سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولائي 2022ع

باب:

صفحو:5 

Text Box: مضمون

صبا شاهه

 عيد الاضحيٰ

عيد جو ڏينهن اسان سڀني مسلمانن لاءِ وڏي خوشيءَ جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن تي ننڍا توڙي وڏا خوش هوندا آهن پر قرباني واري عيد تي ماڻهو گهڻو خوش نظر ايندا آهن. ڇوته قرباني واري عيد تي مسلمان جانور خريد ڪندا آهن.جهڙوڪ: ٻڪريون، رڍون، ڍڳا، اُٺ وغيره اُٺ جي قرباني گهڻو ڪري سعودي عرب ۾ ٿيندي آهي يا وري شاهوڪار ماڻهو ڪندا آهن قرباني حلال جانور جي ڪئي ويندي آهي. قرباني اسان حضرت ابراهيم عليه السلام جي پياري پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي ياد ۾ ڪندا آهيون.اهو انهيءَ لاءِ ته هڪ ڏينهن حضرت ابراهيم عليه السلام کي ربّ پاڪ خواب ۾ حڪم ڪيو ته پنهنجي سڀ کان پياري شيءِ رب جي راهه ۾ قربان ڪر.

حضرت ابراهيم عليه السلام کي پنهنجي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام  سان بيحد محبت هئي. ان ڪري حضرت ابراهيم عليه السلام کي پنهنجي پٽ کي قربان ڪرڻ  جو خيال آيو هو.

حضرت اسماعيل عليه السلام کي قربان  ڪرڻ لاءِ منيٰ جي ميدان ۾ وٺي آيو. اهو  ڏينهن ذوالحج جو ڏينهن هو. الله تعاليٰ کي پنهنجي پياري نبيءَ جي ڳالهه ڏاڍي پسند آئي. جيئن ئي حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي پٽ کي ذبح ڪرڻ لڳو ته ان جي جاءِ تي  الله تعاليٰ هڪ دنبو موڪليو ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام کي الله پاڪ جو حڪم ٿيو ته، ان کي قربان ڪر. اهڙيءَ طرح اسان مسلمان خدا سائين جي پياري نبيءَ جي عظيم قرباني کي ياد رکڻ لاءِ هر سال قرباني واري عيد جنهن کي عيد الاضحيٰ به چوندا آهن اها خوشيءَ سان ملهايون ٿا.صبح جو عيد نماز پڙهڻ کان پوءِ جانورن جي قرباني شروع ڪئي ويندي آهي. قرباني جو گوشت مِٽن مائٽن پاڙيسرين، دوستن، غريب ۽ مسڪين ماڻهن  ۾ ورهايو ويندو آهي.

 

نياز مسرور بدوي

ذميداري

احمد علي شهر جي هڪ اسڪول ۾ پرائمري استاد هو. جيڪو سندس گهر جي ڀرسان هو. احمد علي سادو سودو انسان هو ۽ ڪنهن به ڦند ڦير مان نه ڄاڻندو هو. جنهن سبب دوست گهٽ، پر دشمن گهڻا پيدا ڪيا هئائين. نهايت جفاڪشي ۽ محنت سان ٻارن کي پڙهائيندو هو، پر منجهس  هڪ وڏي خامي اها هيس، جو بنا موڪل جي ٻار جو اسڪول کان گسائڻ يا ڀڄي وڃڻ کيس ناپسند هو. ٻارن کي اسڪول کان گسائڻ يا ڀڄڻ تي کين چڱي ڀلي سزا ڏيندو هو. هن جي سخت سزا ڏيڻ جي خلاف لچ لوفر ڇوڪرن جي واسطيدارن سندس خلاف اسڪول جي استادن ۽ هيڊ ماستر کي ٻه، ٽي دانهون ڏنيون. هن  کيس گهڻو ئي سمجهايس ته زمانو ٺيڪ نه آهي، اهو دؤر ختم ٿي ويو آهي. جنهن ۾ استاد کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.شاگرد کين پيءَ جو درجو ڏيندا هئا ۽ سندس هر عمل جي پيروي ڪندي، پاڻ کي سَرهو محسوس ڪندا هئا.

احمد علي انهن رولو ڇوڪرن جي پُٺڀرائي ڪرڻ تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندو هو، پر ان جي باوجود سندن ڳالهين

کي مانُ ڏيندي پنهنجي مزاج کي ڪافي ماٺيڻو به ڪيو هئائين، پر ان ٿڌائپ جي باوجود به، هو پنهنجي اصول سان سچو رهيو ۽ ٻارن کي هر ڀيري اڳواٽ موڪل وٺڻ يا موڪل جو اطلاع ڏيڻ جي تاڪيد ڪندو رهندو هو. سُلڇڻا ٻار سندس لفظن کي عزت ڏيندا هئا، پر ٻار ته ٻارآهن،خطا پوءِ به ٿي ويندي هُيَنِ. هو کين ڪجهه هٿ جي مار ۽ ڪجهه زبان جي مار ڏيندو هو.

احمد علي کي استادن جي رويي بيزار ڪري ڇڏيو هو. اهي وقت، بي وقت مٿس چٿرون ڪندا رهندا هئا. امتحان جا ڏينهن ويجها هئا، ان ڪري اسڪول مان بدلي به ڪرائڻ نه ٿي چاهيائين. اهڙيءَ طرح ڏينهن گذرندا رهيا ۽ نيٺ امتحان جو ڏينهن  به اچي پهتو. شاگردن سان سندس سٺي محنت ٿيل هئي جنهن ڪري هو بنا ڪنهن ڌڙڪ جي پنهنجي محنت ۽ هوشيارپ جي ٻَلَ تي پاس ٿي ويا. ڍلن سلن به هيڏانهن هوڏانهن واجهائي پاڻ ملهايو.

امتحان ڏيارڻ کان پوءِ احمد علي حد جي  بيٽ آفيس کي عرض ڪيو ته سائين! منهنجي هن آفيس ۾ بدلي ڪئي وڃي.

هيڊ ماستر توکي ڇڏيندو؟ بيٽ آفيسر چيو سائين، اهو خوش ٿيندو. جواب ڏنائين.

حد جي بيٽ آفيسر سندس عرض اگهايو ۽ مهرباني ڪندي بيٽ بدليءَ جو آرڊر کيس گهر پهچرايو.

احمد علي ٻئي ڏينهن اسڪول مان بيدخليءَ جو حڪم نامو وٺي شهر جي ٻئي اسڪول ۾ داخل ٿيو. جيڪو سندس گهر کان ڪجهه پرڀرو هو. ان  اسڪول ۾ به امتحان ٿي وڃڻ سبب، استادن کي شاگردن کان واندڪائي هئي ۽ استاد رزلٽ شيٽون تيار ڪري رهيا هئا. هن کي به هڪ استاد عديل احمد پنهنجيون رزلٽ شيٽون تيار ڪري، ڏيڻ لاءِ ڏنيون، جيڪي هن ساڳئي ئي ڏينهن تي کيس مڪمل ڪري ڏنيون.

جيئن ئي نئون تعليمي سال شروع ٿيو ته احمد عليءَ کان استاد عديل احمد پڇيو ته ڪهڙو ڪلاس پڙهائيندين.احمد علي وراڻيو ته سائين! اوهان کان پِرائڻ چاهيان ٿو.

عديل احمد کي چوٿون ڪلاس ڏنو ويو، ڇو جو هو اڪثر ڪري چوٿون ڪلاس پڙهائيندو هو ۽ احمد علي کي سندس پارٽنر بنايو ويو. عديل احمد نهايت ئي سٺو استاد هو. پڙهائڻ جو ۽ ٻارن تي ضابطو رکڻ جو کيس قدرتي ڏانءُ مليل هو. پر خلوص، باوقار، بردبار،سنجيده ۽ معامله فهم شخصيت جو مالڪ هو. ڏکين معاملن کي پنهنجي خداداد صلاحيتن سان آسانيءَ سان نبيري وٺندو هو. هر ڪلاس ۾ هوشيار ٻار به هوندا آهن ته وري ڪمزور به. شرارتي ٻار به هوندا آهن ته ڦڏائي به. سٺا ٻار به هوندا آهن ته خراب به. اهڙن ئي پڙهڻ ۾ ڪمزور، ڦڏائي ۽ خراب شاگردن مان عمران به  هڪ هو.

عمران جو پيءُ جاين جي خريد ۽ وڪري جي سلسلي ۾ ڪميشن ايجنٽ طور ڪم ڪندو هو ۽ ڪم جي گهڻائي سبب گهڻو وقت گهر کان ٻاهر رهندو هو. ان ڪري مٿس اها توجهه ڪانه ڏئي سگهيو، جيڪا هڪ پيءَ کي ڏيڻ گهربي هئي. ان کان علاوه پاڻ به گهڻو پڙهيل ڪين هو، پر دنيا داري جي حساب سان چڱو خاصو ڏاهو هو.

عمران جيئن ته لکڻ پڙهڻ ۾ جڏو هو، ان ڪري اسڪول به گهٽ ايندو هو ۽ جيڪڏهن اسڪول ايندو هو ته رسيس ملندي ئي ڀڄڻ ڪم وريام جو تي عمل ڪندي پيرن تي زور ڏيندو هو.

هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته گهڻن ڏينهن کان پوءِ عمران اسڪول آيو. ان ڏينهن سائين عديل موڪل تي هو. عمران جي اکين تي هڪ بهترين عينڪ پاتل هئي. هٿ ۾ واچ / گهڙي ۽ کيسي ۾ ڪافي رپيا موجود هئا. احمد عليءَ، کانئس اسڪول گسائڻ جو سبب پڇيو ۽ عينڪ ۽ واچ بابت به پڇا ڪئي، جنهن جي موٽ ۾ عمران ڪو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنو.

احمد علي جو هٿ لڪُڻ ڏانهن وڌيو ئي مس هو ته ايتري ۾ ڪلاس جو هڪ ٻار اٿي بيٺو ۽ چيائين ته: سائين! عمران چورُ اَٿوَ.هيءَ جيڪا عينڪ ۽ واچ پاتي اٿائين، اها چوريءَ جي اَٿو.

احمد عليءَ، عمران ۽ عرفان کي پاڻ ڏانهن سڏيو ۽ عرفان کان پڇيائين ته عمران، هيءَ عينڪ ۽ واچ ڪٿان چورائي آهي؟

عرفان ٻڌايو ته سائين! عمران  بازار ۾ گهمندي هڪ ڪاڪي جي کيسي مان پئسا ڪڍيا، جن مان هيءَ واچ ورتي اٿائين ۽ هيءَ جيڪا عينڪ ڏسوس ٿا نه، اها بازار ۾ بيٺل عينڪن واري جي کنئي اٿائين.

سائين! عرفان ڪوڙ ٿو ڳالهائي، جيئن مون کي مار ملي ، هيءَ عينڪ ۽ واچ مون کي بابا وٺي ڏني آهي. عمران جواب ڏنو.

نه، سائين، نه. مان سچ ٿو ڳالهايانوَ، هي چور اٿوَ. مون هن کي پاڻ عينڪ چورائيندي ڏٺو آهي (۽ جهڙي نموني چوري ڪئي هئائين، ان جي ايڪٽنگ ڪري ڏيکارڻ لڳو، ۽ مون کي هن پاڻ ئي ڪاڪي جي کيسي مان پئسن ڪڍڻ جي ڳالهه ٻڌائي آهي). احمد عليءَ هٿ ۾ لڪڻُ کنيو ۽ عمران جي اکين تان عينڪ ۽ ٻانهن جي ويڻيءَ مان واچ لاٿي ۽ کيس چوڻ لڳو سچ ٻڌاءِ هيءَ عينڪ ۽ واچ ڪٿان آندي اٿئي؟. سائين! مون کي بابا وٺي ڏني آهي. عمران وراڻيو.

اڙي! سچ ڳالهاءِ، نه ته سٽي ڇڏيندو سانءِ. احمد عليءَ، عمران کي چيو.

احمد عليءَ مٿس سخت دٻاءُ وڌو، پر عمران اصل سچي نه ڪئي. ان وچ ۾  احمد علي کيس ٻه ٽي لڪڻ به وهائي ڪڍيا، پر فيصلي تي پهچي نه سگهيو ته عمران سچ ٿو ڳالهائي يا ڪوڙ. ان سچ ۽ ڪوڙ جي ٻه واٽي تي احمد علي ڪجهه وقت بيٺو رهيو، پر هن اهو اندازو ضرور لڳائي ورتو هو، ته عمران ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. هن عمران کي ٻه، ٽي لڪڻ ٻيا به هنيا ته سچي ڪيائين ۽ چيائين ته: ها سائين مون چوري ڪئي آهي. ان تي احمد عليءَ، عمران  لاٿل عينڪ ۽ واچ ڪلاس جي دريءَ ۾ رکي ۽ چيائينس ته وڃ ۽ وڃي پيءَ کي وٺي اچ.

عمران پيءَ کي وٺڻ ويو ته موٽيو ئي ڪين.

ٻئي ڏينهن عمران جو پيءُ مولا بخش اسڪول آيو ۽ سائين عديل احمد کي دانهن ڏيندي چيائين ته ڪالهه استاد منهنجي پٽ کان واچ ۽ عينڪ کسي آهي ۽ کيس مار به ڏني اٿائين.

سائين عديل احمد کيس چڱيءَ ريت سڃاڻيندو هو. هن کيس هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ويهاريو ۽ احمد علي کي ڪلاس مان سڏرايائين. احمد علي، کين سڄي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي ۽ ان ڇوڪري عرفان کي به ڪلاس مان گهرايائين، جنهن عمران جي چوريءَ بابت کيس ڄاڻ ڏني هئي.

عمران جو پيءُ مولا بخش، عديل احمد کي چوڻ لڳو ته ادا! عمران کي عينڪ ۽ واچ مان وٺي ڏني آهي ۽ هي ڇوڪرو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ مار جي ڊپ کان عمران چيو آهي ته مون چوري ڪئي آهي. منهنجو پٽ چور نه آهي. توهان استاد کي هدايت ڪريو ته منهنجي ٻار کي هروڀرو مار نه ڏي.

سائين عديل احمد، مولابخش کي چيو ته ادا! مولابخش! مون تنهنجي وڏن پٽن کي به پڙهايو آهي ۽ مون کي تنهنجي ٻارن جي افعالن جي پوريءَ طرح ڄاڻ آهي. بيجا طرفداري ڪرڻ به غلط آهي. اها اسان سڀني جي ذميداري آهي، ته اسين ٻارن جي درست نموني تربيت ڪريون، کين سٺي ۽ خراب جي ڄاڻ ڏيون. بُرن ڪمن کان روڪيون ۽ چڱاين ڏانهن مائل ڪريون. ۽ پوءِ احمد علي کان پڇيائين ته عينڪ ۽ واچ ڪيڏانهن ڪئي اٿو؟“ 

احمد علي کيس ٻڌايو ته عينڪ ۽ واچ ڪلاس جي دريءَ ۾ محفوظ رکيل آهن. اهي شيون فقط ان ڪري وٺي رکيم ته جيئن عمران جي والد کي سندس بابت ڄاڻ ڏيان ته جيئن کيس تنبيهه ڪري. سائين عديل احمد، احمد عليءَ کي عينڪ ۽ واچ عمران جي پيءُ کي موٽائي ڏيڻ جي لاءِ چيو. احمد علي دريءَ مان اهي شيون ڪڍي اچي عديل احمد کي ڏنيون. جنهن عمران جي پيءُ مولابخش جي حوالي ڪيون ۽ کيس هدايت ڪئي، ته عمران جي مٿان خاص توجهه ڏئي، نه ته پُٽ کري خراب ٿيندءِ ۽ ان جي اجائي ڀَرِ کڻڻ جي ڪري پڙهي به نه سگهندو.

سائين عديل احمد جي ڳالهه سچي نڪتي ۽ عمران اسڪول مان پنج درجا پاس ڪرڻ جي باوجود اڄ به ڪورو ڄٽ آهي ۽ کيس انگريزي اسڪول مان به ان ڪري ئي ڪڍيو ويو، جو کيس ڪجهه ڪونه پئي آيو.

عمران کي سندس پيءُ مولابخش هڪ دفعو ٻيهر ان ساڳئي اسڪول ۾ غير سرڪاري طور پهرئين درجي ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس اسڪول ۾ ويهاريو به ويو پر سندس عادتون خراب ٿي وڌي وڻ ٿي ويون هيون. ان ڪري پڙهڻ ۾ دل نه لڳس. اڄ هو شهر جو مشهور ڳنڍي ڪَپ واروآهي ۽ سال ۾ مڙئي ڳچ مهينا جيل ۾ هوندو آهي.

عبد الرحمان جتوئي

تتر ۽ شڪاري

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي هڪ شڪاري، پکين پڪڙڻ لاءِ جهنگ ۾ هڪ پڃرو رکيو. هڪ ٿلهو متارو تتر خوراڪ جي ڳولا ۾ اتي اچي نڪتو. پڃري ۾ مزيدر اَن جا داڻا ڏسي، سندس وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو ۽ هو تڙ تڪڙ ۾ پڃري اندر ڌوڪي ويو جيئن ئي هن اَن چُڳڻ جي ڪوشش ڪئي ته پڃري جو دروازو بند ٿي ويو. هن پڃري مان نڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

ايتري ۾ شڪاري  به اتي اچي پهتو. تتر شڪاري کي ڏسي چوڻ لڳو ته جيڪڏهن تون مون کي پڃري کان ٻاهر ڪڍندين ته مان ٻيا ڪيترائي پکي توکي ڦاسائي آڻي ڏيندس. شڪاري تتر جي ڳالهه ٻڌي کيس چيو ته مان اهڙو بيوقوف نه آهيان جو غائب شيءِ جي آسري تي حاضر شيءِ کي ڇڏي ڏيان. سياڻن جو چوڻ آهي ته سڀاڻي جي آسري تي اڄ کي قربان نه ڪبو آهي يا وري جيڪو اڌ کي ڇڏي سڄي ڏي وڃي ان

کي سڄي ته نه ملي پر اڌ لاءِ به سڪي.

 ائين چئي کيسي مان تِکو چاقو ڪڍي تتر کي ذبح ڪري گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.

 

محمد ريحان گُل مڱڻهار.

ڏاهَنِ جا ڏَسَ

*      صبرَ جو ڦل مٺو ٿئي ٿو.

*      شُڪرَ سان رزق وڌي ٿو.

*      محنت ضايع ناهي ٿيندي.

*      بُکيو سُمهجي، قرضِي ٿي نه اُٿجي.

*      انصاف سان تورڻ،

*      عادِلن جي عادت آهي.

 


 

يسرا اعجاز (ڄام شورو)

هڪ پُٽ ۽ هڪ

 پيءَ جي ڳالهه

بابا بيمار هو ۽ بستري تي ليٽيو پيو هو. پٽ کي سڏ ڪري ۽ هلڪي آواز ۾ چيائين پُٽ سڀاڻي اڱارو آهي.

ڪنڌ ورائڻ کان پوءِ چيم، بابا سڀاڻ ته اربع آهي بابا سائين ٻڌي نه سگهيو.

ٻيهر پڇيائين ته سڀاڻ ڪهڙو ڏينهن آهي؟

ٿورو ڪنڌ ورائي مون لهجي ۾ زهر ملائي وات کي ڪن جي ويجهو ڪري، زور سان چيو اربع آهي بابا، اربع آهي بابا، اربع آهي. بابا، جا سڪل چپ ٿورا ڏڪيا، لهجي ۾ مٺاڻ ڀري بابا چيو ويهه پٽ، ڇڏ ڏينهن کي ڏينهن ته پورا آهن تون منهنجو حصو ٻڌي ڇڏ. ننڍپڻ جو هڪ قصو ٻڌي ڇڏ.

گُلن تي هي رنگ برنگي  اُڏرڻ واري  جو نالو ٻڌائي ڇڏ بابا.

ڳل تي پيار ڪري مون پيار مان چيو پوپٽ پُٽ.

تو ٻيهر پڇيو هي ڇا آهي بابا!؟

پوپٽ پوپٽ چوندي ٻڌندي. هڪ مهينو

ٻڌائيندي توکي، پوپٽ چوڻو هو تو سکيو هڪ نالو جيڪو تو سکيو هو!! ڪيترا ڀيرا تو پڇيو تنهنجا به ڏند نه هئا، منهنجا به  اڄ ڏند  نه آهن. تو وٽ ته هڪ بابا هو نه !!ڳالهيون ڪندي منهنجي هنج ۾ سمهي رهندو هئين. تو وٽ ته بابا هو نه!!

مون وٽ ته پٽ آهي نه !!

پوڙهي هن ٻار جو به بابا هجي ها ته ٻڌي وٺي ها. تو وٽ ته بابا هو نه!

مون وٽ ته پٽ آهي نه.!!


 

زهراه نگاه

مترجم خالدڀٽي

گڏيءَ جي شادي

عيني هڪ پياري ڇوڪري هئي. هن وٽ هڪ گُڏي هئي جيڪا ڏسڻ وٽان هئي. عيني پنهنجي گُڏيءَ سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي. هڪ ڏينهن هن سوچيو ته، ڇونه مان پنهنجي گُڏيءَ جي شادي ڪريان. سڀاڻي جمعي جو ڏينهن آهي جمعي جو ڏينهن بهتر رهندو.سڀ کان پهريان عيني پنهنجي آپا وٽ ويئي ۽ چيائين:

آپا! سڀاڻ منهنجي گُڏيءَ جي شادي آهي. اوهان ضرور ايندا.

آپا چيو: آءٌ ضرور اچان ها، پر سڀاڻ سچ پچ ۾ مون کي هڪ شاديءَ ۾ وڃڻو آهي.

عينيءَ جا ٻئي ڀائر علي ۽ رضا جڏهن اسڪول کان آيا ته عيني انهن کي چيو سڀاڻ منهنجي گُڏيءَ جي شادي آهي، اوهان ٻئي ضرور اچجو.

ٻئي ڀائر ٽهڪڙن ۾ پئجي ويا ۽ چيائون ادي ڳالهه  اها آهي ته اسان سڀاڻ ڪرڪيٽ کيڏڻ وينداسون.

عيني پنهنجي ساهيڙين ربيعه ۽ مريم کي چيو، پر اهي ٻئي به جمعي تي پنهنجي ماسيءَ جي گهر وڃي رهيون هيون.

پوءِ عينيءَ سوچيو ته ننڍڙي شايان کي ئي گهرايان. شايان عينيءَ جو ماسات هو........ پر شايان به ان وقت گهر ۾ موجود نه هو.

هينئر ته عيني ڏاڍي پريشان ٿي پر هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي... عيني صبح جو سوير اٿي کڙي ٿي، پنهنجا رانديڪا ٺاهي سنواري ۽ سجائي سينگاري رکيائين. گُڏيءَ کي سٺا ڪپڙا پهرايائين ۽ پاڻ ئي پنهنجي گُڏيءَ جي شاديءَ ۾ اڪيلي شامل ٿي ويئي.

ٿوري دير کان پوءِ ڇا ٿي ڏسي جو سندس گُڏيءَ جي شاديءَ ۾ ڪيترائي مهمان پيا اچن.... طوطو، ٽانڊاڻو، مائي ڪوئل ۽ پوپَٽُ وغيره...... اهي سڀئي تحفا به کڻي آيا هُئا. ڪنهن گُڏيءَ لاءِ چادر آندي هئي ته ڪنهن زيور،طوطي تحفي ۾ گُڏيءَ لاءِ ڪپڙن جو وڳو آندو هو. پوپٽ ۽ ٽانڊاڻو ته گُڏيءَ جي شاديءَ ۾ خوشيءَ وچان نچي رهيا هئا.

عيني ڏاڍي خوش ٿي، سندس سموري اداسي غائب ٿي ويئي. ڪيڏي نه سهڻي شادي ٿي لڳي.... اوچتو هڪدم زور سان دروازو کليو عينيءَ جي اک کلي ويئي، ادي!! ٻئي ڀائر ربيعه ۽ مريم سڀئي اچي پهتا هئا. سندن هٿ ۾ سوکڙيون پاکڙيون هيون.

ادي چيو ڏس عيني آءٌ هنن سڀني کي وٺي آئي آهيان، جن کي تو گهرائڻ پئي چاهيو .... ٿوري دير ضرور ٿي آهي ..... هي وٺ، مون تنهنجي گُڏيءَ لاءِ صندوق آندي آهي.

ڀاءُ چيس: ۽ مون هي ننڍڙو پرس آندو آهي.

ننڍڙي ڀاءُ چيو ۽ هي وٺ گُڏيءَ لاءِ جُهمڪا ڏس ڪيڏا نه چمڪن ٿا پيا.

ربيعه ۽ مريم چيو: اسان تنهنجي گُڏيءَ لاءِ سهڻي چادر آندي آهي.

ايتري ۾ شايان ڊوڙندو آيو جنهن وٽ هڪ ننڍڙي لالٽين هئي ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندي پئي آيو ۽ چئي رهيو هو ته :

عينيءَ گُڏيءَ جي شادي رچائي

شاديءَ جي دعوت سڀن کي کارائي

عينيءَ گُڏيءَ جي شادي رچائي.....


 

دعا ڀٽي

سٺا اخلاق

سيرت النبي صلي الله عليه وسلم ۾ بيان ٿيل آهي ته اسان جي پياري نبي
صلي الله عليه وسلم ڪائنات جي انسانن کي سهڻي اخلاق سان دين جو پيغام پهچايو ۽ هر انسان کي اخلاق جو درس ڏنو. هر انسان جي سڃاڻپ سفري ڪردار يعني اخلاق آهي ۽ هو پنهنجي اخلاق جي ذريعي هڪ ڪامياب انسان بڻجي سگهي ٿو. دنيا ۾ ڪاميابي جي ڪنجي دولت نه بلڪه انسان جا اخلاق آهن. جنهن جي ذريعي هر اهو شخص جيڪو بهتر اخلاقن جو مالڪ آهي دنيا جي هر ڪاميابي جي منزل تي پهچي سگهي ٿو ۽ بهتر کان بهتر پنهنجي مستقبل جو بنياد ٺاهي سگهي ٿو. ان
لاءِ اسان جي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم وڌ ۾ وڌ پنهنجي تبليغ ۾ سٺن اخلاقن جي تربيت ڏني آهي. جنهن سان انسان جي زندگي ۾ هڪ وڏي تبديلي پيدا ٿئي ٿي ۽ بهترين اخلاقن جي مالڪن کي دنيا ڇڏڻ وقت به تعريف سان ياد ڪيو ٿو وڃي. ان لاءِ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي لاءِ پنهنجا اخلاق بهترين بڻائجن ۽ هڪ مثال قائم ڪجي.


 

سنڌيڪار : اعجاز لطيف (ڄام شورو)

آزاد فضا

مون کي خبر نه آهي ته هتي اسان جي ڪڏهن کا رهائش هئي پر جڏهن کان مون اک کولي تڏهن کان مون پاڻ کي هِن ڳاڙهي ڪاٺ جي ٺهيل پڃري ۾ ڏٺو هو. اُتي اسان جو ننڍو آکيرو هو. جنهن ۾ مان پنهنجي ٻن ڀائر، ڪبوترن ۽ امان سان رهندو هوس. اسان جو آکيرو ڏاڍو محفوظ هو. اُهو ڪاٺ جي هڪ تختي تي ٺهيل هو. ان تي مون وڏي سُنهري حرفن واري هڪ تختي لڳائي ڇڏي هئي. جنهن تي لکيل هو گهر پيارو گهر“  پر اسان جي والد کي ان تختيءَ کان ڄڻ ته چڙ هئي. هو هميشه چوندو هو ته هي اسان جو گهر نه آهي پر قيد خانو آهي ڪبوتر جو گهر ته آزاد فضا آهي جتي هو آزاديءَ سان اُڏامندو رهي ٿو. جڏهن گهري ۽ جتي به گهري اُڏامي پر اسان کي ته آزاد فضا جي مطلب جي خبر ئي ڪانه هئي اسان جي لاءِ ته اُهو پڃرو ئي آزاد فضا هو.

ڳاڙهي ڪاٺ جي پڃري ۽ اسان جي آکيري کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا آکيرا هئا، جن ۾ ڪبوتر رهندا هئا. ڪو ڀوري رنگ جو هو ته ڪو اڇي رنگ جو هو، ته  ڪو ڪاري  رنگ جو هو. ڪنهن جون اکيون سايون هيون ته ڪنهن جون ڳاڙهيون، ڪو مُڙيل چُهنب وارو هو، ته ڪو وڏي چُهنب وارو، اسان جي آکيري جي مٿان ڪاٺي جو ٺهيل هڪ کوکو ٽنگيل هو جنهن ۾ ٿلهو متارو اڇو ڪبوتر رهندو هو.ان جون ٽنگون مُڙيل هيون جنهن ڪري هو گهمڻ ۾ ٿوري تڪليف محسوس ڪندو هو ۽ ٻيا سڀ ڪبوتر ان کي ڏاڏو ڪبوتر ڪري ڪوٺيندا هئا اسان جڏهن اُڏامڻ سکيو ته گهڻو ڪري ان جي گهر معنيٰ ان جي خاني ۾ ويندا هئاسين هو اسان کي ماضيءَ جا مزيدار قصا ٻڌائيندو هو .

جنهن اسان کي ٻڌايو ته اسان جو بابو ۽ اهو (ڏاڏو ڪبوتر) ڪنهن زماني ۾ ڏاڍا گهاٽا دوست هئا. پوءِ ڏاڏي ڪبوتر هي قصو ٻڌايو اسان هڪ سرسبز ۽ شاداب جهنگ ۾ رهندا هئاسين. اُتي ٻيا ڪبوتر به هئا صبح ٿيندي ئي اسان کاڌي جي ڳولها ۾ پري پري تائين نڪري ويندا هئاسين. اسان کي آزاد فضا ۾ اُڏامڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو جيتوڻيڪ ان جهنگ ۾ اسان کي شڪاري پکين مثلاً عقاب وغيره جو ڊپ هوندو هو نه  ڄاڻ ڪهڙي وقت به اهي اسان تي حملو ڪن. پر تنهن هوندي به اسان نهايت ئي بهادري سان فضا ۾ اُڏرندا ۽ جهنگ جا چڪر لڳائيندا هئاسين.

هڪ ڏينهن ان جهنگ ۾ ڏاڍو مينهن وسيو ۽ سڄو جهنگ پاڻيءَ سان ڀرجي ويو پر اُهو وڻ جنهن تي اسان جا آکيرا هئا محفوظ رهيو اسان ٻڏڻ کان به بچي ويا سين پر هاڻي کاڌي جو مسئلو پيدا ٿيو ۽ پوءِ اسان ويهه پنجويهه ڪبوتر گڏجي کاڌ خوراڪ جي تلاش ۾ نڪتاسين ۽ اسين تمام گهڻو پري نڪري وياسين. هڪ ميدان ۾ اسان کي زمين تي ٻاجهريءَ جا داڻا پکڙيل نظر آيا.اسان گهڻو ٿڪجي پيا هئاسين. تنهن ڪري بنا ڪنهن سوچ سمجهه جي هيٺ زمين تي لهي آياسين پر اتي ته شڪارين ڄار وڇائي رکيو هو ۽ اسان سڀ ان ۾ ڦاسي پياسين ۽ بس انهيءَ وقت کان وٺي اسين هتي قيد ۾ آهيون.سچ پڇو ته اسين هتي به مزن ۾ آهيون کائڻ لاءِ انُ، ۽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي رهڻ لاءِ آکيرا آهن باقي ٻيو ڇا گهرجي؟ بس انهيءَ  ڳالهه تي ڏاڏي ڪبوتر ۽ اسان جي بابي وچ ۾ اختلاف ٿيو هو. باقي سڀ ڪبوتر خوش هئا.پر بابي کي هي ڳالهه ڏاڍي خراب لڳندي هئي ۽ چوندو هو ته مفت جو کائي کائي اسان جي اکين تي پڙدو چڙهي ويو آهي. جيڪو مزو کليل هوا ۾ آهي سو هِن قيد ۾ ڪٿي؟ انهيءَ سبب جي ڪري اسان جو بابو گهڻو ڪري اڪثر ڪبوترن کي گڏ ڪري جوشيلون تقريرون ڪندو هو ۽ پيو ڪبوترن کي سمجهائيندو هو ته اسان جي منزل هي ننڍو پڃرو نه آهي پر هو آزاد فضا آهي.

بابو ڏاڍي جوش مان چوندو هو ته برابر هتي اسان کي اَنُ، پاڻي ته ملي ٿو پر جيڪو مزو پنهنجي ڪوشش ۽ محنت سان اَنُ پاڻي حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ سان آکيرا ٺاهي ۽ جتي به دل گهري اُتي وڃڻ ۾ آهي اهو ڪنهن ٻي شيءِ ۾ نه آهي.

اسان کي موقعي ملڻ سان ئي هتان ڀڄڻ گهرجي. اسان غلاميءَ جي زندگي نه گذارينداسين ڪڏهن به نه.!! سڀ ڪبوتر بابي جون تقريرون ٻڌي ڪري هيڏانهن هوڏانهن کسڪي ويندا هئا ان مان ڪنهن کي به آزاديءَ جي مطلب جي خبر ڪانه هئي. اُهي هيئن سمجهندا هئا ته اُها ئي زندگي سٺي آهي.

پڃري ۾ صبح ٿيندي ئي اَنُ پاڻيءَ تي جهڳڙو ٿي ويندو هو. ٿانوَ فقط ٻه هئا هڪ داڻي جو ۽ ٻيو پاڻيءَ جو هو. جڏهن ته ڪبوتر گهڻا هئا ۽ هر هڪ جي خواهش هئي ته اُهو ئي پهريون داڻو کائي. تنهن ڪري جهيڙاڪ ۽ سرڪش ڪبوتر ان جنگ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا. ۽ اسان جهڙن ڪبوترن کي بچيل سچيل داڻو ئي ملندو هو سڄو ڏينهن پڃري ۾ گوڙ هوندو هو. ڪٿي ننڍين ننڍين ڳالهين تي جهڳڙو ٿيندو هو. ڪٿي بزرگ ڪبوترن جي محفل مَتل هئي، جنهن ۾ هُو گروپ جي حالت ۾ امن امان جون ڳالهيون ٻوليون ٿينديون هيون، ته ڪٿي وري غلطيءَ سان آنَن ڀڃڻ تي گوڙ ٿيندو هو .مطلب ته پڃرو ماڻهن جي مڇي مارڪيٽ وانگر هو. شام جو هڪ ٿلهو متارو ڇوڪرو ايندو هو، کيس ميرا ڪپڙا پاتل هوندا هئا اهو ڇوڪرو پڃري جو دروازو کولي پهرين ته داڻو پاڻي ڏيندو هو. پوءِ ٻه چار سوکا ڪبوتر پڪڙي ويندو هو. جيڪي ڪبوتر پڃري کان ٻاهر ويندا هئا سي وري واپس ئي نه ايندا هئا. خبر ناهي جو انهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو هو.

ڇوڪرو ٻيهر ايندو هو ۽ دروازو کولي هڪ جڳهه تي بيهندو هو سڀ ڪبوتر ٻاهر نڪري هيڏي هوڏي گهمڻ لڳندا هئا. سڀني ڪبوترن جا پَر يا ته ڪٽيل هوندا هئا يا ته ٻڌل هوندا هئا. مطلب ته اهي اُڏري نه سگهندا هئا. پر تمام پري تائين نه هونءَ به هي علائقو وارياسو هو، تمام پري وڃڻ جي صورت ۾ پَر ڪٽيل هجڻ جي ڪري رستي ۾ ئي ڪٿي ڪري پوندا هئا ۽ بُک ۽ اُڃ جي ڪري مري ويندا هئا.تنهن ڪري سڀ ڪبوتر ٿورو مٿي وڃي اُڏامي پَر ساهي وري واپس ايندا هئا.۽ ڀلا ڪنهن کي پئي آهي جو اَنُ پاڻي ۽ آرامده گهر کي ڇڏي وڃي در بدر ٿئي.

اها سياري جي هڪ منجهند جي ڳالهه آهي گهڻا ڪبوتر پنهنجن آکيرن ۾ لڪا ويٺا هئا ته اهو ٿلهو متارو ڇوڪرو آيو ۽ پڃري جو دروازو کولي هن ڪبوتر اندر اُڇليو اهو تمام گهڻو ڏٻرو ۽ ڪمزور ڪبوتر هو.

اُن جا پر اڃان اڇا ۽ ڪارا هئا ان جي هڪ کنڀراٽيءَ تي پٽي ٻڌل هئي سڀ ڪبوتر ان جي چوڌاري گڏ ٿي ويا ۽ ان کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا. اسان جي پڃري ۾ ايندڙ هر ڪبوتر کي ڪجهه ڏينهن تائين ڪين سهندا هئاسين.

مون کي هرو ڀرو (خواهه مخواهه) گهٽ وڌ ڇا لاءِ ڳالهايوٿا؟ زخمي ڪبوتر پنهنجي هلڪي آواز ۾ چيو:

ڇاٿو بڪين اسان سان وات ٿو هڻين پڃري جو جهيڙاڪر ڪبوتر اڳتي وڌيو ۽ پوءِ ٻئي ڳنڍجي ويا. ڏاڏو ڪبوتر ۽ اسان اُتي پهچي، ٻنهي کي ڏاڍي مشڪل سان ڇڏايو اسان ان ڪبوتر کي پنهنجي آکيري ۾ وٺي آياسين ۽ کيس داڻو پاڻي ڏنوسين. هو ويچارو ڪا مهل ته خاموش رهيو ۽ پوءِ داڻو کاڌائين.

تنهنجو نالو ڇا آهي....؟ ڏاڏي ڪبوتر پڇيو ان کان.

مون کي ڪلُو چوندا آهن. زخمي ڪبوتر جواب ڏنو. چڱو ڪلُو تون آرام ڪر شام جو وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.

ڏاڏو ڪبوتر ائين چئي پنهنجي خاني ۾ هليو ويو.

ڪلوءَ کي وڏي مشڪل سان پڃري جي هڪ ڪنيئري ۾ جڳهه ملي پر ٻيا ڪبوتر اڃا به ان کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي رهيا هئا. شام جو پڃرو کليو اسان سڀ ٻاهر آياسون ٿلهو ڇوڪرو ڏنڊو کڻي هڪ پاسي بيٺو هو. هن سڀني ڪبوترن جا پر پئي ڏٺا جنهن جا پر هن وڌيل سمجهيا ٿي انهن کي ڪٽي ٿي ڇڏيائين ڪلُو ويچارو ڏکارو ٿيو هڪ طرف ويٺو هو. ڇا ڳالهه آهي.....؟ ايترو اُداس ڇو آهين.....؟ مون ويجهو وڃي کانئس پڇيو.

مون کي غلامي پسند نه آهي....؟ مان آزادي چاهيان ٿو. ان وراڻيو مون کي ڏاڍي حيرت ٿي اسان جي پڃري ۾ بابي کان پوءِ هي ٻيو ڪبوتر هو جيڪو ساڳي ڳالهه ڪري رهيو هو. چريو نه ٿي تون گهايل آهين جيڪڏهن زخم ڇٽي به ويا ته به تنهنجا پر ڪٽيل آهن ڪيتري اُڏام ڪندين.....؟

ڏاڏي  ڪبوتر چيو:

وڌ ۾ وڌ اُهو ٿيندو ته مان مري ويندس نه، مرڻ کان پوءِ ته مون کي آزادي ملي ويندي. ڪَلُو ڳالهايو ٿئي. شابس پٽ تو ته هينئڙو ٺاري ڇڏيو. خبر ئي نه پئجي سگهي اوچتو الائي ڪٿان بابو اچي ظاهر ٿيو ۽ ڪلوءَ جي ڳالهين ڄڻ ته ان جي آزاديءَ جي جذبن ۾ ڄڻ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو هو

مهرباني ڪري هاڻي آزاديءَ جو ليڪچر نه ڏجانءِ. ڏاڏي ڪبوتر مُنهن خراب ڪندي چيو. بابي ان جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيائين ۽ چيائين مان اڄ رات سڀني ڪبوترن کي گڏ ڪري هڪ ڀيرو وري ڪوشش ڪندس ۽ جيڪي به غلاميءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ حامي ڀريندا انهن سان گڏجي ڪا ترڪيب سوچينداسين.

هي ماڻهو ڏاڍا چالاڪ هوندا آهن ان ڪري اسان کي سوچ ويچار کان پوءِ  ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو. اوچتو ڪبوترن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ڪو پڃري ڏي ڀڳو ته ڪنهن وڃي مٿي هريءَ تي چڙهي پناهه ورتي ڪبوترن دانهُنِ سان آسمان مٿي تي کنيو اسان ڏٺو ته هڪ خون خُوار ٻليءَ جي وات ۾ هڪ اڇو ڪبوتر هو ۽ ٿلهو ڇوڪرو ان جي پويان ڏنڊو کنيو ڊوڙندو ٿي ويو پر ٻلو ڪڏهو ڪو ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتو هو.

ڏٺئي نه توهان جي هيءَ آهي غلامي ..! بابي ٽوڪ واري انداز ۾ چيو ۽ ڪنهن به ان ڳالهه جو جواب ڪونه ڏنو.

رات جو بابي سڀني ڪبوترن کي گڏ ڪري هڪ زوردار تقرير ڪئي انهن کي آزاديءَ جي اهميت کان واقف ڪيائين پر ڪنهن تي به ڪو  خاص اثر ڪونه ٿيو. ڪي ته مزي سان ننڊ ڪندا رهيا ته ڪي وري آهستي سُرٻائٽن ۾ بابي کي چريو بيوقوف ۽ خفتي ڪوٺڻ لڳا. صرف ٻن ڪبوترن بابي جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پوءِ اهو طئه ٿيو ته بابو، امان اسان ٽئي ڀائر ڪلو ۽ ٻه ٻيا ڪبوتر يعني ڪل اَٺَ ڪبوتر ڀڄي نڪرنداسين. هڪ ڪبوتر صلاح ڏني ته اسان کي اداڪاري ڪري مري وڃڻ گهرجي پر هيءَ صلاح رد ڪئي وئي ته مئل ڪبوتر کي ٻليءَ اڳيان کائڻ لاءِ ڏنو ويندو هو.

پوءِ هي فيصلو ٿيو ته اسين سڀ ان وقت تائين پنهنجن پنهنجن آکيرن کان ٻاهر نه نڪرنداسين جيستائين اسان جا ڪٽيل پر ٻيهر نه ڄَمن. پڃري ۾ گهڻائي سبب هر هڪ جي ڳڻپ ڪونه ٿيندي هئي بس جيڪو هٿ ايندو هو ان جا پر ڏٺا ويندا هئا جيڪڏهن وڏا هوندا هئا ته اُهي ڪٽيا ويندا هئا.

ٻن هفتن تائين اسان پنهنجي آکيرن ۾ لڪيا رهياسين ان وچ ۾ ڏاڏي اسان جي مدد ڪئي.

آخرڪار آزاديءَ جي گهڙي به اچي پهتي شام جو ٿلهو ڇوڪرو آيو، هو پڃري ۾ هٿ وجهي هر ڪبوتر کي پڪڙي ان جا پر ڏسي ۽ پوءِ ان کي ٻاهر ڪڍندو ٿي ويو اسان سڀ ڀڄڻ لاءِ تيار هئاسين. سڀ کان پهريائين اسان جو بابو ڪبوتر اڳتي وڌيو هن ٻئي ڪبوتر جي لِڪ ۾ پڃري کان ٻاهر نڪرڻ ٿي چاهيو پر ٿلهي ڇوڪري ٻِنهي کي پڪڙي ورتو ٻئي ڪبوتر کي ته هن ڇڏي ڏنو ڇو ته اسان جا پر ڪافي ننڍا هئا پر هن بابي کي پڪڙيو ۽ ڪئنچي ڪڍيائين. ان وقت بابي ڇوڪري جي هٿ تي زور سان ٺونگو هنيو ڇوڪرو گهٻرائجي ويو ۽ بابي مان کڻي هٿ ڪڍيائين.بابو هڪ طرف وڃي اُڏاڻو ڇوڪرو کيس پڪڙڻ لاءِ ڀڳس ميدان خالي ڏسي اسين سڀ پڃري مان نڪري اُڏامي وياسين.

خدا حافظ آزاديءَ جا ديوانو! اُڏرڻ کان اڳ ۾ منهنجي ڪبوترن جي ڏاڏي ڪبوتر جو آواز آيو انهيءَ گهڙيءَ اسين آسمان تي هئاسين بابو به اچي اسان سان مليو اسان مزي سان فضا ۾ اُڏري رهيا هئاسين ۽ واهه جون ڏوٽيون  ڏنيون سين.

سچ پچ ته آزاديءَ جو مزو ئي ڪو ٻيو ٿيندو آهي ڪلُو رستي کان چڱي طرح واقف هو. هو جلد ئي اسان کي گهاٽي جهنگ ۾ وٺي آيو اسان کي بُک به لڳي هئي اوچتو اسان کي هڪ ميدان ۾ ٻاجهريءَ تي نظر پئي اسان هيٺ لهڻ چاهيو، پر بابي چيو ترسو تڪڙ نه ڪريو  ٿي سگهي ٿو اتي ڄار پکڙيل هجي. اسان هيٺ لهڻ جو ارادو مٽائي ڇڏيو پر ڪلُو ۽ ٻيا ڪبوتر اڳ ۾ ئي هيٺ لهي چڪا هئا ۽ هاڻ اُهي ڄار ۾ ڦاسي ۽ ڦٿڪي رهيا هئا.

اسان سڀني ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طرح انهن کي ڄار مان ڪڍون پر سڀ بيڪار، انهي مهل لوڙهن مان شڪاري ظاهر ٿيا انهن اسان تي بندوق جون گوليون هلايون اسان جلدي مٿي اُڏرڻ لڳاسين ان وقت هڪ ٺڪاءُ ٿيو ۽ ڪبوتر اُڏرندي اُڏرندي زور سان ڌچڪو کاڌو کيس گليل لڳي هئي. ڪنهن نه ڪنهن طرح هو اسان کان پري تائين اُڏرندو هليو آخرڪار هيٺ اچي ڪريو اسان سڀني هيٺ لهي اچي سندس چوڌاري جمع ٿي وياسين هاڻ ته اسان جا ڳوڙها به ان کي بچائي نه ٿي سگهيا. هُو مُرڪي رهيو هو ۽ مون ٻڌو  هن زبان تي آخري لفظ هي هئا:

منهنجي هڪ ڳالهه ياد رکجو، اسان پيدا به آزاد ٿيا آهيون ۽ آزاد ئي مرنداسين  ۽ اُها ڪوشش ڪجو ته جڏهن موت مٿان اچي ته اسين آزاد هجون.

هن ائين چئي هميشه جي لاءِ پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون. مون مٿي نهاريو آزاد فضا اسان لاءِ منتظر هئي.

اي! ڪاش اهو تون ڄاڻي ها،

آزاد فضا ڇا ٿيندي آهي.


 

محترمه ايڊيٽر صاحبه

اسلام عليڪم:

گل ڦل سان ننڍپڻ کان وٺي جيڪو مطالعاتي ۽ تحريري جوڙ جُڙت رهي آهي. اُن ڳالهه جي سچائيءَ لاءِ رسالي جا گذريل شمارا محترم انور هالائيءَ کان وٺي اڪبر جسڪاڻي جي ايڊيٽر شپ تائين شاهد آهي. الله تعاليٰ ٻنهي جا درجات بُلند ڪري ۽ نيڪيون جنت الفردوس جي صورت منجهه متبادل فرمائي.

ٻي ڳالهه ته رسالو گل ڦل تسلسل سان نه ڇپيو ڇپجي ان ڪري تحريري همٿ به ماٺ ڪري ويهي رهي هئي پر هاڻي رسالي جي سموري سٿ کي واڌايون هجن جو اڄڪلهه گل ڦل رسالو لڳاتار ۽ تسلسل سان ڇپجي رهيو آهي.

رسالي جي اشاعت لاءِ ڪجهه نئين ۽ نڪور شاعري اماڻي رهيو آهيان. اميد ته اشاعت کان پوءِ رسالي گل ڦل جي اعزازي ڪاپي نصيب ٿيندي رهندي ۽ هڪ ڪهاڻي به ان سان شامل آهي.

ٿورائتو!

عبدالله شجاعسنڌي

لاڙڪاڻو.

 

ڀيڻ نجمه پنهور

السلام عليڪم!

عرض ته ڀيڻُ مان گل ڦل رسالو ڪيترن ئي مهينن کان پڙهي رهيو آهيان. گل ڦل بهترين ۽ سٺو رسالو آهي. اڄ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن رسالي ۾ لکي رهيو آهيان. ان کان پهريان مان صرف اخبارن ۾ لکندو هيس. ڀيڻ ڪجهه اهم شيون لکي موڪلي رهيو آهيان. اميد ته مايوس نه ڪندا. انشاءَ الله. جيڪڏهن زندگي رهي ته گل ڦل رسالي ۾ لکندو رهندس.

آزاد عبدالوحيد منگي

قائد عوام يونيورسٽي،

ضلع شهيد بينظيرآباد

جون 2022ع جي ماهوار شماري ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيت سُر ڪلياڻ جي داستان ٽئين جوٻارهون نمبر بيت آهي.

بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:

مؤمن يعني ايمان هجڻ لاءِ صرف ڪلمو پڙهڻ يا ڪلمي گو ڪوٺائڻ ڪافي ناهي (محض اها دعويٰ ڪافي ناهي). جڏهن تنهنجي دل ۾ ڪوڙ، بي ايماني، ٻيائي ۽ شيطان ويٺل آهي. تون فقط ڏسڻ ۾ مسلمان آهين، پر اندر ۾ وڏو ڪافر آهين.(تون شڪل ۾ هڪ پر عملن ۾ ٻيءَ طرح آهين).

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*  فيصل ڪاڪا: ڪلاس ڇهون، گورنمينٽ مڊل اسڪول ڦل ڪاڪا تعلقو نيو سعيد آباد.

*اوشاق سهتو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

* عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ڇهون، گورنمينٽ مڊل اسڪول ڦل ڪاڪا نيو سعيدآباد.

*  شفا بي بي : ڪلاس ٻيون گورنمينٽ پرائمري اسڪول، ڦل ڪاڪا، تعلقه نيو سعيد آباد.

*  محمد مدثر دايو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*  محمد حسنين مرزا: ڪلاس چوٿون، حسنين اڪيڊمي ٽنڊو آغا حيدرآباد.

نياز علي کوسو: ڪلاس ڏهون، اولڊ ڪيمپس حيدرآباد.

*  سڪندر علي کوسو: ڪلاس ڏهون، اولڊ ڪيمپس حيدرآباد.

*  ذيشان جمالي: ڪلاس يارهون، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڳوٺ بکر جمالي نيو سعيد آباد.

*  رياض جمالي: ڪلاس يارهون، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪل ڳوٺ بکر جمالي نيو سعيد آباد.

*  قادر بخش: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*  محمد ياسين سوڍڙو: ڪلاس ڏهون، مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا نيو.

* زيب النساءِ: ڪلاس ٽيون.

*  مستقيم ملاح: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو غلام محمد.

*  احسان علي: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان محمد ياسين سوڍڙو جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org