لطيفي لات
حوصِلو حَيرَتَ ۾، ڪَري ڪِينَ دَرَڪُ،
جو حُسُنَ سَندو حَقُ، سو ڪوُرُ پَروُڙي ڪِينَ
ڪِي!
(پيارا ٻارؤ! هيءُ بيت ”شاهه جو رسالو“ جي ڪهڙي
سُر مان کنيل آهي؟ شاهه سائينءَ جي اِنَ بيت جي
ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڏکين لفظن جي معنيٰ لکو) صحيح
جواب موڪليندڙن مان ڪُڻو ڪڍي ڪنهن هڪ ٻار کي سنڌي
ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي
موڪلي ويندي.
پيارا ٻارؤ!
السلام عليڪم! اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟
گُل ڦُل جون 2019ع جو پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
ٻارؤ!
هاڻي ته اوهان خوش آهيو نه... اوهان جي صلاحن،
مشورن ۽ تعاون سان
گُل ڦُل پنهنجي وقت تي شايع ٿي رهيو آهي. ان ۾
اسان جي نئين انتظاميه خاص ڪري بورڊ جي چيئرمين
صاحب جي خصوصي دلچسپي آهي، جو بورڊ جا رسالا وقت
تي شايع ٿي رهيا آهن.
پيارا ٻارؤ! رمضان شريف جو مهينو خيرن سان پڄاڻي
تي پهتو آهي. اوهان به روزا رکيا هوندا. جن روزا
نه رکيا هوندا انهن به افطاري ضرور ڪئي هوندي.
اوهان کي هن دفعي گرميءَ جون موڪلون به هڪ مهينو
اڳواٽ مليون آهن. ان ڪري اوهان کي عيد الفطر تي
گهمڻ لاءِ گهڻو وقت ملي ويو آهي. خوب مزا ماڻيو.
موڪلن جي ڪري اوهان پنهنجي اسڪول جو ڪم وساري
ويهو. ائين نه ڪجو... ڇو ته اوهان جو مستقبل پڙهڻ
۽ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ سان ئي جڙيل آهي. ان ڪري وندر
سان گڏ پنهنجي تعليم کي به وقت ڏيو، گڏوگڏ پنهنجي
والدين سان گهر جي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ونڊايو.
اسان جو هيءَ پرچو اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پنهنجي راءِ
کان ضرور آگاهه ڪندا.
توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ساٿ سلامت
توهان جي ڀيڻ
نجمه پنهور
منهنجا سائين الله سائين،
هيل به شل ڪي مينهن وسائين.
سانوڻ جي گهر ۾ اَنُ ڪونهي،
تن جون ٻنيون سبز بڻائين.
بي گهر آهن، بادل وارا،
تن کي شل ڪنهن ڇپر لائين.
ڏنو ڏاڍو آهي ڏکويل،
تنهن کي خوشيون کوڙ رسائين.
روز روئي ٿي ماءُ مُني جي،
اُن جا سڀئي، درد مِٽائي.
ويجهو آ امتحان اسان جو،
محنت ۾ ڪا سوڀ سمائين.
هڪٻئي تي ٿا بم وسائين،
دنيا وارن کي سمجهائين.
جڙيو رکين جڳ سڄي کي،
تنهن سان گڏ هي ديس وسائين.
تنھنجي
اڳيان ناھي دير ڪا.
ڪري پوري سگھين ٿو
صدا.
مونکي سائين مديني گھراءِ
مونکي پاڙي پنھجي ۾ رھاءِ.
گھڙي گھڙي ٿو دعائون گھران مان.
تو ڏي اچڻ لاءِ
وس ٿو ڪيان مان.
منھنجو عرض ھي سھڻا اگھاءِ.
تنھنجي اڳيان ناھي دير ڪا.
ڏينھن ڏکن جا
ڪٽيندو
وتان ٿو.
رات جو روئي مان خواب ڏسان ٿو.
ھليو منھنجو وڃي ھت ساهه.
تنھنجي اڳيان ناھي دير ڪا.
سالن کان
مان
سڪندو رھيو
ھان.
مُنھن
ڪعبي
ڪري روئيندو
رهيو
آھيان.
پنھنجو
درشن
ديدار
ڪراءِ.
تنھنجي اڳيان ناھي دير
ڪا.
”غلام
محمد“
جو مالڪ تون آھين.
تڏھن سڏيندو
پيو
توکي آ سدائين.
بس
آس
اميد
آ
اھا.
تنھنجي اڳيان
ناھي
دير
ڪا.
سنڌ ۾ ٻُلهڻ سڏبي آهيان،
سنڌوءَ ۾ مان رهندي آهيان.
اکين سان مان ڪونه ڏسان ٿي،
پوءِ به سارو وقت تران ٿي.
مون کي اُجرو پاڻي گُهرجي،
گدلي کان مان دور ڀڄان ٿي.
سنڌوءَ جي مان راڻي آهيان،
ڄڻ ڪا عجب ڪهاڻي آهيان.
چاهيو جي مان جڳَ ۾ جيئان،
مِٺو مِٺو پاڻي پئي پيئان.
ڳالهه سڀن کي هيءَ سمجهايو،
گَندُ نه سنڌوءَ ۾ اُڇلايو.
وقت ڪڏهن به بيهڻو ناهي،
وقت ڪڏهن به ٿڪڻو ناهي،
وقت ڦري ٿو ڦيٿي وانگي.
وقت وڏو آ قيمت وارو،
وقت جو خيال ڪيو ٻارو،
وقت کي هرگز ڇڏڻو ناهي،
وقت ڦري ٿو ڦيٿي وانگي.
وقت جو جيڪو قدر ڪري ٿو،
منزل سوئي ٻار رسي ٿو،
ڳالهه انهيءَ تان هٽڻو ناهي،
وقت ڦري ٿو ڦيٿي وانگي.
وقت هٿن مان جن به وڃايو،
’ساجد‘ آخر تن پڇتايو،
اهڙو ڪم ئي ڪرڻو ناهي،
وقت ڦري ٿو ڦيٿي وانگي.
اچوڙي ٻارو ھلون پڙھڻ،
پڙهي سبق پوءِ سکون لکڻ،
اول پڙھون پاڪ قرآن،
جنھن جو رب
وڌايو
شان.
ياد ڪريون پوءِ کوڙا يار،
ايڪ ڏون ڏون ٻه ڏون چار.
پوءِ پيارا سکون حساب،
سمجهائيندو استاد جناب.
”قيوم“ محنت خوب ڪريون،
لکڻ پڙهڻ تي ڌيان ڌريون.
قلم اسان جو پيارو پيارو،
سونهري سهڻن رنگن وارو.
قلم سان اسان علم پرايون،
قلم سان اسان سمجهه وڌايون.
قلم اسان جي ساهه جو سهارو،
قلم اسان جو پيارو پيارو.
قلم آ علم جو ستارو،
قلم اسان جو پيارو پيارو.
ڳالهه ’عنايت‘ جي ٻڌو هي ٻارو،
قلم سان محبت رکو اي ٻارو.
قلم سان دل کي هر وقت اُجاريو،
قلم اسان جو پيارو پيارو.
ٻارڙا سڀ اسڪول وقت تي اچن ٿا،
۽ اتي سهڻا، سهڻا اکر لکن ٿا.
باري، باقي، علي محمد ذهين ٻالڪ آهن،
هميشه سبق پڙهڻ ۾ نه ڀُلن ٿا.
هن ڌرتي جا ٻالڪ فرمانبردار آهن،
علم پرائڻ لاءِ استادن ڏانهن وڃن ٿا.
شام جو پاڻ ۾ ٿا راند کيڏن،
صبح جو قطار ٺاهي مڪتب هلن ٿا.
”حئي“ هن ديس جا پيارا پيارا ٻار،
ڪلاسن ۾ امن، پريت سان ويهن ٿا.
ٻڌايان ٿو ڇا ڇا ڪرڻ ٺيڪ ناهي،
خدا ڌاران ٻئي هنڌ جهڪڻ ٺيڪ ناهي.
اجايو ٻين سان وڙهڻ ٺيڪ ناهي،
اچي سر تي جهيڙو ڀڄڻ ٺيڪ ناهي.
پڙهي علم ڪريو وطن جي ڪا خدمت،
فقط پيٽ خاطر پڙهڻ ٺيڪ ناهي.
محبت جي آهي ڀلي حلال ماني،
پُلائن تي ماندو مرڻ ٺيڪ ناهي.
جتي مانُ عزت نڪي ماڻهپو آ،
انهيءَ جاءِ تي پو وڃڻ ٺيڪ ناهي.
هميشه ڪيو دوست اخلاق وارا،
بُرن ساڻ ياري رکڻ ٺيڪ ناهي.
ادب پنهنجي استاد جو ڪر سدائين،
سندس رنج سرتي کڻڻ ٺيڪ ناهي.
خدا کان ڊڄو نيٺ مرڻو ته آهي،
ڏئي ڪنهن کي ڌوڪو ٺڳڻ ٺيڪ ناهي.
اها ”شاهه زمان شير“ جي ڳالهه مڃ تون،
محبت جو ناتو ڇنڻ ٺيڪ ناهي.
|