سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولائي 2022ع

باب:

صفحو:4 

Text Box: مضمون

اسان جي اسڪول جو نالو گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول نظر محمد انڍڙ آهي. جيڪو ڪچي جي علائقي نانگ واهه جي ويجهو آهي. اسان جي اسڪول جي بلڊنگ تمام سهڻي، خوبصورت ۽ ڏسڻ وٽان آهي.

پهريائين هن اسڪول جي تعليم (ڪچي) کان ڪلاس پنجين تائين محدود هئي.

وقت گذرڻ سان اينگرو فائونڊيشن جي تعاون سان هي اسڪول ڪلاس ڪي جي  کان ڪلاس اٺين تائين پهچي ويو، جيڪا تعليم اڄ به جاري آهي. اسان جي اسڪول جا 08 ڪمرا آهن. جنهن ۾ پڻ هڪ ڪمپيوٽر ليب موجود آهي. جتي اسين ڪمپيوٽر جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهيون. اسان جي اسڪول ۾ هڪ باغيچو جتي اعلى قسم جا گل پوکيل آهن جتي اسين رسيس جي ٽائيم ۾ ويهي لطف اندوز ٿيون ٿا. اسان جي اسڪول ۾ هڪ ميدان آهي جتي  اسان مختلف رانديون کيڏندا آهيون. جهڙوڪ: والي بال، ڪرڪيٽ راند، گڏي راند.

اسان جي اسڪول ۾ 09 استاد آهن. جيڪي اسان کي سٺي ۽ معياري تعليم ڏين ٿا.۽ اسين به دلچسپيءَ سان پڙهندا آهيون. اسين پنهنجي اسڪول ۾ وقت تي پهچندا آهيون اسڪول ۾ صبح جو روزانو اسيمبلي ڪرائي ويندي آهي.جتي اسين پريزنٽيشن پيش ڪندا آهيون.اسيمبليءَ کان پوءِ اسين پنهنجي ڪلاس ڏانهن روانا ٿي ويندا آهيون.

ڪلاس ۾ اسان کي انگريزي، سنڌي، رياضي، اسلاميات، سماجي اڀياس، سائنس، اردو ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم ڏني ويندي آهي.

اسڪول کان واپس اچي اسين پنهنجو  هوم ورڪ ڪندا آهيون. ۽ اهڙي طرح اسان جي اسڪول کي صاف سٿرو رکڻ گهرجي ۽ اسان کي دل سان پڙهڻ گهرجي جيئن اڳتي هلي پنهنجي ڳوٺ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪريون.

درسگاهن سان دل منهنجي،

قطب خانو وطن منهنجو،

ڪتابن ۾ دفن ٿيندس،

ورڪ ٿيندا ڪفن منهنجو.

منٺار احمد چاچڙ

اسان جو پيارو ملڪ

اسان جي پياري وطن جو نالو پاڪستان آهي هي ملڪ مسلمانن جي عظيم اڳواڻن جي جدوجهد ۽ بيحد ڪوششن کان پوءِ 14 آگسٽ 1947ع  ڌاري وجود ۾ آيو. هن ملڪ جو باني ۽ همدرد اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح آهي.

هن جي گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد آهي هن ملڪ جا چار صوبا آهن. سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه. پاڪستان جو نالو پاڪستان چوڌري رحمت علي رکيو. هن ملڪ جو قومي ترانو حفيظ جالهندري لکيو. هن ديس ۾ سنڌي، پنجابي، اردو، بلوچي، گجراتي ۽ سرائيڪي ٻوليون ڳالهائيندڙ رهن ٿا. هن ملڪ جا رهاڪو وڏا مهمان نواز آهن.

هن ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڪراچي، اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، سرگودهه، سکر، حيدرآباد ۽ ٻيا به ڪيترائي وڏا شهر اچي وڃن ٿا.ڪراچي کي پاڪستان جي روشنين جي شهر طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ملڪ جي قومي ٻولي اردو، قومي شاعر

ڊاڪٽرعلامه اقبال، قومي راند هاڪي، قومي پکي چڪور، قومي جانور مارخور ۽ قومي ڀاڄي ڀينڊي آهن.

پاڪستان کي قومي ترقي يافته ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو هن ملڪ جا رهاڪو ڏاڍا سلجهيل، محنتي، هوشيار، اتحاد ۽ قومي ٻڌي ۽ ايڪي وارا آهن. هن ملڪ جو موجوده وزيراعظم ميان شهباز شريف آهن.

پيارو وطن پاڪستان قدرتي وسيلن، قديمي آثارن ۽ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ائٽمي طاقتن جي ڪري ديسان ديس قابل تعريف آهن.

ڌڻيءَ در دعا آهي ته اسان جو پيارو وطن پاڪستان سدائين خوشحال، سرسبز ۽ تا قيامت تائين شاد و آباد روشن رهي. (آمين)


 

عبدالجبار پنهور

عيد

عيد جو ڏينهن هو هر طرف خوشي ئي خوشي هئي. آءُ به عيد نماز پڙهي، سڀني سان عيد ملي خرچيون وٺي، اوڙي پاڙي ۾ سيون ورهائڻ لڳس. جڏهن پنهنجي دوست اسلم جي گهر سَئيُن جي پليٽ کڻي ويس، ته ڇا ڏٺم ته، اسلم جي ماءُ  کٽ تي سيرانديءَ کان ويٺي ڳوڙها ڳاڙيا اهو منظر ڏسي منهنجي هٿن مان پليٽ ڇڏائجي وئي ۽ منهنجي دل کي عيد، عيد جا لفظ زخمي ڪرڻ لڳا دل جهلي اسلم جي ويجهو ويس ته هو بيهوش پيو هو. منهنجي اکين ۾ پاڻي تري آيو. لڙڪ ڀريل اکڙين سان ماءُ ڏانهن ڏٺم.

پٽ اسلم جي طبيعت تمام خراب آهي دل تان آسرو لاهيندي چيائين.

ڊاڪٽر کي ڏيکاريو آهي ؟ چيومانس.

ڊاڪٽر .... اڄ عيد جو ڏينهن آهي اسپتال بند آهي.

عيد عيد جا لفظ منهنجي ڪنن تي گونجڻ لڳا ۽ آئون هڪ دم ڊوڙ پائي ڊاڪٽر ڏانهن ويس. گهڻا ئي دوست عيد مبارڪون چوڻ لڳا پر مون ڪنهن جو به جواب نه ڏنو. شهر جي هر هڪ ڊاڪٽر ڏانهن ويس هر ڪو  پنهنجي ڊاڪٽري فرضن کي وساري عيد جي خوشين ۾ پورو هو. ڪير به مون سان اچڻ لاءِ تيار نه هو. وري به دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ خيراتي اسپتال ويس ته اتان به مايوس موٽڻو پيو.

ان وقت مون سوچيو ته ڪاش، مان ڊاڪٽر هجان ها.اسلم جو علاج ڪريان ها. هن وقت نه منهنجي عمر اها هئي، فقط هڪ ارادو هو، اٽل ارادو.... مايوسي جي حالت ۾ اسلم جي گهر وٽ اچي عجيب سوچن  ۾ گم ٿي ويس اندر ئي مس ويس ته ڇا ڏٺم ته  هڪ ٽڙندڙ گل ڪومائجي ويو. اسلم اسان کان تمام گهڻو پري هليو ويو ۽ سندس ماءُ پنهنجو دل هاري ويٺي. ماءُ جا ورلاپ منهنجي دل تي گهرو اثر وجهندا رهيا.

مون دل ئي دل ۾ اهو فيصلو ڪيو ته آءُ ڊاڪٽر ٿيندس.

اُهو ڊاڪٽر نه جيڪو پنهنجي ڌنڌي کي دولت سان پرکي ٿو، آءٌ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر ٿيندس، خاص ڪري ٻارن جو علاج ڪندس.


 

آخرڪار انٽرويو ختم ٿيو ٻئي زال مڙس پنهنجي جهاز واري ڪمري ۾ ويهي رهيا ۽ جهاز مان لهڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. جهاز کان لهندي ئي هڪ سرڪاري وفد هنن جو سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو. رسمي آڌر ڀاءُ وارين گڏجاڻين کانپوءِ هنن کي هڪ وڏي گاڏي (ڪار) ڏانهن آندو ويو. هنن جي ڪار اڳيان اڳيان پئي هلي ۽ اسڪوٽرن ۽ ڪارن جو جلوس هن جي گاڏي جي پويان پويان هو. جلوس آهستي آهستي اڳتي وڌندو ويو، ماڻهو آئنسٽائن جي هڪڙي جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هئا.هن جي ڪار جيئن ئي ماڻهن جي ڀر مان پئي گذري ته ماڻهن خوشيءَ مان پئي نعرا هنيا.وڏين وڏين جاين، عمارتن ۾ وري سرڪاري ملازم درين تان بيهي ڪار جي رستي ۾ ننڍا ننڍا اڇن پنن جا ٽڪرا پئي  اُڇلايا.

آئنسٽائن پنهنجي ڪار ۾ ويٺل هو ۽ هن ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ هٿ لوڏي، ماڻهن کي سلام جا جواب پئي ڏنا.ڪڏهن ڪڏهن سنجيدگيءَ سان مسڪرائيندو رهيو. هن جي وڏن وارن ۾ ڪاغذن جا ٽڪرا ڦاسي پيا هئا. هن گوڙ ۽ هنگامي کان هو وڏي سڪون ۽ آرام سان نڪري ويو هو، ڇو ته هن کي هاڻ اهڙن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ جي عادت پئجي چڪي هئي، جن جو ڪو به حل نه هوندو هو. هن جي نظر ۾ اهو پُرجوش استقبال به هڪ مسئلو هو، جيڪو هن جي سمجهه ۾ نه ايندو هو. آئنسٽائن ڏاڍو سادو ماڻهو هو، هن کي دوستاڻي ماحول واري گرم جوشي وارو استقبال ته وڻندو هو پر هو اهڙ ي وڏي گرم جوشي آڌرڀاءُ هئڻ کي پسند نه ڪندو هو، ڇو ته ان ۾ هو پاڻ تماشائي بدران  تماشو بڻجي ويندو هو.

 نيويارڪ جي ميونسپالٽيءَ جي هڪ آفيس ۾ شهر جي ميئر هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هن کي شهر جي چاٻي ڏني، جيڪا هن ڳالهه جي نشاني هئي ته آئنسٽائن جي ميزباني جو شرف سڄي نيويارڪ کي حاصل آهي. هن تقريب جو سفر، استقبالن ۽ تقريبن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. هن واشنگٽن جي وائيٽ هائوس ۾ ان وقت جي صدر وارن هارڊنگ (Warren Harding)   سان ملاقات به ڪئي ۽ وري اتان جي وڏن ادارن جهڙوڪ :پرنسٽن (Princeton)  هارورڊ Harvard ۽ ڪولمبيا Columbia يونيورسٽين ۾ ليڪچر به ڏنا.

مئي مهيني جي آخر ۾ روانگي واري رات جو، آئنسٽائن جي اعزاز ۾ نيويارڪ جي ايسٽر هوٽل (Hotel Astor) ۾ هن جي دعوت رکي وئي دعوت دوران هڪ ماڻهو هن کان پڇيو ڇا توهان جي خيال ۾  ڪاليج جي تعليم واقعي ضروري آهي، ڇا سڄي معلومات ڪتابن مان نٿي ملي سگهي؟

مان پاڻ به پنهنجي ذهن کي ان عام معلومات  سان ٿڪائيندو ناهيان، جيڪا درسي ڪتابن ۾ ملي ٿي، پر ڪاليج جي تعليم جو حقيقي مقصد ذهن کي فڪري تربيت ڏيڻ آهي. ان ڪري اها تعليم ضروري آهي.

ٻي ڏينهن جڏهن ٻئي زال مڙس يورپ وڃڻ واري جهاز  ۾ سوار ٿيا ته ڏاڍا ٿڪل هئا، پر ڏاڍو خوش هئا. آئنسٽائن آمريڪا کي وسندڙ ڪاغذن جو طوفان، استقبال لاءِ بيٺل ماڻهن جو انبوهه، جيڪو هن ريل جي درين مان ڏٺو هو، پوءِ هن جيڪي ڪجهه پسيو، ان مان املهه، قيمتي / آزاديءَ جو اندازو لڳائي سگهجي پيو، جيڪا هن ملڪ جي نشاني هئي.هن جي ذهن جي گهرائين ۾ هڪ خيال جنم وٺي رهيو هو ته متان هي زمين ڪڏهن نه ڪڏهن وطن ٿي وڃي، ڇو ته هو جرمني کي تباهي طرف وڌندي ڏسي رهيو هو ۽ هاڻي ان کي اهو اطمنان ٿي رهيو هو ته جيڪڏهن، ڪڏهن ضرورت پئي به ته آمريڪا هن جي پناهه گاهه بڻجي ويندو.

]برطانيه جا ڪجهه ڏينهن[

آئنسٽائن ۽ ايلزا سڌو جرمني واپس نه ويا ڇو ته آئنسٽائن ڪنگس ڪاليج وارن سان هڪ دفعي وچن ڪيو هو ته هو هڪ ڏينهن هنن جي ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ ضرور ايندو، جنهن واعدي کي  وفا ڪرڻ لاءِ هن کي ڪيترا ڏينهن لنڊن ۾ گذارڻا پيا هئا.

لنڊن ۾ هن جي رهائش جو جيڪو بندوبست ڪيو ويو هو، ان جي ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي، پر هنن کي ايتري سا خبر هئي ته اهي اتان جي مشهور عالم لارڊ هالڊين (Lard Haldane)  جا مهمان هوندا، جيئن ئي اهي بندرگاهه تي پهتا ته هڪ چمڪندڙ رولس رائس هنن کي آرام سان ڪوئن اينس جي دروازي وٽ ڇڏيو. آئنسٽائن لهندي پنهنجي سارنگي به پاڻ سان کڻڻ پئي گهري، پر نوڪر اڳ ۾ سامان لاهي چڪا هئا.

لارڊ هالڊين هنن جو آڌر ڀاءُ ڪيو، ٻئي زال مڙس هڪڙي خوبصورت ڪمري ۾ گهڙندي وائڙا ٿي ويا. ڇو ته اهڙو سجايل ۽ سينگاريل ڪمرو ته هنن جي وهم و گمان ۾ به نه هو. هي ڪمرو ته خواب گاهه کان  وڌيڪ ناچ گاهه پئي نظر آيو. هن جون حيران نگاهون هن ڪمري جي وسعت ۾ ڀٽڪنديون رهيون ۽ اهو سوچي رهيون هيون ته ڪٿي اهي ٻئي ڪمري ۾ غلطي سان لنگهي ته نه آيا آهن. پر هنن جو سامان ڪمري  ۾ موجود هو، جيڪو ڏاڍو معمولي قسم جو پئي لڳو. هن هٿ وڌائي پنهنجي سارنگي وارو دٻو کنيو.

سائين! هي ڇا پيا ڪيو ؟ اسين اوهان جي خدمت لاءِ حاضر آهيون، جيڪڏهن اجازت هجي ته ! نوڪر هڪ دم آئنسٽائن جي هٿ مان ڊٻو، وٺي ڪُنڊَ ۾ رکيل ميز تي رکيو ۽ اهو کولڻ لڳو. آئنسٽائن اداس نظرن سان ايلزا ڏي نهاريو، جنهن پنهنجي پريشاني ۽ مونجهاري کي لڪائيندي، پنهنجي هڪ سوٽ ڪيس ڏي هٿ وڌايو.

سانئڻ! مان حاضر آهيان . نوڪر هن جي هٿ مان سوٽ ڪيس نهايت ادب مان ورتو ۽ چيو ڪلارا (Klara) توهان جو سامان کولي توهان کي حاضر ڪندي.

آئنسٽائن پنهنجي صندوق جي سامهون بيهي ايلزا ڏي نهاري رهيو هو، جيڪا پنهنجي بيوسي تي نوڪرن ڏي ڏسي رهي هئي.ملازم ايڏو چُست ۽ ڦڙتيل پئي نظر آيو، جيئن ڪو رانديگر ڊوڙَ لاءِ تيار بيٺو هجي.

ڪمري ۾ هڪ وڏي ۽ گهري خاموشي ڇانئجي وئي. آئنسٽائن سڀني کان ويجهي واري ڪرسي تي ويهي رهيو ۽ ايلزا کي مخاطب ٿيندي چيائين هن ماڻهو کي هڪدم هتان هليو وڃڻ گهرجي، مان هن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهان.

ايلزا لڪي هن کي دلاسو ڏنو ۽ نوڪر کي مخاطب ٿيندي چيائين مهرباني توهان جي، توهان کي وري گهرائينداسين. هاڻي توهان هليا وڃو، وڏي وڏي مهرباني. هن اهي جمله ٽٽل ڦٽل انگريزي ۾ چيا.

نوڪر جهڪي سلام ڪيو ۽ چيو ، توهان جڏهن چاهيو، مون کي هي گهنٽي وڄائي گهرائي سگهو ٿا. هن گهنٽي ڏي اشارو ڪندي چيو ۽ آهستي ڪمري جو در بند ڪندي نڪري ويو.

ڪجهه گهڙين لاءِ ڪمري ۾ ساڳي خاموشي ڇانيل رهي. پوءِ آهستي آهستي آئنسٽائن جي منهن ۾ بي وسي جي جاءِ تي مُرڪ پکڙجي وئي ۽ اچانڪ هن وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ پوءِ ته ايلزا جا ٽهڪ به هن جي ٽهڪن ۾ شريڪ ٿي ويا.

رات جي ماني جو شاندار نموني سان اهتمام ڪيو ويو هو. برطانيه جا وڏا وڏا نالا موجود هئا.رائل سوسائٽي جو صدر پروفيسر اينڊنگٽن (Eddington) مشهور ڊراما نويس جارج برنارڊشا، ڪينٽر بورڊ جا آرچ بشپ ۽ ٻيا ڪيترا ئي مشهور ماڻهو، ان دعوت ۾ موجود هئا ۽ مختلف موضوعن تي گفتگو ڪندا رهيا. انهيءَ دوران آئنسٽائن جي نظرئي جو به ڪيترا ڀيرا ذڪر ٿيو.

آرچ بشپ جيڪو آئنسٽائن جي ويجهو ٿي ويٺو هو ڪافي عرصي کان هن جي تمنا هئي ته هو آئنسٽائن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪري، اصل ۾ ڳالهه هيءَ هئي ته اضافيت جو نظريو هن جي سمجهه ۾ نه آيو هو، جنهن جي ڪري هو ڏاڍو پريشان هو. هن مضمون جي باري ۾ هن ڪيترائي ڪتاب پڙهيا هئا، پر هن جي دماغ جون تندون، اڄ به منجهيل هيون. انگلينڊ جي ڪليسا جي سربراهه هئڻ جي ناتي سان، هو هر ان مسئلي جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ چاهيندو هو، جنهن جو ذري جو به مذهب سان تعلق هجي، هو پنهنجي پاڻ کي ڏاڍو ذهين ۽ تيز فهم سمجهندو هو، پر هي نظريو ان جي سمجهه کان مٿي هو.

پروفيسر آئنسٽائن! ڇا توهان ٻڌائي سگهو ٿا ته اضافيت ۽ مذهب ۾ ڪو تعلق آهي. آئنسٽائن سنجيدگي سان صاف لفظن ۾ جواب ڏنو ڪو به تعلق نه آهي.

آرچ بشپ وڏي اطمينان  جو ساهه کڻندي چيو خدا جو شڪر آهي، جو هن منجهيل مسئلي  جي اڀياس جي مون کي ڪا ضرورت نه آهي.

ٻئي شام جو آئنسٽائن جو ليڪچرٿيڻو هو ۽ هال ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جو هجوم هو. عوام آئنسٽائن جو ڪيئن آڌرڀاءُ ڪندو ۽ هن جي باري ۾ ٿورو منتظمين ڳڻتي ۾ پيل نظر اچي رهيا هئا.جرمني وارن پوئين جنگ ۾ جيڪو انگريزن کي مزو چکايو هو، اهو اڃان تائين تازو هو، ان ڪري  ان ڳالهه جو انديشو هو ته متان ڪي ماڻهو سائنس جي هن عظيم جرمن نمائندي کي خوش آمديد نه ڪن.

تماشائي خاموش ۽ بيتاب هئا. جڏهن آئنسٽائن ۽ لارڊ هالڊين پليٽ فارم تي ڪرسين تي ويهي رهيا، ته گوڙ ۽ سُسُ پُس جو آواز اچڻ لڳو ....

                       (هلندڙ)


 

پروانو سيوهاڻي                         (قسط: پهرين)

ننڍپڻ جا اڻ وسرندڙ منظر

ها... ذهن جي اسڪرين تي هڪ ننڍپڻ جو خاڪو ياد آيو اٿم.آهي ته ننڍپڻ جو پر اڄ به ڄڻ تازو واقعو آهي. آءٌ اڃان تائين ان خاڪي تي کلندو آهيان، پر اوهان به زور سان کلندا جي اهو خاڪو پڙهندا... پر آءٌ اوهان کي اهو خاڪو نه ٻڌائيندس، جو اوهان منهنجي چريائپ تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيو ۽ مون کي چريو سمجهي مون تي کلو...! ها اوهان کي کلڻ گهرجي.کل ته زندگيءَ جو حسين منظر آهي.مون کي ننڍپڻ جا اُهي عڪس ۽ منظر هڪ چترڪار جي جوڙيل چتر جيان منهنجي ڪمري جي ديوار تي ٽنگل هڪ تمام خوبصورت (پورٽريٽ) جيان لڳل آهن جن کي ڏسندي ڏسندي مون کي ٻالڪپڻ جون تمام ڳالهيون ياد اچي وينديون آهن ۽ آءٌ ڪجهه دير لاءِ ماضيءَ جي تصوراتي منظرن ۾ گم ٿي ويندو آهيان. ۽ پوءِ جڏهن تصور جا ريشمي پڙدا ڦاڙي چيري ٻاهر نڪري ايندو آهيان ته اکين مان لڙڪ چپن تي مُرڪ تري ايندي اٿم.

پهريون اڻ وسرندڙ منظر:

منهنجو ننڍپڻ جو پيارو دوست (۽منهنجا (محبوب) ربڏنو عرف ربو جيڪو هاڻ ڪراچي ۾ انجنيئر آهي. اهو ۽ آءٌ رات جو گهر ڏي وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ اسان ٻنهي جو دوست مليو، جنهن اسان کي پلاءُ جو تباکڙو ڀري ڏنو ۽ چوڻ لڳو وڃي ٻئي گهر کائو. اسان ٻئي (دوست) اهو پلاءُ جو تباکڙو کڻي گهر آياسون. نالو هيس پلاءُ پر هو ڄڻ رکو ڀت، اسان پلاءُ کي کائڻ لڳاسون اوچتو پلاءُ مان هڪ ٻوٽي نڪري آئي، اسان ٻنهين جون نظرون وڃي ٻوٽيءَ تي پيون، ربڏنو چوي ته اها ٻوٽي منهنجي پيٽ ۾ وڃي، آءٌ چوان ته اها ٻوٽي منهنجي پيٽ ۾ وڃي. ٻوٽي هڪڙي اميدوار ٻه. نيٺ مون ٻوٽي ۾ هٿ وڌو، بس پوءِ هو ٻوٽي پاڻ ڏانهن ڇڪي آءٌ پاڻ ڏانهن ڇڪيان مزاق مزاق ۾ هڪ خسيس ٻوٽيءَ تان وڙهي پياسين اهڙو ته وڙهياسون جو گهر جا سمورا ڀاتي اسان کي ڇڏائڻ لاءِ ڊوڙندا آيا، پر مجال جو اسين هڪ ٻئي مان هٿ ڪڍون. هڪڙي ٻوٽيءَ کڻي سڄو گهر ٿرٿلي ۾ وڌو هو. جڏهن وڙهي وڙهي ساڻا ٿي کٽ تي ڪري پياسون، ٿوري دير کان پوءِ  مون ڏانهن نهاري وڏا وڏا ٽهڪ پيو ڏئي آءٌ هن ڏانهن نهاري وڏا وڏا ٽهڪ پيو ڏيان ۽ پوءِ وري کائڻ شروع ڪيوسون. پوءِ مون سوچيم  ته اهو ڪم شيطان جو ئي ٿي سگهي ٿو، جنهن رکي ڀت ۾ ٻوٽي اڇلائي اسان ٻنهي دوستن کي پاڻ ۾ وڙهايو.

ٻيو دلچسپ منظر:

آءٌ ننڍي هوندي ناناڻي ويو هيس. منهنجو نانو هيڪلو پنهنجي گهر ۾ رهندو هو، دراصل منهنجي نانَي کي نانِي ڇڏي خداکي پياري ٿي وئي هئي. ان ڪري نانو پاڻ واڍڪو ڪم به ڪندو هو ۽ گهر جو به رڌو پڪو پاڻ ئي ڪندو هو.آءٌ اڪثر ڪري اسڪول کان ڀڄندو هيس ته وڃي ناني وٽ لڪندو هيس. نانو سيتا ۾ رهندو هو.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ناني جي پاڙي وارن ڇوڪرن سان گڏجي گاهه ڪرڻ ويس. اهي ڇوڪرا منهنجا دوست هئا، جن سان آءٌ رانديون به کيڏندو هيس.دوستن مون کي چيو منظور گڏهه تي چڙهندين؟

آءٌ پنهنجي سڄي عمر ۾ گڏهه تي نه چڙهيو هئس، سو دوستن کي مون چيو ته يار آءٌ گڏهه تي ڪونه چڙهندس نيٺ دوستن وري مون کي چيو يار گڏهه تي چڙهي ڏس ڏاڍو مزو ايندئي آءٌ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس ته گڏهه تي سواري ٿو ڪيان. مون کي ڪنهن ٻڌايو هو ته گڏهه تي سواري ڪرڻ گهرجي سو مان به گڏهه تي چڙهان يارن کي چيم يارو جيڪا اوهان جي مرضي آءٌ گڏهه تي چڙهان ٿو، پر يار خيال ڪجو ڪٿي مون کي گڏهه ڪيرائي نه، آءٌ گڏهه تي ڪڏهن به ڪونه چڙهيو آهيان.

اڙي ڊڄڻا! گڏهه چريو ٿيو آهي جو توکي ڪيرائيندو هڪ دوست ٽوڪ منجهان چيو.

آءٌ به خدا تي آسرو رکي گڏهه تي لانگ ورائي ويٺس، گڏهه آهستي آهستي هلڻ لڳو. مان گڏهه تي پهريون ڀيرو سواري ڪري رهيو هيس ان ڪري مون کي تمام گهڻو مزو اچي رهيو هو، پر حد کان وڌيڪ خوف به هو ته متان گڏهه تان ڪِري نه پوان ۽ پوءِ ٿيو به ائين گڏهه کي مذاق مان الائي ڪنهن لڪڻ وهائي ڪڍيو ۽ بس پوءِ ته گڏهه وٺي ڀڄڻ لڳو. مان به وٺي دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳس تيئن گڏهه وٺي تيز ڀڄي. آءٌ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي نه سگهيس ۽ وڃي آٿرن سوڌو زور سان پٽ تي ڪريس. آٿرن ۾ گاهه ڪرڻ جو ڏاٽو پيل هو سو وڃي منهنجي ڪک جي پاسي ۾ لڳو سڄو ڪُکَ جو پاسو ئي وڍجي ويو. هيڏو سارو گهاءُ ٿي پيو، قميص ۽ سلوار سڄي ڳاڙهي ٿي ويئي. ڪجهه دير ته آءٌ به بيهوش پيو هيس جڏهن هوش ۾ آيس ته اکيون ڦيرائي ڏٺم ته منهنجي مٿان مايون ۽ ٻار بيٺل ڏٺم. مون اکيون مٿي ڪري ڏٺو، مون کي ڇت جون پٽيون نظر آيون سوچيم ته آءٌ ڪٿي آيو آهيان. پوءِ مون کي خبر پئي ته آءٌ مامي پيرل پرديسيءَ جي گهر آهيان....پيرل پرديسي پنهنجي دؤر جو وڏو شاعر هو.

منهنجو هيڻو حال ڏسي مون وارن دوستن جي مائٽن کي اچي سر سان لڳي.مائين کي اچي خوف ٿيو ته ڪاڪو فيضل (نانو) نه ڪاوڙجي پوي، نانو ڏاڍو خار باز هوندو هو، شل نه ڪنهن تي مڇرجي، پوءِ ان جو خير نه هوندو هو. واڻين جي وقت کان سيتا ۾ رهندو هو.

مون پنهنجي ڪپڙن ڏانهن نهاري ڏٺو سڄا رت ۾ ڳاڙها هئا. آءٌ گهر موٽي آيس، پر منهنجو منهن لٿل هو، ناني مون کي چيو ڇا ڳالهه آهي اڄ تون خاموش آهين.

مون ناني کي ڪو به جواب ڪونه ڏنو، وڃي اندر ڪمري ۾ سُمهِي پيس، نانو مون وٽ ڪيترا ڀيرا آيو ويو، هر دفعي پي پڇيائين،ڇوڪرا ڇا ٿيو اٿئي؟۽ مون جواب ۾ چيومانس پي نانا آءٌ ٺيڪ آهيان.مون کي ناني جي موچڙن جو خوف هو، ان ڪري سچي ڳالهه نه پيو ٻڌايانس. سور به ڏاڍو پي ٿيم، پر ناني جي موچڙن جي ڀؤ کان ٻڻڪ به ٻاهر ڪونه ٿي ڪڍيم بس دل جو سور دل ۾ پي سانڍيم آءٌ دل ئي دل ۾ انهن ڇوڪرن کي گاريون ڏيڻ لڳس جن مون کي گڏهه تي زوريءَ ويهاريو هو، منهنجي ته گڏهه تي چڙهڻ جي ڪابه مرضي ڪانه هئي پر دوستن زوريءَ مون کي گڏهه تي وهاريو هو. بس منهنجي قسمت ۾ ڌڪ لڳڻو هو سو لڳو، مون ناني ڏانهن نهاري ڏٺو هو منهنجي ڪري تمام گهڻو پريشان هو، ناني هڪ ڀيرو وري مون ڏانهن نهاري چيو ڇوڪرا تو جهڙو (شيطان) ماٺ ڪري ويهي رهي اهو ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي.

آئون سور وچان ناني کي جواب ڏئي نه سگهيس ۽ ماٺ ڪري چادر وجهي سُمِهي رهيس. ناني کي ڪنهن پاڙي جي ماڻهوءَ ٻڌايو ته (فيضل تنهنجو ڏهٽو گڏهه تان ڪري پيو آهي ۽ پيٽ ۾ ڏاڍو ڌڪ لڳو اٿس). بس پوءِ ته نانو مڇرجي پيو ۽ وڃي جيهڙو ڪري آيو جن مون کي گڏهه تي چاڙهيو هو،۽ صبح جو مون کي به ڳوٺ جي ٽڪيٽ وٺرايائين ۽ مون به  اچي ڳوٺ ٺڪاءُ ڏنو. ان ڏينهن کان پوءِ مون گڏهه تي چڙهڻ کان توبهه ڪري ڇڏي.

ٽيون دلچسپ منظر:

آئون ننڍي هوندي کان وٺي ڊڄڻو آهيان اڃان تائين به اجايا سجايا پيو ڇرڪ ڀريندو آهيان، گهر ۾ ڪنهن جي هٿ مان گلاس فرش تي ڪري پوندو آهي ته مون کان اوچتو ڇرڪ نڪري ويندو آهي. ڪنهن ٻار پستول جو ٺڪاءُ ڪيو مون کان ڇرڪ نڪري ويندو آهي. بس پوءِ ته دل تمام تيز ڌڙڪڻ لڳندي آهي جيئن ڪُتر جي مشين هلندي آهي.

مزي جي ڳالهه آهي ته اسان جي شهر ۾ اوچتو ماڻهن ۾ هراس پکڙجي ويو جڏهن ماڻهن کي خبر پئي ته هڪ خطرناڪ بلا پيدا ٿي آهي، جيڪا ماڻهن کي کنيو ٿي وڃي. هر روز بلا جي متعلق نيون نيون خبرون ٻڌندا هئاسين، آءٌ ته اڃان سج بيٺو هوندو هو ته گهر ۾ لڪي ويهندو هئس.

هڪ ڏينهن مون کي شهر ۾ دير ٿي ويئي رات ٿي وئي،آءٌ شهر ۾ هئس يارن دوستن جي ڪچهريءَ ۾ مون کان ته بلا جو خيال به دل مان نڪري ويو هو، اوچتو بجلي هلي ويئي۽ پوءِ مون کي بلا جي يادگيري اچي وئي مون دوستن کي گهڻيون ئي منٿون ڪيون ته مون کي منهنجي گهر ڇڏي اچو پر سڀني اهو جواب ڏئي ڇڏيو ته نه بابا ايڏانهن ڪير هلندو بلا کان پنهنجو پاڻ کارائڻو آهي ڇا.

آخر مجبور ٿي مون کي گهر ڏانهن اڪيلو ئي وڃڻو پيو، پوءِ ته بلا جي خوف کان رکيم کُڙين تي زور. اڳيان پٺيان هر هر نهاريندو پيو وڃان، رستي ۾ ٻه ٽي ڀينڊ به هٿ ۾ کنيم ۽ قرآن شريف جون ننڍڙيون آيتون به پڙهندو پي ويس. دل ۽ دماغ تي خوف  ۽ هراس جو راڄ پکڙيل هو، ذهن ۾ بس بلا جو ئي تصو ر هو، منهنجي خدا کان اها ئي دعا هئي ته آءٌ خير سان وڃي (ڳوٺ) گهر پهچان، ڪٿي بلا مون کي ڳڙڪائي نه وڃي.

بس آءٌ انهن ئي سوچن ۾ هئس ته اوچتو منهنجي چيلهه ۾ هڪ طاقت واري مرد هٿ وجهي ڦيرائي کڻي مون کي ڪلهي تي رکيو ۽ (چرٻٽ جي قلعي) ڏانهن ڊوڙڻ لڳو! بس مون کي پڪ ٿي وئي ته اها بلا آهي جيڪا مون کي کنيو ٿي وڃي. بس منهنجو اڄ خير ڪونهي..... آءٌ پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ زور سان واڪا ۽ رڙيون ڪرڻ لڳس بلا ڙي ... بلا...مون کي بچايو.... کنيو پئي وڃي.

پر مجال آهي جو مون کي پٺيءَ تان لاهي، منهنجي دانهن ۽ ڪوڪن تي پاڙي وارا ڏنڊا ۽ لٺيون کڻي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳا پهتا آهيون.... پهتا آهيون بس پوءِ ته بلا ماڻهن کي هٿ ۾ ڏنڊا ۽ لٺيون ڏسي مون کي               (هلندڙ)

ڊاڪٽر رشيده ڀٽي  (ڄام شورو)

نه وسرندڙ واقعن جو داستان

يادداشتن منجهان قلم بند ڪرڻ دوران ڪجهه ذڪر اهڙين هستين سان ملاقاتون جن سان مِلڻ ۽ ڳالهائڻ يا وري جي اُهي هستيون فنون لطيفه سان وابسته ته منهنجي لاءِ باعثِ فخر ثابت ٿيون. اڄ جنهن هستيءَ جو ذڪر مان هتي ڪري رهي آهيان سا پڻ فنون لطيفه سان وابسته هڪ ساده ۽ ٻاجهاري شخصيت جنهن جو نالو آهي بيگم فقيرياڻي. سندس اصل نالو ته بيگم يا بيگان ،بيگي هيو، پر جيئن ته پاڻ ننڍڙي هوندي کان راڳ ويراڳ ۽ صوفي منش لاڙو رکندڙ بيحد نماڻي ۽ سادگي پسند خاتون هُئي، ان ڪري کيس بيگم فقيرياڻي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڄمڻ جو هنڌ، پنو عاقل ضلعي سکر جي هڪ ننڍي واهڻ / ڳوٺ جي ڳوٺاڻي هُئي. سندس وڏا درياءَ منجهه ٻيڙين تي گذران ڪندڙ ميربحر هُيا. راڳ ۾ دلچسپي پنهنجي والد طرفان وراثت ۾ مِليس. جنهن دور ۾ بيگم فقيرياڻي اڃان الاپ سکي، الو ميان چوڻ شروع ڪيو ته اُنهن ڏينهن ۾  سِنڌ اندر ٻيا به ڪيترائي ڳائيندڙ موجود هُيا، جيڪي بيحد مقبـول و معروف هُيا. پر تڏهن به ٻهراڙين جي ماڻهن ۾ مقبوليت مائي بيگيءَ جي هوندي هُئي. کيس اتر سِنڌ طرف بيگم فقيرياڻي کي ڪوئل
جو لقب ڏنو ويو هُيو. سندس آواز جي
الوميان واري گونج سڄي سِنڌ ۾ تڪڙي ڦهلجڻ لڳي. فقيري جي طريقي ۽ سلسلي جي لحاظ کان مائي بيگم چڪ ڀرڪڻ، جي بزرگ فقير فيض درياهه جي گادي نشين سائين ولايت شاهه جي مريدياڻي هُئي. دلي طور تي سندس لڳاءُ ۽ روحاني رشتو شاهه لطيف رح سان جُڙيل هُيو. سندس  ڀٽ شاهه تي اچڻ وڃڻ معمول جو حصو هُيو. کيس موسيقيءَ جي سٺي ڄاڻ حاصل هُئي، ڇو ته سندس والد هارون پڻ ڳائڻ وڄائڻ ۾ خاص مهارت رکندو هُيو. مون کيس ننڍڙي هوندي روهڙيءَ شريف ۾ ڳائيندي ٻڌو ۽ شادين مرادين جي ميڙاڪن ۾ راڳ ويراڳ به پنهنجي خاص الوميان چوڻ مهل هو ۽ هٿ پنهنجي ڪن تي رکي بُلند آواز ۾ سُر لڳائيندي هُئي، تنهن تي هڪ خاص مهارت رکندڙ خاتون هُئي. نه صرف صوفياڻه ڪلام پر خوشين جي موقعي تي، شادين وغيره ۾ خاص طور تي لاڏا، سِهرا ۽ دُعائيه راڳ ٻڌائڻ جي ماهر هُئي.

جيئن بيگم فقيرياڻي اوليائن، بزرگن، پيرن فقيرن جي درگاهن تي چونڪي ڏيندڙ خاتون هُئي پر پوءِ به خوشين جي موقعي تي عام رواجي طور گهرن ۾ دعوت ڏئي کيس گهرايو ويندو هُيو.جيئن ته سندس جنم ته هڪ ننڍڙي واهڻ اندر 1915ع ۾ ٿيو هُيو پر پوءِ به سندس خاندان لڏي اچي روهڙي شريف ۾ قيام پذير ٿيو. روهڙي شريف جي فنڪار گهراڻي سان تعلق رکندڙ مائي بيگم فقيرياڻي کي ڀٽ ڌڻيءَ جي فقيرياڻي يا لطيف جي فقيرياڻي سڏيو ويندو آهي.اڪثر اوقات ڀٽ شاهه تي سندس رهائش هوندي هئي. انهي محبت ۽ انسيت ۾ سندس ڳايل فاطمه موچياڻيءَ جي هيءَ ڪافي ڪمال جي ڳايل آهي، جنهن جا ٻول آهن، محبت وڌي آهيان؟ نه ته ڪير ڪشالا ڪري.

سندس فني ورثو، نامياري شاعر ۽ استاد فنڪار پٽ درگاهي ميراڻي کان منتقل ٿيندو اڄ سندس پوٽي اختر درگاهي تائين پهتل آهي جيڪو پڻ هڪ بهترين بااخلاق سُريلو فنڪار آهي. منهنجي ساڻس ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿيل آهي. اڄ 13 اپريل تي بيگم فقيرياڻي 1987ع ۾ هن فاني جهان مان
دار البقا ڏانهن رواني ٿي هُئي. سندس ورسيءَ جي حوالي سان خبر پڙهي مونکي گذريل وقت يعني
65 ـ 1966ع جو سال ياد اچي ويو. ان وقت مان ڪلاس اٺين ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول روهڙيءَ ۾ پڙهندي هيم. مون سان گڏ جيڪي ڪلاس فيلوز هُيون انهن منجهان هڪ نالي ف جنهن جو پڙهڻ سان بلڪل به چاهه نه هُيو ته مائٽن روزانا جي دڙڪن ڏيڻ بجاءِ کيس گهر ۾ ويهاري ڇڏيو ۽ پوءِ ؟ ستت ئي شاديءَ جو انتظام ڪيائون. جيئن ته اسان جي روهڙيءَ ۾ اسان جي برادري جي هُئي ۽ گهَرَ به ويجها هُئا سو هڪ محلي ۾ اچڻ وڃڻ به هُيو ۽ شاديءَ جي دعوتن ۾ توڙي جو گهَرَ جون وڏيون خواتين شرڪت ڪنديون هُيون پر پوءِ به مون بابا کي چئي ڪري اجازت ورتي ته منهنجي دوست آهي. دعوت ڏيندڙ اهو به ٻڌائي ويون هُيون ته شاديءَ ۾ بيگم فقيرياڻي به شرڪت ڪندي. سو مان به اُتي امان جن سان گڏجي ويم. تنهن زماني ۾ شاديون ۽ رسمون سڀ گهرن اندر موجود پڌر / اڱڻ تي ٿينديون هُيون سڀ خواتين هيٺ گلم ۽ قالين وغيره وڇايل فرش تي ويهنديون هُيون. ڪرسين جو رواج اڃان نه آيو هُيو. جنهن ڪري ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش به وڌيڪ هوندي هُئي.جڏهن ڏاج ڏيوڻ ڏيکارڻ ۽ ٻڪي پوڻ بعد ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته سڀني بيچينيءَ سان بيگم فقيرياڻيءَ جو انتظار ڪيو.خير سان ؟ هوءَ پهتي ۽ راڳ ۽ سِهرا شروع ڪيا.

پهرين نظر ۾ مون جڏهن ان ڏانهن ڏٺو ته مون کي تمام عجيب محسوس ٿيو، ڇو ته شاديءَ جو موقعو هُيو پر بيگم پنهنجي چمڪندڙ ڪاري وڳي ۾ ملبوس سامهون بيٺل نظر آئي ته ٿوڙي دير لاءِ مون کي جهڙوڪ ڊپ محسوس ٿيو ڇو ته نه صرف ڪپڙا يعني لباس ڪارو پاتل پر هَارَ سينگار جا سڀ سڳا ۽ ڌاڳا پڻ ڪارا پاتل هُئس. ڳچيءَ ۾ ٻانهن، ۾ هٿن ۾ مُنڊيون به گهڻي ڀاڱي نيرن ۽ ڪارن مڻين واريون پاتل هُئس.سندس وار چوٽيءَ ۾ بند ٿيل، وچ تي سينڌ نِڪتل چُهچ ڪارا جهڙا سندس ڪارا ڪپڙا. بس ڪاراڻ جو مظهر مائي بيگم فقيرياڻي، جنهن جا نقش مونکي اڃان تائين ذهن نشين آهن. اکيون به ڪاريون ڪجل سان ڀريل، ڇا ته سندس آلاپ ۽ سُر لڳائڻ جو منفرد انداز، من کي موهيندڙ، کليل چٽو صاف آلاپ جنهن دوران سندس هٿ ڪَن تي رکڻ جو انداز، تمام بيحد سهڻو ۽ سُٺو هُيو. ڪجهه راڳ کان پوءِ شادي جا سهرا شروع ڪيائين ۽ خواتين خوشيءَ منجهان گهورَ ڏيڻ لڳيون.

اڄ ايتري پراڻي دور جي اها تقريب منهنجي ذهن ۾ ائين نقش آهي، ڄڻ ته ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه هجي. هونئن ته مونکي پنهنجو گذاريل وقت تمام پيارو لڳندو آهي، جنهن ۾ بهترين ماڻهو، بهترين ماحول، سڪ ۽ محبت، هڪ ٻئي جو خيال رکڻ، ڏک سُک ونڊڻ، آئي ويل ڪم اچڻ غمي ۽ خوشي گڏجي گذراڻ وغيره جهڙا
بي مثال جذبا موجود هوندا هُيا.

بااخلاق، بيگم فقيرياڻيءَ جو بُلند، چٽو صاف آلاپ اڄ به مونکي ياد آهي. سندس ڪاري لباس وارو روپ ڪيترائي ڏينهن منهنجي ذهن ۾ محفوظ رهيو هُيو. وقت جي دز ۾ لَٽجي ويل يادون، اڄ به دز هٽائڻ سان صاف چِٽيون ئي نظر اينديون رهن ٿيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org