ٻارڙيون هي ٻارڙيون،
سي ته آهن پيارڙيون،
سونهن واريون سارڙيون.
ڏاج ڏئن ۽ ڀرت ڀرن،
نت نوان ڪپڙا سبن،
موتي هيرا ٿيون هڻن،
واهه جا ٿيون رنگ رچن
ڳائن سهرا سارڙيون
ٻارڙيون هي ٻارڙيون،
سي ته آهن پيارڙيون،
سونهن واريون سارڙيون.
ٿيون مٽيءَ جا گهر جوڙن،
روز گڏجي راند ڪن،
جرڪيو جن جو آ جوڀن،
آهي ٺريو تن ۽ من،
منهنجي اکين جون ٺارڙيون
سونهن واريون سارڙيون.
پير ننڍڙا جڏ کڻن،
ٻاتڙي ٻولي چون،
امڙ ابي کي خوب وڻن،
ڄڻ گلابي گُل ٽڙن،
سڀ ڳچيءَ جون ڳارڙيون
سونهن واريون سارڙيون.
چنڊ تي چيڪلو جي هجي مان وڃان،
روز رانديون رهان، مان نچان ۽ ڪُڏان.
اُڀ جيڏي ڊگهي ڪائي ڪاٺي هجي،
سج کي مان هڻان، تنهن سان حرڪت ڪريان.
سمنڊ منهنجي گهر جو ڀاتي هُجي،
تنهن ۾ تَڙڳان تران ۽ ڪُمين سان رهان.
منهنجي نلڪي مان وهندڙ جي ماکي هُجي،
روز ان کي پيئان ۽ مزا پيو وٺان.
منهنجي گهر ۾ پليل هڪڙو هاٿي هجي،
سير اُن تي ڪريان، تنهن کي هڪليان مهلان.
بادلن جيترو قد منهنجو هُجي،
تن کي چوريان ڇُهان، مان نپوڙي اچان.
وهيل جي مان پُٺيءَ تي چڙهي پيو گهمان،
سمنڊ سارا ڏسان، سارو عالم گهمان.
ڇڏيو ڙي چانهه جي پَچر، ڀڄوڙي چانهه کان ٻارو،
کائي مکڻ مکيل ماني، پيئون ٿا ڏُڌَ جو جهارو.
اسان کان ڪونه ٿي کاڌي ٿئي، هر روز پئي ماني،
رڌيون ڀَتُ پٽڙو ٿا، ڪري اڄ ڪڻڪ جو ڏارو.
پَلي ڏاڍي ڀلي ٿي آ، سرنهن جو ساڳ به پهتو،
اچي اسڪول کان موٽي، وٺون ٿا واهه جو وارو.
سچا آهيون، سچي محنت سچي گيهه ۾ سچيون بُسريون،
سچي نيت سان کائو ڙي، ڇڏيو نخرا کڻي ٻارو.
پڙهون ٿا رات جو ويهي، ڏڪون ٿا سيءَ ۾ ڏاڍو،
ڪري ڪاٺيون هڻون ڪو مچ، پوي ٿو پيو وڏو پارو.
اسان سنڌي سٻاجها سڀ، اسان جو ڇا قدرت سان،
اچو ته ڪيون قرب جون ڳالهيون، هڻو ڪو نينهن جو
نعرو.
لولي ڏي مون کي لولي ڏي،
ننڊ ڪيان مان جهولي ڏي.
روز گهران ٿو آءٌ دعائون،
جيجل منهنجون ٻُڌ صدائون.
مان نه اهڙا ڏک توکي ڏيندس،
وڏڙو ٿي سُک توکي ڏيندس.
دل تان توکي ڪيئن مان لاهيان،
ماتا تنهنجي ٿڃ ملهايان.
تو ته سيکاري سهڻي ٻولي،
مور نه وسري مٺڙي ٻولي.
امڙ تنهنجو شان وڏو آ،
’گوهر‘ هن جو مان وڏو آ.
ڦِٽي ڪر گُليلي، پکين کي نه مار،
جا پڪڙي ٿئي جهرڪي، انهيءَ کي اُڏار.
نه ڪر بند پڃري ۾ طوطا ڪبوتر،
انهن کي اُڏڻ لئه، ڏنا رَب هن پَر.
نه پٽ پَر انهن جا، ادا رحم ڌار،
جا پڪڙي ٿئي جهرڪي، انهيءَ کي اُڏار.
هي ڪوئل هي بلبل، هي چيها ٻٽيرا،
تتر مور ڊيلون، پاريهل ۽ ڳيرا.
ڪيڏي آهي وڻندڙ، هي ڪونجن قطار،
جا پڪڙي ٿئي جهرڪي انهيءَ کي اُڏار.
اگر ڪوئي پهچائي، تڪليف توکي،
ته ڇا گذرندي، ڏس انهيءَ وقت توتي.
خدارا انهن جي نه دل تون آزار،
جا پڪڙي ٿئي جهرڪي انهيءَ کي اُڏار.
سکيا ڏيڻ :
ڊاڪٽر مانٽيسوريءَ جي اصولن موجب پوري سکيا آهي ته
ٻار خود پرائي. اُن ڪري هن جي طريقي موجب خود سکيا
۽ پاڻ کي مشغول رکڻ تي گهڻو زور ڏنو آهي. اهو
قدرتي قاعدو آهي ته پنهنجي ڪوشش سان ڪيل ڪم جو اثر
وڌيڪ گهرو ٿئي ٿو.
آزادي ڏيڻ :
ٻار لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪجي جو ٻار پنهنجي فطري
گُهرجن موجب مصروفيت چونڊي پاڻ کي رڌل رکي. ان جي
عمل سان ئي ماستر کي خبر پئجي سگهندي ته جدا جدا
وقتن تي قدرتي ڪهڙيون گهرجون ٿين ٿيون. جنهن ڪري
ٻارن کان اهڙو ڪم ٿيئي،منجهن تعليم لاءِ گهڻي جاءِ
پيدا ڪري سگهندو. ٻار کي اُها آزادي ڏيڻ گهرجي ته
هو پنهنجي لاءِ مصروفيت چونڊي. ماستر کي پنهنجي
خيال ۾ ڪم جي
ورڇ جون ڪي رٿون ضرور رکڻ گهرجن. هن کي ڏسڻ گهرجي
ته ڪو ٻار سمجهي سگهي ٿو ته ڪهڙو ڪم ڪريان، پر ٻار
کي آزاد ڇڏڻ گهرجي پنهنجي مرضي مطابق مشغولي چونڊڻ
لاءِ گوڙ ۽ مستي نه ڪرڻ گهرجي، پنهنجي سامان جي ڀڃ
ڊاهه ڪرڻ يا ٻين سان وڙهي اڍنگو ٿيڻ لاءِ آزاد نه
ڇڏڻ گهرجي.
نه سزا جو ڊپ نه انعام جي لالچ ڏجي
رواجي طرح ماستر ٻار کي سزا يا انعام ڏيندو آهي ته
هو سزا جي ڊپ يا انعام جي لالچ تي مقرر ڪيل نصابي
ڪم سندس مرضيءَ موجب ڪري، ڊاڪٽر مانٽيسوريءَ جي
طريقي موجب اها هلت ٻار جي واڌاري جي برخلاف آهي.
ٻار مڪمل واڌارو، تڏهن ڪري سگهندو، جڏهن پنهنجي
فطرتي گُهرجن موجب ڪم ڪندو. هن کي ماستر يا ٻئي
ڪنهن جي به مرضيءَ مطابق هلائڻو نه آهي، پر سندس
گهرجن موجب ڪم ڪرائڻو آهي. سزا يا انعام جي ذريعي
ٻار کان سندس قدرتي گهرجن ۽ لياقتن جي برخلاف ڪم
ڪرائڻ آهي سندس ترقيءَ ۾ رخنو وجهڻو آهي.
ٻار کي پنهنجي طريقي موجب خود ضابطي تي هيرائڻ
گهرجي. هتي سوال اهو آهي ته ٻار کي آزادي به ڏجي ۽
سزا ۽ انعام به ترڪ ڪجي. ته پوءِ ٻار انتظام ڪيئن
رکندا؟ ڊاڪٽر مانٽيسوري جو چوڻ آهي ته ٻار جيڪڏهن
ڪنهن مقرر ٽائيم ٽيبل جي پابندي يا سزا جي ڊپ، يا
انعام جي لالچ جي اثر هيٺ ماٺ ڪري ويهي رهي. پر
اهو سهي نه رهندو. ڇو ته ٻار ڪنهن به ڊپ ۽ لالچ
کان آزاد هجي. ڪوبه ٻار نه چاهيندو ته گوڙ ۽ مستي
ڪري، وڻندڙ مشغوليءَ جو قيمتي وقت وڃايان. ٻار جي
حياتيءَ جو مقصد آهي ته ”مان پاڻ کي وڌايان“ پوءِ
کيس واڌاري جا وجهه ڏبا ته هو جو گوڙ ۽ مستي ڪري
اُهي وجهه ضايع ڪندو؟ ڊاڪٽر مانٽيسوريءَ پنهنجي
تجربي مان ٻڌائي ٿي ته سندس اسڪول ۾ ٻار ڪم ڪرڻ ۾
اهڙا ته مصروف ٿي ويندا آهن جو جيڪڏهن ان وقت کين
کائڻ لاءِ مٺائي ڏبي آهي ته اُها به پاسيري رکندا
آهن، جيستائين ڪم پورو نه ڪندا آهن تيستائين کاڌي
جي شيءِڏانهن نهارين ئي ڪونه، ته متان اُهو وقت به
اجايو نه وڃي. پاڻمرادو ضابطي جو راز واجبي (ٻار
جي ذهني لاڙن سان ٺهڪندڙ) مشغوليءَ ۾ آهي.
شروع ۾ ئي ٻارن کي اهڙين عادتن تي هيرڻ گهرجي، ته
هو ٻين ٻارن جي مصروفيت ۾ دخل اندازي اصل نه ڪن.
جيڪڏهن اهڙي تربيت هوندي ڪو ٻار مستي يا گوڙ ڪري،
ته به کيس سزا اصل نه ڏجي، پر ٻين ٻارن کان الڳ
ڪنهن ڪنڊ يا خاص ڪمري ۾ وهاري ڇڏجيس، جيئن وڻندڙ
ماحول ۽ مشغوليءَ کان محروم ٿي، ڪيل ڏنگائي جو
پڇتاءُ ڪري، ۽ آئينده لاءِ سمجهي هلڻ جو ارادو
ڪري.
پڙهائڻ جا مکيه اصول:
ڊاڪٽر مانٽيسوريءَ جي سالن جي اڀياس ۽ آزمائش جو
گڏيل نتيجو آهي.
ٻار کي تعليم ۽ تربيت ننڍپڻ کان ڏيڻ گهرجي. ٻار جي
عمر جا پهريان ست- اٺ سال هن جي جسماني، دماغي ۽
اخلاقي واڌاري جي خيال کان بلڪل نازڪ آهن، ڇاڪاڻ
ته انهيءَ عرصي ۾ ٻار جو جسم جُڙي ٿو ۽ هو ڪيترين
عام ۽ وچڙندڙ بيمارين جو بک ٿئي ٿو، تنهن کان
سواءِ سندس حواس زور وٺن ٿا ۽ منجهس دماغي لياقتن
۽ اخلاقي عادتن جو بنياد ٺهي ٿو. تنهنڪري ضروري
آهي ته ان عمر جي عرصي ۾ ٻار جي پوري سنڀال ٿيڻ
گهرجي. عام طرح مائٽن کي نه آهي فرصت نه وسعت ۽ نه
ڪا لياقت جو پنهنجي ٻارن جي فطري گهرجن موجب سکيا
ڪن. تنهنڪري ٻارن کي ننڍي عمر ۾ ڪن خاص اسڪولن ۾
موڪلڻ ضروري آهي جتي کين لازمي تعليم ۽ تربيت ملي
ٿي.
ٻارن کي پيار ۽ عزت سان ڏسڻ:
ٻار ۾ روح آهي، دل ۽ دماغ آهي، چڱائي ۽ محنت جو
مادو پڻ آهي. ٻار ڄمڻ وقت ڄڻ ته هڪ فرشتو آهي.
سندس خراب لڇڻ ۽ ڏنگايون سندس مائٽن ۽ اڻ وڻندڙ
ماحول جي اثر جا نتيجا آهن. ٻار جي مختلف ڪمزورين
جا ذميوار سندس کان وڌيڪ مائٽ آهن. ٻار آئينده جا
معمار آهن. سندن پوري سکيا، سنڀال ۽ واڌاري ۾ ئي
آئينده جي ترقي ۽ سڌاري جي اميد آهي. سختي ڪرڻ سان
ٻالڪ پنهنجون قدرتي گهرجون دٻائيندا ويندا، جنهن
ڪري سندن شخصيت وڌي نه سگهندي. سختي سبب ئي مائٽن
۽ ٻارن جي وچ ۾ شروع کان وٺي جهيڙو ٿي رهيو آهي.
هڪڙي پاسي ٻار دنيا کي اُٿلائي پُٿلائي سمجهڻ ۾
پنهنجي طاقت کي وڌائڻ چاهي ٿو. ٻئي پاسي مائٽ ٻار
جو فطرتي سنڀال جو ويچار وساري، ساڻس پنهنجا خيال
۽ ٻنڌڻ مڙهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ مقابلي ۽ ويچار
سبب اڪثر ڪري ٻار مار کائي ٿو. ان سبب ڪي ٻار ته
اصل پنهنجي هستي وڃائي موڳا ۽ ڪمزور ٿيو پون ۽ ڪي
اڻ سڌيءَ طرح ضد ۽ ڪاوڙ اختيار ڪري مائٽن کي مڃائن
ٿا. ٻنهي حالتن ۾ ٻارن جو قدرتي سڀاءُ دٻيل ئي
رهجيو وڃي. جنهن سبب دنيا ۾ ڪيترا اهڙا ٻارڙا آهن
جيڪي اخلاق، ذهانت ۽ ورتاءُ ۾ پوئتي آهن. پيار ۽
عزت جو ورتاءُ ٻارن کي هلائڻ جو قدرتي هٿيار آهي.
جنهن معرفت ٻار جي دل ۾ پڻ ماستر ۽ مائٽن لاءِ عزت
جو سَلو اُڀري ٿو ۽ هو پنهنجي وڏن جا نيڪ خيال نقل
ڪري ٿو ۽ پاڻ کي ڪارائتو ڪري ٿو.
موزون ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي:
ٻارن جي فطرتي طاقتن ۽ جبلتن جي واڌاري لاءِ ضروري
آهي ته هن جي چوڌاري وڻندڙ، صحت بخش ۽ موزون ماحول
پيدا ڪجي. جنهن ۾ پنهنجون سڀ گهرجون پوريون ڪري
سگهن. ان لاءِ اسڪول جي چوڌاري باغ هجي، جاءِ کليل
۽ هوادار هجي، جا وڻندڙ تصويرن سان سينگاريل هجي.
جاءِ ۾ رکيل سامان ۽ فرنيچر ٻارن جي قد، بُت ۽ وت
آهر هئڻ گهرجي. در، دريون، ڪٻٽ اهڙا هجن جو ٻار
پاڻ کولي ۽ بند ڪري سگهي. ڪرسيون ۽ ميزون اهڙيون
هجن جو پاڻ سوري سگهي. مطلب ته ٻارن کي پنهنجي
ماحول تي مڪمل ضابطو رکڻ جو سلسلو شروع کان ڏيڻ
گهرجي.
قدرتي گهرجن موجب مشغوليون:
ٻار جيڪي ڪجهه سکي ٿو، جيستائين
پنهنجي طاقت جو پورو استعمال نه ڪندو، تيستائين
سندس وڌڻ ناممڪن آهي. تنهن کان سواءِ مشغول رهڻ ۽
وڻندڙ سڀاءُ موجب موزون مشغوليون ميسر ڪري نه ٿيون
ڏجن ته منجهس سُستي، مستي ۽ لاپرواهي جهڙيون خراب
عادتون اچيو گهر ڪن، جن کي ٽارڻ بلڪل مشڪل ٿيو
پوي. تنهنڪري ٻار کي تعميراتي مشغولي ڏيڻ تمام
ضروري آهي، جيئن هو خراب عادتن کان محفوظ رهي ۽
پنهنجو واڌارو ڪري سگهي. |