سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولائي 2022ع

باب:

صفحو:2 

Text Box: مضمون

نصير احمد فقير چنا

ڀنڀوري کي نه پڪڙيو

ڀنڀوريءَ کي نه پڪڙيو،

هوءَ مڇر کائي کپائي ٿي.

اوهان هن تي ظلم نه ڪيو،

اوهان جو ڇا وڃائي ٿي.

خدا هن کي ڏنا هن پرَ

پرن سان هو اُڏامي ٿي.

زبان سان ذڪر ڪر مالڪ جو،

ڪري ڪيڏو ڪمائي ٿي.

ڏسي اکڙين سان ٿي پر،

سوچ ان وٽ ٿورڙي آهي.

اڏامي ڪيترائي ميل ٿي،

وارو وڄائي ٿي.

نماڻي ڪيڏي نازڪ آ،

قد و بت ۾ صفا هلڪي

ڏسڻ ۾ خوب صورت آ

آهي محتاج مولا جي

اڳيان لاچار ٿي ڪنهن جي

نه ڪڏهين هٿ وڌائي ٿي

ڀنڀوري به خدا تعاليٰ

جي مخلوقات ۾ آهي،

رزق مالڪ جو کائي ٿي

اوهان جو ڪجهه نه کائي ٿي

رکيو مولا حقيقت ۾،

نصيحت جو سبق آهي،

اجورو پنهنجي محنت جو،

 ته هر ڪا چيز پائي ٿي.

خدا انسان ڪيو توکي،

شڪر الحمدلله چئُه.

اهو انسان دنيا ۾،

انساني ذات ڳائي ٿي،

نَصيرَ فقيرَ ڪر رب جو،

شڪر توکي ڪرڻ گهرجي

جو هر ويلي رزق سڀ کي

اها هستي کارائي ٿي.

 

اقصيٰ بيبو چنا (لاڙڪاڻو)

گُل ڦُل

آهي سڀ کان پيارو گُل ڦُل،

رنگ برنگي نيارو گُل ڦُل.

 

ڌرتيءَ جو آهي سينگار گُل ڦُل،

علم ادب جو تارو گُل ڦُل.

 

ڏئي ٻار کي ٿو تعليم گُل ڦُل،

شعر مضمون ڪهاڻين وارو گُل ڦُل.

 

تنهنجي ڪتاب کي ڏسي چون ٿا،

آهي سڀ کان پيارو گُل ڦُل.

صادق لاشاري

غزل

علم اسان وٽ آ،

قلم اسان وٽ آ.

 

همٿ ڀريو هر دم.

قدم اسان  وٽ  آ.

 

ڏيئا ڪبا روشن،

عزم اسان وٽ  آ.


سچو صفا سهڻو،
ڌرم اسان
  وٽ آ.

چڱي چڱائي جو،
الم اسان وٽ آ.

گھڻي پڙهائي جو،
قسم اسان وٽ آ.
 

ڊاڪٽر غلام مصطفى سولنگي(پهرين قسط)

مختلف عمر جي ٻارن جو ادب

ڇهن سالن جي عمر ۾ هڪ ٻار چِٽي اُچار سان ڳالهائڻ لڳندو آهي يعني ان عمر ۾ ٻار کي پنهنجي مادري زبان تي عبور حاصل ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙيءَ طرح ان عمر ۾ ٻار ۾ ادبي شعور پيدا ٿيندو آهي. تنهنڪري ٻارن جو ادب تخليق ڪرڻ وقت سندن عمر جو بيحد گهڻو خيال رکيو ويندو آهي.عمر جي مختلف درجن جي حساب سان ٻارڙن جي ادب جي ورهاست به ڪئي ويندي آهي.

ڇهن ستن سالن جي ٻارن لاءِ اهڙا ڪتاب لکيا وڃن جيڪي ٻوليءَ جي لحاظ کان سولا هجن. انهن ۾ تصويرون وڻندڙ، واضح ۽ موضوع جي مناسبت سان ٺهڪندڙ هجن.ٻارڙا تصويرن ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندا آهن. ان کان سواءِ ان عمر ۾ ٻارڙن جو شاعريءَ سان لڳاءُ به وڌي ويندو آهي. هو ننڍا ننڍا شعر ۽ نظم ڳائيندو ۽ گنگنائيندو رهندو آهي. پروفيسر مسعود حسين لکي ٿو ته ان عمر ۾ ٻار ۾ تُڪبنديءَ جو شوق به پيدا ٿيندو آهي اڪثر ڏٺو ويو آهي ته ٻار تُڪبندي تمام سٺي ڪندا آهن، جڏهن ته کين شاعريءَ جي وزن بحر جي به ڪا ڄاڻ نه هوندي آهي. ٻارڙن جي ذهني ۽ تخليقي  صلاحيت ان عمري ۾ ئي پڌري ٿي پوندي آهي. سندس تخليقي سگهه ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيندي رهندي آهي. سندس ذهن خيالي دنيا ۾ تيز اڏام ڪرڻ لڳندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاعريءَ کانپوءِ جيڪڏهن ٻار ڪنهن شيءِ ۾ دلچسپي وٺندو آهي ته اهي خيالي ڪهاڻيون ئي هونديون آهن.

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهي خيالي ڪهاڻيون ٻارڙن لاءِ بيحد اثرائتيون هونديون آهن، پر انهن خيالي ڪهاڻين جو ڳانڍاپو ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ روزاني زندگيءَ سان ضرور هجڻ گهرجي. ان عمر ۾ ٻارڙا ڏاڏيءَ يا نانيءَ ۽ ڏاڏي ۽ ناني کان ڪهاڻيون ٻُڌڻ پسند ڪندا آهن ۽ ڪهاڻي ٻُڌڻ کان سواءِ کين ننڊ ئي ڪونه ايندي آهي. ان عمر ۾ ٻارڙن کي روايتي قسم جون ڪهاڻيون ٻڌايون وينديون آهن،جيڪي وڏڙا پنهنجي وڏڙن کان ٻڌي چڪا هوندا آهن.

نَون سالن کان يارهن سالن تائين جي ٻارڙن جو ادب مٿي بيان ڪيل عمر جي ٻارڙن جي ادب کان گهڻو مختلف هوندو آهي.مٿي ٻڌايل عمر جي ٻارڙن لاءِ خيالي ۽ تصويري ڪهاڻين ۾ وڏي ڇِڪ هوندي آهي. جڏهن ته هن عمر جي ٻارڙن جي دلچسپي خيالي دنيا کان وڌيڪ حقيقي دنيا ۾ وڌي ويندي آهي. جن ڪهاڻين جو تعلق زندگي، سماج ۽ روزمرهه جي تجربن ۽ مشاهدن سان هوندو آهي تن ۾ ٻارڙن جي دلچسپي گهڻي هوندي آهي. اها دلچسپي ان ڪري هوندي آهي جو ٻار پنهنجي گهر ۽ ڪٽنب جي واتا ورڻ مان ٻاهر نڪري ٻاهر جي دنيا کان واقف ٿيندا آهن. شروعات ۾ جنهن ٻار کي جانورن ۽ پکين جون ڪهاڻيون يا وري پَرين ۽ جادوگرن جون ڪهاڻيون وڻنديون هيون، تنهن کي هينئر حقيقت سان ڀريل رچنائون وڻن ٿيون.

هن عمر ۾ ٻار جي جسماني واڌ ويجهه فطري  طور تي گهڻو تيز ٿي ويندي آهي. هُو ذهني طور تي به گهڻو بُلند ۽ سمجهدار ٿي ويندو آهي. هو ماڻهن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳندو آهي. سندس ذهن ۾ هي سوال اُڀرندا آهن ته ماڻهو ڪيئن رهندا آهن؟ اهي ڇا ڪندا آهن؟ اهي ڇا ڳالهائيندا آهن؟ اهي ڇا کائيندا پيئندا آهن؟ مطلب ته هڪ ٻار ماڻهن جي ڪردار، طور طريقن ۽ اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو آهي. ان کان سواءِ وڏن جو نقل به ڪرڻ لڳندو آهي. تنهن ڪري هن عمر جي ٻارڙن جي ادب ۾ ڊرامي کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. گڏوگڏ هن عمر جي ٻارڙن کي ماڳن، مڪانن، تاريخ، ثقافت، بزرگن ۽ پراڻي زماني جي وڏڙن سان سونهون ڪرائڻ بيحد ضروري آهي ته جيئن ٻار پنهنجي ذهن ۾ پنهنجي مستقبل جو هڪ خاڪو جوڙي سگهي.

ٻارهن کان پنڌرهن سالن جي عمر جي ٻارڙن جو ادب گهڻو حقيقت پسنداڻو هوندو آهي. هن عمر ۾ هڪ ٻار چڱيءَ طرح عقلمند ٿي ويندو آهي. هو دنيا، سماج، ماحول، ڪٽنب ۽ پنهنجي آس پاس کان پوريءَ طرح واقف ٿي ويندو آهي. کيس بُري ۽ ڀلي جي سُڌ پئجي ويندي آهي. هن جي لفظي ذخيري ۾ واڌارو، خيال ۾ پُختائي، تجربي ۾ گهرائي، ۽ اعتماد ۾ مضبوطي اچي ويندي آهي. هن عمر ۾ ٻار آزادي ۽ خود مختياري کي پسند ڪندو آهي. پنهنجي پسند ۽ ناپسند تي ضد ڪندو آهي.پنهنجي مرضيءَ سان سڀ ڪجهه ڪرڻ چاهيندو آهي. کيس جيڪو ڪجهه به پنهنجي  ڪٽنب، ماحول تعليم ۽ ادب مان ملندو آهي تنهن کان وڏي حد تائين متاثر ٿيندو آهي.دراصل هن عمر ۾ ٻار جي شخصيت، مزاج،عادتن، طريقن ۽ ڪردار جي جوڙجڪ ٿيندي آهي.هن عمر جي ٻارڙن جي ادب ۾ وڏڙن ڪارناما، تاريخي ناول، جوش ڏياريندڙ شاعري، اخلاقي ۽ ادبي موضوعن تي لکيل ڪتابن ۽ مضمونن کي شامل ڪرڻ گهرجي.ان ڏس ۾ هوند راج بلواڻي لکي ٿو ته ٻار پنهنجي ٻالڪپڻ مان نڪري ڪشور اوَسٿا ۾ پرويش ڪن ٿا، تڏهن هنن کي بهادريءَ جون ڪهاڻيون ۽ وگيانڪ پس منظر واريون رچنائون وڌيڪ ڪشش ڪن ٿيون. انهيءَ عمر ۾ هنن کي ڪٽنب جي مسئلن ۽ ڪٽنبي ماحول تي لکيل رچنائون به وڻن ٿيون. سماجڪ ڪهاڻيون به هنن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون.

هن عمر جي ٻارڙن جي شخصيت  ۽ سندن ڪردار جي جوڙجڪ ۾ اُن ادب جو وڏو هٿ هوندو آهي، جيڪو هو پڙهندا آهن. عام طور ماڻهو اهڙي شاعريءَ، قصن ڪهاڻين ۽ مضمونن کي گهڻي اهميت ڏيڻ لڳندا آهن، جن ۾ ڪا نصيحت يا هدايت هوندي آهي، اسان وٽ عام ڪري اها سوچ هوندي آهي ته جيڪي اخلاقي قدر ڪنهن قوم، طبقي، فرقي ۽ قبيلي ۾ رائج ۽ داخل هوندا آهن، تن کي اهڙيءَ طرح پيش ڪيو وڃي ته جيئن ٻار انهن کي ڪنهن سبق وانگر پڙهن ۽ انهن مان لاڀ پرائين. اهڙي شاعري يا ڪهاڻيون يا مضمون سُٺا ته ضرور هوندا آهن، پر ٻارڙن لاءِ سڌو سنئون نا صحاڻو انداز اختيار ڪرڻ هرگز به مناسب ناهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته مقصد کي اهڙي ادبي انداز ۾ ويڙهي سيڙهي پيش ڪيو وڃي، جيئن ڪڙي گوريءَ تي کنڊ جو تَهه چاڙهيو ويندو آهي.

ٻارڙن جي ادب جون خاصيتون

ٻارڙن جي ادب جون پنهنجون گُهرجون ۽ مقصد ٿيندا آهن. ان جون پنهنجون خاصيتون ٿينديون آهن. تنهن ڪري ٻارڙن جو ادب تخليق ڪرڻ وقت انهن خاصيتن کي اڳيان رکڻ نهايت ضروري ۽ اهم آهي. انهن خاصيتن کان سواءِ عمدو، نتيجا ڏيندڙ ۽ سبق آموز ادب نه ٿو تخليق ڪري سگهجي.ٻارڙن جي دل وندرائڻ، کين متاثر ڪرڻ ۽ سندن ذهنن کي مسحور ڪرڻ جي ڏس ۾ هيٺين خاصيتن کي سامهون رکڻ بيحد ضروري آهي.

ٻارڙن جي ادب جو بنياد علم ۽ اخلاق تي ٻَڌل هجي ۽ ان جو مقصد سٺي تعليم ۽ تربيت تي مشتمل هجڻ گهرجن، ته جيئن ٻارڙن جي ادب ۾ ٻارڙن جي فطري صلاحيتن کي اُڀاري سگهن. ان ڪري سڌو سنئون ناصحاڻو انداز اختيار ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ويندو آهي.  ٻارڙن جي ادب ۾ حُب الوطني، ايڪي ۽ ٻَڌي، قومي يڪجهتيءَ جهڙن جذبن جو عڪس هجڻ  به ان جي هڪ وڏي خاصيت آهي.

(هلندڙ)


 

پيارا ٻارو! هاڻي گرمين جي موسم اچي وئي آهي. انهيءَ جي ڪري اوهان ٻارن کي گرمي کان بچاءَ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺڻ گهرجن. ۽ گرمي جي بچاءَ لاءِ ٻارن کي هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ گهرجي.

* ڪپڙا اڇي يا هلڪي رنگ جا پائڻ گهرجن ڇو جو ڪاري يا گهري رنگ جا ڪپڙا گرمي جذب ڪري بدن کي گرم ڪن ٿا.

* ڪپڙا سوٽي ڌاڳي جا هجن جيڪي پگهر جذب ڪن. ٽيٽرون يا ريشمي ڪپڙا پگهر جذب نه ٿا ڪن ان ڪري بدن ٿڌو نٿو ٿئي.

* ميرا ڪپڙا هڪدم ڌوئي پوءِ پائجن.

مٿي تي وار ننڍا هجن. مٿو يا ته کليل هجي يا وري سوراخن واري ٽوپي پائجي ته جيئن مٿي جو پگهر سڪندو رهي.

* ٽاڪ منجهند جو تيز سج جي روشنيءَ ۾ ڪوشش ڪري نه نڪرجي يا وري اُس  وارو ڪارو چشمو لڳائجي.

* کاڌي ۾ گيهه واريون تريل ۽ گهڻي مٺاڻ واريون شيون نه کائجن، گوشت گهٽ ۽ داليون، ڀاڄيون ۽ ميوو  گهڻو استعمال ڪجي. چانهه اُڃ کي ختم ڪري ٿي پر اها گهٽ استعمال ڪجي.

* پاڻي گهڻو پيئجي ڇو ته پاڻي گهڻي پيئڻ سان صحت جي لاءِ وڏو فائدو آهي.

* رات جو سمهڻ کان اڳ ڏندڻ ڏئي وهنجي پوءِ سمجهي.

* سگريٽ ڇڪڻ صحت لاءِ ڏاڍو نقصانده آهي ان کان پرهيز ڪجي.

* هٿن ۽ مُنهن کي هر هر صابڻ يا ٿڌي پاڻي سان ڌوئجي.

* روزانو صبح سوير ڊوڙڻ يا ورزش ڪرڻ جي عادت وجهجي ۽ ان تي لاڳيتو عمل ڪجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org