سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ جون  2019ع

باب:

صفحو:2 

 

 

عيد نماز سمورن مسلمانن جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. هي روزانو نمازن جون سموريون خوبيون رکندي آهي. عيد الفطر رمضان جي روزن جي خيرخوبي سان مڪمل ٿيڻ بعد خوشي طور ملهائي ويندي آهي. جيڪو قمري ڪئلينڊر جو ڏهون مهينو آهي. رمضان المبارڪ جي مهيني کان فورن بعد ايندو آهي. عيد خدا جي عبادت جي راهه ۾ ڪاميابي جو صحت مند جشن هوندي آهي. هي عيد هڪ مهيني جا مڪمل ڏينهن روزن رکڻ بعد ايندي آهي. حقيقت ۾ عيد هڪ شڪراني جو ڏينهن هوندو آهي. جتي مسلمان امن ۽ خوشيءَ جي ماحول ۾ ڪٺا ٿيندا آهن. ان ڪري سڀ ملي ڪري خدا جو شڪر ڪندا آهن. انهيءَ عيد سان کين پنهنجي روحاني ذميوارين پوري ڪرڻ جو موقعو ڏنو، شڪراني جو طريقو رڳو روحاني عبادت ۽ زباني بيانن تائين محدود ناهي. ان کان ڪيترو ئي اڳتي وڌي ڪري هو پاڻ کي معاشرتي ۽ انسان دوستي جي هڪ حسين شڪل ۾ پيش ڪري ٿو. عيد خدا جي ياد جو ڏينهن آهي، انتهائي خوشين جي گهڙين ۾ به مسلمان پنهنجي ڏينهن کي خدا جي عبادت سان شروع ڪن ٿا. روزمره جي نماز فجر ان کان پوءِ خصوصي نماز عيد ۾ مسلمان  مالڪ کان دعا گهرن ٿا ۽ ان جي نالي جي حمد و ثنا ڪن ٿا، ان سان گڏ هو مرڻ وارن کي ياد ڪن ٿا ۽ انهن جي روحن لاءِ سڪون ۽ انهن جي لاءِ رحمت ۽ مغفرت آهن. عيد الفطر جي نماز پڙهڻ کان پهريان صدقه فطره ڏنو وڃي ٿو. جڏهن ته ننڍڙن ٻارن جو به صدقه فطره ڏنو وڃي ٿو. صدقي کي فراخدليءَ سان ڏيڻ گهرجي.

ٻارو! عيد جو ڏينهن درگذر جو ڏينهن آهي، جڏهن مسلمان ان ڏينهن تي نماز باجماعت ۾ شريڪ ٿيندا آهن ته اهي سڀ دل جي گهرائين سان مغفرت جي لاءِ دعا گهرندا آهن ۽ رب سائين انهن سڀني ماڻهن سان جيڪي سندس طرف وڌن ٿا، پنهنجي رحمت ۽ مغفرت جو وعدو فرمايو آهي. هڪ سچو مسلمان انهيءَ روحاني گڏجاڻيءَ مان تمام گهڻو تاثر قبول ڪري ٿو ۽ پنهنجن خراب خيالن تي ڪنٽرول ڪري ٿو. عيد امن، آشتي، عافيت ۽ سلامتي جو ڏينهن آهي. جڏهن مسلمان پنهنجي دل ۾ سڪون جي ڪيفيت پيدا ڪري خدا جي قانون جي پوئيواري ۽ ضبط هيٺ زندگي بسر ڪرڻ تي تيار ٿئي ٿو ته هن پڪ سان رب سائين سان اڻ ٽٽندڙ امن جو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هڪ ماڻهو پنهنجو معاملو هڪ ڀيرو رب سان صحيح ڪري ته کيس پنهنجي اندر ۾ ئي فرحت ۽ سڪون محسوس ڪندو آهي ۽ نتيجي ۾ باقي ڪائنات سان به صلح ۽ آرام جو معاملو قائم ڪندو. اهو آهي اسلامي عيد جو حقيقي مفهوم، امن ۽ تشڪر جو ڏينهن، درگذر ۽ اخلاقي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو ڏينهن، هڪ اعليٰ درجي جو فصل لڻڻ ۽ ظاهري ڪاميابيءَ جو ڏينهن پرامن جشن ملهائڻ جو هڪ يادگار ڏينهن آهي.

 

 

 

هڪ ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ گاري ۽ مٽيءَ سان پنهنجو گهر ٺاهيو. گهر ۾ هن ست مُصلن جي جاءِ به ٺاهي، ڇو ته هن کي ست پٽ هئا. گهر ته ٺهي راس ٿيو ته هن پٽن کي سڏي چيو، آءٌ چاهيان ٿو ته مسجد جو جيڪو گارو ڪجي اها مٽي جنت جي مٽي سان ڪريان توهان سڀ وڃو ۽ جنت جي مٽي ڳولي اچو.

پٽ پريشان ٿي ويا ته جنت جي مٽي ڪٿان آڻيون. ۽ پيءُ جو به حڪم هو. ڇهه ئي پٽ ڳولي ڳولي اچي ٿڪا پر جنت جي مٽي ڪٿان لڀي؟ جڏهن ته ننڍو پٽ ٻاهر ويو ئي ڪونه ۽ گهر ۾ ئي رهيو. جڏهن شام جو ڇهه ئي ڀائر ٿڪجي خالي هٿين گهر پهتا ته ڏسن ته ننڍو ڀاءُ هڪ ٻوري ۾ مٽي ڀري ويٺو آهي.

پيءُ پڇيس ته ”پٽ گهر ويٺي توکي جنت جي مِٽي ڪٿان ملي وئي؟

پٽ چيو: ”سڄو ڏينهن امان جي پٺيان پٺيان ڦرندو رهيس جتي جتي امان پنهنجا پير رکندي وئي اتان مِٽي کڻندو گڏ ڪندو رهيس هي اُها ئي مٽي آهي.

(اقتباس ڪتاب تسليمي حڪايت تان ورتل)

 

پاڻ تي ڀروسو ڪريو

* اُنهيءَ وقت ڪڏهن به مايوس نه ٿجو جڏهن تنهنجو ساٿ ڏيڻ وارو ڪير به نه هجي.

* آئن اسٽائن چيو ته: مان انهن ماڻهن جو شڪر گذار آهيان جن مون کي ڏکئي وقت ۾ ڇڏي ڏنو ڇو ته انهن مون کي سيکاري ڇڏيو ته آءٌ اڪيلو سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو.

 

 

 

حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن زراعت بابت هدايت ڪئي آهي. فرمايائين ”توهان پنهنجو پيٽ، قوت، زمين جي ڳجهاين ۾ ڳوليو.“ (ترجمو)

هڪ وڏي عالم امام سرخسي ان جي اُپٽار ڪندي لکيو آهي ته ”زمين جي ڳجهاين ۾ ڳولڻ“ مان مطلب آهي، پوکي راهي. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن جي هڪ صحابي حضرت انس رضي الله عنه فرمايو آهي ته، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته ”جڏهن ڪو مسلمان ڪو وڻ پوکي ٿو، يا ڪا پوکي راهي ڪري ٿو، پوءِ ڪو پکي يا ماڻهو يا جانور ان مان کائي ٿو، ته اهو ان جي لاءِ صدقو آهي.“

هڪ عالم لکيو آهي ته: جيئن پوکي راهي جو فائدو مؤمن توڙي ڪافر ۽ هر ساهواري کي ملي ٿو، انهيءَ ڪري اهو وڏو ثواب جو ڪم آهي.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن مديني منوره ۾ هجرت ڪري ويا هئا ۽ مديني منوره جي  ماڻهن پنهنجي مهاجر ڀائرن جي وڏي عزت ڪئي هئي. مديني منوره جا اهي ماڻهو هاري هئا. هو پوکي راهي ڪندا هئا، ۽ پوک جي هنر جا وڏا ڄاڻو هئا. مديني منوره جي پسگردائيءَ ۾ باغات هئا ۽ ڪڻڪ جي پوک به ٿيندي هئي. ڪيتريون ئي زمينون ۽ باغات اهڙا هئا جتي انجير، کجور، انگور ۽ ٻيا اناج  ۽ ميواه ٿيندا هئا.

ڏکڻ ايشيا جي هڪ وڏي عالم حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ ۾ فرمائي ٿو ”جنهن ملڪ ۾ کيتيءَ لائق زمين هجي ۽ اُتي جا رهاڪو سُستي ۽ لاپرواهي ڪن، ته ان ملڪ جي تباهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪري نٿو سگهجي. عيش عشرت واريون شيون ٺاهڻ جي ڀيٽ ۾ ملڪ جو واڌارو پوکي راهيءَ ۾ آهي. ان جو سبب اهو آهي، جو واپار توڙي هنر جو دارومدار ڪچي مال تي آهي. جيڪڏهن ملڪ جي زمين پوکي راهيءَ جي لائق آهي ۽ ان هوندي به پوک نٿي ڪئي وڃي، ته اهو ملڪ نه فقط واپار ۽ هنري واڌاري ۾ پوئتي رهجي ويندو.

اسلام کان اڳ هاريءَ توڙي پورهيت کي تمام گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو هو. هاريءَ کي گهٽ اُجرت ڏني ويندي هئي، ۽ هاريءَ کي زوري بيگر ۾ وهايو ويندو هو. اسلام انهن ڳالهين جي منع ڪئي آهي. اسلام اسان کي سيکاريو آهي ته پورهيت ۽ هاري وڏي مان جا لائق آهن. انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، ۽ انهن جو حق نه کائجي. ان کان سواءِ اسلام هاري ۽ آبادگار کي هيٺين ريت سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

1. ڍل گهٽ ۾ گهٽ وٺڻ.

2. هاريءَ کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ۽ رعايتون ڏيڻ.

3. غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ.

4. آبپاشيءَ جي ذريعن کي سٺو ۽ آسان بنائڻ.

گهڻو اڳ زميندار، هارين کان زوريءَ بيگر وٺندا هئا ۽ انهن کي پيداوار جو تمام گهٽ حصو ڏيندا هئا، اسلام اهڙي هلت کي ڌڪاريو آهي ۽ اسان کي سيکاريو آهي ته هاريءَ کي پورو حصو ڏيون، جيئن هو سُکيو ۽ آسودو رهي. ان سان گڏ جيترو پڄي سگهي اوترو ان جي مدد ڪريون.  

 

 

 

 

بارش جي موسم ۾ هر جاندار توڙي انسان انتهائي خوش نظر اچن ٿا. شايد پاڻيءَ سان انسان جو اهو رشتو آهي جنهن جي لاءِ قرآن پاڪ جو ارشاد ٿيو آهي ته:

”اسان انسان کي پاڻي مان پيدا ڪيو آهي.“

سو مينهن جي مُند جي خوشبو، هن جو وسڻ ۽ هن جي ڪري ماحول ۾ ايندڙ تبديلين ۾ انڊلٺ کي هڪ اهم ۽ خاص مقام حاصل آهي.

انڊلٺ آخر ڇا آهي؟

هو ڪيئن ۽ ڇو ٺهي ٿي؟

انڊلٺ عام ڏينهن ۾ ڇو نظر نٿي اچي؟

اهي ڪجهه سوال آهن. خاص طرح ٻارن جي ذهن ۾ اچن ٿا. ڇاڪاڻ ته ٻار سڀني کان وڌيڪ دلچسپي ڏيکارن ٿا. خاص طور انڊلٺ جي معاملي ۾. اچو ته ڪوشش ڪيون هنن سوالن جا سائنسي جواب ڳولهڻ جي.

انڊلٺ ستن رنگن جي هڪ انتهائي حسين پٽي آهي، جيڪا آسمان ۾ ڪڏهن انتهائي واضح ۽ نمايان طور وڏي سائيز ۾ يا وري ڪڏهن هلڪن رنگن سان ان مهل ظاهر ٿئي ٿي. جڏهن مينهن رڪيل هجي ۽ سج به نڪتل هجي. عموماً ان وقت دوران هلڪا ڦلڪا مينهن ڦڙا به پوندا رهن ٿا.

رنگن جي اها پٽي ڳاڙهي (Red)، نارنگي، ڦڪي، هلڪي سائي، تيز سائي، نيري ۽ وانڱڻائي رنگن تي مشتمل هجي ٿي. هي رنگن جي پٽي آسمان ۾  هڪ اڌ گولائي يعني Semi Circle جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي.

اچو ته ڏسون انڊلٺ ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڇو ٺهي ٿي. انڊلٺ جو ٺهڻ ائين ته تمام آسان ڏسجي ٿو ۽ اسان گهر ۾ به هڪ تمام آسان تجربي سان انڊلٺ کي ٺهندي ڏسي هن جي رنگن جو مطالعو ڪري سگهون ٿا.

نيوٽن سڀني کان پهريان انڊلٺ جي بابت ڄاڻ ڏني. جنهن مطابق ”جڏهن سج جي روشني بارش ۽ هوا ۾ معلق بوند جي اندر داخل ٿي ڪري واپس موٽي ٿي ته سج جي اڇي روشني جا ڪرڻا ستن رنگن جي هڪ خوبصورت پٽي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. اهو انڪري جو مينهن جو قطرو هڪ پرزم (Prism) جو ڪم ڪري ٿو ۽ روشني جا ڪرڻا جڏهن هن پاڻي جي پرزم نما قطري ۾ Reflect  ڪن ٿا ته پنهنجي اندر موجود ستئي رنگ اجاگر ڪري ڇڏين ٿا.“

 

اهو ئي سبب آهي جو اسان کي آسمان تي هڪ قوس قزح جي رنگين پٽي نظر اچي ٿي.

هاڻي سوال اهو آهي ته انڊلٺ عام ڏينهن ۾ آخر ڇو نظر نٿي اچي؟

اهو انڪري جو عام موسمن ۾ آسمان تي مينهن جو ڪو قطرو معلق نه هوندو آهي ۽ سج جي روشني کي ڪنهن شفاف شيءِ کان Reflect ٿيڻ جو موقعو نه ملندو آهي ته رنگن جي پٽي جو نظر اچڻ جهڙو ڪري ناممڪن آهي.

اگر اسان انڊلٺ جو گهر ۾ مطالعو ڪرڻ چاهيون ته اهو به ٿي سگهي ٿو. هن جا مختلف طريقا آهن ۽ ڪڏهن ته اسان کي سلور ڪلر جي ڪنهن جي هٿ ۾ پاتل واچ سان به نڪرندڙ رنگ نظر ايندا آهن. جيڪي پاڻ ئي پاڻ ٺهي وڃن ٿا، اگر سج جي روشني يا ڪنهن بلب يا ٽارچ جي روشني هن سان ٽڪرائي موٽي هجي ته موٽڻ مهل روشني پنهنجي ستن رنگن ۾ ڏٺي وڃي ٿي.

انڊلٺ جي روشني جو تجربو گهر ۾ ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ٽي شيون درڪار آهن. هڪ عدد ٽارچ هڪ عدد گتو جنهن ۾ وچ تي تمام ننڍڙو سوراخ هجي (Pin Hole) ۽ هڪ عدد شيشي جو ٽڪنڊو (Prism). هاڻي پرزم ۽ ٽارچ ٻاريو. ٽارچ جي روشني جي تمام سنهي لڪير پرزم کان ٽڪرائي جيئن ٻاهر نڪرندي ته روشني جي ستن رنگن جي هڪ پٽي ٺهي ويندي جنهن کي ڏسي اسان آساني سان آسمان ۾ انڊلٺ ٺهڻ جي عمل کي نه صرف ڏسي سگهون ٿا پر ويجهڙائي کان ڏسڻ مهل رنگن جو مطالعو پڻ ڪري سگهون ٿا.

 

 

انساني جسم قدرت جي انوکي تخليق ۽ عجيب و غريب مشين آهي. انساني جسم جي متعلق ڪجهه حيرت انگيز انگ اکر هيٺ ڏجن ٿا:

·        انساني شريانن جي مجموعي ڊيگهه هڪ لک ميل هوندي آهي.

·        انساني جسم ۾  موجود رت جي شريانن جي ڊيگهه جي جيڪڏهن پيمائش ڪئي وڃي ته انهن جي ڊيگهه 60 هزار ميل کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.

·        انساني جسم ۾ وارن جون 21 هزار 8 سؤ 70 قسمون آهن.

·        انسان ڏينهن ۾ 3 هزار چاليهه ڀيرا ساهه کڻندو آهي.

·        پيدائشي ٻار هڪ منٽ ۾ 60 ڀيرا، 15 سالن جو ٻار 20 ڀيرا ۽ جوان ماڻهو 14 ڀيرا ساهه کڻندو آهي.

·        24 ڪلاڪن ۾ دل هڪ لک ساڍا ٽي هزار ڀيرا ڌڙڪندو آهي.

·        هڪ ماڻهو جي زندگيءَ ۾ سندس دل ساڍا ٽي لک ٽن رت پمپ ڪندو آهي.

·                انسان ڏينهن ۾ 4300 لفظ ڳالهائيندو آهي.

·                ميڊيڪل ريسرچ جي مطابق انساني دماغ ۾ ڏهه ارب خليا آهن، انهن سڀني خلين ۾ حيران ڪندڙ نظم ۽ ضبط ڏٺو ويو آهي.

·        انسان جي دماغ ۾ 25 ارب کان وڌيڪ نيورون هوندا آهن، جيڪي هر وقت پنهنجو ڪم ڪندا رهندا آهن.

·                انساني جسم ۾ موجود وڏي آنڊي جي ڊيگهه 7 کان 8 ميٽر هوندي آهي. ننڍي آنڊي جي ڊيگهه 5 کان 6 ميٽر هوندي آهي.

·        جديد تحقيق جي مطابق انساني جسم ۾ ايترو فاسفورس هوندو آهي جنهن مان آسانيءَ سان ٽي هزار ٻه سؤ ماچيس جون تيليون ٺاهي سگهجن ٿيون.

·        انساني جسم ۾ موجود ڪاربن مان پنج سؤ پينسلون تيار ٿي سگهن ٿيون.

·        انساني جسم 30 ڪروڙ ڪيميائي جُزن تي ٻڌل آهي.

·        انساني اَک ۾ هڪ کرب کان وڌيڪ روشني قبول ڪندڙ ريشا هوندا آهن.

·                انساني دماغ 78 خليا استعمال ڪندو آهي.

·        صحت مند انسان جي جسم ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رت 168 ميل سفر ڪندو آهي.

·        ڪم جي وقت انسان کي آڪسيجن جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي.

·        انساني جسم ۾ ڪُل 206 هڏيون آهن.

·        انساني جسم جي هڏين جو وزن جسم جي ڪُل وزن جو 25 سيڪڙو هوندو آهي.

 

سنڌ جي تاريخي ماڳ ماٿيلو مومل جي ماڙي جا ٻالڪ محمد راشد ڀٽو، عزيز مرتضيٰ شيخ، عبدالباري ڀٽو، عابد حسين شيخ، محمد سليمان ڀٽو، راشده ڀٽو، عبدالباقي ڀٽو، بازگان ڀٽو، عجب علي ڪلادي، صابره ڀٽو، حسين احمد ڀٽو ۽ ٻين چيو ته اسان عيد جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسين. اسان عيد لاءِ نوان ڪپڙا ۽ بوٽ خريد ڪيا آهن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته عيد اسان ٻارن جي هوندي آهي. اسان عيد جي ڏهاڙي پنهنجن دوستن کي تحفا ۽ مٺائي ڏينداسين ۽ انهن سان ڀاڪر پائي ملنداسين. مطلب ته عيد جو سڄو ڏينهن خوشيون ملهائڻ سان گڏ گهڻا ميوا، کاڌا ۽ مٺائي کائينداسين.

ڳوٺ پنهون وسير جا ٻارڙا طھ ياسين وسير، ذاڪر حسين وسير، سڌير احمد وسير، طارق علي وسير، عشرت علي وسير، شرف الدين وسير، عبدالرحمان وسير، سجاد علي وسير، عباس علي وسير، علي محمد وسير، درياءُ خان وسير ۽ ٻين چيو ته هن عيد جي موقعي تي ڪڻڪ جو فصل لٿو آهي. انهيءَ جي ڪري اسان باقاعده عيد جو ڏينهن وڏي خوشيءَ سان ملهائينداسين. عيد الفطر جي ڏينهن سِيون کائڻ سان گڏوگڏ نوان ڪپڙا پائي خوب مزا ماڻينداسين. ان کان سواءِ هنن وڌيڪ چيو ته عيد جو ڏڻ خوشي، محبت، امن ۽ سلامتي سان مسلمانن کي ملهائڻ گهرجي. اسان عيد جي ڏينهن پنهنجي پاڙيسري جو خيال رکڻ کان علاوه انهن ڏانهن مٺائي ۽ تحفا موڪلينداسين. عيد جي ڏهاڙي پنهنجن مٺڙن ۽ پيارن استادن سان گهر وڃي ملنداسين ۽ پنهنجي پيءَ- ماءُ، ڀائرن، ڀينرن، مِٽن ۽ مائٽن سان به عيد ملنداسين. اسان پنهنجي رب پاڪ کان دعا گهرنداسين ته عيد جو ڏينهن خير، خيريت، امن، محبت ۽ سڪون سان گذري وڃي ۽ اسان جي ديس جا ٻالڪ خوشي ۽ سلامتي سان عيد جو ڏڻ ملهائن ۽ اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۽ اسان جي سنڌ صوبي ۾ عيد واري ڏينهن سڀ امن ۽ خير هجي...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org