”اڄ جي ٽيسٽ جون مارڪون ڪلاس ۾ سڀ کان ٽاپ ڪندڙ کي
نروار ڪنديون ، تنھنڪري تياري وٺو“
، مس نتاشا ڪلاس ۾ اعلان ڪيو.
مس نتاشا ھر ڪنھن جا ٽيسٽ پيپر گڏ ڪيا ۽ نتيجن جو
اعلان ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڳلو صاف ڪيو ۽ شاگردن منجھه
ٽيسٽ پيپر تقسيم ڪيا. ھر ھڪ پاڻ کي پنھنجي مارڪن
لاءِ چست ۽ تازه دم ڪري ڇڏيو جنھن جو اعلان جلدي
ڪيو ويندو.
علي ۽ فھد پھرين ڪلاس کان وٺي مقابلي باز رھندا
آيا آھن ۽ ھر سال ٻنھي مان ڪوئي ھڪ ڪلاس ۾ پھرين
پوزيشن کڻندو ھو. ھن سال، انھن ٻنھي وچ ۾ سخت
مقابلو ھو، ۽ انھن شدت ۽ بي چيني سان نتيجن جو
انتظار ڪيو.
”احمد، 18،“
مس نتاشا اعلان ڪيو جيئن ئي
ھُن ھن کي پنھنجو پيپر حوالي ڪيو، ”ظھير 16، علي
20، فھد 19....۽ آخر ۾ عاليه 15.“
سڀ کان پھريائين متان ڪائي غلط شيءِ اسان کان
سرزرد ٿي وڃي، جي ائين ٿيو ته اھا ڪنھن ڏينھن اسان
کي نقصان ڏيندي.
جڏھن ھن ڪلاس ۾ ٽيسٽ جا پيپر ورھايا، ھر ڪنھن کي
خبر پئجي وئي ته علي فھد کي ھڪ مارڪ تان ماري ڪلاس
۾ ٽاپ ڪيو. ھر ڪنھن ھن کي مبارڪون ڏنيون ۽ جيئن ئي
علي ھر ھڪ جي مهرباني مڃي، تيئن ئي ڏاڍو خوش ھيو.
جيئن ئي علي پنھنجو پيپر پنھنجي ٿيلھي ۾ رکڻ وارو
ھو، ھن ڌيان ڏنو ته ھن کي معلوم ٿيو ته مس نتاشا
غلط جواب تي ھن کي غلطي مان ٻه مارڪون ڏنيون ھيون.
ھن کي حيرانگي ٿي. ھن پنھنجا جواب ٻيھر چيڪ ڪيا ۽
ھن اھو محسوس ڪيو ته انھيءَ ھڪ جواب کان سواءِ ھن
جا باقي سڀ جواب درست ھئا.
ھاڻي جيڪڏھن ھو مس نتاشا کي ان جي باري ۾ آگاھه
ڪندو ته ھو نه فقط پنھنجون ٻه مارڪون پر پنھنجي
پوزيشن پڻ وڃائي ويھندو.
صورتحال کي سمجھندي، ھو خاموش رھيو ۽ گھر ويو. پر
سڄو ڏينھن ھو ان جي متعلق سوچيندو رھيو. ڇا ھن کي
ان جي باري ۾ مس نتاشا کي ٻڌائڻ گھرجي يا نه؟ ھن
غور ويچار ڪيو ته اھو اڳ ۾ ئي ڪيل آھي، ۽ ڪو به
ڌيان نه ڏيندو جيڪڏھن ھو ڪنھن کي نه ٻڌائيندو، پر
پوءِ ھن کي ٻيو خيال وڪوڙي ويو. جيڪڏھن ھن ان جي
باري ۾ مس کي نه ٻڌايو ۽ ڪلاس ۾ پنھنجي پوزيشن
برقرار رکي، ھو صحيح نموني سان پوزيشن جو حقدار نه
ھوندو ڇاڪاڻ جو ان جو واضح مستحق فھد ھو.
ھن صورتحال علي کي مشڪل ۾ وجھي ڇڏيو. ھن جي والدين
سدائين ھن کي درست ۽ صحيح ڪم ڪرڻ جو سبق سيکاريو
ھو، پر ھتي صحيح ڪم ڪرڻ جو مطلب ھو ته ھو پنھنجي
پھرين پوزيشن تان ھٿ ڌوئي ويھندو. ھن کي اھو ياد
آيو جھڙي نموني ھر ڪنھن ھن جي ساراھه ڪري واھه
واھه ڪئي ۽ ڪلاس ۾ مبارڪون ڏنيون. ھن کي اھا خبر
ھئي ته ان جي باري ۾ استادياڻي کي آگاھي ڏئي، ھو
اھو سڀ ڪجھه وڃائي ويھندو. پر ان جو مطلب غلط ڪم
ڪرڻ ھو ۽ اھو عمل علي کي تنگ ڪندو رھيو.
جيئن ئي ھو پنھنجي سوچن سان مقابلو ڪندو رھيو، ھن
جي ماءُ ھن کان پڇيو ،
”ڇا ڳالھه آھي؟“
”امان، ڇا ٿي پوندو جيڪڏھن صحيح ڪم ڪرڻ جو مطلب
ٿيندو توھان ڪجھه وڃائي ويھندؤ؟“ ھن جواب ۾ سوال
ڪيو.
”پٽ، جيڪڏھن اھو ڪرڻ صحيح ڪم آھي، پوءِ مون کي پڪ
آھي توکي ان جو انعام ۽ اجورو ملندو. سڀ کان
پھريائين متان ڪائي غلط شئي ڏسڻ ۾ اچي پر، جيڪڏھن
اھا غلط آھي، اھا ڪنھن ڏينھن اسان کي کائڻ ايندي.
ان سان گڏوگڏ رب پاڪ اسان کي سدائين ڏسي ٿو پيو،
تنھنڪري اسان جي لاءِ اھو بھتر آھي ته اسان اھو
ڪجھه ڪيون جيڪو صحيح آھي.“
ٻئي ڏينھن ڪلاس ۾، مس نتاشا اعلان ڪيو، ”اڄ علي
اھو ڪجھه ڪيو آھي جيڪو فقط اسان مان ڪجھه ئي ٻار
ڪرڻ جي جرئت ڪندا. ھو مون ڏانھن آيو ۽ مون کي
ٻڌايائين ته مان ھن کي غلطي مان ٻه مارڪون وڌيڪ
ڏنيون ھيون ۽ ھو ان حوالي سان درست ھيو، تنھنڪري
پھرين پوزيشن فھد ڏانھن وڃي ٿي، نه ڪي علي ڏانھن.“
فھد سميت ھرڪو ھن اڳڀرائيءَ تي حيران ٿي ويو.
ڪلاس پورو ٿيڻ کان پوءِ، فھد علي کان پڇيو، ”تو
اھو ڇو ڪيو؟“
علي آسان جواب ڏنو،”
ڇاڪاڻ جو اھو صحيح ڪم ھو.“
”يار هيترا ڏينهن ڪٿي هئين؟“
”ويو هئس ٻنين تي.“
”ڏاڍو سٺو.“
”ايترو سٺو نه جو تازو ٻوڏ آئي، منهنجي ٻنيءَ ۾
آئي.“
”اهوته ڏاڍو خراب ٿيو.“
”ايترو خراب نه جو پاڻي پوڻ سان زمين ٺهي پئي.“
”پوءِ ته ڏاڍو سٺو ٿيو.“
”ايترو سٺو نه جو بيٺل فصل ٻڏي ويو.“
”پوءِ ته ڏاڍو خراب ٿيو.“
”ايترو خراب نه جو اڳئين فصل جي ڪسر نئين فصل ۾
ملي وئي.“
”پوءِ ته ڏاڍو سٺو ٿيو.“
”ايترو سٺو نه جو برسات سبب ديري ۾ ڪجهه اَنُ خراب
ٿي ويو.“
”اهوته ڏاڍو خراب ٿيو.“
”ايترو خراب نه جو سرڪار اگهه وڌائي ڇڏيا ۽ اهو
فائدو ملي ويو.“
”پوءِ ته ڏاڍو سٺو ٿيو.“
”ايترو سٺو نه جو پئسا وٺي پئي آيس ته ڪو شاهينگ
پئسن جو ٿيلهو چورائي ويو.“
”اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو.“
”ايترو خراب نه جو ٿيلهو آخر پوليس لڌو.“
”واهه ڏاڍو سٺو ٿيو.“
”ايترو سٺو نه جو پئسن جو هڪ حصو پوليس مٿان کائي
وئي.“
”اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو.“
”ادا خراب ٿيو يا سٺو ٿيو. هاڻي ڇا ٿيندو. اچ ته
هاڻي گهمي اچون.“
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته هڪ بادشاهه سفر ڪري رهيو
هو ۽ برسات وسڻ جي ڪري هڪ غريب هاري جي جهوپڙيءَ ۾
لنگهي ويو ته جهوپڙيءَ جي مالڪ وڌي اچي اُن جو
استقبال ڪيو ۽ ان کي عزت سان ويهاريائين. پر غريب
هاريءَ جي گهر ۾ صرف هڪ ٻڪري بيٺل هئي سا به ان
مهمان کي ذبح ڪري کارائي ڇڏيائين. زال چيس ته
ننڍڙي ٻار کي ڪٿان کير پيارينديس؟ بهرحال مهمان جي
خوب خدمت ڪيائين. صبح جو مهمان نماز پڙهي هاريءَ
کان موڪلائي وڃڻ لڳو ۽ پنهنجي نوڪر جي هٿان غريب
هاريءَ کي هڪ هڪ هزار دينار ڏنا ۽ چيو ته برابر
غريب هاري مون کي نٿو سڃاڻي پر آئون ان جي سخاوت
جي ڪري هڪ هزار دينار ڏيان ٿو. اها منهنجي لاءِ
معمولي رقم آهي ۽ آخر ۾ غريب هاريءَ جو ٿورو مڃيو.
(1) نڪتو آهي ڌرتيءَ مان، بڻيو آهي ٿنڀ، ڪريس ٽڪر
ٽڪر جيڪو ٺاهي سو ٺهي.
(2) ٽهڪائي ٽهڪائي ڪريو ڳاڙهو، ته به منجهس طاقت ۽
سواد گهڻو.
(3) اها ڪهڙي شئي آهي، جنهن کي آڱرين سان ٺڪ ٺڪ
ڪرڻ مان لکن جا ليک لکجن ٿا.
جواب: (1) وڻ (2) کير (3) ٽائيپ رائيٽر
صدا ممتاز علي، مهراڻ پبلڪ اسڪول ڄام شورو
(1) پرولي پرڌان جي لڳي ويئي نار، گل ڇنان هڪڙو
ڇڳان ڪريان چار.
(2) هڪڙو مڱ ڏريان سڄو گهر ڀريان.
(3) سائي لڙي سيس وريو مٿس واهه، اَنُ نه کائي
پاڻي پيئي، ماڻهوءَ جهڙو ساهه.
(4) هيڏڙي گهڙي موتين سان ڀري.
جواب: (1) ڊاک (2) بتي (3) وڻ (4) ڏاڙهون.
هڪ ڀيري سهي ۽ ڪُمي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه پئي ڪئي ته
سهي ڪُمي کي چيو ته پاڻ ريس ٿا لڳايون ته ڪمي
وراڻيو، نه نه تون مون کان تيز آهين، سهو هن کي
چيڙائڻ لڳو ته ڪمي چيو ته ها، پاڻ سڀاڻي ريس
پڄائينداسين.
ڪُمي ٻئي ڏينهن آئي ته سهو هن کان اڳي ويٺو هو، ته
هنن 8 وڳي ريس ڊوڙائي ته سهو وڃي اڳيان هڪ نم جي
وڻ هيٺيان ويٺو.
سهي ڏٺو ته ڪمي جيستائين اچي تيستائين آئون هتي
ويهي ٿو رهان، سهو نم جي پاڙ ۾ ويٺو ته نم جي
ڇانونءَ ٿڌي هئي اتي ننڊ اچي ويس.
ڪمي وئي پئي آهستي آهستي جيستائين ڪمي وڃي پار تي
پهتي، سهو ننڊ مان اٿي ڏسي ته ڪمي پار تي ويٺي
آهي. پوءِ سهي ڪُمي کي چيو ته مون سوچيو ته آئون
تو کان کٽي ويندس ته پوءِ آئون وڏو انعام کٽندس،
پر تون مون کان کٽي وئين.
ڪميءَ وراڻيو: ته ڪڏهن به ڪنهن شيءِ تي تڪبر نه
ڪجي، ڇو ته جيڪو تڪبر ڪري ٿو اهو ئي هارائي ٿو.
سهي چيو ته مون لالچ ڪئي هئي.
ڪمي وراڻيو: ته جيڪو لالچ ڪري ٿو اهو ڪنڌ ڀر ڪري
ٿو.
پيارا ٻارؤ!
هن ڪهاڻي مان اسان کي سبق مليو ته لالچ بري بلا
آهي. ان ڪري گهڻي لالچ ڪڏهن به نه ڪجي
هاٿي، گهوڙو ۽ سهو پاڻ ۾ دوست هئا. انهن کي صرف
کاڌي جي ڳولا هوندي هئي ۽ اُهي هڪ جبل تي رهندا
هئا، جتي هو گاهه به کائيندا هئا ۽ جڏهن ان جبل
تان گاهه ختم ٿي ويو، ته سهي، هاٿيءَ کي چيو:
”هاڻي هن جبل تي گاهه ختم ٿي ويو آهي، ان ڪري پاڻ
کي ٻئي ڪنهن جبل تي وڃڻ کپي.“ پوءِ سهي، هاٿي ۽
گهوڙي کي چيو ته: ”مون هڪ جبل ڏٺو آهي، جنهن تي
گاهه آهي ۽ ان جبل ڏانهن ويندي هڪ پل ايندي آهي،
جتي شينهن رهندو آهي. انهن ٽنهين دوستن سوچيو ته
ان پل کي ڪيئن پار ڪجي. سهي چيو ته: ”مون وٽ هڪ
تجويز آهي، پاڻ مان پهرين سهو وڃي، پوءِ ان کان
ٿورو وڏو گهوڙو ۽ ان کان پوءِ هاٿي وڃي. پوءِ
پهرين سهو ويو، شينهن ننڊ ۾ هو ۽ ننڊ مان اُٿي
ويو. شينهن سهي کي چيو: ”آئون توکي کائيندس، مون
کي بُک به ڏاڍي لڳي آهي.“ سهي چيو ته: ”مون کي
کائڻ سان تنهنجي بک نه مِٽندي، پويان منهنجو دوست
گهوڙو اچي پيو، تون ان کي کاءُ، ۽ ان کي کائڻ سان
تنهنجي بک به ختم ٿي ويندي.“
پوءِ شينهن چيو ته: ”تون ڀلي وڃ، آئون گهوڙي کي
کائيندس، تون بچي وئين.“ پوءِ گهوڙيوآيو، شينهن
گهوڙي کي چيو: ”آئون توکي کائيندس.“ گهوڙي چيس:
”شينهن ڀاءُ مون کي کائڻ سان توهان جي هڪ ڏينهن جي
بک ختم ٿيندي، توهان هيئن ڪريو پويان هڪ هاٿي اچي
رهيو آهي، تون ان کي کاءُ، توهان کي 7 ڏينهن بک
ڪونه لڳندي. شينهن چيو وڃ تون به بچي وئين، وڃ
هليو هتان.
تيستائين هاٿي اُتي آيو. شينهن هاٿي جا ڏند ان جو
قد بُت ۽ سونڊ ڏسي ڊڄي ويو، پوءِ شينهن، هاٿيءَ کي
چيو: ”تنهنجا ٻئي دوست ته بچي ويا، تون ڪيئن
بچندين.“ شينهن، هاٿيءَ کي کائڻ لاءِ ٽپ ڏنو، هاٿي
ان کي پنهنجي سونڊ سان ڌڪ هڻي نديءَ ۾ اڇلي ڇڏيو.
ائين ئي اُنهن پل پار ڪئي ۽ ٻئي جبل تي گاهه کائڻ
لڳا ۽ اتي پوءِ رهڻ لڳا.
لاڙڪاڻي
پريس ڪلب ۾ ٻالڪ ادبي فورم ۽ پريس ڪلب لاڙڪاڻي
پاران ٻارن جي ناليواري ليکڪ ۽ شاعر عبدالحئي ڀٽو
جي ٻارڙن لاءِ ڇپيل شاعري جي ڪتاب
”قلم ٻارن جي هٿ ۾“ جي هڪ مهورتي تقريب ڪوٺائي
وئي. جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن، شاعرن،
صحافين، شاگردن ۽ دانشورن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
مهورتي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ٻاراڻي ادب
جي نامياري شاعر غلام محمد غازي چيو ته سنڌي
ٻاراڻي ادب جي ترقي ۾ عبدالحئي ڀٽو جو وڏو ڪردار
رهيو آهي. سندس شاعري جو ڪتاب انتهائي خوبصورت
آهي. هن انتهائي دلفريب نظم ٻارن لاءِ لکيا آهن.
هن چيو ته ٻارن لاءِ هن دور جي گهرجن موجب ادب
تخليق ٿيڻ گهرجي. ٻاراڻو ادب پيڙهه جي پٿر جي
حيثيت رکي ٿو. مهمان خاص پروفيسر مختيار سمون چيو
ته عبدالحئي ڀٽو جون سنڌي ٻاراڻي ادب جي واڌاري
لاءِ سرانجام ڏنل خدمتون ساراهه لائق آهن. هو
اداري جي حيثيت رکندڙ سنڌي ٻاراڻي ادب جو شاعر
آهي. ناليواري اديب جيئل اوڏ چيو ته ڪتاب جي تمام
وڏي اهميت آهي. عبدالحئي ڀٽو جو ڪتاب ٻارن لاءِ
لاڀائيٽو ثابت ٿيندو. پروفيسر عبدالفتاح سپڙو چيو
ته ٻاراڻي ادب جي ٻارن جي ذهني اوسر ۾ وڏو ڪردار
آهي. پر وڏو الميو آهي ته ٻاراڻي شاعري کي عيب
سمجهيو وڃي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي
جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر ملهار سنڌي چيو ته ٻارن
کي سائنسي ادب پڙهائڻ گهرجي. سنڌ سرڪار کي اپيل
آهي ته ٻارن لاءِ ڇپيل معياري شاعري جا ڪتاب
ڇپرائي سموري سنڌي تعليمي ادارن ۾ ٻارن تائين
پهچايا وڃن. پروفيسر رضوان گل ڳالهائيندي چيو ته
ٻارن کي انٽرنيٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان سرشار ادب
ڏيڻ
جي ضرورت آهي. ناليواري شاعر ۽ صحافي قادر
جاگيراڻي چيو ته عبدالحئي ڀٽو معصوم ٻارڙن جي
مُرڪن ۽ ٽهڪن جهڙو سهڻو شاعر آهي. هن خوبصورت نظم
لکيا آهن. جن ۾ نصيحت آموز پيغام سمايل آهي.
ناليواري شاعر جواد جعفري چيو ته عبدالحئي ڀٽو جي
ڪتاب ۾ عام فهم ٻولي ۾ شاعري ٿيل آهي. سندس شاعري
جي وڏي خصوصيت اها آهي ته سندس ڪتاب ۾ سنڌ جي
تاريخ کي گڏيو آهي. مهورتي تقريب کي صاحب ڪتاب
عبدالحئي ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته مون کي ٻار، قلم ۽
سليٽ سان پيارا لڳندا آهن. مان هڪ استاد جي حيثيت
سان ٻارن کي سچائي سان پڙهايو آهي. ٻاراڻو ادب
ٻارن جي معصوميت جيان نازڪ ۽ حسين ٿيندو آهي. اهو
ئي سبب آهي جو ٻارن لاءِ عام فهم ٻولي ۾ لکيو
ويندو آهي. مهورتي تقريب ۾ غلام محمد ڀٽي، عيسيٰ
ميمڻ، باغي بلوچ، احمد علي، صابر چانڊيو، ڪامريڊ
ڪريم بلوچ، مور مغيري، فقير نور تنيو، فقير محمد
سنڌي، دودو ڀٽي، ذڪريا ڀٽو، حماد الله ڀٽو، علي
رضا ۽ ٻين ڪتاب ”قلم ٻارن جي هٿ ۾“ جي حوالي سان
اڀياسي مضمون لکيا ۽ ڪتاب کي سنڌي ٻاراڻي ادب لاءِ
ڪارائتو قرار ڏنو.
تعارف
1. منهنجو نالو رابيل آهي.
2. منهنجي پيءُ جو نالو دولت آهي.
3. منهنجي ذات مينگهواڙ آهي.
4. مان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنڌرا ۾
پڙهندو آهيان.
5. مان ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو آهيان.
6. منهنجي پسند جو شهر سکر آهي.
7. منهنجي دوست جو نالو عمران آهي.
8. مان وڏو ٿي ڪري استاد ٿيڻ چاهيان ٿو ته جيئن
پنهنجي معاشري کي جهالت جي دَلدل مان ڪڍي سگهان.
9. مان خاص ڪري ڪجهه نه ڪجهه پڙهڻ پسند ڪندو
آهيان.
10. مان بيحد ئي آداب ۽ اخلاق
وارو ٻار آهيان. اُن ڪري مون کي هر استاد، هر ٻار
۽ هر ماڻهو پسندو ڪندو آهي.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
السلام عليڪم! بعد نيڪ دعائن جي لکجي ٿو ته اوهان
جو رسالو گُل ڦُل مان هر مهيني پڙهندو آهيان ان ۾
تمام سٺو مواد ۽ معلومات هوندي آهي. اوهان سنڌ جي
ٻارن لاءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهيو. اوهان کي ان
جو جَس هجي. مان بيت جي سمجهاڻي موڪلي رهيو آهيان
ان کي پنهنجي رسالي ۾ ضرور جاءِ ڏجو.
فرحان علي لنگيو
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ساند، ڳوٺ قادر بخش ساند
محترمه ايڊيٽر گل ڦل
اميد ته خوش هونديون. جيئن ته نئون پرچو فيبروري
2020ع جو مليو، دلي خوشي ٿي. هن دفعي اسان کي
لطيفي لات ۾ بلڪل شامل ڪيو ويو آهي. سو اتساهه
مليو. اسان اهو عزم ڪيون ٿا ته اسان هميشه گُل ڦُل
۾ لکندا رهنداسين.
بشريٰ بانو چنا، راجا خير محمد چنا،
محمد امين
چنا، محمد يامين ”وٽو“ چنا
گهوٽڪي
محترمه ايڊيٽر گُل ڦُل
اميد ته خوش هونديون. احوال عرض ته فيبروري 2020ع
جو گُل ڦُل مليو. حقيقت ته دل خوش ٿي، هن دفعي
اسان مان محمد ذڪريا کي شامل ناهي ڪيو ويو، باقي
سڀ شامل آهيون. سو ان اميد ۽ اتساهه سان وري به
شامل ٿيون ٿا. لطيفي لات جو نتيجو بيت جي تشريح
لکي موڪليون ٿا.
اقراء بانو چنا، محمد مينهل چنا، محمد ذڪريا چنا،
محمد سچل چنا
گهوٽڪي.
محترمه ايڊيٽر گل ڦل
السلام عليڪم! عرض ته اسان ڪجهه مواد، ارم پبلڪ
هاءِ اسڪول شاهپوچاڪر جي هوشيار ٻارن جو انٽرويو،
سهڻا سخن موڪليو هو، ٽي مهينا گذرڻ بعد به اسان کي
شماري ۾ شامل نه ڪيو ويو.
اڳ ۾ اسان کي اعزازي ڪاپي موڪلي ويندي هئي، پر
هاڻي ان کان به محروم ڪيو ويو آهي. البته ايترو
آهي ته رسالي ۾ ڪتاب ملڻ جا هنڌ ۾ ائڊريسون ڏنل
آهن ان ۾ سرفهرست اسان جي مڪمل ائڊريس ڏنل آهي. ان
لاءِ مهرباني. ادي وري به ان اميد تي ته من هن
دفعي اسان جي موڪليل مواد کي شامل ڪيو وڃي. ان کان
علاوه ڪجهه مواد ۽ ڪجهه فوٽو موڪلي رهيو آهيان
اميد ته ان کي ضرور شامل ڪندا.
علي محمد پلهه
ڳوٺ پلهه، شاهپورچاڪر ضلع سانگهڙ.
ادا علي محمد پلهه صاحب:
هيءُ گُل ڦُل رسالو سڀني سنڌ واسين جو پنهنجو
رسالو آهي. ان ۾ سنڌ جي سڀني ٻارڙن ۽ وڏن جو حصو
پڻ رهيو آهي. اسان وٽ جيڪو به مواد چپجڻ لاءِ
ايندو آهي، ان کي سڀ کان پهرين گُل ڦُل جي معيار
موجب ايڊٽ ڪرڻ کان پوءِ رسالي ۾ شايع ڪيو ويندو
آهي. اوهان طرفان موڪليل مواد ارم پبلڪ هاءِ اسڪول
شاهپورچاڪر جي ٻارڙن جا انٽرويو اسان فيبروري
2020ع واري شماري ۾ شايع ڪيا آهن. هر مواد کي
پنهنجي پنهنجي واري سان شايع ڪيو ويندو آهي. هاڻي
اوهان طرفان موڪليل مواد ۽ تصويرون شايع ڪنداسين.
اوهان گُل ڦُل رسالي جا خريدار آهيو ۽ اميد ڪيون
ٿا ته اوهان گُل ڦُل رسالي کي وڌيڪ وڪرو ڪرائڻ ۾
به اسان جي مدد ڪندا. اوهان جي تعاون سان رسالو
وقت سر شايع ڪيو پيو وڃي. اوهان پنهنجو مواد
موڪليندا رهو اسان ان کي شايع ڪندا رهنداسين.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
ادي، سڀ کان پھريون ته اوھان کي جس ۽ شاباس ھجي جو
ٻاراڻو معياري ادبي رسالو “گل ڦل“ مسلسل وقت سر
آڻيو ٿيون.
ادي، رسالي جا سڀئي سلسلا سھڻا ۽ شاندار آھن ٻارن
توڙي اسان جي علم ۾ اضافي جو سبب بڻجي رھيا آھن.
ٻارن جي لکڻين کي مثبت موٽ ملڻ سان نه فقط انھن کي
اتساھه ملي ٿو، پر انھن ۾ لکڻ جو نئون ولولو ۽
جذبو جاڳي ٿو، جيڪو انھن کي مستقبل جو وڏو ليکڪ
بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ادي،آءٌ اسڪول جي ٻارن
۾ ٻاراڻي ادب سان چاھه پيدا ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون
ڪري رھيو آھيان ۽ ھر مھيني گُل ڦُل جون 20 ڪاپيون
به گھرائيندو آھيان، ته جيئن ٻاراڻي ادب کي وڌ کان
وڌ ھٿن تائين پھچائجي. ان سان گڏوگڏ، ٻارن کان
مختلف موضوعن تي لکرائي پاڻ
ڪمپيوٽرائيز
ڪري موڪليندو آھيان، ته جيئن انھن جي حوصلا افزائي
ٿي سگھي. ادي، اوھان کي گذارش ڪجي ٿي ته مھرباني
ڪري شاگردن جو موڪليل مواد شايع ڪري انھن کي
ھمٿائيندا. اوھان جو دعاگو
اظهر آزاد مغل
شڪارپور
لطيفي لات
سَڀَڪَنهِين ڏانھَ سامُهُون، ڪو هَنڌُ خالِي نانھِ
اَحدان جي اَرڳِ ٿِئا، سي ڪانهِرَ ڪِبَا ڪانھِ
مُحِبُ مَنجِهين مَنَ مانھِ، مُون اَڄاڻَندي
اُجِهئَو.
(پيارا ٻارؤ! هيءُ بيت ”شاهه جو رسالو“ جي ڪهڙي
سُر مان کنيل آهي؟ شاهه سائينءَ جي اِنَ بيت جي
ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڏکين لفظن جي معنيٰ لکو) صحيح
جواب موڪليندڙن مان ڪُڻو ڪڍي ڪنهن هڪ ٻار کي سنڌي
ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي
موڪلي ويندي.
2020ع جي ماهوار شماري ۾ ”لطيفي لات“ جي سلسلي ۾
ڏنل بيت ”سُر ڪلياڻ“ جي داستان پهرين جو اوڻٽيهون
نمبر بيت آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
(اي منهنجا مالڪ)، تنهنجون صورتون بي شمار آهن ته
تنهنجون وصفون ڪروڙين (ڳڻپ کان ٻاهر) آهن. جيتوڻيڪ
هر ساهواري ۾ ساڳئي قسم جو ساهه (حياتي) آهي پر
سندن شڪل ۽ صورت الڳ الڳ آهي. اي منهنجا محبوب،
تنهنجون ايتريون صفتون آهن جو آءٌ انهن مان ڪهڙيون
بيان ڪري ڪهڙي بيان ڪريان.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* مسڪين جان محمد رند: سانگهڙ.
* محمد ذڪريا چنا: گهوٽڪي.
* عبدالجبار
”مسافر“ ويسر: جي. ايم. هاسٽل، ٽنڊوڄام
* رابيل ميگهواڙ: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
ڪنڌرا، ضلع سکر
* ذيشان جمالي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
بکر جمالي، ضلع مٽياري.
* رياض جمالي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول، بکر
جمالي، ضلع مٽياري
* نادر علي جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* عبدالرحمان بالادي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* ساجد علي جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* فيضان جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* ظهير احمد لاکو: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* نصير احمد فقير چنا: گهوٽڪي.
* اقراء بانو چنا: گهوٽڪي.
* بشريٰ بانو چنا: گهوٽڪي.
* راجا خير محمد چنا: گهوٽڪي.
* محمد يامين چنا: گهوٽڪي.
* محمد سچل چنا: گهوٽڪي.
* شاهين شهزاد: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول،
قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* فيضان حماد جتوئي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول، قاضي احمد، ضلع شهيد بينظير آباد.
* گومند مينگهواڙ: ڪلاس ستون، برائٽ هاءِ اسڪول،
ڪولهي ڪالوني، حيدرآباد.
* علي جان رند: ڪلاس ستون، رائزنگ سٽار پبلڪ
اسڪول، سانگهڙ.
* مهرالنساء ڪلهوڙو: گورنمينٽ پرائمري گرلس
اسڪول، شيخ محله، نصيرآباد، ضلع قنبر شهدادڪوٽ.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان علي جان
رند جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |