ڪپتان ۽ ٻيڙيءَ وٽ پهچڻ جي ڪوشش ڪندي، خاطوءَ کي
هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ آئي ته جڏهن ماڻهو ٿڪجي چُور ٿي
پوندو آهي، ته مري وڃڻ سان هن کي آرام ملندو آهي.
مرڻ سان ساري جهڳڙي جو خاتمو ٿئي ٿو. اهو سوچي هن
کي ڪجهه خوشي ٿي ته جلدئي هن جهنجهٽ مان جند
ڇٽندي.
ڪناري تي هڪ ماڻهو ڊوڙندو نظر آيو. هو تيزيءَ سان
ڪپڙا لاهي رهيو هو. ڪوٽ، پتلون، قميص، ڄڻ جادوءَ
جي زور سان سڀيئي شيون هن جي جسم تان اڏامي رهيون
هيون.
”ٻيڙيءَ ڏانهن اچ.“ ڪپتان جو آواز آيو.
”هائو، ڪپتان!“ جڏهن خاطوءَ تيزيءَ سان هٿ پير هڻڻ
شروع ڪيا، تڏهن هن ڏٺو ته ڪپتان ٻيڙيءَ کي ڇڏي ڏنو
۽ پاڻيءَ ۾ هليو ويو. انهيءَ وقت خاطوءَ اهو ڪم
ڏيکاريو، جنهن کي انهيءَ بحري سفر جو ۽ هن جو سڀ
کان وڏو ڪارنامو چئي سگهجي. هڪ وڏيءَ لهر هن کي
پنهنجي ڀاڪر ۾ آندو، مٿي کنيو ۽ اڇلي ڇڏيو—هو
ٻيڙيءَ جي مٿان ٿيندو، ٿورو اڳيان وڃي ڪِريو.
انهيءَ وقت هن ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ اهو هڪ کيل هو
يا سمنڊ جو معجزو هو. خاطو تانگهي پاڻيءَ ۾، جيڪو
چيلهه کان وڏو نه هو، پهچي چڪو هو! پر هن جي حالت
اهڙي هئي، جو هڪ منٽ کان وڌيڪ بيهي نٿي سگهيو.
هن ڏٺو ته اهو ماڻهو جيڪو ڊوڙي رهيو هو ۽ ڪپڙا
لاهي رهيو هو، پاڻيءَ ۾ ڌوڪيندو آيو. هن بورچيءَ
کي ڇڪي ڪناري تي آندو ۽ پوءِ ڪپتان ڏانهن وڌيو-
مگر ڪپتان هن کي اشارو ڪيو ته هو اول خاطوءَ کي
بچائي. هو اگهاڙو هو، مگر هڪ نيڪ ماڻهوءَ جيان
ڀلارو نظر اچي رهيو هو. هن خاطوءَ کي زور سان
ڇڪيو. خاطوءَ هن جي مهرباني مڃي. مگر اوچتو هن
ماڻهوءَ آڱر سان اشارو ڪري رڙ ڪئي، ”هو ڇا آهي؟“
خاطو کيس چيو، ”وڃ.“
تانگهي پاڻيءَ ۾ آئيلر اونڌو منهن ڪيو پيو هو.
جڏهن پاڻي پوئتي هٽي ٿي ويو ته هن جو منهن واريءَ
سان وڃي ٿي لڳو.
پوءِ ڇا ٿيو، تنهن جي خبر خاطوءَ کي ڪانه پيئي.
جڏهن هن سڪل زمين تي پير رکيو ته اهڙيءَ طرح هيٺ
ڪريو، جو ڄڻ ته هو ڪنهن اوچيءَ جاءِ جي ڇت تان
ڪِريو هو.
ڪنارو جلد ئي ڪمبلن، ڪپڙن، چانهه جي ٿانون ۽ عورتن
۽ مردن سان ڀرجي ويو. ڪناري تي ڀرپاسي وارا رهاڪو
هڪدم هنن مصيبت جي ماريلن وٽ پهچي چڪا هئا. پر هن
چئن سامونڊي مسافرن مان هڪ ڄڻي جي ڪنهن ٻيءَ ريت
آجيان ڪيائون. سندس ڪپڙن مان پاڻيءَ جا ڦڙا هيٺ
ڪِري رهيا هئا.
جڏهن رات ٿي، ته سامونڊي لهرون چانڊوڪيءَ ۾
هيڏانهن هوڏانهن نچڻ ٽپڻ لڳيون ۽ هوا ڪناري وٽ گڏ
ٿيل ماڻهن لاءِ نئين خبر کڻي آئي،- تڏهن کين حقيقت
معلوم ٿي چڪي هئي.
(”سيربين“ جي شڪريي سان)
ادارو
(سوانح)
سر ونسٽن چرچل
ڪانئر پنهنجي موت کان ڪئين ڀيرا اڳ مرندو آهي.
پر سورهيه فقط هڪ ڀيرو سِرُ ڏيندو آهي. شيڪسپيئر.
لنڊن جي شهر مٿان رات جي پوئين پهر جي اونداهي ۽
ڪوهيرو ڇانيل هو. باک ڦٽڻ سان، ٽيمس نديءَ جي
ڪناري وٽ، پرشڪو ۽ پرعظمت ”ويسٽ منسٽر محلات“
آهستي آهستي ڪوهيري مان نڪري نروار ٿيو. پوءِ،
انهيءَ کان ڪجهه پرڀرو، ”سينيٽ پال گرجا“ جي نيل ۽
گنبذ نظراچڻ لڳا. انهن ٻن جاين –”ويسٽ منسٽر
محلات“ ۽ .سينٽ پال گرجا“- جي وچ ۾ رستي جي ٻنهي
پاسن سان ۽ چونڪن وٽ، لنڊن شهر جا ڏهه لک رهواسي –
مرد ۽ عورتون اچي گڏ ٿيا. هو پنهنجا ننڍڙا ٻار به
پاڻ سان وٺي آيا هئا، ته جيئن اهي ايندڙ زمانن ۾
پنهنجيءَ يادگيريءَ لاءِ“ سرونسٽن چرچل جي آخرين
سفر جو نظارو پنهنجي ذهن ۾ سانڍي ڇڏين. لنڊن کان
ٻاهر، انگلينڊ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾، ۽ يورپ ۾ ۽
دنيا جي ٻين ملڪن ۾، سوين هزارين ۽ لکين ماڻهو
دنيا جي هاڪاري سورهيه ۽ انگريز قوم جي هن عظيم
ترين شخصيت جي جنازي جي جلوس جو احوال، ريڊيي ۽
ٽيليويزن وسيلي معلوم ڪرڻ لاءِ منتظر هئا.
لنڊن ۾ چرچل جي جنازي جو جلوس
لنڊن جي مشهور ٽاور ”بِگِ بين“ جي گهڙيال، صبح جي
نوَ لڳي پنجيتاليهن منٽن تي جڏهن مني ڪلاڪ پوري
ٿيڻ جو ٺڪاءُ هنيو، ته توب مان گولي ڇٽڻ جو ڌڌڪو
ٿيو. ويسٽ منسٽر محلات مان هڪ توب ڇڪيندڙ گاڏي
ٻاهرنڪتي، جنهن جي مٿان سرونسٽن چرچل جو جنازو
انگلينڊ جي قومي جهنڊي ”يونين جئڪ“ ۾ ويڙهيو رکيو
هو. انگريزي بحري فوج جا سئو کان وڌيڪ جوان گاڏيءَ
کي هڪ مقرر رفتار سان اڳتي ڇڪي رهيا هئا. گاڏيءَ
جي اڳيان بحري بري ۽ هوائي فوجن جا هٿياربند دستا
هئا. هنن جي هٿيارن جا منهن، غم ۽ ارمان جي نشان
طور، زمين ڏانهن جهڪيل هئا. انهن فوجي هٿياربند
دستن ۾ لارڊ مائونٽ بئٽن * ۽ ٻيا فوجي سپهه سالار
هئا. انهن جي پٺيان راڻيءَ جي شاهي هٿياربند دستي
جا اٺ عملدار هئا، جن کي وردين جي مٿان سر ونسٽن
چرچل جا ٻلا لڳل هئا.
گاڏيءَ جي پٺيان سر ونسٽن جي خاندان جا مرد پيادل
اچي رهيا هئا. سرو ونسٽن جو پٽ رئنڊولف انهن سڀني
جي اڳ ۾ هو. انهن جي پٺيان راڻي ايليزبيٿ جي
گاڏيءَ ۾ سرونسٽن جي گهر واري ۽ سندس ٻه ڌيئر
ساران ۽ ميري هيون. انهيءَ جلوس سان گڏ ڏهه بئنڊون
هيون. بئنڊ وارا نغارا وڄائي رهيا هئا. کين نيريون
ڪيمخابي ٽوپيون ۽ سونهري ڦيٿن وارا ڪوٽ پاتل هئا.
جنازي واري ”توب- گاڏيءَ وائيٽ هال ٽپي، ٽرئفلگر
چونڪ ۾ نيلسن جي پتلي وٽان لنگهي، قومي عجائب- گهر
وٽ پهتي، جتي سرونسٽن جي اعزاز ۾ سرنگون ٿيل قومي
جهنڊو لُڏي رهيو هو. راڻي وڪٽوريا ۽ انگلينڊ جي
بادشاهن: ايڊورڊ ستين، جارج پنجين ۽ جارج ڇهين جي
جنازن جا جلوس به انهيءَ هنڌ وٽان لنگهيا هئا.
انهيءَ سموري رستي تي، ٻنهي پاسن سان، لنڊن جا
رهواسي قطارون ٻڌي بيٺا هئا. انهن ۾ سڀني طبقن جا
ماڻهو هئا: پورهيت به هئا، ته مالدار به هئا. ٻڍا
ماڻهو پنهنجن ٻارن کي وٺي بيٺا هئا ۽ جوان پنهنجن
زالن کي پاسي ۾ ڪري بيٺا هئا. ڪي سيءَ کان بچڻ
لاءِ ٿرماسن مان گرم چانهه پي رهيا هئا، ته ڪي وري
گرم ڪپڙن ۾ پاڻ ويڙهي رهيا هئا. هو سڀ پاڻ ۾
ڳالهيون ٻوليون ڪري رهيا هئا- ٻيءَ مهاڀاريءَ
لڙائي جون ڳالهيون، سرونسٽن چرچل جي بهادريءَ جون
ڳالهيون، سندس احسانن جون ڳالهيون ۽ سندس زندهه
دليءَ جون ڳالهيون، پر جيئن ئي سرونسٽن جو جنازو
سندن اڳيان لنگهيو ته هو سڀ گنڀير ٿي ويا. چوطرف
خاموشي ڇانئجي ويئي ۽ پوءِ انهيءَ خاموشيءَ ۾
زالن جي سڏڪن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هو پنهنجن مڙسن
جي سيني ۾ منهن لڪائي روئي رهيون هيون. مڙس پنهنجن
زالن کي دلداري ڏيئي رهيا هئا، پر خود سندن ڪنڌ
هيٺ جهڪيل هئا ۽ اکين مان لڙڪ پٽ تي ڪِري رهيا
هئا. ٻڍڙا پنهنجا ٽوپلا لاهي جنازي کي جهڪي سلام
ڪري رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا، ”خدا حافظ! پيارا
ونسٽن، خدا حافظ!“
”ٽيمپل-ميخاني“ وٽ، گاڏي ويسٽ منسٽر جي سرحد ڇڏي،
پراڻي لنڊن شهر ۾ گهڙي، جنهن جون گهڻيون جايون
ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمنن جي گوليبازيءَ ڪري
تباهه ٿي ويون هيون. گاڏي اتان ٿي، فيلٽ اسٽريٽ
مان لنگهي، ”سينٽ پال گرجا، ڏانهن، مذهبي ڪريا ڪرم
لاءِ وڌي.
”سينٽ پال گرجا“ مختلف ملڪن جي اڳواڻن ۽ حڪمرانن،
دنيا جي مشهور ماڻهن ۽ سر ونسٽن جي ساٿين سان ڀري
پيئي هئي. انهن ۾، فرانس جو صدر چارلس ڊيگال هو ۽
آمريڪا جو اڳوڻو صدر آئزن هاور هو، نيڌرلئنڊ جي
راڻي جوليانا هئي ۽ ناروي، يونان ۽ ڊينمارڪ جا
بادشاهه هئا. پاڪستان جي نمائندگي وزير خارجه جناب
ذوالفقار علي ڀُٽي ڪئي. دنيا جي هڪ سئو ۽ تيرهن
ملڪن کي دعوت ڏني ويئي هئي، ته هوجنازي ۾ شريڪ ٿيڻ
لاءِ پنهنجا عيوضي موڪلين. انگلينڊ جي راڻي
ايليزبيٿ ۽ سندس مڙس شهزادو فلپس، ڪنهن به ڏيک ويک
کانسواءِ، .سينٽ پال گرجا“ ۾ پهچي ويا.
جڏهن سر ونسٽن جو جنازو گاڏيءَ تان لاٿو ويو، ته
بئنڊ وارا ”مان زندگي به آهيان ۽ خاتمو به آهيان“
نغمو وڄائڻ لڳا. چوطرف دنيا جي مختلف ملڪن جا
جهنڊا جهولي رهيا هئا. ممبر تي هڪ طرف سر ونسٽن جي
وزيراعظميءَ جي عهدي جون خاص يادگار شيون: سندس
تلوار ۽ تمغا قطار در قطار رکيل هئا. جيئن ئي
جنازي کي پنهنجي جاءِ تي رکيو ويو، ته دنيا جا
اڳواڻ خاموشيءَ سان پنهنجن جاين تي وڃي ويٺا. هنن
جي ويهڻ سان مذهبي ڪريا ڪرم شروع ٿيو، پر انهيءَ
کان اڳ بئنڊ وارن جان بنيان جو نغمو وڄايو، جنهن
لاءِ چيو وڃي ٿو ته سرونسٽن پاڻ وصيت ڪئي هئي. ان
نغمي جون چار سٽون هي هيون:
”ڪير آهي جو سچو سورهيه ڏسڻ چاهي ٿو؟
-اهو هتي اچي.
هتي اهو سورهيه آهي، جو امر رهندو:
توڙي طوفان لڳن، توڙي مينهن وسن!“
مذهبي ڪرياڪرم پوري ٿيڻ بعد ڪجهه دير تائين خاموشي
ڇانيل رهي. ان کانپوءِ شاهي محافظن جي دستي پنهنجا
توتارا هوا ۾ بلند ڪيا ۽ هو ”آخرين مورچو“ نغمو
وڄائڻ لڳا. نغمي جو پڙاڏو گرجا جي گنبذ ۾ گونججڻ
لڳو. جنازي- بردار گاڏيءَ وارا آيا ۽ جنازي کي کڻي
گاڏيءَ ڏي هلڻ لڳا. جيئن ئي جنازو گرجا مان ٻاهر
نڪتو، ته گرجا جا سمورا گهنڊ زور سان وڄڻ لڳا.
توبن جا منهن کوليا ويا ۽ فضا ۾ ٽيهن گولَن ڇٽڻ جا
ڌڌڪا ٿيا. سٺ گولن جي سلامي اڳيئي ڏني ويئي هئي.
(سرونسٽن چرچل جي عمر نوي سال ٿي هئي. هر سال لاءِ
هڪ گولو توب ۾ وڌو ويو هو.) اسڪاٽلنڊ جي فوجي دستن
جا 60 جوان جنازي سان گڏ توتارا وڄائيندا بندرگاهه
ڏي وڌيا، جتي ٻيا حفاظتي دستا سلاميءَ لاءِ اڳيئي
بيٺا هئا. ٽاور پل وٽ، ڪناري سان بيٺل ڪرينن جي
قطار زمين تي جهڪي سلامي ڏني. جنازو توب – ڇڪيندڙ
گاڏيءَ تان لاهي، بحري فوج جي لانچ ۾ رکيو ويو.
لانچ ٽيمس ندي کي پار ڪرڻ لڳي. هوائي جهازن جو هڪ
دستو تيز رفتار سان هوا کي چيريندو آيو ۽ جنازي وٽ
پهچي، پنج سئو فوٽ هيٺ جهڪي پنهنجي اڳواڻ کي آخرين
سلامي ڏيئي، پرواز ڪري ويو. ندي پار ڪرڻ بعد جنازو
’واٽرلو‘ ريلوائي اسٽيشن تي آندو ويو. هڪ خاص ريل
گاڏي اڳيئي تيار بيٺي هئي، جا جنازي کي کڻي، سٺ
ميل پري، سر ونسٽن چرچل جي خانداني قبرستان ڏانهن
دفنائڻ لاءِ رواني ٿي.
ونسٽن چرچل 30 نومبر 1874ع تي، بلينهم محلات ۾
ڄائو هو. سندس خاندان سياسي ۽ جنگي ڪارمن ڪري
انگلينڊ ۾ گهڻو مشهور آهي. ونسٽن جو والد رينڊ الف
چرچل، هاڪارو سياستدان هو. هو لارڊ هو. سندس گهر
واري يعني ونسٽن جي ماءُ آمريڪي عورت هئي. لارڊ
رينڊ الف پنهنجي ننڍڙي پٽ ونسٽڻ کي ’هئرو‘ ۽ ’سينڊ
هرسٽ‘ درسگاهن ۾ تعليم ۽ تربيت لاءِ موڪليو. ونسٽن
هئرو ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ سئنڊهرسٽ ۾ فوجي تربيت
ورتي.
ونسٽن جڏهن 21 ورهين جو جوان ٿيو ته هو برطانوي
فوج ۾ ملازم ٿيو. انهيءَ ئي سال هن اسپيني فوج
سان گڏ، ڪيوبا ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ سٺي
فوجي خدمت سرانجام ڏني. ان کانپوءِ، هن گهوڙيسوار
جي حيثيت سان، گڏيل هندستان جي اتر- اولهه سرحدي
پرڳڻي (هاڻي اولهه پاڪستان) ۽ سوڊان ۾ وڏا فوجي
ڪارناما ڏيکاريا. سوڊان ۾ وڏا فوجي ڪارناما
ڏيکاريا. سوڊان ۾ هو بوئرن جي خلاف ڏاڍيءَ
بهادريءَ سان لڙيو ۽ اتي گرفتار به ٿي پيو. آخر
وڏيءَ هوشياريءَ ۽ همت سان اتان جان بچايائين.
انهيءَ عرصي ۾ هن جنگ بابت ٻه مشهور ڪتاب ”ملاڪنڊ
فيلڊ فورس جو داستان“ ۽ ”دريائي جنگ“ جي نالن سان
لکيا. جڏهن سوڊان جي لڙائي ختم ٿي، ته ونسٽن فوج
ڇڏي ڏني ۽ پوءِ سياست، صحافت ۽ علم و ادب ڏانهن
ڌيان ڏنائين.
سنه 1889ع ۾، هو قدامت پسند پارٽيءَ جي ميمبر جي
حيثيت سان ملڪي پارليامينٽ جي چونڊن ۾ بيٺو، پر
کيس شڪست آئي. اها هن جي پارليامينٽري ۽ سياسي
زندگيءَ جي شروعات هئي.
سنه 1900ع ۾، ونسٽن پهريون دفعو قدامت پسند
پارٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت سان پارليامينٽ ۾
چونڊجي ويو. 1904ع ۾ هو ڪجهه وقت لاءِ قدامت پسند
پارٽي ڇڏي لبرل پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيو. ان کانپوءِ هن
نهايت تيز رفتار سان سياسي ترقي ڪئي. سنه 1908ع
کان 1910ع تائين، هو تجارتي اداري جو صدر چونڊيو
ويو. سنه 1911ع ۾، هو انگلينڊ جي بحري فوج جو
پهريون لارڊ مقرر ٿيو. اهو عهدو وزير جي عهدي جي
برابر آهي ۽ فوجي لحاظ کان نهايت قابل شخصيت کي
ڏنو ويندو آهي. انهيءَ زماني ۾ پهرينءَ مهاڀاري
لڙائيءَ جون تياريون ٿي رهيون هيون. ونسٽن چرچل کي
چيو ويو ته هو بحري فوج کي جنگ جي لاءِ تيار ڪري.
1914ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي. ان لڙائيءَ ۾
انگريزي فوج کي جيڪي شاندار ڪاميابيون نصيب ٿيون،
سي گهڻي قدر چرچل جي هوشياريءَ جو نتيجو هيون.
پهرينءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ ختم ٿيڻ بعد ڪجهه عرصي
لاءِ چرچل انگلينڊ جي سياسي ميدان مان نڪري ويو.
هو ٽي دفعا پارليامينٽ جي چونڊن ۾ بيٺو، پر ٽيئي
دفعا کيس شڪست آئي. آهستي آهستي هن کان ٻيا سرڪاري
عهدا به ورتا ويا. ان کانپوءِ ٻه سال لاڳيتا هو
ادب ۽ مصوريءَ ڏانهن متوجهه رهيو. هن 1923ع ۾
”عالمي بحران“ نالي هڪ ڪتاب ٻن حصن ۾ شايع ڪيو،
جنهن تي تمام سٺا تبصرا ٿيا.
سن 1942ع ۾، چرچل وري پارليامينٽ جي چونڊن ۾ بيٺو
۽ زبردست اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. سندس پارٽي
پارليامينٽ ۾ اڪثريت سان چونڊجي آئي هئي، سو وزارت
ٺاهڻ جي آڇ ان کي ئي ملي. وزارت ٺهي، جنهن ۾ چرچل
کي وزير خزانه مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عهدي تي هو
1929ع تائين رهيو.
سن 1929ع ۾، چرچل کي وري سياسي ميدان ڇڏڻو پيو.
سياست مان نڪري هو وري ادب ۾ گهڙيو. هن 9 ڪتاب لکي
ڇپايا، جن ليکڪ جي حيثيت ۾ هن جو نالو سڄيءَ دنيا
۾ مشهورڪري ڇڏيو.
1939ع ۾، جرمنيءَ جنگ جا سانباها ڪيا ۽ دنيا جي
مٿان ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ جا بادل ڇانئجي ويا.
چرچل کي وري بحري فوج جو فرسٽ لارڊ مقرر ڪيو ويو.
جلد ئي هو ترقي ڪري وزيراعظم ٿيو. اهو وقت سڄيءَ
دنيا جي امن ۽ آزاديءَ لاءِ سخت خطري جو هو، خاص
طرح سان انگلينڊ لاءِ ته موت حياتيءَ جو سوال هو.
انهيءَ نازڪ گهڙيءَ ۾ سڄيءَ انگريز قوم جون نگاهون
چرچل ۾ ئي کتل هيون. چرچل پنهنجي فرض کي پوريءَ
ريت نڀايو. هن جي اتساهه ڏياريندڙ تقريرن ڪمزور
انگريزي فوج ۾ نئون ساهه وجهي ڇڏيو. انگلينڊ جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ چرچل جي گجگوڙ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. جرمنيءَ
جون نازي فوجون سڄي يورپ کي هيسائي چڪيون هيون، پر
چرچل هيسجڻ وارو نه هو. هن همت ۽ دليريءَ سان
اعلان ڪيو: ”اسان سمنڊ جي ڇولين تي لڙنداسين، اسان
ميدانن ۾ لڙنداسين، اسان هوا ۾ لڙنداسين، اسان
پنهنجيءَ سموريءَ طاقت سان لڙنداسين، ۽ آخرين
گهڙين تائين لڙنداسين! اسان دشمن جي اڳيان آڻ نه
مڃينداسين.“ انگريز قوم کي اڄ به چرچل جي انهن
تاريخي لفظن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. پارليامينٽ
۾ تقرير ڪندي، چرچل پنهنجي مقصد کي بيان ڪندي چيو،
”اوهان مون کان پڇو ٿا ته تنهنجو مقصد ڪهڙو آهي؟
مان اوهان کي فقط هڪ لفظ ۾ ان سوال جو جواب ڏيئي
سگهان ٿو- ’فتح‘، هر قيمت تي فتح، پوءِ ڀل ته فتح
تائين پهچڻ جو رستو ڪيڏو به ڊگهو ۽ مشڪل ڇو نه
هجي.“
چرچل جي اڳواڻيءَ هيٺ انگريزي فوجن جرمنيءَ جي
نازي فوجن جو مقابلو وڏيءَ بهادريءَ سان ڪيو. روس
۽ آمريڪا به جنگ ۾ ٽپي پيا. جرمنيءَ کي شڪست ملي.
چرچل ٻيءَ مهاڀاڙيءَ لڙائي مان سوڀارو ٿي نڪتو.
انگريز قوم مٿانئس ٻلهار ٿيڻ لڳي. دنيا ۾ چرچل جو
ڌاڪو ڄمي ويو ۽ جٿي ڪٿي هر اهم ڳالهه سندس صلاح ۽
مشوري سان ٿيڻ لڳي. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ انگلينڊ
کي ٿڪائي ڇڏيو. سو، 1945ع ۾ لڙائي ختم ٿيڻ بعد
جڏهن چونڊون ٿيون، ته ليبر پارٽي اڪثريت سان
چونڊجي آئي. چرچل وري سياسي ميدان مان ٻاهر نڪتو.
پر 1951ع ۾ جڏهن وري چونڊون ٿيون ته قدامت پسند
پارٽي اڪثريت سان چونڊجي آئي ۽ چرچل وري وزيراعظم
مقرر ٿيو. 1955ع تائين هن پنهنجي عهدي جو ڪم
هلايو. اپريل 1955ع ۾ هن صحت جي خرابيءَ سبب
پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني پر 1951ع کان 1955ع
تائين، وزيراعظم جي حيثيت ۾ هن وڏا انتظامي ڪاناما
سرانجام ڏنا. هن ناٽو، ڪوريا، چين، وچ –اوڀر، ڏکڻ
اوڀر- ايشيا، يوروپي اتحاد ۽ هئڊروجن بم جي اهم
مسئلن ۾ پنهنجي قوم جي مفاد ۽ موقف کي وڏيءَ
ڪاميابيءَ سان پيش ڪيو. 1953ع ۾ هن وزير اعظميءَ
جي ڪم سان گڏ پرڏيهي وزير جو ڪم به پنهنجن هٿن ۾
کنيو، حالانڪه ان وقت هن جي عمر 77 سال هئي. ان
عمر ۾ به هن جي همت ۽ چستي حيرت انگريز هئي. هو
ڪيترائي ڀيرا انگلينڊ کان ٻاهر، بين الاقوامي
ميٽنگن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ، واشنگٽن، برمودا ۽ ٻين
هنڌن ڏانهن ويو.
1953ع ۾ چرچل کي ادب جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو انعام
”نوبل پرائيز“ مليو. انهيءَ ئي سال انگلينڊ جي
راڻيءَ کيس ”نائيٽ ڪمپينين آف دي گارٽر“ جو اعليٰ
اعزاز ڏنو.
1955ع ۾ وزيراعظميءَ جو عهدو ڇڏڻ بعد هن جي صحت
خراب رهڻ لڳي ۽ هو اڪثر وقت آرام ۽ تفريح ۾ گذارڻ
لڳو پر انهيءَ عرصي ۾ به ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق
نه ڇڏيائين. 1962ع ۾ هڪ حادثي ۾ سندس ٽنگ ضربجي
پيئي.
1963ع ۾ آمريڪا جي صدر چرچل کي آمريڪا جي اعزازي
شهريت ڏني. چرچل انهيءَ اعزاز ملڻ تي ڏاڍو خوش
ٿيو. هن کي آمريڪا لاءِ وڏي اُڪير هوندي هئي، ڇو
ته هن جي ماءُ آمريڪي خاتون هئي.
1964ع ۾ چرچل پنهنجي پارليامينٽري زندگي ختم ڪئي،
ڇو ته پيريءَ سبب هو ايترو ته ضعيف ٿي ويو هو، جو
پارليامينٽ جي اجلاس ۾ باقاعدي شريڪ نٿي ٿي سگهيو.
هن پارليامينٽري زندگي سن 1900ع ۾ شروع ڪئي هئي.
اهڙيءَ ريت، هن پنهنجيءَ 90 ساله زندگيءَ جا 64
سال پارليامينٽ ۾ گذاريا هئا. پارليامينٽ جي
ميمبرن ۾ کانئس وڌيڪ جهونو ٻيو ڪوبه ڪونه هو. 64
سالن جي عرصي ۾ انگلينڊ جي تاريخ گهڻن ئي طوفانن
مان گذري هئي، پر هر نازڪ موقعي تي، تاريخ جي رخ
موڙڻ ۾ چرچل جو گهڻي ڀاڱي دخل رهيو هو. 27 جولاءِ
1964ع تي چرچل آخري ڀيرو پارليامينٽ ۾ ويو ۽ پوءِ
هميشھ لاءِ ان کي الوداع چيائين.
سنه 1965ع ۾، جي پهرئين ئي مهيني ۾ چرچل بستري
داخل ٿيو. سندس دماغ جي هڪ شريان ڦاٽي پيئي. 26
جنوري 1965ع تي هن سورهيه شخص دنيا کي الوداع
ڪئي.سندس وفات جي خبر سڄيءَ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
فوراً پکڙجي ويئي.
ٻڍڙو چرچل آخرين دفعو پارليامينٽ ۾ وڃي رهيو آهي
راڻي ايليزبيٿ چرچل جو ’قومي سورهيه‘ جي حيثيت ۾
سرڪاري طرح ماتم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ اعلان ڪيو ته
توڙي جو سرونسٽن چرچل انگلينڊ جو هڪ عام رهواسي
هو، پر سندس بينظير ڪارنامن جي ڪري، اڳين سمورين
روايتن کي ريٽي، سندس خاڪي جسم کي انهن سڀني
اعزازن سان دفنايو وڃي، جي خاص انگلينڊ جي شاهي
خاندان جي ماڻهن کي ڏنا ويندا آهن.
چرچل جي وفات تي دنيا جي مدبرن، سياستدانن، قومي
اڳواڻن ۽ ٻين اعليٰ شخصيتن پنهنجا تعزيتي پيغام
جاري ڪيا، جن ۾ هنن هن سورهيه شخص کي سندس
بهادريءَ جي ڪارنامن جو دل کولي داد ڏنو. چرچل جي
جانشين، برطانيه جي سابق وزيراعظم مسٽر مئڪميلن
چرچل جي باري ۾ پنهنجو تاثر هنن لفظن ۾ بيان ڪيو:
”سرونسٽن چرچل جنگ جي حالت ۾ پهاڙ وانگر اڏول هو،
شڪست جي حالت ۾ آڻ مڃڻ وارو نه هو، سوڀ جي حالت ۾
درياءُ دل سخي هو، ۽ امن جي حالت ۾ نيڪ –نيت هو.“
انهن مختصر لفظن ۾ اسان کي چرچل جي شخصيت جي پوري
۽ صحيح تصوير ملي ٿي.
سر ونسٽن چرچل جي وفات ڪري دنيا هن صديءَ جو هڪ
عظيم مدبر وڃايو آهي، دولت مشترڪه هڪ قابل احترام
اڳواڻ وڃايو آهي ۽ انگلينڊ پنهنجو هڪ نهايت لائق
فرزند وڃايو آهي.
-فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، صدر پاڪستان. |