بلقيس بانو ايڌي سال 1947ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي. پاڻ
هن وقت پيشي جي حساب سان نرس آهي. بلقيس ايڌي
پاڪستان ۾ انساني حقن جي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ۽
سرگرم ڪارڪن آهي. ان کي ”هلال امتياز“ سان پڻ
نوازيو ويو
آهي. هن کي خدمتن جي عيوض ”پاڪستان
جي ماءُ“ به چيو وڃي ٿو. پاڻ بلقيس ايڌي فائونڊيشن
جي سرگرم ڪارڪن ۽ سربراهه آهي. ان جي صدقه خيرات
وارو ادارو پوري پاڪستان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام
ڏئي رهيو آهي. ڪراچي ۾ هڪ اسپتال ۽ هنگامي صورت
حال مان نڪرڻ جي لاءِ هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي.
بلقيس ايڌي پنهنجي مڙس مسٽر عبدالستار ايڌي سان گڏ
ملي ڪري صدقه ۽ خيرات سان اڄ تائين 16000 کان وڌيڪ
ٻارڙن جي پالنا ڪري رهي آهي. جن ٻارڙن کي والدين
پيدائش کان فوراً بعد غربت يا ٻي ڪنهن سبب ڪٿي ڇڏي
وڃن ٿا. هن وقت محترمه بلقيس بانو ايڌي جو خاص
توجهه هن وقت پاڪستان جي عورتن جي سارسنڀال سان
گڏوگڏ ٻارڙن کي هنج ۾ وٺڻ ۽ سٺي سارسنڀال جي طرف
پڻ آهي. هن ڪم ۾ محترمه بلقيس ايڌي صاحبه جون 2
ڌيئر پڻ نيڪ ڪم ۾ پنهنجي والده صاحبه سان گڏ آهن.
انشاءَ الله اهڙا نيڪ ماڻهو اهڙا نيڪ ڪم هميشه
ڪندا رهندا. (آمين)
(1) بحريه آئيڪون ٽاور ڪراچي: هي عمارت پاڪستان جي
ڊگهين عمارتن ۾ شمار ٿئي ٿي. ان جون 70 منزلون آهن
۽ هي ڪراچي ۾ واقع آهي. هن جي ڊيگهه 320 ميٽر آهي.
هن ۾ شاپنگ مال ۽ رهائشي فليٽ به آهن.
(2) بخت ٽاور ڪراچي: هي خوبصورت بلڊنگ ڪراچي ۾
ڪلفٽن جي علائقي ۾ واقع آهي. هن جي ڊيگهه 145 ميٽر
آهي. هن ۾ 27 منزلون آهن. هي عمارت به دفترن ۽
ذاتي رهائشن لاءِ پڻ استعمال ٿيندي آهي.
(3) اوشن ٽاور ڪراچي: اوشن ٽاور به ڪراچي ۾ واقع ۽
ڪلفٽن ۾ سمنڊ جي ڪناري تي بنائي وئي آهي. هن ٽاور
جي ڊيگهه 120 ميٽر آهي. هن جون 30 منزلون آهن. هن
ٽاور کي دوهين ۽ گرمي جي شدت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ
جديد ترين نظام سان بنايو ويو آهي.
(4) ايم. سي. بي
(MCB)
ٽاور ڪراچي: هي ٽاور ايم. سي. بي بئنڪ لميٽيڊ جو
صدر دفتر آهي. هي خوبصورت عمارت به ڪراچي ۾ آهي.
هن جون 29 منزلون آهن. 3 تهه خانا اٿس ۽ هن جي
ڊيگهه 112 ميٽر آهي.
(5) يوفون
(Ufone)
ٽاور اسلام آباد: جيئن ته نالي جي تفصيل سان خبر
پوي ٿي ته هي عمارت اسلام آباد ۾ واقع آهي. هن جي
ڊيگهه 113 ميٽر آهي. هن عمارت جون 24 منزلون آهن ۽
4 تهه خانا اٿس. جيڪي گاڏين جي پارڪنگ لاءِ
استعمال ٿيندا آهن.
(6) سينٽورس مال اسلام آباد: سينٽورس پاڪستان جي
شهر اسلام آباد ۾ (مخلوط استعمال) ريئل اسٽيٽ
ڊولپمينٽ عمارت آهي. هن جي ڊيگهه 110 ميٽر آهي. هن
عمارت ۾ 36 منزلون آهن. 3 منزلون ريسٽورينٽ، 23
منزلون رهائشي، 5 منزلون شاپنگ مال ۽ ٻيون دفترن
تي مشتمل آهن.
گورنمينٽ ھاءِ
اسڪول نمبر ون، شڪارپور[
·
ماءُ جي قدمن ھيٺان جنت آھي.
·
ماءُ جو
پاڇو
ٿڌي ڇانوَ آھي.
·
ماءُ جي دعا ڪاميابي جو راز آھي.
·
ماءُ کان سواء گھر قبرستان آھي.
·
ماءُ کان وڏو ڪوئي استاد ناھي.
·
ماءُ دنيا جي عظيم ترين ھستي آھي.
·
ماءُ جي ھنج دنيا جي پھرين درسگاھه آھي.
·
ماءُ جو راضپو دنيا ۾ باعث دولت ۽ آخرت ۾ باعث نجات آھي.
·
ماءُ جي اصل خوبصورتي ان جي محبت آھي ۽ منھنجي ماءُ دنيا جي
خوبصورت ماءُ آھي.
·
ماءُ کي مصيبت جي وقت جڏھن به ياد ڪندو آھيان ته مون کي سڪون
ملندو آھي.
·
ماءُ ھڪ اھڙو گُل
آھي جيڪو دنيا جا
ڪنڊا چُڀڻ
جي باوجود به مسڪرائيندو رھندو آھي.
·
ماءُ ھڪ اھڙو وڻ آھي جنھن جي
ڇانوَ
زندگيءَ جي ٿڪاوٽ دؤر ڪندو آھي.
·
ماءُ جي نافرماني ڪرڻ سڀ کان وڏو گناھه آھي.
·
ماءُ جي نافرماني ڪرڻ وارو انسان جنت ۾ داخل نه ٿيندو.
·
ماءُ جي بد دعا کان بچو ڇاڪاڻ جو خدا ۽ ان جي
وچ ۾ ڪوئي پردو نه ھوندو آھي.
ربّ پاڪ کان دعا آھي ته اسان کي ماءُ جي خدمت ،
ادب ۽ احترم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ته جيئن اسان
ٻنھي جھانن ۾ سرخرو ٿيون.
اسان جي اسڪول جو نالو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري
اسڪول موسيٰ کٽياڻ آهي. هن اسڪول ۾ ست ڪلاس آهن،
جنهن ۾ ڇهين ڪلاس کان ٻارهين ڪلاس تائين ٻار پڙهن
ٿا. اسان جي اسڪول ۾ ٻه آفيسون آهن، جنهن مان هڪ
آفيس هن اسڪول جي پرنسپل جي آهي ۽ ٻي آفيس هن
اسڪول جي ايف. اي
(First Assistant)
جي آهي. اسان جي اسڪول ۾ هڪ ڪلارڪ آفيس به آهي،
جنهن ۾ سائين ارشاد، سائين الهه بچايو ميمڻ ۽
سائين عرفان جويو ڪم ڪري رهيا آهن.
اسان جي اسڪول جا استاد تمام گهڻا محنتي آهن، اهي
اسان کي آسان کان آسان طريقي سان سمجهائيندا آهن،
جيڪڏهن اسان کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته
اهي وڌيڪ بهتر نموني سان سمجهائيندا آهن. اسان جي
اسڪول ۾ هڪ ڪمپيوٽر ليب آهي، جنهن ۾ تقريباً 15
کان 20 ڪمپيوٽر رکيل آهن، ان ليب ۾ اسان ڪمپيوٽر
جي سکيا به حاصل ڪندا آهيون.
اسان جي اسڪول ۾ هڪ لائبريري به آهي، جنهن ۾ مختلف
قسمن جا ڪتاب رکيل آهن ۽ شاگرد ان لائبريري ۾ وڃي
ڪتاب به پڙهندا آهن. اسان جي اسڪول ۾ هڪ سائنس ليب
به آهي، جنهن ۾ اسان سائنس جا تجربا وغيره ڪندا
آهيون. اسان جي اسڪول ۾ هڪ وڏو راند جو ميدان
(Ground)
آهي، جنهن ۾ اسان راند به رهندا آهيون.
اسان جي اسڪول ۾ هر قسم جي سهوليت آهي، هڪ وڏي ۾
وڏي سهولت اها آهي ته اسان جي اسڪول جي ڀر ۾ هڪ
سرڪاري اسپتال به آهي، جڏهن اسان جي اسڪول ۾ ڪنهن
جي طبعيت خراب ٿي پوندي آهي ته اسان جي اسڪول جا
پٽيوالا جلدي ان کي اسپتال ۾ وٺي ويندا آهن.
اسان جي اسڪول جي پٺيان ٻنيون به آهن، جنهن ۾
ڪيترائي فصل پوکيا وڃن ٿا. خاص طور تي ڪڻڪ ۽ وونئڻ
. اسان جو اسڪول ٽنڊو ڄام جي روڊ کان آهي، موسيٰ
کٽياڻ ٽنڊي ڄام کان تقريباً 3 ڪلوميٽر جي فاصلي تي
آهي. شل رب سائين اسان جي اسڪول کي اڃا به بهتري
ڏانهن وٺي وڃي. (آمين)
پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج شڪارپور[
اھو صحيح چيو ويندو آھي ته
”ڪتاب
بھترين دوست آھن“.
ڪتابن کان سواءِ زندگي بيڪار ۽ بي معنيٰ ھوندي آھي.
اھي ڪتاب ئي آھن جنھن سبب معاشري ۾ اعليٰ مقام ۽
مرتبو ملندو آھي.
اسان جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي دوست ھوندا آھن، اھي دوست اسان کان ناراض به ٿي ويندا آھن
۽ ڪڏھن ڪڏھن اسان کي ڇڏي ھليا به ويندا آھن،
پر ڪتاب اسان جا اھڙا دوست آھن جيڪي ڪڏھن به اسان
سان بي وفائي نه ڪندا ۽
نه ئي ناتو ٽوڙيندا آھن.
ڪتاب ھميشه اسان جي علم ۾ اضافو ڪندا آھن ۽ اسان
کي صحيح رستي ڏانھن وٺي ويندا آھن جڏھن ته اسان جا
دنياوي دوست اسان کي غلط راھه تي وٺي گمراھي ۾ ڦٽو
ڪندا آھن پر ڪتاب اسان جي سدائين رھنمائي ڪندي
اسان کي بُري
۽ ڀلي
جي تميز سيکاريندا آھن ۽ اسان جون راھون روشن ڪندا آھن.
اسان پنھنجي درسي ڪتابن مان پڻ معلومات جا خزانا حاصل ڪندا آھيون.
ڪتاب سدائين اسان جي بھتر ۽ روشن مستقبل جي لاءِ
لکيا ۽ ڇپيا ويندا آھن.
اسان ڪتابن ۽ رسالن مان پنھنجي دلچسپي جون ڪھاڻيون
پڙھندا آھيون ۽ اسان کي انھن مان اخلاقي درس ملندو
آھي.
جيڪڏھن اسان ڪتابن جو احترام نه ڪنداسين ته
ڪڏھن به اڳتي وڌي نه سگھنداسين.
اسان کي معياري ۽ سٺن ڪتابن سان پنھنجو تعلق قائم
ڪرڻ گھرجي.
اچو ته اڄ کان پڪو عزم ۽ عھد ڪيون ته ڪتابن سان
پنھنجو ناتو ڳنڍي
پنهنجي
زندگيءَ
کي معاشري، قوم ۽ ملڪ جي لاءِ
لاڀائتو بڻائينداسين.
مِينهُن هڪ دفعو وري وسڻ لڳو. پوڙهيءَ عورت چيو:
”جي اتي بيٺو هوندين ته تون هِن مينهن ۾ اَجايو
پُسي ويندين. انهيءَ ڪري تون اندر گهر هل؛ گهٻرائڻ
جي ڪابه ڳالهه ناهي. هي ڪُتو به توکي ڪجهه نه
ڪندو، اهو رڳو ڀونڪندو آهي. تنهنڪري بنا ڊپ ڊاءَ
جي مون سان گڏ اندر هل.“ ان ڪُتي جو نالو ’جيڪ‘
هو.
مان بغير سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ساڻس گڏ گهر آيس. ڏسان
ڇا ته گهر ۾ هڪ وڏي حويلي هئي. اها حويلي منهنجي
اسڪول جيڏي، شايد ان کان به وڏي هئي. ائين پئي لڳو
ته هيءَ حويلي زمين جي اندران نمودار ٿي آهي.
حويلي انوکي انداز ۾ ٺهيل هئي. جتي ٽائلز جون
پڪيون سِرُون نظر ڪونه پئي آيون. ان حويليءَ ۾
روشنيءَ لاءِ وڏا روشندان لڳل هئا.
اسان اندر گهڙياسين پوءِ پاڻ ٻيئي رڌڻي ۾ چلهي جي
ويجهو ويٺاسين. رڌڻو به تمام وڏو هو، پوڙهي ٻڌايو
ته ”گهر ۾ رڌڻو سڀ کان وڌيڪ گرم جاءِ هوندي آهي.“
مينهن پوڻ ڪارڻ موسم ٿڌي ٿي وئي هئي. هُن کاڌي گرم
ڪرڻ لاءِ اوونِ جو دروازو کوليو ۽ چيائين ته ”اسين
اجهو ٿوري دير ۾ گرم ٿي وينداسون.“
پوڙهيءَ عورت پڇيو: ”پُٽ! توکي بُک لڳي آهي؟ ڪجهه
کائيندين. مان آچر جي ڏينهن ڪيڪ ٺاهيندي آهيان ۽
ان سان گڏ چانهه پيئندي آهيان.“ هُوءَ ڳالهائيندي
ڳالهائيندي چانهه جي ڪِٽلي کڻڻ ويئي.
جيڪ مون کي مسلسل ڏسي رهيو هو. مون کي کانئس ڊپ ٿي
رهيو هو. پوڙهي عورت چيو: ”تون پهريون نينگر آهين،
جو منهنجي برٽي
(Bertie)
کان پوءِ هن گهر ۾ آيو آهين.“ اهو چوڻ کان پوءِ
هوءَ کن پل لاءِ خاموش ٿي ويئي. ڪيڪ جي خوشبوءِ
سڄي رڌڻي ۾ هُٻڪار پکيڙي ڇڏي هئي. هُن ڪيڪ جا ٽي
ڪوپ رکيا. ڪيڪ ڏاڍو مزيدار هو، جيڪو مون اک ڇنڀ ۾
کائي ڇڏيو، ان ۾ پِگهرجندڙ مکڻ جي خوشبوءِ آئي
پئي. مکڻ جي ان خوشبوءِ، منهنجي بُک کي ويتر پئي
وڌايو. هاسٽل جي اڻ وڻندڙ ۽ بي سواد کاڌن ته
منهنجو اندر ئي خراب ڪري ڇڏيو هو ۽ ذائقو ئي ختم
ٿي ويو هو. پر هن ڪيڪ منهنجي وات ۾ ذائقو ڀري
ڇڏيو.
پوڙهي عورت مون سان سٺيون ڳالهيون اورڻ لڳي. مون
کي صرف جيڪ کان خوف ٿي رهيو هو، جيڪو مون ڏانهن
لاڳيتو نظرون اٽڪائي ويٺو هو. ڪُتي جي زبان کان
مان ٻاهر هئي، جنهن مان گِگهَه ڳَڙِي رهي هئي.
سامهون لڳل وڏي دريءَ مان آسمان نظر اچي رهيو هو.
ڏٺم ته ٻاهر جو نظارو اهو ٻڌائي رهيو هو ته ڪڪر
آسمان تان آهستي آهستي صاف ٿيندا پئي ويا. سج به
ڪڪرن منجهان نڪري روشني پکيڙي رهيو هو. ڪڪرن جي
گجگوڙ جو ٿورو آواز به اچي رهيو هو. انڊلٺ جا رنگ
به آسمان ۾ وکيرجي ويا هئا، جيڪي ڏسڻ وٽان هئا.
پوءِ مان دريءَ وٽ اچي بيٺس، ٻاهر جو نظارو چڱيءَ
طرح ڏٺس. جبل وٽ ڏٺم ته هڪ انوکو عڪس نظر اچڻ لڳو.
اهو عڪس هڪ شينهن جي شڪل جيان هو. بلڪل ائين، جهڙو
وڏي دروازي تي ٺهيل ڏٺو هئم.
ايتري ۾ پوڙهي عورت جو آواز ڪنن ۾ گونجيو ”پُٽ!
تون ڪيڪ کاڌو الائي نه؟“ مون کيس ڪنڌ هائوڪار ۾
ڌُوڻيو.
پوڙهي عورت وري چيو ”اَبا! اهو وهم تون وسار ته،
مان توکي ڪو هِتان وڃڻ لاءِ چونديس، مان نه ٿي
چاهيان ته تون وڃ. مون کي ائين ڪنهن ٻار جو ڪيڪ
کائڻ تمام سُٺو لڳي پيو، تنهنجي صحبت به ڏاڍو مزو
پئي ڏئي، پَر، مان وري به اهو چاهينديس ته توکي
پنهنجي اسڪول ضرور واپس وڃڻ گهرجي. صحيح آ نه؟ نه
ته تون وڏي ٻيڪڙ ۾ اچي ويندين. وري ائين ڪڏهن ڪَسو
ڪم نه ڪجانءِ جو اسڪول کان ڀڄين. منهنجو برٽي
(Bertie)
ڏاڍو سلڇڻو هو، شال مالڪ سائين مٿس ٻاجهه ڪري.“
مان اسڪول جو نالو ٻڌي ڏاڍي پريشانيءَ ۾ وٺجي ٿي
ويس، مٿان وري هن عورت اسڪول جون ڳالهيون پئي
ڪيون. منهنجي دل پئي چاهيو ته مون سان ڪوئي به
اسڪول جي ڳالهه نه ڪري باقي جيڪي به ڳالهيون ڪن ته
ڀلي ڪن. منهنجون نظرون وري دريءَ کان ٻاهر ويون ۽
اهو شينهن ڏٺم، هاڻي اهو نيرو نظر آيو پئي، جيڪو
سج جي روشني ۾ چمڪي رهيو هو. مون کي ائين ٿي لڳو
ڄڻ اهو ساهه به کڻي رهيو هجي ۽ جيئرو هجي. پوءِ
وري سوچڻ لڳس ته هي ڪِٿي شينهن جو عڪس ته ناهي!
وري سوچيم ته، نه نه عڪس ناهي. ڇو ته عڪس نيرو نه
ٿو ٿي سگهي. ايتري ۾ پوڙهي عورت ڳالهايو. ”ٻچا!
جيڪو تون شينهن ڏسي رهيو آهين، اهو ڪو جادو ناهي
بلڪ هڪ حقيقت آهي اهو منهنجو شينهن آهي. برٽي
شينهن! اهو اسان جو پوپٽ شينهن آهي.“
ٻالڪ ناٽڪ)
ڪردار
1. جاويد
2. لاريب
3. ادي
4. ڇوڪرو
ڇوڪرو: (جذباتي ٿيندي) گهڻا ڏِنگا ۽ ضدي ٻار
پنهنجن رانديڪن کي ڪاوڙ مان اُڇلائيندا آهن. نتيجي
۾ ڪنهن گڏيءَ جي ٻانهن ڀڄي پوندي آهي ته ڪنهن طوطي
ويچاري جي اک نڪري پوندي آهي يا وري ڪنهن ٻليءَ جو
ڪنڌ ڀڄي پوندو آهي. انهن سڀني کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي
آهي. توهان انسان انهن ويچارن جا ڀڳل عضوا ته
ڏسندا آهيو، پر انهن جا ڳوڙها نه ڏسي سگهندا آهيو.
جاويد: گل ته بي جان هوندا آهن.
ڇوڪرو: هرگز نه! گلن کي به اسان جيتن ۽ اوهان
انسانن وانگر ساهه هوندو آهي. جيڪڏهن تون هن وقت
ڪو گل پَٽي ان جي ڏانڊيءَ تي آڱر گُهمائي ڏسندين
ته توکي آلاڻ محسوس ٿيندي. اها آلاڻ ڳوڙهائي ته
هوندي آهي دوست!
جاويد: تون ٺيڪ ٿو چوين.
ڇوڪرو: ياد ڪر... ڪڏهن توکي تنهنجي دوست ٻانهن کان
وٺي ڇڪيو هوندو ته تو ضرور دانهون ڪيون هونديون.
جاويد: ظاهر آهي... سور جو ٿيندو آهي!
ڇوڪرو: اهڙيءَ طرح اسان کي به سُور ٿيندو آهي...
اسان به دانهون ڪندا آهيون... تڙپندا آهيون...
روئيندا آهيون.
جاويد: سچ ته مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي.
ڇوڪرو: توکي ڪو افسوس ناهي دوست! تو منهنجي
کنڀڙاٽيءَ کي ڪيڏو ته زور ڏنو هو پڪڙڻ مَهل... ۽
پوءِ تو مون کي ڪتاب ۾ بند ڪري مارڻ ٿي چاهيو...
توبهه! توبهه منهنجا رب!
جاويد: منهنجي هڪ هم ڪلاسيءَ پوپٽ کي پڪڙي ڪتاب ۾
بند ڪيو هو.
ڇوڪرو: او... منهنجا خدا! اهو ته وڏو ظالم ڇوڪرو
آ... توبهه زاري!
جاويد: مون کي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو آهي. مان هاڻي هرگز
ائين نه ڪندس.
ڇوڪرو: (ٿڌو ساهه کڻندي) شڪر آ جون تون سمجهي
وئين!
جاويد: هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
ڇوڪرو: هاڻي تون مون کي آزاد ڪر!
جاويد: پر تون ته هاڻي پوپٽ نه رهيو آهين!
ڇوڪرو: پوپٽ ئي ته آهيان. دروازو کول ته مان هليو
وڃان.
جاويد: ته پوءِ تون هاڻي وري پوپٽ بنجي
ويندين؟...!
ڇوڪرو: جي ها! تون رڳو دروازو کول!
جاويد: تون پاڻ ئي باغ ۾ هليو ويندين؟
ڇوڪرو: ها ڇو نه! مون کي باغ ۾ ئي ته وڃڻو آهي.
مان ته هميشه گلن سان ئي گڏ رهندس.
(جاويد اڳتي وڌي دروازو کولي ٿو. ڇوڪرو تيزيءَ سان
دروازي ڏانهن وڃي ٿو)
ڇوڪرو: (هٿ لوڏيندي) جاويد! تنهنجي تمام گهڻي
مهرباني. خدا حافظ!
جاويد: (جهيڻي آواز ۾) خدا حافظ! پيارا پوپٽ!
(ڇوڪرو اوچتو غائب ٿي وڃي ٿو. جاويد اتي ئي ميز وٽ
بيٺو رهي ٿو. ڪجهه دير کان پوءِ ادي ۽ لاريب ڪمري
۾ داخل ٿين ٿيون)
ادي: جاويد! هي لاريب ڇا ٿي چئي؟
لاريب: ادي! چئي پيو ته پوپٽ جا پَر ٽيوب لائيٽ جي
روشنيءَ ۾ ڏسنداسين... مزو ايندو.
ادي: ها جاويد؟.. پر ڇو...؟ پوپٽ تنهنجو ڪهڙو ڏوهه
ڪيو آ...؟
چريو ٿيو آهين ڇا؟
(جاويد جو ڪنڌ جُهڪيل آهي. هو ڪابه ورندي نه ٿو
ڏي)
ادي: جاويد! تون ڳالهائين ڇو ڪونه ٿو؟ ڇا ٿيو آ
توکي...؟
(جاويد ماٺ ڪيو بيٺو آهي. ادي ڏانهنس غور سان ڏسڻ
لڳي ٿي)
ادي: (نرم لهجي ۾) ڇا ڳالهه آهي جاويد؟ تون چپ ڇو
آهين؟ ڪجهه ته ٻڌاءِ!
جاويد: ا.. ا... اد.. ادي! (اهو چوندي جاويد روئڻ
لڳي ٿو)
ادي: اوهو... تون ته روئي رهيو آهين...
جاويد: ادي! مان وڏي غلطي ڪئي جو پوپٽ ويچاري کي
پڪڙيو. مان آئيندي ڪڏهن به ائين نه ڪندس. مون پاپ
ڪيو... مون کي ڏاڍو پڇتاءُ آهي.
ادي: توکي ڇا ٿي ويو جاويد! تون ايتري ۾ بدلجي
وئين؟
(ادي پنهنجن هٿن سان جاويد جا ڳوڙها اُگهي ٿي ۽
پردو ڪري ٿو).
گلڻ کي جيئن ته اسڪول ۾ راندروند ڪندي مزو اچي ويو
هو، ان ڪري روز اسڪول ويندو هو. ڏاڏيءَ کيس سنڌي
ٻاراڻو ڪتاب، سليٽ، پٽي، ڪلڪ، مس ۽ قلم به وٺي ڏنا
هئا. امڙ به کيس هڪ ڪپڙي جو ٿيلهو ٺاهي ڏنو هو،
جنهن ۾ گلڻ ڪتاب وجهي، ٿيلهو ڪلهي ۾ لڙڪائي بالم
بڻجي پڙهڻ ويندو هو.
استاد به سندس شوق کي ڏسي ڀانئڻ لڳو هو. استاد کيس
الف بي سيکارڻ شروع ڪيائين ۽ پٽيءَ تي اکر لکي
ڏيندو هوس، سي به صفائيءَ سان لکندو هو. جيئن جيئن
گلڻ جو هٿ پختو ۽ پڪو ٿيندو ٿي ويو، تيئن سندس سبق
وڌندو پئي ويو. اکرن جي پٽي مڪمل ڪرائڻ کان پوءِ
استاد ڪَڪِ يعني آوازن جي پٽي ياد ڪرائڻ شروع ڪئي.
ائين آهستي آهستي ڪميءَ واري رفتار سان اکرن مان
لفظ، ۽ لفظن مان جملن ٺاهڻ ۽ سبقن ڏانهن رخ
رکيائين. ڪچو پهريون پورو ڪري، پڪي پهرين طرف
وڌيو، پر ان کان اڳ استاد کين نون غني واري پٽي پڻ
ياد ڪرائي ۽ انهيءَ جي لکڻ جون شڪليون پڻ ياد
ڪرايون.
هاڻ گلڻ ڪجهه سمجهه ڀريو به ٿي ويو هو ۽ ڪلاس جي
گهڻن ٻارن سان سندس دوستي به ٿي وئي هئي. پر پوءِ
به هو پنهنجي پاڙي جي دوست نياز احمد سان ئي گڏ
ساڳي بينچ تي ويهندو هو. صبح سان ٽيئي دوست يعني
گلڻ، نياز ۽ شمنو گڏجي اسڪول ايندا هئا ۽ موڪل مهل
وري گڏجي واپس گهر موٽندا هئا.
ها، سچ نياز احمد پڙهڻ ۾ ڍرو هوندو هو، روز استاد
جي مار کائي پڪو ٿي ويو هو. هن تي ٻه چار لڪڻ اثر
ئي ڪونه ڪندا هئا. اکر به گهڻا ئي ڪسا يعني خراب
هوندا هئس. جيئن ته گلڻ پڙهڻ ۾ چڱو ٿيندو پئي ويو،
ان ڪري استاد کيس نياز احمد کان الڳ ڪري اڳين بينچ
تي ويهاريو هو. ان کان علاوه کيس گهر وارن قرآن
شريف پڙهڻ جي لاءِ نياز احمد جي ڀيڻ آپا منظور وٽ،
قرآن جي درس لاءِ پڻ ويهاريو. گلڻ روزانو درس وٺڻ
ويندو هو. درس کان پوءِ نياز سان گڏجي مٿي ڪوٺي تي
چڙهي ويندو هو.
نياز جو ڀاءُ شمس الدين عرف شمن ڪبوترن جو ڏاڍو
شوقين هوندو هو وٽس وڙ وڙ جا پاليل ڪبوتر هوندا
هئا. بازيگر ڪبوتر، هوائي ڪبوتر، پٽي وارا ڪبوتر
وغيره. اُهي ڪبوتر هڪ ڪوٺيءَ ۾ هوندا هئا. ڪبوترن
جي رهڻ لاءِ ڪمري جي اندر پڃرا لڳل هوندا هئا، جن
جي مٿان ڪاٺيءَ جا کوکا رکيل هوندا هئا اهي ڪبوترن
جا گهر هوندا هئا. ڪمري جي روڊ واري پاسي کان
ڪاٺيءَ جو ڪٽهڙو (ڇڄهرو) ٺهيل هوندو جيڪو زبون ٿي
ويو هو ۽ ڪهڙي به وقت ڊهي پٽ پوڻ جا آثار نمايان
هوندا هئس.
نياز احمد جي اها روز جي ڪرت هوندي هئي، ته هو
روزانو شام جو وقت انهن کي داڻو چُڳائڻ ۽ پاڻي ڏيڻ
جي لاءِ مٿي ويندو هو. گلڻ به ساڻس گڏجي مٿي چڙهي
ويندو هو. معمول مطابق نياز ڪوٺيءَ ۾ واڙيل ڪبوترن
کي کولي فضا ۾ اُڏائيندو ۽ ڪافي دير تائين آسمان ۾
ڪبوترن کي قلابازيون کائيندي اُڏامندي ڏسندا هئا.
کين ڏاڍو مزو ايندو هو ۽ کين وقت گذرڻ جو احساس ئي
ڪين ٿيندو هو. نياز، مٽيءَ مان ٺهيل ٺڪر جي پاٽڙن
۾ پاڻي ۽ اَنُ وجهندو هو، ته ڪبوتر هيٺ لهي ايندا
هئا. ائين داڻي چڳائڻ کان پوءِ نياز ۽ گلڻ به هيٺ
لهندا هئا.
نياز احمد جو پيءُ ڪاڪو جمال الدين نيڪ سيرت، نيڪ
صورت ۽ مذهبي ماڻهو هوندو هو، ان کي اسان جي اها
ڪرت ڪونه وڻندي هئي ۽ دڙڪا ڏيندو هو، ان جي دڙڪن
آهستي آهستي گلڻ کي قرآن جي درس کان پري ڪري ڇڏيو.
جهڙي وقت ڪاڪو جمال الدين گهر ايندو هو ته گلڻ
ڪبوترن واري ڪوٺي تان لهي ٻاهر پاڙي ۾ کيڏڻ لڳندو
هو. انهيءَ کيڏ کيڏان ۾ سندس توجهه پڙهڻ کان گهڻو
ئي هٽي ويو.
ظاهر آهي ته ان جو اهو ئي نتيجو نڪرڻو هو. چوندا
آهن ته چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي. سبق ڪچي هجڻ ۽ مار
جي ڊپ کان گلڻ اسڪول وڃڻ کان گسائڻ لڳو. هڪ ٻه
ڏينهن ته مڙئي پيٽ جي سور ۽ مٿي جي سور جو بهانو
ڪري لنوايو. اهي بهانا آخر ڪيستائين هلن. نيٺ ڪتاب
کڻي اسڪول لاءِ نڪتو پر اسڪول وڃڻ بدران گهٽين ۾
رُلندو رهيو.گلڻ ٻه ٽي ڏينهن جو اسڪول ڪونه ويو ته
سندس استاد گلڻ کي گهر کان وٺي اچڻ لاءِ ٻه ڇوڪرا
موڪليا. گهر وارن ڇوڪرن کي ٻڌايو ته گُلڻ ته اسڪول
ويو آهي، پر نه ڄاڻ گلڻ ڪتابن جو ٿيلهو ڪلهي ۾
ڪيون، ناني جي دڪان تي ويٺو گرم گرم ٻوڙ ماني کائي
رهيو هو. گلڻ جو موڪل جو وقت ٽاري گهر پهتو. امڙ
ماني کڻي آيس، پر ماني نه کاڌائين. پڇڻ تي
ٻڌايائين ته نانا جي دڪان تان کائي آيو آهيان. امڙ
سڄي قصي کي سمجهي وئي، پر گُلڻ کي ڪجهه نه چيائين.
ٻئي ڏينهن گلڻ جيئن اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿيو ته
سندس امڙ بوئا ڪشمير جي پٽ زاهد کي سڏايو ۽ گلڻ جي
ٻانهن هٿ ۾ ڏيئي کيس اسڪول پهچائڻ لاءِ چيو. زاهد
به، جي مامي چئي، کڻي گلڻ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. زاهد
کي پنهنجا سور اڳ ئي سُجهن پيا جو گلڻ کي اسڪول
پهچائڻ ۾ سندس ڪانچ ڦاٽي ويئي هئي، ان ڪري کيس
دڙڪو ڏيندي چيائين ته:
”جيڪڏهن گهڻي کٽ پٽ ڪئي اٿئي ته اهڙي چماٽ
هڻندوسانءِ جو سڄي عمر ياد ڪندين.“
اهو ٻڌي گلڻ هيسجي ويو ۽ چپ چپات ۾ ساڻس گڏ اسڪول
ڏانهن هلڻ لڳو. اسڪول ۾ گلڻ کي ايندو ڏسي سندس
استاد مرڪيو، ۽ چيائين ”گلڻ اڄ اسڪول آيو آهي“.
ٻار ته ان ڳالهه کي سمجهي ويا ۽ کلڻ لڳا، ڇو ته
ساڻن اها جُٺِ استاد ڪيترائي ڀيرا ڪئي هئي. استاد
جڏهن به ڪنهن کي مار ڏيندو هو ته اهي جملا ضرور
ڳالهائيندو هو. استاد گلڻ کي ڪلاس ۾ ويهاريو کانئس
اسڪول نه اچڻ بابت ڪجهه به نه چيائين. پر جڏهن سبق
ٻڌائڻ جو وارو آيو ته گُلڻ جو سبق پڪو نه هو، ته
ان بهاني سان استاد گلڻ کي مار ڏني. گلڻ ڪافي دير
تائين روئندو رهيو. گلڻ کان پوءِ نياز احمد جو
وارو آيو، جنهن کي به استاد سٽڪو ڏنو پر هو روز
روز مار کائي نود ٿي ويو هو ان ڪري مٿس ڪو خاص اثر
نه ٿيو. نياز، گلڻ کي پرچائڻلڳو ۽ کيس چوڻ لڳو ته
”ڏس مان روئان ٿو.“
ڪجهه وقت گلڻ روئندو رهيو ۽ پوءِ پاڻ ئي ماٺ
ڪيائين. پر پوءِ گلڻ اسڪول کان گسائڻ کان توبهه
ڪئي. روزانو اسڪول وڃڻ لڳو ۽ روزانو سبق پڪو ڪري
استاد کي ٻڌائيندو هو. اکر به چڱا ٿي ويا هئس ۽
صورتخطي به بلڪل صحيح لکندو هو. ان تي کيس هاڻ
آفرين ملندي هئي. ائين سال گذري ويو گلڻ پهريون
درجو پاس ڪري ٻئي درجي ۾ ويو. گلڻ وارن جو ڪلاس،
سائين انور علي ابڙو کي مليو.
”پيارا ٻارؤ! هن ڳالهه مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو
ته اسان کي روزانو اسڪول وڃڻ گهرجي ۽ گهمڻ ڦرڻ کان
پوءِ پرهيز ڪرڻ گهرجي. جيترو به اسڪول جو ڪم ملي
ان کي روز جي بنياد تي پورو ۽ ياد ڪجي. ان ۾ شاگرد
جي عزت آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪندو ته پوءِ ان سان
به گلڻ جهڙو حشر ٿيندو.“ |