن جي مهربانيءَ سان اسين هن منزل تي
پُڳا آهيون انهن اسان کي مفت جون ڊريسون ڏنيون آهن
۽ انهن جا اسين ٿورا ڪڏهن به نه لاهينداسين. جڏهن
اسين ننڍا هئاسين ته اُنهن اسان کي اسڪول ڏنو جنهن
۾ اسين پڙهيا آهيون.
ڊاڪٽر صدورو، ناز ڪيريو سان هر سال هڪ ثقافتي
ڏينهن ملهائيندا آهيون ۽ هر سال هُو اسان کي
سهولتون ڏئي ٿو. هن اسان کي ڪمپيوٽر ڏنا آهن. اُڄ
تعليم جي ڪري وڏا وڏا آفيسر، ميجر ۽ ٻيا ڪي ئي
تعليم جي ڪري هن منزل تي آيا آهن.
تعليم انسان کي سٺا ڪم سيکاري ٿي. تعليم جي ڪري
انسان ۾ شعور ۽ سمجهه آئي آهي. تعليم جي ڪري اڄ
اسان جو ملڪ هن منزل تي پُڳو آهي. تعليم جي ڪري
ڪيترائي ئي ڪاليج، يونيورسٽيون قائم آهن. قائداعظم
محمد علي جناح
پاڪستان جو باني آهي. قائداعظم محمد علي جناح به
ڏينهن رات محنت ڪندو هو. جنهن جي محنت سان اسان جو
ملڪ آزاد ٿيو.تعليم جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ٻاهر ويا
آهن. تعليم جي ڪري ڪيترن کي ئي نوڪريون مليون
آهن.ڪجهه نوڪريون حاصل ڪري ڊاڪٽر ٿيا آهن جيڪي
غريب ماڻهن جي مدد ڪن ٿا. جنهن ۾ سرڪاري اسپتالون
آهن جنهن جي ڪري ئي غريب ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي ٿي.
تعليم جي ڪري انسان وڏن عهدن تي پُڳا آهن. اسان کي
گهرجي ته اسين شوق سان محنت ڪريون ۽ پنهنجي ملڪ کي
سنواريون. اسان جا وڏا تعليم حاصل
نه
ڪرڻ جي ڪري کيتي ڪري رهيا آهن.اسان کي تعليم جو
فائدو وٺڻ گهرجي. اينگرو وارن جون وڏيون مهربانيون
آهن جو هنن اسان کي مفت جي تعليم ڏني آهي. غريب
ٻار وڏن وڏن ادارن ۾ ڪيئن پڙهي سگهندا. اڄ خدا جي
شڪر سان اڄ اسان ايترو اڳتي آيا آهيون اسين محنت
ڪنداسين اسين پنهنجي ملڪ کي سنواري پنهنجو ۽
پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪنداسين.
علم پرايو پينگهي کان قبر تائين.
اسان جي اسڪول جو نالو گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري
اسڪول نظر محمد انڍڙ آهي. جيڪو ڪچي جي علائقي نانگ
واهه جي ويجهو آهي. اسان جي اسڪول جي بلڊنگ تمام
سهڻي، خوبصورت ۽ ڏسڻ وٽان آهي.
پهريائين هن اسڪول جي تعليم
(ڪچي) کان ڪلاس پنجين تائين محدود هئي.
وقت گذرڻ سان اينگرو فائونڊيشن جي تعاون سان هي
اسڪول ڪلاس ڪي جي کان ڪلاس اٺين تائين پهچي ويو،
جيڪا تعليم اڄ به جاري آهي. اسان جي اسڪول جا
08
ڪمرا آهن. جنهن ۾ پڻ هڪ ڪمپيوٽر ليب موجود آهي.
جتي اسين ڪمپيوٽر جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون.
اسان جي اسڪول ۾ هڪ باغيچو جتي اعلى قسم جا گل
پوکيل آهن جتي اسين رسيس جي ٽائيم ۾ ويهي لطف
اندوز ٿيون ٿا. اسان جي اسڪول ۾ هڪ ميدان آهي جتي
اسان مختلف رانديون
کيڏندا آهيون. جهڙوڪ: والي بال،
ڪرڪيٽ راند، گڏي راند.
اسان جي اسڪول ۾
09
استاد آهن. جيڪي اسان کي سٺي ۽ معياري تعليم ڏين
ٿا.۽ اسين به دلچسپيءَ سان پڙهندا آهيون. اسين
پنهنجي اسڪول ۾ وقت تي پهچندا آهيون اسڪول ۾ صبح
جو روزانو اسيمبلي ڪرائي ويندي آهي.جتي اسين
پريزنٽيشن پيش ڪندا آهيون.اسيمبليءَ کان پوءِ اسين
پنهنجي ڪلاس ڏانهن روانا ٿي ويندا آهيون.
ڪلاس ۾ اسان کي انگريزي، سنڌي، رياضي، اسلاميات،
سماجي اڀياس، سائنس، اردو ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني
ويندي آهي.
اسڪول کان واپس اچي اسين پنهنجو هوم ورڪ ڪندا
آهيون. ۽ اهڙي طرح اسان جي اسڪول کي صاف سٿرو رکڻ
گهرجي ۽ اسان کي دل سان پڙهڻ گهرجي جيئن اڳتي هلي
پنهنجي ڳوٺ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪريون.
درسگاهن سان دل منهنجي،
قطب خانو وطن منهنجو،
ڪتابن ۾ دفن ٿيندس،
ورڪ ٿيندا ڪفن منهنجو.
منٺار احمد چاچڙ
اسان جو پيارو ملڪ
اسان جي پياري وطن جو نالو پاڪستان آهي هي ملڪ
مسلمانن جي
عظيم اڳواڻن جي جدوجهد ۽ بيحد
ڪوششن کان پوءِ 14 آگسٽ 1947ع ڌاري وجود ۾ آيو.
هن ملڪ جو باني ۽ همدرد اڳواڻ قائداعظم محمد علي
جناح آهي.
هن جي گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد آهي هن ملڪ جا چار
صوبا آهن. سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه.
پاڪستان جو نالو پاڪستان چوڌري رحمت علي رکيو. هن
ملڪ جو قومي ترانو حفيظ جالهندري
لکيو. هن ديس
۾ سنڌي، پنجابي، اردو، بلوچي، گجراتي ۽ سرائيڪي
ٻوليون ڳالهائيندڙ رهن ٿا. هن ملڪ جا رهاڪو
وڏا مهمان نواز آهن.
هن ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور،
ڪوئيٽا، پشاور، سرگودهه، سکر، حيدرآباد ۽ ٻيا به
ڪيترائي وڏا شهر اچي وڃن ٿا.ڪراچي کي پاڪستان جي
روشنين جي شهر طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ملڪ جي قومي
ٻولي اردو، قومي شاعر
ڊاڪٽرعلامه اقبال، قومي راند هاڪي، قومي پکي چڪور،
قومي جانور مارخور ۽ قومي ڀاڄي ڀينڊي آهن.
پاڪستان کي قومي ترقي يافته ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو هن
ملڪ جا رهاڪو ڏاڍا سلجهيل، محنتي، هوشيار، اتحاد ۽
قومي ٻڌي ۽ ايڪي وارا آهن. هن ملڪ جو موجوده
وزيراعظم ميان شهباز شريف آهن.
پيارو وطن پاڪستان قدرتي وسيلن، قديمي آثارن ۽
ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ائٽمي طاقتن جي ڪري ديسان
ديس قابل تعريف آهن.
ڌڻيءَ در دعا آهي ته اسان جو پيارو وطن پاڪستان
سدائين خوشحال، سرسبز ۽ تا قيامت تائين شاد و آباد
روشن رهي. (آمين)
عبدالجبار پنهور
عيد
عيد جو ڏينهن هو هر طرف خوشي ئي خوشي هئي. آءُ به
عيد نماز پڙهي، سڀني سان عيد ملي خرچيون وٺي، اوڙي
پاڙي ۾ سيون ورهائڻ لڳس. جڏهن پنهنجي دوست اسلم جي
گهر سَئيُن جي پليٽ کڻي ويس، ته ڇا ڏٺم ته، اسلم
جي ماءُ کٽ تي سيرانديءَ کان ويٺي ڳوڙها ڳاڙيا
اهو منظر ڏسي منهنجي هٿن مان پليٽ ڇڏائجي وئي ۽
منهنجي دل کي
”عيد،
عيد“
جا لفظ زخمي ڪرڻ لڳا دل جهلي اسلم جي ويجهو ويس ته
هو بيهوش پيو هو. منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو. لڙڪ
ڀريل اکڙين سان ماءُ ڏانهن ڏٺم.
”پٽ
اسلم جي طبيعت تمام خراب آهي“
دل تان آسرو لاهيندي چيائين.
”ڊاڪٽر
کي ڏيکاريو آهي ؟“
چيومانس.
”ڊاڪٽر
.... اڄ عيد جو ڏينهن آهي اسپتال بند آهي.“
عيد عيد جا لفظ منهنجي ڪنن تي گونجڻ لڳا ۽ آئون هڪ
دم ڊوڙ پائي ڊاڪٽر ڏانهن ويس. گهڻا ئي دوست عيد
مبارڪون چوڻ لڳا پر مون ڪنهن جو به جواب نه ڏنو.
شهر جي هر هڪ ڊاڪٽر ڏانهن ويس هر ڪو
پنهنجي
ڊاڪٽري فرضن کي وساري عيد جي خوشين ۾ پورو هو. ڪير
به مون سان اچڻ لاءِ تيار نه هو. وري به دل کي آٿت
ڏيڻ لاءِ خيراتي اسپتال ويس ته اتان به مايوس
موٽڻو پيو.
”ان
وقت مون سوچيو ته
”ڪاش،
مان ڊاڪٽر هجان ها.اسلم جو علاج ڪريان ها.“
هن وقت نه منهنجي عمر اها هئي، فقط هڪ ارادو هو،
اٽل ارادو.... مايوسي جي حالت ۾ اسلم جي گهر وٽ
اچي عجيب سوچن ۾ گم ٿي ويس اندر ئي مس ويس ته ڇا
ڏٺم ته هڪ ٽڙندڙ گل ڪومائجي ويو. اسلم اسان کان
تمام گهڻو پري هليو ويو ۽ سندس ماءُ پنهنجو دل
هاري ويٺي. ماءُ جا ورلاپ منهنجي دل تي گهرو اثر
وجهندا رهيا.
”مون
دل ئي دل ۾ اهو فيصلو ڪيو ته آءُ ڊاڪٽر ٿيندس.“
”اُهو
ڊاڪٽر نه جيڪو پنهنجي ڌنڌي کي دولت سان پرکي ٿو،
آءٌ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر ٿيندس، خاص
ڪري ٻارن جو علاج ڪندس.“
آخرڪار
انٽرويو ختم ٿيو ٻئي زال مڙس پنهنجي جهاز واري
ڪمري ۾ ويهي رهيا ۽ جهاز مان لهڻ جي تياري ڪرڻ
لڳا. جهاز کان لهندي ئي هڪ سرڪاري وفد هنن جو سٺو
آڌر ڀاءُ ڪيو. رسمي آڌر ڀاءُ وارين گڏجاڻين
کانپوءِ هنن کي هڪ وڏي گاڏي (ڪار) ڏانهن آندو ويو.
هنن جي ڪار اڳيان اڳيان پئي هلي ۽ اسڪوٽرن ۽ ڪارن
جو جلوس هن جي گاڏي جي پويان پويان هو. جلوس آهستي
آهستي اڳتي وڌندو ويو، ماڻهو آئنسٽائن جي هڪڙي
جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هئا.هن جي ڪار جيئن ئي ماڻهن
جي ڀر مان پئي گذري ته ماڻهن خوشيءَ مان پئي نعرا
هنيا.وڏين وڏين جاين، عمارتن ۾ وري سرڪاري ملازم
درين تان بيهي ڪار جي رستي ۾ ننڍا ننڍا اڇن پنن جا
ٽڪرا پئي اُڇلايا.
آئنسٽائن پنهنجي ڪار ۾ ويٺل هو ۽ هن ٿوري ٿوري
وقفي کان پوءِ هٿ لوڏي، ماڻهن کي سلام جا جواب پئي
ڏنا.ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگيءَ سان مسڪرائيندو رهيو. هن
جي وڏن وارن ۾ ڪاغذن جا ٽڪرا ڦاسي پيا هئا. هن گوڙ
۽ هنگامي کان هو وڏي سڪون ۽ آرام سان نڪري ويو هو،
ڇو ته هن کي هاڻ اهڙن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ جي عادت
پئجي چڪي هئي، جن جو ڪو به حل نه هوندو هو. هن جي
نظر ۾ اهو پُرجوش استقبال به هڪ مسئلو هو، جيڪو هن
جي سمجهه ۾ نه ايندو هو. آئنسٽائن ڏاڍو سادو ماڻهو
هو، هن کي دوستاڻي ماحول واري گرم جوشي وارو
استقبال ته وڻندو هو پر هو اهڙ ي وڏي گرم جوشي
آڌرڀاءُ هئڻ کي پسند نه ڪندو هو، ڇو ته ان ۾ هو
پاڻ تماشائي بدران تماشو بڻجي ويندو هو.
نيويارڪ جي ميونسپالٽيءَ جي هڪ آفيس ۾ شهر جي
ميئر هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هن کي شهر جي چاٻي ڏني،
جيڪا هن ڳالهه جي نشاني هئي ته آئنسٽائن جي
ميزباني جو شرف سڄي نيويارڪ کي حاصل آهي. هن تقريب
جو سفر، استقبالن ۽ تقريبن جو سلسلو شروع ٿي ويو
هو. هن
واشنگٽن جي وائيٽ هائوس ۾ ان وقت جي صدر
”وارن
هارڊنگ“
(Warren
Harding)
سان ملاقات به ڪئي ۽ وري اتان جي وڏن ادارن جهڙوڪ
:پرنسٽن (Princeton)
هارورڊ
Harvard
۽ ڪولمبيا
Columbia
يونيورسٽين ۾
ليڪچر به ڏنا.
مئي مهيني جي آخر ۾ روانگي واري رات جو، آئنسٽائن
جي اعزاز ۾ نيويارڪ جي
”ايسٽر
هوٽل“
(Hotel
Astor)
۾ هن جي دعوت رکي وئي دعوت دوران هڪ ماڻهو هن کان
پڇيو
”
ڇا توهان جي خيال ۾ ڪاليج جي تعليم واقعي ضروري
آهي، ڇا سڄي
معلومات ڪتابن مان نٿي ملي سگهي؟
”مان
پاڻ به پنهنجي ذهن کي ان عام معلومات سان
ٿڪائيندو ناهيان، جيڪا درسي ڪتابن ۾ ملي ٿي، پر
ڪاليج جي تعليم جو حقيقي مقصد ذهن کي فڪري تربيت
ڏيڻ آهي. ان ڪري اها تعليم ضروري آهي.“
ٻي ڏينهن جڏهن ٻئي زال مڙس يورپ وڃڻ واري جهاز ۾
سوار ٿيا ته ڏاڍا ٿڪل هئا، پر ڏاڍو خوش هئا.
آئنسٽائن آمريڪا کي وسندڙ ڪاغذن جو طوفان، استقبال
لاءِ بيٺل ماڻهن جو انبوهه، جيڪو هن ريل جي درين
مان ڏٺو هو، پوءِ هن جيڪي ڪجهه پسيو، ان مان
املهه، قيمتي / آزاديءَ جو اندازو لڳائي سگهجي
پيو، جيڪا هن ملڪ جي نشاني هئي.هن جي ذهن جي
گهرائين ۾ هڪ خيال جنم وٺي رهيو هو ته متان هي
زمين ڪڏهن نه ڪڏهن وطن ٿي وڃي، ڇو ته هو جرمني کي
تباهي طرف وڌندي ڏسي رهيو هو ۽ هاڻي ان کي اهو
اطمنان ٿي رهيو هو ته جيڪڏهن، ڪڏهن ضرورت پئي به
ته آمريڪا هن جي پناهه گاهه بڻجي ويندو.
]برطانيه جا ڪجهه ڏينهن[
آئنسٽائن ۽ ايلزا سڌو جرمني واپس نه ويا ڇو ته
آئنسٽائن
”ڪنگس
ڪاليج“
وارن سان هڪ دفعي وچن ڪيو هو ته هو هڪ ڏينهن هنن
جي ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ ضرور ايندو، جنهن واعدي کي
وفا ڪرڻ لاءِ هن کي ڪيترا ڏينهن لنڊن ۾ گذارڻا پيا
هئا.
لنڊن ۾ هن جي رهائش جو جيڪو بندوبست ڪيو ويو هو،
ان جي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي، پر هنن کي ايتري
سا خبر هئي ته اهي اتان جي مشهور عالم لارڊ هالڊين
(Lard
Haldane)
جا مهمان هوندا، جيئن ئي اهي بندرگاهه تي پهتا ته
هڪ چمڪندڙ رولس رائس هنن کي آرام سان ڪوئن اينس جي
دروازي وٽ ڇڏيو. آئنسٽائن لهندي پنهنجي سارنگي به
پاڻ سان کڻڻ پئي گهري، پر نوڪر اڳ ۾ سامان لاهي
چڪا هئا.
لارڊ هالڊين هنن جو آڌر ڀاءُ ڪيو، ٻئي زال مڙس
هڪڙي خوبصورت ڪمري ۾ گهڙندي وائڙا ٿي ويا. ڇو ته
اهڙو سجايل ۽ سينگاريل ڪمرو ته هنن جي وهم و گمان
۾ به نه هو. هي ڪمرو ته خواب گاهه کان وڌيڪ
ناچ گاهه پئي
نظر آيو. هن جون حيران نگاهون هن ڪمري جي وسعت ۾
ڀٽڪنديون رهيون ۽ اهو سوچي رهيون هيون ته ڪٿي اهي
ٻئي ڪمري ۾ غلطي سان لنگهي ته نه آيا آهن. پر هنن
جو سامان ڪمري ۾ موجود هو، جيڪو ڏاڍو معمولي قسم
جو پئي لڳو. هن هٿ وڌائي پنهنجي سارنگي وارو دٻو
کنيو.
”
سائين! هي ڇا پيا ڪيو ؟ اسين اوهان جي خدمت لاءِ
حاضر آهيون، جيڪڏهن اجازت هجي ته !“
نوڪر هڪ دم آئنسٽائن جي هٿ مان ڊٻو، وٺي ڪُنڊَ ۾
رکيل ميز تي رکيو ۽ اهو کولڻ لڳو. آئنسٽائن اداس
نظرن سان ايلزا ڏي نهاريو، جنهن پنهنجي پريشاني ۽
مونجهاري کي لڪائيندي، پنهنجي هڪ سوٽ ڪيس ڏي هٿ
وڌايو.
”سانئڻ!
مان حاضر آهيان .“
نوڪر هن جي هٿ مان سوٽ ڪيس نهايت ادب مان ورتو ۽
چيو
”
ڪلارا (Klara)
توهان جو سامان کولي توهان کي حاضر ڪندي.“
آئنسٽائن پنهنجي صندوق جي
سامهون بيهي ايلزا ڏي نهاري رهيو هو، جيڪا پنهنجي
بيوسي تي نوڪرن ڏي ڏسي رهي هئي.ملازم ايڏو چُست ۽
ڦڙتيل پئي نظر آيو، جيئن ڪو رانديگر ڊوڙَ لاءِ
تيار بيٺو هجي.
ڪمري ۾ هڪ وڏي ۽ گهري خاموشي ڇانئجي وئي. آئنسٽائن
سڀني کان ويجهي واري ڪرسي تي ويهي رهيو ۽ ايلزا کي
مخاطب ٿيندي چيائين
”هن
ماڻهو کي هڪدم هتان هليو وڃڻ گهرجي، مان هن کي
برداشت نه ٿو ڪري سگهان“.
ايلزا لڪي هن کي دلاسو ڏنو ۽ نوڪر کي مخاطب ٿيندي
چيائين
”مهرباني
توهان جي، توهان کي وري گهرائينداسين. هاڻي توهان
هليا وڃو، وڏي وڏي مهرباني“.
هن اهي جمله ٽٽل ڦٽل انگريزي ۾ چيا.
نوڪر جهڪي سلام ڪيو ۽ چيو ،”
توهان جڏهن چاهيو، مون کي هي گهنٽي وڄائي گهرائي
سگهو ٿا.“
هن گهنٽي ڏي اشارو ڪندي چيو ۽ آهستي ڪمري جو در
بند ڪندي نڪري ويو.
ڪجهه گهڙين لاءِ ڪمري ۾ ساڳي خاموشي ڇانيل رهي.
پوءِ آهستي آهستي آئنسٽائن جي منهن ۾ بي وسي جي
جاءِ تي مُرڪ پکڙجي وئي ۽ اچانڪ هن وڏا وڏا ٽهڪ
ڏنا ۽ پوءِ ته ايلزا جا ٽهڪ به هن جي ٽهڪن ۾ شريڪ
ٿي ويا.
رات جي ماني جو شاندار نموني سان اهتمام ڪيو ويو
هو. برطانيه جا وڏا وڏا نالا موجود هئا.رائل
سوسائٽي جو صدر پروفيسر اينڊنگٽن (Eddington)
مشهور ڊراما نويس جارج برنارڊشا، ڪينٽر بورڊ جا
آرچ بشپ ۽ ٻيا ڪيترا ئي مشهور ماڻهو، ان دعوت ۾
موجود هئا ۽ مختلف موضوعن تي گفتگو ڪندا رهيا.
انهيءَ دوران آئنسٽائن جي نظرئي جو به ڪيترا ڀيرا
ذڪر ٿيو.
آرچ بشپ جيڪو آئنسٽائن جي
ويجهو ٿي ويٺو هو ڪافي عرصي کان هن جي تمنا هئي ته
هو آئنسٽائن سان ملاقات جو شرف حاصل
ڪري، اصل ۾
ڳالهه هيءَ هئي ته
”اضافيت“
جو نظريو هن جي سمجهه ۾ نه آيو هو، جنهن جي ڪري هو
ڏاڍو پريشان هو. هن مضمون جي باري ۾ هن ڪيترائي
ڪتاب پڙهيا هئا، پر هن جي دماغ جون تندون، اڄ به
منجهيل هيون. انگلينڊ جي ڪليسا جي سربراهه هئڻ جي
ناتي سان، هو هر ان مسئلي جي باري ۾ معلومات حاصل
ڪرڻ چاهيندو هو، جنهن جو ذري جو به مذهب سان تعلق
هجي، هو پنهنجي پاڻ کي ڏاڍو ذهين ۽ تيز فهم
سمجهندو هو، پر هي نظريو ان جي سمجهه کان مٿي هو.
پروفيسر آئنسٽائن! ڇا توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته
اضافيت ۽ مذهب ۾ ڪو تعلق آهي. آئنسٽائن سنجيدگي
سان صاف لفظن ۾ جواب ڏنو
”
ڪو به تعلق نه آهي“.
آرچ بشپ وڏي اطمينان جو ساهه
کڻندي چيو
”
خدا جو شڪر آهي، جو هن منجهيل مسئلي جي اڀياس جي
مون کي ڪا ضرورت نه آهي“.
ٻئي شام جو آئنسٽائن جو ليڪچرٿيڻو هو ۽ هال ۾
گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جو هجوم هو. عوام آئنسٽائن
جو ڪيئن آڌرڀاءُ ڪندو ۽ هن جي باري ۾ ٿورو منتظمين
ڳڻتي ۾ پيل نظر اچي رهيا هئا.جرمني وارن پوئين جنگ
۾ جيڪو انگريزن کي مزو چکايو هو، اهو اڃان تائين
تازو هو، ان ڪري ان ڳالهه جو انديشو هو ته متان
ڪي ماڻهو سائنس جي هن عظيم جرمن نمائندي کي خوش
آمديد نه ڪن.
تماشائي خاموش ۽ بيتاب هئا. جڏهن آئنسٽائن ۽ لارڊ
هالڊين پليٽ فارم تي ڪرسين تي ويهي رهيا، ته گوڙ ۽
سُسُ پُس جو آواز اچڻ لڳو ....
(هلندڙ) |