لطيفي لات
هوُ پِڻُ ڪونهي هِنَ ري، هِيء نه هُنَهان ڌارَ،
”اَلِانسانُ سِرّي وَ اَنا سِرّهُ“ پَروُڙِجِ
پَچارَ،
ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اَهڙي.
(پيارا ٻارؤ! هيءُ بيت ”شاهه جو رسالو“ جي ڪهڙي
سُر مان کنيل آهي؟ شاهه سائينءَ جي اِنَ بيت جي
ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڏکين لفظن جي معنيٰ لکو) صحيح
جواب موڪليندڙن مان ڪُڻو ڪڍي ڪنهن هڪ ٻار کي سنڌي
ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ گل ڦل رسالي جي ڪاپي
موڪلي ويندي.
پيارا ٻارؤ!
السلام عليڪم! اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟
اول ته اوهان سڀني ٻارن کي رمضان جي روزن ۽ عيد
جون لک لک واڌايون هجن. هن ڀيري ته اوهان جي
اسڪولن ۽ ڪاليجن جون موڪلون رمضان ۽ عيد جي موقعي
تي ملڻ جي ڪري اوهان ضرور وڌيڪ انجواءِ ڪيو هوندو.
ڪن ٻارڙن رمضان شريف جا روزا رکيا هوندا ته ڪن
نمازون پڙهيون هونديون، ۽ يقيناً افطاري ته هر روز
ڪئي هوندي. ڇو ته رمضان مبارڪ فضيلتن ۽ برڪتن ڀريو
مهينو هو.
پيارا ساٿيو! اوهان جون گرميءَ جون موڪلون هلندڙ
آهن، راندروند ۽ تفريح سان گڏوگڏ اوهان کي پنهنجي
پڙهائي جو به اونو ڪرڻ گهرجي ڇو ته اوهان هن وهيءَ
۾ جيڪا تعليم ۽ هنر سکندا ته اڳتي زندگي گذارڻ ۾
اوهان کي آساني ٿيندي.
اسان جو هيءَ پرچو اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پنهنجي راءِ
کان ضرور آگاهه ڪندا.
توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.
ساٿ سلامت
توهان جي ڀيڻ
نجمه پنهور
آڻج ”اِلا الله“ سان الله تي ايمان،
رهبر ٿيندئي راهه ۾ ڪلمو ۽ قرآن.
هاديءَ جي حڪمت ۾ هرڪو ئي حيران،
ناهي زور زبان کي ڪري باريءَ جو بيان.
قرآن ۾ ڪريم جو شائق پس تون شان،
جيڪي لکيم جيءَ سان، سو به آگي جو احسان.
”طالب الموليٰ“ طلب ۾ دوئيءَ کان رک ڌيان،
هڪڙو اٿئي حنان شڪ نه آڻج شرڪ جو.
* * *
آهي هڪ الله حاڪم سو حڪيم،
هر هنڌ اٿئي هڪڙو مالڪ ئي مقيم،
قائم آهي ڪُل تي مولا مستقيم،
”الله الغني و انتم الفقراءُ“ اهو ئي عظيم،
”طالب مولا“ آهه سو عالم پاڻ عليم،
ڪريم ئي ڪريم قادر آهي ڪُل تي.
مُنهنجي پارت ٿي پڳدار نبي ﷺ.
اَجها اُمت سَندا آڌار نبي ﷺ.
تُنهنجو شان حَبيب نرالو آ،
سڄي جڳ ۾ تنهنجو اُجالو آ،
سَڀ نبين سندا سردار نبي ﷺ.
تون آهين نبين ۾ اعليٰ،
تنهنجو شان آهي بي حد بالا،
ننگي رکج ڀرم ننگدار نبي ﷺ.
تون اَللهَ جو مطلوب آهين،
تون ربّ سندو محبوب آهين،
دلجاءِ آ، مون دلدار نبي ﷺ.
کپي تُنهنجو حضورَ ابرِ ڪرم،
مون کي محشر جو پو ناهي غم،
ٿجان شافي شفاعت دار نبي ﷺ.
آ ’فقيرُ‘ اوهان جي سام سڄڻ،
هي ”نصيرُ“ آ ادنيٰ غلام سڄڻ،
مٺا مهل ڪجانءِ منٺار نبي ﷺ.
سنڌي سهڻا من مهڻا پيارا ماڻهو،
ثقافت ڏينهن ملهائڻ وارا ماڻهو.
ديس ۾ خوش هجن ٿا،
سنڌ جا هي سهارا ماڻهو.
ڌرتيءَ سان پيار تن جو آهي،
ساري ڏيهه ۾ نيارا ماڻهو.
اجرڪ ۽ ٽوپي هردم پائن،
آهن هي جيءَ جيارا ماڻهو.
دودا، دولهه ۽ سورهيه آهن،
سخي ۽ مهمان نواز پارا ماڻهو.
سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ڪن ٿا،
سادا، سُودا سارا ماڻهو.
ڀٽائي، سچل جا هن پيروڪار،
سچا، پچا، ڀاڳ ڀلارا ماڻهو.
پوپٽ جي پرڙن وانگر آهن نازڪ،
”حئي“ جا هِن تارا ماڻهو.
ٿيلهو لڳل ڪُلهي ۾، اسڪول ڏي وڃان ٿو،
جيڪي سبق ملن ٿا، سي پيار سان پڙهان ٿو.
استاد منهنجو پيارو، سر ساهه جو سهارو،
هر حڪم اُن جو هر دم، دل جان سان مڃان ٿو.
هي بينچ ڪاٺ جي ڄڻ، مون لاءِ تخت آهي،
خوش ٿي اُنهيءَ تي ويهي، سڀ علم مان سکان ٿو.
منهنجا ڪتاب مون لئه، اڻ کٽ خزانو آهن،
دل ٿي ٺري جڏهن مان، لفظن طرف ڏسان ٿو.
هي پين منهنجي هٿ ۾ هٿيار علم جو آ،
دل جو ڌيان ڏيئي سهڻا اکر لکان ٿو.
اسڪول ۾ جي سرتا، مون سان گڏ پڙهن ٿا،
هر ڪنهن کي ڀاءُ سمجهي، دل ساڻ پيار ڏيان ٿو.
’صابر‘ وساريان ڪيئن مان، ٻاراڻو اهو زمانو،
ٻارن جي پيار ۾ اڄ سهڻا سخن چوان ٿو.
مکڙين کان به نازڪ، ڪنڊن کان کهرا،
ڪٿي گؤنچ کان هلڪا ۽ پٿرن کان ڳورا،
سُرها گلن جا جيئن هار آهيون،
سنڌي ٻار آهيون.
اسان جي وفائن تي ڌرتي ڪُڏي ٿي،
اسان جي صدائن تي هر شيءِ ڌُڏي ٿي،
اسين وقت جي هڪ نئين پڪار آهيون،
سنڌي ٻار آهيون.
محبت، مروّت، سراپا ادب هون،
مگر پوءِ نه ڄاڻن عجب آ؟ عجب هون،
ناپو ڪٿي ڪائي للڪار آهيون!
سنڌي ٻار آهيون.
اسان لاءِ ڌرتي وڏو سچ آهي،
اسان جو سنيهو ڀريل مچ آهي،
کٽيون ٿا جنهن ۾، اها هار آهيون،
سنڌي ٻار آهيون.
ڏئي هٿ هٿن ۾ جي اڳتي هلون ٿا،
ٽڙن ٿا نوان گل، جتي کِلون ٿا،
قسم سان علم جا ڪي ڀنڊار آهيون،
سنڌي ٻار آهيون.
ڇم ڇم ڪندي تارن منجهان،
نڪتي پري تارن منجهان.
آلاپ ٿيا سارين منجهان،
آواز ٿيو ٻارن منجهان.
پياري پري، مٺڙي پري،
هيڏانهن اچ هڪڙي گهڙي.
حاضر اسان وٽ حُور ٿي،
درشن سان ويا ڏک ڏور ٿي.
ٿي جو گهريوسين سو مليو،
هر ڳالهه وئي منظور ٿي.
مشڪي ملي هر ٻار سان،
هٿ حور ڦيرايا پيار مان.
ٻوليون هر ٻار جون،
ڦيرايائين اکڙيون پيار جون.
جُهومياسين ”خوابي“ مست ٿي،
هيرون لڳيون هٻڪار جون.
اُڏري اچانڪ ويئي پري،
چوندي وئي ’اينديس‘ وري.
الف – انب
انب ۾ ککڙي وڙهجي نه ڪنهن سان
هل هُلايو مڪڙي.
*
ب- بدڪ
بدڪ جا آنا
وڏا وڏا اڇا اڇا
گڏجي کائون نانا.
*
ت- توري
توريءَ جو ٻج
ڪنهن سان به ڪڏهن
ڪوڙو نه ٿج
*
ٻ- ٻوري
ٻوريءَ رنگ ڦڪو
پرائي پلنگ کان
پنهنجو ڀلو دِڪو
*
ڀ- ڀينڊي
ڀينڊيءَ پڇ اڇڙو
ڪڏهن نه مارجي
ننڍو ڪنهن جو ٻچڙو
*
ٿ – ٿوهر
ٿوهر جا ڪنڊا
اصل نه پٽجن
جهلجن رهنڊان
*
ٽ - ٽماٽا
لال ٽماٽا ڳاڙها ڳاڙها
ادو ۽ ادي ٻئي
ڄاوا رات جاڙا
*
پ – پٽاٽا
پٽاٽا هي پيلا
جيڪي گهڻو کائن
پون تن کي ويلا
*
ڦ – ڦريون
ڦريون ٻير جون
پر اسان جو
هل هلي پٽيون.
|