مناسب ۽ متوازن غذا جي حوالي سان ڪيلي کان بهتر ٻي
ڪابه غذا ڪونهي. ان ۾ قدرتي شگر، گلوڪوز ۽ ريشه
انساني جسم کي مڪمل توانائي فراهم ڪري ٿو.
سڄي دنيا ۾ رانديگر ۽ سخت ڪم ڪرڻ لاءِ ڪيلي کي
اضافي غذا جي بطور استعمال ڪن ٿا.
ڪيلو نه صرف انساني جسم کي توانائي فراهم ڪري ٿو.
پر ڪافي سارين بيمارين کان روڪڻ لاءِ به استعمال
ڪن ٿا.
ڪيلي ۾ فولاد وڏي مقدار ۾ هوندو آهي، جيڪو جسم ۾
هيموگلوبن ٺاهي ٿو. آڪسيجن کي پڻ جسم ۾ وڌائي ٿو.
جن ماڻهن ۾ رت جي ڪمي آهي انهن لاءِ ڪيلو کائڻ
تمام ضروري آهي. سرخ خليات کي وڌائي ٿو.
جن به ماڻهن ۾ رت جي کوٽ هوندي آهي ته انهن ۾
(Anemia)
جو شڪار ٿين ٿا. انهن لاءِ ڪيلو تمام ضروري آهي.
ڪيلو وافر مقدار ۾ ڪيلشيم، پوٽاشيم ۽ تمام ٿوري
مقدار ۾ لوڻ رکي ٿو. اهو بلڊ پريشر کي گهٽ ڪرڻ ۾
ڏاڍو مددگار ثابت ٿئي ٿو. آمريڪا جي
(Food and Drug Administration)
وارن جو چوڻ آهي ته، ڪيلو فالج
(Stroke)
کان پڻ بچائي ٿو.
جديد تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ڀرپور
فروٽ کائڻ سان سکڻ ۽ ياد رکڻ کي تقويت ڏئي ٿو. اگر
توهان صوف ۽ ڪيلي ۾ چار دفعا وڌيڪ پروٽين،
ڪاربوهائيڊريٽ، فاسفورس، وٽامن اي
(A)،
فولاد ۽ وٽامن وڌيڪ آهن ۽ معدنيات
(Minerals)
به پڻ آهن. صوف پنهنجي جڳهه تي توانائي ۽ فولاد
فراهم ڪرڻ جو اعليٰ درجي جو فروٽ آهي. پر ڪيلي تي
ٿيڻ واري تحقيق پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو
آهي. متوازن غذا جي حوالي سان ڪيلو هڪ سُٺي غذا پڻ
آهي. ان ۾ قدرتي گلوڪوز،
(Fiber)
جسم کي مڪمل توانائي فراهم ڪري ٿو.
هڪ اسڪول ۾ 200 ٻارن کي امتحان کان اڳ ۾ ناشتي کان
پوءِ ڪيلي کائڻ سان انهن جون دماغي صلاحيتون وڌي
ويون ۽ اهي سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيا.
تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ڪيلو کائڻ سان
پوٽاشيم ملي ٿي جيڪا تخليقي صلاحيتن کي وڌائڻ ۾
مددگار ثابت ٿئي ٿي.
ڊسمبر جي مهيني سخت سياري ۾ مولوي فجر جي آذان ڏئي
رهيو هو ته نرم بستري تان اُٿي
فريش ٿي ناشتو ڪري اسڪولي يونيفارم (سوٽ پينٽ)
پائي گهر کان ٻاهر نڪتس.
ان وقت اڃا صبح مس ٿيو هو،
زندگيءَ
جي نئين ڏينهن جي شروعات ٿي وئي هئي.
هر طرف شور شرابو لڳو پيو هو،
گهٽيءَ
۾ ڪُتا
ڀُونڪي
رهيا هئا.
وڻن تي پکي مٺڙي
آواز
۾
ٻولي رهيا هئا.
هوائن جي شهر حيدرآباد
(نيرون ڪوٽ)
۾ سياري جي ٿڌي هير لڳي رهي هئي چئني طرف ماحول
خوشگوار هو،
مان اسڪول طرف وڃي رهيو هئس .
اڄ اسان جي
اسڪول طرفان عمرڪوٽ ڏانهن (پڪنڪ) رکيل هو ان ڪري
اسان کي پوري ستين وڳي شاهه
لطيف پبلڪ اسڪول قاسم آباد حيدرآباد پهچڻو هو،
مان به وڃي ساڍي ڇهين وڳي اسڪول پهتس.
مون کان پهريان ڪافي شاگرد اچي ويا هئا
۽
ڪجهه اچڻ واراهئا،
بهرحال
اسان جي بس ساڍي ستين وڳي شاهه لطيف پبلڪ
هاءِ
اسڪول قاسم آباد حيدرآباد
۾ اچي
بيٺي جتان اسان سڀ ان بس ۾ چڙهياسين.
بس ڀٽائي ٽائون ماروي ٽائون واري روٽ کان ٿيندي
باء پاس تي چڙهي حيدرآباد کي الوداع
چوندي
ميرپور خاص جي روڊ کي ڀليڪار چيائين.
انبن جا
باغ
ڏسڻ ۾ آيا.
ڪٿي ڪٿي
ته
ڪيلن ۽ زيتون جا
باغ
به ڏسڻ
۾
آيا
ته،
ٻئي پاسي ريل جي پٽڙي اسان سان ٽنڊوڄام تائين ساٿ
ڏيندي
هلي.
ٽنڊي ڄام پهتاسين
ته
سنڌ زرعي يونيورسٽي ڏسڻ ۾ آئي جنهن کي
”جنت
السنڌ“
نالي سان سڃاتو ويندو آهي،
رستي سان مختلف ماڳ مڪانن کي لتاڙيندا اچي ميرپور
خاص
شهر
پهتاسين جتي اسان جي بس هڪ سي اين جي
پمپ
تي بيٺي اسان اتي مانجهادو ڪري چانهه
جا چسڪا هڻي عمرڪوٽ ڏانهن روانا ٿياسين،
عمر ڪوٽ ويندي ٻنهي پاسن کان ڦٽين جو فصل ڏسڻ ۾
آيو جتي ٿر جا ماروئڙا ڦٽي چونڊي رهيا هئا .
ميرپور خاص کان اٽڪل ستر 70 ڪلوميٽرن
جي مفاصلي تي عمرڪوٽ آهي،
عمر ڪوٽ
کي
ٿر جو دروازو چيو ويندو آهي،
هي شهر اُتان
شروع ٿئي ٿو جتان واري جون ڀِٽون
شروع ٿين ٿيون . جيئن هر شهر جي پنهنجي پنهنجي الڳ
سڃاڻپ هوندي آهي تيئن هي شهر به پنهنجي
قديمي
قلعي جي ڪري مشهور آهي،
هن شهر کي پرمار سوڍي
اُڏايو
هو.
وري هن شهر تي سومرن قبضو ڪيو،
وري سوڍن جي هٿ ۾ رهيو ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان نور
ڪلهوڙو جي قبضي ۾ رهيو،
جنهن شهر کي چوطرف ديوار ڏيارائي جوڌپور جي راجا
کي وڪڻي ڏنو 1813ع ۾ ٽالپرن هن شهرکي هٿ ڪيو.
هن شهر جي ڪنهن وقت ايراضي 14 کان 15 ميل هئي.
ماضيءَ
۾ هن شهر جا مختلف نالا رکيا ويا،
جن ۾ پدماٽ امراڻو،
امرڪوٽ نالي سان سڏيو ويندو هو.
موجوده شهر جو نالو عمر ڪوٽ آهي.
هي اهو شهر آهي جتان جو لوڪ داستان عمر مارئي
مشهور آهي.
عمر سومري پنهنجي ڏاڍ تي مليرواسي مارئي کي اغوا
ڪري قيد ڪيو هو .
اسان جي بس
به
عمر ڪوٽ شهر کان ٿيندي هاء اسڪول عمرڪوٽ پهتي،
جتي اسان جي استقبال لاء اتان جا استاد
۽
شاگرد اڳم ئي بيٺل هيا.
انهن اسان جو شاندار استقبال ڪيو،
اسان ان اسڪول ۾ مانجهادو ڪيو.
اسان اتان پنڌ شاهي قلعي طرف وڌياسين.
شاهي بازار کان ٿيندي قلعي جي مُک
دروازي تي پهتاسين،
قلعو پورو زبون حال لڳي رهيو هو،
ٻاهر ديوارن تي سياسي پمفليٽ
۽
اشتهار لڳا پيا هئا،
جيڪي قلعي جي سونهن جا ويري
نظر اچي رهيا
هئا . قلعي جي ديوار ايتري وڏي ۽ ويڪري هئي جو هڪ
وقت
ٻه
گهوڙا آرام سان
ان
ديوار
تي هلي
سگهن پيا .
قلعي اندر هڪ ميوزم (عجائب گهر) جيڪو حڪومت
پاڪستان آرڪيالاجيءَ
طرفان 1968ع ۾ تعمير ڪيو ويو هو،
جنهن ۾ مختلف دؤر
جا سِڪا،
هٿيار،
قلمي نسخا
۽
مجسما وغيره
رکيل هئا.
هن ميوزم کي ٻيهر تڏهوڪي وزير اعظم محمد خان
جوڻيجو طرفان
86-1987ع
۾ تعمير ڪرايو ويو.
جنهن ۾ مورتيون،
مندرن جا پٿر،
ٺڪرن جا ٿانون ۽ ٿر جي خوبصورتي ڀالوا شهر جي کوهه
جو نظارو
به
رکيو ويو.
هن ميوزم جي ٻاهران هڪ پارڪ به آهي جنهن ۾ نِمن
جا وڻ لڳل آهن.
قلعي اندر ساڄي پاسي ڳاڙهين سِرن
سان ٺهيل هڪ عمارت آهي،
جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اها ان وقت جو
قيدخانو (جيل ) هو،
جنهن ۾ عمر سومري مارئي کي قيد ڪيو هو .
اسان اڳيان شاهي قلعي جي مينار تي چڙهڻ لڳاسين 30
کان 40 ڏاڪن تي ڏاڪڻ (سيڙهي) مشتمل هئي اتي مٿي
ميرن جي دؤر
جا مليل 2 توبون
به پيل هيون.
چيو وڃي ٿو ته ڪنهن وقت ۾ اتي
توبن
جو تعداد 3 هو هڪ توب
ڪنهن سرڪاري يا سياسي ڪاموري جي
حڪم
سان شهر جي هڪ چوڪ تي رکيو ويو،
جيڪو ڪنهن يتيم لاوارث
ٻار وانگر پيو آهي،
اهڙيءَ
طرح مينار تي هڪ اينٽنا لڳل هئي.
تمام ڊگهي،
جنهن بابت ڄاڻ نه ملي
سگهي ته
اها ڇاجي هئي.
مينار ايترو مٿانهون هو جو پورو عمر ڪوٽ ڏسي سگهجي
پيو.
هڪ پاسي عمرڪوٽ جو شهر ۽ زرخير زمين جنهن ۾ ڦٽين
جو فصل پوکيل نظر اچي رهيو هو
ٻئي طرف ٿر جي واريءَ
جون ڀِٽون
پري پري کان نظر اچي رهيو هيون.
هن قلعي ۾ هڪ عيسائي انگريز جي قبر به آهي،
جيڪو شايد ڪنهن وقت اتان جو ميئر هو،
اسان عمر ڪوٽ وارو قلعو گُهمي
ٻاهر واپس نڪري بس ۾ چڙهياسين،
جيڪا نانگ جيان وڪڙ ڏيندي
هلي.
اُتي
هڪ شنهشاهه جي جنم واري جاء تي وياسين ان
شهنشاهه جونالو اڪبر بادشاهه آهي تاريخي حوالن مان
ثابت ٿئي ٿو
ته
جڏهن شير شاهه سُوري
همايون بادشاهه کي شڪست ڏئي هندستان مان ڪڍيو
ته
همايو بادشاهه دادو ضلعي جي تاريخي شهر پاٽ شريف ۾
آيو جتان هڪ بزرگ شيخ علي اڪبر جامي عرف بابا دوست
جي نياڻي حميده بانو سان پاٽ شريف ۾ شادي ڪيائين.
ڪجهه عرصو رهڻ
کان پوءِ
سفر تي نڪتا حميده بانو ڳورهاري (اميد سان ) هئي
جنهن کي عمر ڪوٽ
جي علائقي ۾
1546ع ۾ اڪبر بادشاهه ڄائو.
اڪبر بادشاهه جي پيدائش
واري جاء تي 1898ع
۾
هڪ يادگار چبوترو
ٺهرايو
ويو
هو،
جيڪو اڄ به موجود آهي
هي ڳاڙهين سرن سان ٺهيل آهي هن جي چوڌاري
هڪ پارڪ آهي جنهن ۾ مختلف قسمن جا گل آهن.
هي چبوترو
تمام بهترين سهڻو ڏسڻ وٽان
آهي.
اتي ئي اسان کي اونداهه پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽
اسان بس ۾ چڙهي عمر ڪوٽ کان موڪلائي حيدرآباد
(نيرون ڪوٽ)
طرف روانا ٿي وياسين
۽ اچي
حيدرآباد پهتاسين .
هڪڙي دفعي اسان جو نئون سائنس جو ماستر صاحب آيو،
ان پهرين ڏينهن ئي شاگردن کي چيو ته ”جيڪڏهن توهين
سائنسدان ٿيڻ چاهيو ٿا، ته ٻه شيون ياد رکو:
1. ڪنهن به ناخوشگوار ڪم کان نه گهٻرائيندا.
2. هر شيءِ کي غور سان ڏسندا.
”سامهون ئي هڪ گلاس خراب پاڻيءَ سان ڀريل هو، ۽ ان
۾ سخت بدبوءِ اچي رهي هئي. پهرين قطار وارن ڇوڪرن
پنهنجي نڪ تي رومال رکي ڇڏيا. ماستر صاحب وري چيو
ته ”هاڻي توهان جي پهرين آزمائش وٺان ٿو.“
ائين چئي ماستر صاحب ان خراب پاڻيءَ ۾ هڪ آڱر وجهي
ڇڏي ۽ جهٽ پنهنجي زبان تي رکي چٽي ويو. ۽ پوءِ
سڀني شاگردن کي ائين ڪرڻ لاءِ چيائين. سڀني ڇوڪرن
آڱر پاڻي ۾ وجهي وري چٽي ڇڏي. تڏهن ماستر صاحب چيو
ته ”مون کي هي ڏسي گهڻي خوشي ٿي آهي ته توهان سڀني
فرمانبرداري کان ڪم ورتو، پهرين صفت جيڪا
سائنسدانن لاءِ ضروري آهي، اها توهان پوري ڪئي، پر
ٻي صفت توهان انجام نه ڏيئي سگهيا“ سڀ شاگرد ماستر
صاحب جو مُنهن تڪڻ لڳا...!
ماستر صاحب وري چيو: جيڪڏهن توهان غور ڪيو هجي ها
ته توهان کي معلوم ٿئي ها ته مون ”وچين“ آڱر
پاڻيءَ ۾ وڌي هئي ۽ ”ٻي“ آڱر چٽي هئي.
اهو ٻڌي سڀ شاگرد حيرت مان ماستر صاحب کي ڏسڻ لڳا
۽ هو مُسڪرائي رهيو هو.
”ادا! مان اوهان جا پنج منٽ وٺان پليز..!؟“ مان
پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي پڇيو.
”توکي هزار ڀيرا چيو آهي ته پڙهائيءَ وقت منهنجي
ڪمري ۾ نه ايندو ڪر، پر تون مڙين ئي ڪونه ٿو.“ ادا
ناراض ٿيندي چيو.
”بس... آئيندي نه ايندم... رڳو هڪ ڳالهه پڇڻي
هئي...“ مان معصوميت وچان چيو.
”ٺيڪ آ... جلدي ڪر... جيڪو پڇڻو ٿي، سو پُڇ...!“
”توهان ته ناراض ٿي ويا...“
”نه... نه... اهڙي ڳالهه ناهي...!“
”اصل ۾ اڄ سوشل اسٽيڊيز جي پيرڊ ۾ استاد صاحب دنيا
جي ستن کنڊن بابت پڙهايو پئي. ڇهن کنڊن بابت ته
ڄاڻ ڏنائين، پر ستون کنڊ رهجي ويو، ڇو ته پيرڊ ئي
پورو ٿي ويو. مون کي اوهان ئي ٻڌايو ته ستون کنڊ
ڇا آهي؟“
ادا وراڻيون، ”ٺيڪ آ... ٻُڌ ڀلا...! اڄ ڪلهه دنيا
۾ هر پاسي ايٽم بم جو چرچو آهي. ايٽم بم جي خوفناڪ
ايجاد دنيا ۾ رهندڙ هر انسان جو سڪون تباهه ڪري
ڇڏيو آهي. تنهن هوندي به دنيا جو هر ملڪ چاهي ٿو
ته وٽس ايٽم بم هجي. آمريڪا ۽ روس ته ٻي مهاڀاري
لڙائيءَ کان پوءِ ايٽمي طاقت بنجي ويا هئا. روس ۾
ايٽم بم ٺاهڻ جو مسالو يعني يورينيم ڌات جام آهي،
پر آمريڪا ۾ بنهه گهٽ آهي. ڪئناڊا ۾ ٿوري ٿڪي
يورينيم ملي ٿي، سا به آمريڪا ئي ڪتب آڻي ٿو.
آمريڪا ويچارو پريشان آهي ته جيڪڏهن ڪئناڊا مان
يورينيم ختم ٿي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان ڪري ٻين
ملڪن ۾ يورينيم جي ڳولا جاري آهي.“
”ته ادا! ڇا ستون کنڊ ايٽم بم يا يورينيم ڌات
آهي؟“ مان کانئس پڇيو.
”صفا ڪو چريو ڇوڪرو آهين... وچ ۾ ڳالهه ڪَٽبي آهي
ڇا؟“
ادا ڇڙٻ ڏيندي چيو..!
”ٺيڪ آ... مان هاڻي ماٺ ڪري اوهان جي ڳالهه ٻڌان
ٿو.“ مان کيس يقين ڏياريو.
”چڱو... مان ڳالهه کي جلد ٿو ختم ڪريان... ڏکڻ قطب
جي باري ۾ ته تو ضرور پڙهيو هوندو. انگريز، جرمن،
نارويجين ۽ سويڊش سياحن ان علائقي جو ڪيترائي ڀيرا
سفر ڪيو آهي. ان علائقي ۾ سردي ڏاڍي پوندي آهي، ڇو
ته سال جا نَوَ مهينا اُتي برف جو هڪ ٿُلهو تَههُ
ڄميل هوندو آهي. بس، رڳو ٽي مهينا ٿوري ٿَڪي گرمي
پوندي آهي. گرمي وري ڇا، بس ٿورڙي برف پگهرجي هيڏي
هوڏي وَهڻ لڳندي آهي. سياح ان علائقي جو سفر ان
موسم ۾ ئي ڪندا آهن.“
ادا ڪرسيءَ تان اُٿي وڃي پاڻي پيتو ۽ وري ٻڌائڻ
شروع ڪيائين، ”لاڳيتن تجربن ۽ تحقيق کان پوءِ
سائنسدانن کي اها ڳالهه معلوم ٿي آهي ته ان برف
هيٺان پاڻيءَ جو سمنڊ نه پر زمين آهي. جنوري ۽
فيبروري مهينن ۾ اتي جڏهن برف رجڻ لڳندي آهي ته
پوءِ ان جي هيٺان پاڻي ملندو آهي، پر ان پاڻيءَ جي
گهرائي ڪا گهڻي نه هوندي آهي. پهرين ان علائقي کي
ڏاکڻو ڄميل سمنڊ چيو ويندو هو. پر هاڻي خبر پئي
آهي ته اهو سمنڊ ڪونهي... زمين آهي.“
مان اچرج وچان، ادا کي گهورڻ لڳس. هن ڳالهه کي
اڳتي وڌائيندي چيو، ”ان علائقي کي ”انٽارڪٽيڪا“ جو
نالو ڏنو ويو آهي. اهو ستون کنڊ آهي.“
”واهه... واهه! ته اها ڳالهه آهي. پر ادا ايٽم بم
۽ يورينيم جو ڇا مسئلو آهي؟“ مان کانئس پڇيو.
”سائنسدانن کي تحقيق ڪندي ڳچ ٻيون به ڳالهيون
معلوم ٿيون.“ ادا ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”اها به خبر پئي
ته يورينيم ڌات جا خزانا به ان زمين ۾ دفن آهن.
هاڻي سوال اهو ٿيو ته آخر ان يورينيم کي زمين مان
ڪيئن ڪڍجي. هتي ته سال جا ٻارهن مهينا برف ڄميل
رهندي آهي، ته پوءِ آخر زمين ڪيئن کوٽجي؟
آمريڪا وارن کي هڪ اٽڪل سُجهي آئي. هنن سوچيو ته
”انٽارڪٽيڪا“ تي ٻه- چار ايٽم بم ڪيرايا وڃن سموري
برف هَوا بنجي ويندي ۽ اتي زمين پڌري ٿي پوندي.
پوءِ يورينيم ۽ ٻيا ڪيترائي معدنيات لڀي پوندا.“
آمريڪا وارا هڪدم ان تجويز تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار
ٿي ويا، پر سائنسدانن ۽ ماحوليات جي ماهرن کين
ائين ڪرڻ کان روڪيو. هنن کين ٻڌايو ته ان تجربي ۾
وڏا خطرا آهن.“
”خطرا وري ڪهڙا ادا...؟ اهي سائنسدان به عجيب
مخلوق آهن.“ مان ڳالهايو.
”سائنسدان بلڪل صحيح ٿا چون. اهڙي تجربي ۾ خطرو ئي
خطرو آهي.“ ادا ٻڌائڻ لڳو، بس ڪري ڌيان سان منهنجي
ڳالهه ٻُڌ... سائنسدان چون ٿا ته
”انٽارڪٽيڪا“ تي ايٽم بم ڪيرائڻ سان اتان جي آبهوا
۾ ڦير گهير اچي ويندي. ايٽم بم جي گرميءَ ڪري اتان
جي آبهوا گرم ٿي ويندي. اها حقيقت آهي ته هر خطي
جي آبهوا جو اثر ٻئي خطي جي آبهوا تي پوندو آهي.
تنهنڪري جيڪڏهن ڏکڻ قطب ۽
”انٽارڪٽيڪا“ جي آبهوا بدلبي ته پوءِ سڄي دنيا جي
آبهوا درهم برهم ٿي ويندي ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته
هن وقت جتي گرمي آهي، اتي سردي ٿي وڃي ۽ جتي وري
سردي آهي، اتي گرمي شروع ٿي وڃي.
ان ڳالهه جي ڪري آمريڪا وارن اهو تجربو نه ڪيو. پر
هڪ نه هڪ ڏينهن اهو تجربو ٿيندو ضرور. هڪ ته کوجنا
جو شوق ۽ ٻيو وري يورينيم جي لالچ... ڇا سمجهئي؟!“
مان واتَ پٽي ادا کي گهورڻ لڳس..!
|