سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ فيبروي/اپريل  2019ع

باب:

صفحو:4 

 

هڪ ڀيري راجا ۽ سندس وزير ٻاهر گهمڻ ويا ۽ موٽندي هو رستو ڀُلجي پيا. تنهنڪري هُو چوڌاري نظر ڦيرائڻ لڳا ته من کين ڪو گڏجي، جو کين محلات جو رستو ٻڌائي. هنن جي نظر هڪ عورت تي وڃي پئي. جا ٻنيءَ تي ڪم ڪري رهي هئي. هو هن جي ويجهو ويا ۽ راجا پڇيو، ”اي بزرگ عورت! هي رستو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟“

بزرگ عورت جواب ڏنو، ”هيءَ رستو ڪيڏانهن به ڪونه ويندو آهي. صرف مٿس هلندڙ ماڻهو ويندا آهن، پر مهرباني ڪري مون کي ٻڌايو ته اوهين ڪير آهيو؟“

راجا جواب ڏنو، ”اسين راهگير مسافر آهيون.“

”پر مسافر ته صرف ٻه آهن، چنڊ ۽ سج.“ بزرگ عورت جواب ڏنو ۽ وري کانئن پڇڻ لڳي، ”مهرباني ڪري سچ ٻڌايو ته اوهين ڪير آهيو؟“

راجا ترت جواب ڏنو ته ”اسين مهمان آهيون.“

بزرگ عورت چوڻ لڳي ”مهمان (1) مال ۽ ملڪيت ۽ (2) جواني (3) ڌيءَ. مهرباني ڪري سچ ٻڌايو ته اوهين ڪير آهيو؟ تڏهن راجا لاچار ٿي پنهنجو ڳجهه کولي چوڻ لڳو، ”اي محترمه عورت! مان بادشاهه آهيان.“

”پر بادشاهه ته صرف هڪ آهي.“

اُهو ته مٿي آسمان تي خدا آهي.

پر توهين ٻڌايو ته اوهين ڪير آهيو؟

”اسين اُهي شخص آهيون جي ٻين جون غلطيون معاف ڪندا آهيون.

”پر ٻين جي غلطين کي معاف ڪندڙ صرف ٻه آهن، ”ڌرتي ۽ زال“.

”اي محترمه اسين ٻئي ملڪ جا رهواسي آهيون.“

”پر ٻئي ملڪ جا رهواسي به صرف ٻه آهن، روح ۽ وڻ جو پن. اسين غريب انسان آهيون.“

”پر غريب انسان به صرف ٻه آهن ڇوڪري ۽ ٻڪري.“

هن جا اُهي جواب ٻڌي راجا ۽ وزير ڏاڍو مصيبت ۾ اچي ڦاٿا ۽ چوڻ لڳا، ”اسين هارايل آهيون.“

”پر هارايل شخص به صرف ٻه آهن، قرض وٺندڙ  ڇوڪريءَ جو پيءَ.“

تڏهن ٻئي چوڻ لڳا، ”اسان کي ته خبر ئي ڪانهي ته اسين ڪير آهيون. اي محترمه عورت توکي ته سڀ ڪجهه خبر آهي.“

”ها تون راجا آهين ۽ ٻيو وزير آهي، توهين هاڻي وڃي سگهو ٿا، هيءَ رستو وٺي وڃو توهان محلات پهچي ويندؤ.“

 

 

 

ڪيترائي دوست تقرير ڪرڻ کان لنوائيندا آهن ته، تقرير ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. پَر حقيقت ۾ ان ۾ ڊڄڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي، جيڪڏهن اڄ اسين پنهنجي اسڪول جي ساٿين جي سامهون تقرير ڪرڻ کان ڊڄون ٿا ته سڀاڻي ماڻهن جي سامهون ڪيئن تقرير ڪنداسين، ان لاءِ اسان سڀني شاگردن کي گهرجي ته اسڪول ۾ ٿيندڙ تقريري مقابلن ۾ حصو وٺون، پهريان ٿورو ڊپ ٿيندو، پوءِ اهو آهستي آهستي ختم ٿي ويندو، اهڙيءَ طرح اسان ۾ تقرير ڪرڻ جي همت به پيدا ٿيندي.

اڳ ۾ اهڙي صورتحال مون سان پڻ ٿي هئي. اسڪول ۾ 14 آگسٽ تي تقريري مقابلو ۽ سوال جواب جو پروگرام رکيو ويو هو. مون کي تقرير ڪرڻ کان ڏاڍو ڊپ ٿيندو هو. پر منهنجي هڪ دوست مون ۾ همت ۽ حوصلو پيدا ڪيو ته، مان به تقريري مقابلي ۾ حصو وٺان، ۽ ان مون کي هڪ مضمون به لکي ڏنو هو.

مان جوش ۽ جذبي ۾ اچي تقرير ڪندڙن واري لسٽ ۾ پنهنجو نالو به لکرائي ڇڏيو ۽ پوءِ انهيءَ مضمون کي سبق جيان رٽڻ شروع ڪيو، جيئن تقريري جيئن مقابلي وارو ڏينهن ويجهو ايندو ٿي ويو تيئن تيئن مان پنهنجو پاڻ کي هڪ اڻ ڏٺل ڊپ ۾ ويڙهجندي محسوس ٿي ڪيم، نيٺ اهو ڏينهن به اچي سهڙيو.

تقريري پروگرام شروع ٿيو، سڀ ڇوڪرا واري واري سان نهايت ئي سٺي نموني ۽ جوشيلي طريقي سان تقرير ڪندا پئي ويا ۽ تقرير ختم ڪرڻ کان پوءِ خوشيءَ خوشيءَ سان اسٽيج تان لهندا پئي آيا، آخر منهنجو وارو آيو، مان به اسٽيج ڏانهن وڌيس. جيئن ئي مون اسٽيج جي ڏاڪي تي پير رکيو ته، منهنجي اکين آڏو اوندهه ڇانئجي وئي، مون کي ڪجھه به نظر نه ٿي آيو. خير ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان آءٌ مائيڪ وٽ پهچي ويس. جيئن ئي مون سامهون ويٺل ماڻهن کي ڏٺو ته، ويتر منهنجا پگهر وهي پيا، ۽ مون کي جيڪو ياد هو اهو سڀ وسري ويو، ذهن تي گهڻو زور ڏيڻ سان ڪجھه ڪجھه ياد ايندو ويو.

رب پاڪ جو نالو وٺي تقرير شروع ڪئي. مون تقرير جي شروعاتي لفظن کي جوش ۽ جذبي سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي ائين ٿي لڳو ته، ڄڻ ڪا شيءِ آهي، جا منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي آهي، ٽنگون لڳاتار ڏڪي رهيون هيون، گهڻي ڪوشش کان پوءِ منهنجي وات مان ڪجھه لفظ نڪتا.

اوچتو منهنجي نظر پنهنجي ڪلاسين تي پئي. مون ڏٺو ته، سڀني جا ڏند ٻاهر نڪتل هئا، جيئن ئي مون انهن ڏانهن ڏٺو ته، زبان ۾ هٻڪ پيدا ٿي. آءٌ انهن ڏانهن ڏسندو رهجي ويس، ايتري ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو: ”وقت پورو ٿي ويو آهي، هيٺ هليا وڃو“.

اهو آواز ٻڌي منهنجي جسم ۾ ساهه پوندي محسوس ٿيو ۽ مان واپس اچي پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيس پر پوءِ به مون همت نه هاري ۽ محنت جاري رکي.

هاڻي اسڪول ۾ ٿيندڙ هر مهيني واري تقريري مقابلي ۾ منهنجي سٺي پوزيشن ايندي آهي.

 

ملهار جڏهن پنجين ڪلاس ۾ پهريون نمبر کڻي پاس ٿيو ته هن کي چوڌاري ڇوڪرا مبارڪون ڏيڻ لڳا. هي به خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو ۽ ڊوڙندو پنهنجي گهر آيو. پيءُ کي چيائين بابا! بابا… مان نه اڄ پنجين ڪلاس جو امتحان ڏنو آهي جنهن ۾ پهريون نمبر آيو آهيان، ڪيئن خوشيءَ جي ڳالهه آهي نه بابا؟

پڻس جو ملهار کان اهي لفظ ٻڌا ته تمام گهڻو خوش ٿيو. کيس ڀاڪر پائي چوڻ لڳو. تنهنجي ڪاميابي منهنجي ڪاميابي آهي. پڙهي جڏهن نوڪري ڪندين ته مونکي سُڪون ملندو ۽ حياتيءَ جا رهيل ڏينهن سُکيا گذرندا. تون همت ڪري پڙهه. مان توکي مزدوري ڪري به پڙهائيندس ۽ هر طرح تنهنجو خيال رکندس.

ملهار خوش ٿي مُرڪيو ۽ ٻاهر چڪر ڏيڻ لاءِ پيءَ کي چئي روانو ٿيو. جڏهن در جي چانئٺ ٽپيو ته سوچن جي درياءَ ۾ گم ٿي ويو. چوڻ لڳو بابا به مٿي پڙهائڻ جو ذمو کنيو آهي ۽ مون کي به چاهه آهي. محنت ڪري پڙهندس ته منهنجو فائدو آ، جڏهن پڙهي نوڪري ڪندس ته ماڻهو منهنجي عزت ڪندا. هن وقت غريبي آهي ته پرواهه ناهي، ايندڙ وقت مالڪ چاهيو ته سٺو گذرندو. ائين سوچن ۾ گم ٿي ويو ته ڪنهن اچي پويان اکين تي هٿ رکيس. جنهن هٿ هن کي اکين تي هٿ ڏئي سوچن جي درياءَ کان ٻاهر ڪڍيو.

جلدي چوڻ لڳو، ضمير! جيڪو هن جو اسڪول ۾ گهاٽو دوست هو. جڏهن هن ضمير جو نالو کنيو ته هن جي اکين تان هٿ هٽي ويا ۽ ضمير هن کي ڀاڪر پائي چيو ملهار توکي مبارڪ آ، تون پهريون نمبر آيو آهين. اُستاد به تنهنجي ڏاڍي نيڪي پيو ڪري. ملهار جي خوشيءَ ۾ اضافو ٿي ويو. خوش ٿي چوڻ لڳو. ادا خير مبارڪ! پر ڳالهه ٻُڌ، مان پهرين نمبر اچڻ جي ڳالهه بابي سان ڪيم ته تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ مون کي مٿي پڙهائڻ لاءِ به ذمو کنيو اٿائين. انشاءَ الله مان ٻه ٽي ڏينهن کان پوءِ مٿئين اسڪول ۾ داخل ٿيندس.

ضمير وراڻيو، ها ادا خدا ڪري شل مالڪ توکي ڪاميابي نصيب ڪري. ملهار جڏهن گهر پهتو، پڻس چيس ته پٽ! چڱو هاڻي ڪوٽ پاءِ، سيءُ پئجي ويو آ، اندر ٿي مچ تي ويهه. مٿي اسڪول پڙهڻ لاءِ ڪڏهن ويندين؟ ملهار چيو، بابا! اسڪول ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن دير آهي. مان توسان گڏ ڪم تي هلندس. جيئن ڪجهه پيسا گڏ ڪريون، جيئن داخلا وٺڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي. اهو ٻڌي پڻس تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائينس شاباش! منهنجا پيارا پٽ! تون ئي منهنجي ايندڙ وقت جو ڀاڳ آهين. صبح ٿيو ته ٻئي پيءَ پٽ مزدوري ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا ۽ ائين جڏهن، ڪجهه ڏينهن گذريا ته ملهار داخلا وٺڻ لاءِ اسڪول ويو ۽ داخلا وٺي اسڪول ۾ پڙهڻ شروع ٿي ويو. پڻس پاڻ نئون ڪپڙو ڪين پهريندو هو، پر هن کي سادا سودا نوان ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. جڏهن هن مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ته هن کي رزلٽ اچڻ جو انتظار شروع ٿي ويو. جڏهن رزلٽ آيو ته هن پنهنجو نمبر فرسٽ ڊويزن ۾ ڏٺو ۽ خوشيءَ ۾ چوڻ لڳو، هاڻي مون کي سُٺي نوڪري ملي ويندي ۽ وقت سٺو گذرندو. اخبار کڻي ڳوٺ پهتو ۽ اچڻ سان پيءَ کي پيرن تي هٿ رکي مليو ۽ امتحان جي رزلٽ جي خوشي ٻڌايائين. پڻس خوشيءَ ۾ ڀاڪر پائي کيس چُميون ڏنيون ۽ سوچڻ لڳو، منهنجو پٽڙو ته ذهين آهي، ڏاهو آهي هاڻي منهنجي خوشين جو ”سج اُڀرڻ وارو“ آهي. مالڪ ڪندو ته ڏک سڀ ڏور ٿي ويندا.

ٻئي ڏينهن ملهار اسڪول مان سرٽيفڪيٽ وٺي نوڪري وٺڻ لاءِ اميد ڪري نڪتو، چوندا آهن بندي جي مَن ۾ هڪ خدا ٻي جا ڪري. هن ويچاري سان به اِهو قصو ٿيو. جنهن وٽ نوڪري وٺڻ لاءِ وڃي، سو چوي جاءِ خالي ناهي. ملهار کي ڀڄي ڀڄي پگهر اچي ويا. پگهر هئڻ ڪري هٿ به  آلا ٿي ويس. هٿن آلن هئڻ ڪري هن جا سرٽيفڪيٽ به خراب ٿي ويا. آخري اُميد ڪري جڏهن هڪ ڪاموري وٽ ويو. عرض ڪيائين! سائين مان غريب آهيان. مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي اٿم. مهرباني ڪري ڪنهن نوڪريءَ جي نوازش ڪريو ته دعاڳو رهندس.

ڪاموري چيو، منهنجو دعاڳو ڀلي نه رهه. 50 هزار رپيا ڏي ته نوڪري ڏيانءِ، ٻئي صورت ۾ نوڪري ڪونهي. نوڪري ان جي آ، جيڪو 50 هزار رپيا ڏيندو. پوءِ کڻي مئٽرڪ ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيل هجي. اهو ٻڌي نااُميد ٿي اُٿيو ۽ ٻاهر اچي اُنهن سرٽيفڪيٽن کي ڦاڙي چوڻ لڳو، اي منهنجا مالڪ سائين دولت ڏين ها. هوشيار نه ڪرين ها! پوءِ جي مان ٿرڊ ڪلاس ۾ اچان ها ته 50 هزار رپيا ڏئي نوڪري وٺان ها. هن وقت 50 هزار رپيا آڻيان ڪٿان جو نوڪري وٺان. ائين چئي گهر روانو ٿيو ۽ ڪوڏر ڪُلهي تي کڻي پيءَ سان گڏ غريبيءَ ۾ رهڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

 

هڪ ماڻهوءَ وٽ هڪ گهوڙو ۽ هڪ گڏهه هوندو هو. هڪ ڀيري هو انهن کي بازار ڏي وٺي وڃي رهيو هو. ان ماڻهوءَ پنهنجو سڄو سامان کڻي گڏهه تي رکيو. گهوڙو مغروري سان لڏندو لمندو هلي رهيو هو. گڏهه ويچارو ڳري بار سبب آهستي آهستي هلي رهيو هو، کيس ٻه قدم به هلڻ ڏکيو ٿي لڳو، نيٺ هن گهوڙي جي خوشامد ڪندي چيو: ادا گهوڙا، ٿورو بار تون به کڻ مان ايڏو بار کڻي نٿو سگهان.

گهوڙي مُنهن پري ڪري چيو: مان ڇو کڻان؟ آءٌ بار کڻڻ لاءِ ٿورئي آهيان. خبردار وري مون کي بار کڻڻ لاءِ نه چئج. گڏهه ويچارو ماٺ ميٺ ۾ رڙهندو رهيو. هو ٿورو اڳتي هليا ته گڏهه ٿڪجي رستي جي ڪناري تي ڪِري پيو.

مالڪ گڏهه جو سڄو بار کڻي، گهوڙي جي پٺيءَ تي رکيو ۽ اڳتي روانا ٿي ويا. هاڻي گهوڙي کي مغروريءَ جي حقيقت معلوم ٿي، ان گهڻو ئي پير زمين تي هنيا پر مالڪ جي ڏنڊن اڳيان سندس هڪ به نه هلي. مجبور ٿي ان کي سڄو بار بازار تائين کڻي وڃڻو پيو. رستي ۾ گڏهه گهوڙي کي چيو: ادا جيڪڏهن پهريائين تون ٿورو بار کڻين ها ته توکي هاڻي سڄو بار نه کڻڻو پوي ها. گهوڙي شرم کان ڪنڌ هيٺ جهڪايو.

دنيا ۾ گهڻا ئي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ٻين کي مصيبت ۾ ڏسي خوش ٿيندا آهن ۽ انهن جي مدد نه ڪندا آهن ۽ جڏهن انهن تي ڪا مصيبت ايندي آهي ته هو ڏاڍو شور ڪندا آهن.

اسان کي گهرجي ته ڏک ۽ تڪليف ۾ پنهنجن ڀائرن سان ڀائپي ۾ ڀائيوار ٿيون ۽ ساڻن مدد ڪريون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org