6
حوصلو حيرَتَ ۾ وڃي ٿِئو ويڇون،
مَحَبَتَ جيون ميڇُون، ڪُورُ پَروڙي ڪِينڪِين.
سمجهاڻي:
حيرت جو مرحلو اهڙو آهي جتي سمجهه ۽ سُرت ذرا ذرا
ٿي وڃن ٿا. محبت جا راز ۽ اشارا انڌا (راهه کان اڻ
واقف) ڪونه سمجهي سگهندا.
7
حوصلو حَيرَتَ ۾ آهِ نه مَٿي عام،
محَبَتَ سِندِي مامَ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَڪِين.
سمجهاڻي:
حيرت واري هنڌ تي حوصلو برقرار رکڻ اهو عام ماڻهن
جو ڪم ناهي (ان جي مجال کان ٻاهر آهي) محبت جي
ڳجهارت کي انڌو ڪڏهن ڪونه سمجهي سگهندو.
8
حوصلو حيرَتَ ۾ وَڃي لَڄاڻُو،
ويچارو ڪاڻُو، ڏِسي ٿو ڏِسَڻَ کي.
سمجهاڻي:
حيرت جي مرحلي تي عقل توڙي هوش پنهنجي بيوسيءَ جي
ڪري شرمسار ٿئي ٿو. هن جو مثال ان ڪاڻي شخص وانگر
آهي، جيڪو شيءِ کي پوريءَ طرح ڏسي نٿو سگهي (ڇو
ته هو هميشه اڌ يا ڪجهه حصو ڏسي ٿو). ان ڪري هو
سڄي صورت کي ڏسڻ لاءِ وري وري ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو
(پر هو ڪڏهن به سڄي نٿو ڏسي سگهي!)
]سُر
آسا- داستان پهريون، محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو،
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
]پيارا
ٻارؤ! جنوري 2020ع نئين سال کان گُل ڦُل رسالي ۾
سلسليوار
]شاهه
جو پيغام[
لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيت سنڌي ادبي بورڊ
پاران ڇپرايل ”شاهه جو رسالو“ محقق ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، سمجهاڻي - مفهوم ۽ شارح ڊاڪٽر عبدالغفار
سومرو تان ڏنا ويا آهن. ان ڪري آئينده بورڊ جي
ڇپرايل هن مستند رسالي مان بيت ڏنا ويندا.
ٻارڙن کي گذارش آهي، ته آئينده
”لطيفي لات“ جو نتيجو موڪلڻو آهي ته بورڊ طرفان
ڇپرايل هن رسالي ”شاهه جو رسالو“ مان ئي موڪليو
وڃي.[
(ادارو)
پيارا ٻارؤ!
اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟
توهان جي امتحانن جا ڏينهن شروع ٿيڻ وارا آهن ۽
توهان پڙهائي ۾ تمام گهڻا مصروف هوندا. امتحانن ۾
سخت محنت ڪجو، ڇو ته هي وقت واپس ڪونه ايندو. پوءِ
موڪلن ۾ راند روند ۽ خوب گهُمجو ڦرجو. گُل ڦُل کي
وقت سر شايع ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪريون
پيا. ٻارڙن جو مواد برابر اسان وٽ اچي رهيو آهي.
اوهان يقين رکو اُهو مواد واري سان ضرور شايع ڪيو
ويندو.
اوهان جي ساٿ ۽ سهڪار کان سواءِ ڪجهه به ممڪن
ڪونهي. ان ڪري اوهين پنهنجي مواد سان گڏ سٺين
صلاحن ۽ مشورن سان پڻ نوازيندا .
مون کي اميد آهي ته اسان جا پيارا پيارا ٻارڙا
پنهنجي تعاون سان گُل ڦُل کي اڃا به بهتر ڪرڻ جي
لاءِ اسان جي همت افزائي ڪري اسان کي خدمت ڪرڻ جو
موقعو ڏيندا.
اسان جو هيءُ پرچو اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پنهنجي راءِ
کان ضرور آگاهه ڪندا.
توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ساٿ سلامت
توهان جي ڀيڻ
نجمه پنهور
هر هڪ کي رزق پهچائي ٿو مالڪ سائين،
زمينن ۾ فصل اُپائي ٿو مالڪ سائين،
جيڪو هميشه سڀني تي ٻاجهه ڪري ٿو،
۽ گناهن کان بچائي ٿو مالڪ سائين،
وڏن سان گڏ ٻارن جي ٿو ٻُڌي،
سڄي مخلوق کي نپائي ٿو مالڪ سائين،
سمورا رهن ٿا ربّ جي پناهه ۾،
ٿر، بر مينهن وسائي ٿو مالڪ سائين،
هن جي ڏنل نعمتن کي بندا ياد ڪر،
ٿڌڙيون هوائون گُهلائي ٿو مالڪ سائين،
مائرن جي خالي جهولين کي ڀري ٿو،
”حئي“ رشتن کي ملائي ٿو مالڪ سائين.
مولا ڏنو اسان کي پنهنجو حبيب آ،
جنهن لاءِ سڪيا سڪندر اهڙو حبيب آ.
ربّ جا ڪروڙين آهن انعام پاڻ تي،
سڀ کان وڏو آهي هي احسان پاڻ تي،
ڪنهن جو نه ٿيئڙو اڳ ۾ اهڙو نصيب آ.
ٿيندو سڀني سان سائين ڀورل ڀرجهلو،
جاتي به رهو سائين آهي اُتي سوجهرو،
ساميءَ اندر به سائين مدني رفيق آ.
ساري رسولصه مون کي ٿو ”عرفان“ سڏ ڪري،
آقا ٻڌي سڏڙا سڏ ۾ ٿو سڏ ڏئي،
صلوات پڙهه تون ”سومرا“ سهڻو قريب آ.
سُندر آهن هن ڌرتي جا،
سهڻا چنڊ ستارا ٻار.
مُرڪي مرڪي موهن ٿا من،
ماڻن شال سدائين جوڀن،
موهي ٿي تن جي مهڪار،
سهڻا چنڊ ستارا ٻار.
هي ڄڻ موتيءَ داڻا آهن،
تن جا نيڻ نماڻا آهن،
ڏسن ته دل کي اچي قرار،
سهڻا چنڊ ستارا ٻار.
سچ سان سڀ کي پاڻ ڏي ساهن،
صاف دلين جا مالڪ آهن،
ساهه کي آهي تن جي سار،
سهڻا چنڊ ستارا ٻار.
جذبي جوش ۽ همت وارا،
شير بهادر هشمت وارا،
پائن ”غازي“ سوڀ جا هار،
سهڻا چنڊ ستارا ٻار.
ڏسو خوب صورت هو آڪاش آهي،
هزارين نظارا ٿي قدرت پسائي.
ستارا ٿا چمڪن چٽو چنڊ آهي،
پري کان اسان کي ٿي چانڊاڻ ساهي.
جڏهن چنڊ چوڏهينءَ جو جڳ تي کڙي ٿو،
هي سنسار سارو خوشيءَ مان ٽِڙي ٿو.
اچن ڀرجي بادل ۽ برسي پون ٿا،
هوائن جي آڌار هلندا رهن ٿا.
پوي بوند هلڪي ته دلڙي ٽڙي ٿي،
ٿين خوش ٿا ٻالڪ ۽ ٽولي جُڙي ٿي.
ٽڙن ٽيئي ٽيڙو ڪتي ڪر ٿي موڙي،
صبح جو ستارو نوان نينهن جوڙي.
ڇَمَڪ ڇلو ڇَمَڪ ڇلو،
اسڪول هلو اسڪول هلو.
ان ۾ آهي سڀ جو ڀلو،
اسڪول هلو اسڪول هلو.
رُلندو جيڪو کائيندو کَلو،
اسڪول هلو اسڪول هلو.
بابا آندي مڇي پَلو،
اسڪول هلو اسڪول هلو.
مهانگو گيهه ٿي ويو تَلو،
اسڪول هلو اسڪول هلو.
منزل ملندي سِڪَ جو سَلو،
اسڪول هلو اسڪول هلو.
چولي جو بند ڪر تون ڳَلو،
اسڪول هلو اسڪول هلو.
استادَ ڏِنو سڀ کي وَلو،
اسڪول هلو اسڪول هلو.
پڙهڻ وقت پڙهه ۽ سُمهڻ وقت سُمهه،
لکڻ وقت لک ۽ گهمڻ وقت گهُمُ.
کيڏڻ وقت کيڏ ۽ نه ٿي گهر کان گُم،
ڪڏهن گهر جو ٿورو تون ڪر ڪارِ ڪم.
تون ڳالهاءِ سچ سچ نه هڻ ڪوئي،
تون ڀر دوستي جو او دلدار دَم.
پهريان هوم ورڪ لکي ڪر ختم،
نه کڻ يار ڪڏهن به ڪوڙا قسم.
تون پڙهه دل لڳائي پڪو ڪر عزم،
تنهنجا ڪاميابي چُمندي قدم.
تون ڳالهاءِ هوريان نرم ئي نرم،
نه ابي امڙ سان ڪڏهن ٿي گرم.
نه ٿي بي حياء نه ٿي بي شرم،
ڪندو توتي ”ياسين“ قادِرَ ڪَرمُ،
ڀلو ٿيندين توتي ڪندو ربّ رحم.
ڳالهه اسان جي سمجهه سياڻا،
مکڙين جهڙا ننڍڙا راڻا.
رکجي هر دم صاف صفائي،
ادا انهيءَ ۾ آهي چڱائي.
وقت اجايو ڪين وڃاءِ،
ڪوشش ڪر تون آئيندي لاءِ.
ننڍي وڏي کي ڪجي سلام،
ڪجي سڀن سان مٺو ڪلام.
سبق پنهنجي کي ڪين وسار،
ڦرهي لک تون اکر سڌار.
محنت سان ئي عزت آهي،
سُستيءَ کي تون ڇڏ ڀڄائي.
ملڪ مٺي جو مان تون آهين،
ابي امان جو شان تون آهين.
جي تون ڀائڙا محنت ڪندين،
پنهنجي ديس جو نالو ڪڍندين.
پڙهندس مون کي پڙهڻو آهي،
پيار پڙهڻ سان رکڻو آهي.
ڏاهن ماڻهن آ سمجهايو،
کولي اُستادن به ٻڌايو،
علم چڱو آ، سڀ جو رايو،
رُلڻ پنڻ کي ڇڏڻو آهي.
پنهنجي من ۾ مير رکان ڇو؟
نفرت وارو وير رکان ڇو؟
ٽانڊن تي مان پير رکان ڇو؟
خوشبو سان گڏ جيئڻو آهي.
هٿ ۾ آءٌ ڪتاب رکان ٿو،
ذهن ۾ تن جا باب رکان ٿو،
اک ۾ ’بيخود‘ خواب رکان ٿو،
پُورو تن کي ڪرڻو آهي.
علم پڙهجي روشني جي واسطي،
بي بها بهتر خوشي جي واسطي.
علم سان گڏ سِک هنر ۽ فن سدا،
خوبصورت زندگي جي واسطي.
چاهه سان سکجي سدائين علم کي،
آڻ ڪم پوءِ بهتري جي واسطي.
علم پڙهه ربّ کي سڃاڻڻ لئه پرين،
۽ انهيءَ جي بندگي جي واسطي.
شوق سان سک علم کي مٺڙا ادا،
قوم جي تون رهبري جي واسطي.
علم کي هردم پکيڙيو جڳ اندر،
اَمن، سُک ۽ شانتيءَ جي واسطي.
سچ سڀن کي ٿو چوي ”عادل“ چيو،
علم سکجي ماڻهپي جي واسطي.
ڀِٽ شاهه ڀرسان، هالا شهر، نئون پرُاڻو،
طالب الموليٰ ٻنهي شهرن جو، سمجهو راڻو.
سنڌو درياهُه، پائيندو هو، اولڊ شهر کي،
هالا نوان، تڏهن ٿيو قائم ۽ پڻ ٿاڻي.
هالا جا مخدوم سڀئي خدمت گذار،
پر اُنهن ۾ ”سرور نوح“ مکڻ جي چاڻي.
ساري سِنڌُ ڀري پئي آهي سياست سان پر،
خدمت ۾ هو، اڳ کان اڳرو هيءَ گهراڻو.
هيءَ گواهي سَڀ هالا ئي ڏيندا يارَ!
سرورَ، مخدوم طالب الموليٰ هو، ڪو داڻو.
سچ سان رکو سدائين ياري ٻارو،
سچ جي آهي ڳالهه نياري ٻارو.
سچ آهي سدائين سج جيان،
ڪوڙ ته آهي اوندهه ڪاري ٻارو.
سچ جي سدائين جيت آ ٿي،
ڪوڙ هر پل آ بازي هاري ٻارو.
تاريخ ۾ اُهي امر ٿي ويا،
سچ تان جنين آ جان واري ٻارو.
سدا سچ چوڻ جو ڪريو وعدو،
ڪوڙ نه هڻجو عمر ساري ٻارو.
چوڌاري گلڙن هٻڪار،
وڻندڙ مٺڙي مند بهار.
پکي صبح جو لاٿ لنون ٿا،
پيار سندا ڪي گيت چون ٿا.
ڇا ته گهُلي ٿي هير سُهاني،
گُل کڻي وڃ تون به جاني!
گيت بهار جا گڏجي ڳايون،
گهمون ڦِرون ۽ دل وندرايون.
چوڌاري گلڙن هٻڪار،
وڻندڙ مٺڙي مند بهار.
پکي صبح جو لاٿ لنون ٿا،
پيار سندا ڪي گيت چون ٿا.
ڇا ته گهُلي ٿي هير سُهاني،
گُل کڻي وڃ تون به جاني!
گيت بهار جا گڏجي ڳايون،
گهمون ڦِرون ۽ دل وندرايون.
ٻولي، عظيم ٻولي،
آهي منهنجي اَمڙ جي لولي.
هوشو شيدي، هيمون جي ٻولي،
دودو سومرو، ڀٽائيءَ جي جهولي،
سنڌي ٻولي عظيم ٻولي.
آهي شاهه عنايت جي سوچ،
آهي مخدوم بلاول جي لوچ،
سنڌي ٻولي عظيم ٻولي.
لطيف جي آ مادري زبان،
سچل جي به آ پنهنجي آن،
سنڌي ٻولي عظيم ٻولي.
سلوار قميص آ قومي ڊريس،
’بيوس‘ ٽوپي اجرڪ آ قومي وِيس،
سنڌي ٻولي عظيم ٻولي.
سھڻي سھنجي پنھنجي سنڌي ٻولي.
جنھن ۾ امڙ ڏني اسان کي آھي لولي.
سھڻي سھڻي سھڻي ساري آھي.
سڀني سنڌين کي ڏاڍي پياري آھي.
پڙھڻ
لکڻ
۾
توڙي
آھي
سولي.
پڙھون
سنڌي
لکون سنڌي.
اڳتي کئڻون سڀئي وکون سنڌي.
پيار
منجھان سڀئي پرايون پرولي.
سھڻي سنھجي پنھنجي سنڌي ٻولي.
سامي،
سچل،
بيدل،
جي پنھنجي ٻولي.
گھوٽ
ڀٽائي
جي پنھنجي ٻولي.
امڙ لوڏي ڏولي آباد
رھي ٻولي.
سھڻي سھنجي پنھجي سنڌ ي ٻولي.
پنھنجي ٻولي سدائين رھندي
ڪوڙ جي ھاڻي
ديوار ڊھندي.
موجن ۾ ھوندي سدائين ڇولي.
سھڻي سنھجي پنھجي ٻولي.
آباد رھي ھي سنڌي ٻولي.
شاد رھي ھي سنڌي ٻولي.
جيئي جيئندي رھندي امڙ جي جھولي.
سھڻي سنجھي پنھنجي
سنڌي
ٻولي.
هڪڙي ٿڌ جي پيتي پئي آ،
گهرن گاڏين ۾ لڳي پئي آ.
بجلي تي هيءَ هلندي آهي،
ڪمرو ٿڌڙو ڪندي آهي.
پاڻ کي ساڙي ٻين کي ٺاري،
سيارو نه، پر هلي اونهاري.
ايئرڪنڊيشن اسپلٽ جو،
هرڪو آ متوالو هن جو.
اسپيڊ وڌائي ٿرموسيٽ هن جو،
ٿڌ ٿو وڌائي چوٽ هن جو.
بجلي گهڻي کپائيندي آ،
ميٽر کي ڊڪائيندي آ.
|