تاريخ 26 ڊسمبر 1938ع تي، مسلم ليگ جو ايڪيهون
ساليانو ميڙ، مسٽر جناح جي صدارت هيٺ، پاٽنا ۾ گڏ
ٿيو، جنهن ۾ پنجاهه هزارن کان به وڌيڪ ماڻهن شرڪت
ڪئي هئي. اٽڪل چار هزار کن پرده نشين عورتون به
شامل ٿيون هيون. اهو ميڙ پنهنجي نموني جي خيال کان
تاريخي ميڙ هو، جنهن ۾ ’سنڌ نيشنل گارڊ‘ جو ترانو
”مسلم هي تو مسلم ليگ مين آ جا“ پڙهيو ويو هو، جو
مسٽر جناح خود پاڻ پڙهيوهو.
انهيءَ وقت ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته هندن ۽ مسلمانن جا
اختلاف جيئن پوءِ تيئن وڌندا ٿي ويا. هندستان مان
انگريزن جي نڪري وڃڻ بعد هندو ۽ مسلمان گڏ رهي نه
سگهندا، تنهن ڪري سندس صدارت هيٺ، آخرڪار تاريخ 25
مارچ 1940ع تي لاهور ۾ مسلم ليگ جو سالنامو ميڙ
ٿيو، جنهن ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ
پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته هندستان کي ٻن
ڀاڱن، هندستان ۽ پاڪستان ۾ ورهايو وڃي، يعني جن
صوبن ۾ مسلمان گهڻا هجن اهي هندستان کان الڳ ڪيا
وڃن، جيئن انهن ۾ مسلمان پنهنجي مرضيءَ مطابق
قانون بنائين ۽ حڪومت هلائين ۽ انهن صوبن جي نئين
آزاد ملڪ جو نالو پاڪستان رکيو وڃي.
پاڪستان جو نالو ٻڌندي ئي هندن طرفان مخالفت جو
طوفان اٿيو، پر آخر هندن جي معقوليت جو طوفان
اٿيو، پر آخر هندن جي معقوليت پسند فرقي، پاڪستان
جي مخالفت ڇڏي ڏني. هندستان جي مشهور ليڊر
راجگوپال آچاريه، جزوي طور پاڪستان قبوليو، ۽
انهيءَ جي ئي ڪوششن سان ”گانڌي- جناح ملاقات“ ٻن
هفتن تائين هلندي رهي. مهاتما گانڌيءَ به ڪنهن حد
تائين پاڪستان قبول ڪيو ٿي، پر پوءِ اها ملاقات به
ڪامياب ڪين ٿي.
تاريخ 10 مارچ، 1941ع تي، قائداعظم، علي ڳڙهه ۾
مسلم يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي هڪ جلسي ۾ تقرير
ڪندي فرمايو ته ”اسان پاڪستان جو ٺهراءُ گهڻيءَ
سوچ ۽ ويچار کانپوءِ پاس ڪيو آهي. ورهاڱي واريءَ
تجويز کي ڪانگريس خطرناڪ ڪري سمجهي ٿي، پر حقيقت
اها آهي ته پاڪستان هتي صدين کان قائم آهي ۽ قيامت
تائين رهندو. اهو اسان کان کسيو ويو هو ۽ هاڻي
اسان کي واپس وٺڻو آهي.
گڏيل هندستان جي منجهيل سياسي مسئلي سببان،
انگلينڊ جي حڪومت اعلان ڪيو ته جون 1948ع ڌاري
حڪومت جون واڳون هندستان جي مرڪزي حڪومت يا ڪن
هنڌن تي موجوده صوبائي حڪومتن جي حوالي ڪيون
وينديون.
لارڊ ويول کي واپس انگلينڊ ڏانهن گهرايو ويو ۽
سندس جاءِ تي 24 مارچ 1947ع تي، لارڊ مائونٽ بئٽن
وائسراءِ مقرر ٿي آيو. لارڊ مائونٽ بئٽن نئين سر
سڀني اڳواڻن سان صلاح ڪئي ۽ ڪيل فيصلن جي منظوريءَ
لاءِ انگلينڊ ويو، جتان 18 مئي 1947ع تي موٽي آيو.
لارڊ مائونٽ بيٽن 30 جون 1947ع تي، اڳواڻن اڳيان
اها تجويز پيش ڪئي، جنهن کي انگلينڊ جي سرڪار جي
مڪمل تائيد هئي. تجويز هيءَ هئي:
(1)جيئن ته عام ماڻهن جي راءِ وٺڻ مشڪل آهي، تنهن
ڪري صوبي جي عام ماڻهن جي چونڊيل ميمبرن جي صوبائي
اسيمبلين ۾، ميمبرن کان راءِ ورتي وڃي ته اهو صوبو
گڏيل هندستان ۾ شامل رهي ٿو يا ان کان جدا ٿي،
پاڪستان سان شريڪ ٿئي ٿو.
(2) بنگال ۽ پنجاب پرڳڻن ۾ جيڪڏهن صوبي جي اسيمبليءَ جي
مسلمانن ۽ هندن ميمبرن مان ڪنهن به هڪ ڌر اها
تقاضا ڪئي ته پوءِ انهن صوبن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو
ويندو.
(3) جيڪڏهن ورهاڱي جي گهر ڪئي ويئي ته حد بنديءَ لاءِ
ڪميشن مقرر ڪئي ويندي.
(4) رياستن کي اختيار آهي ته هو خودمختيار رهن يا
هندستان ۽ پاڪستان مان ڪنهن به ملڪ سان گڏجي وڃن.
(5) 1947ع کان اڳ پارليامينٽ جي هلندڙ اجلاس ۾،
هندستانين کي حڪومت جي واڳن ڏيڻ لاءِ بل پيش ڪيو
ويندو.
پاڪستان جو ٺهڻ:
انگلينڊ جي پارليامينٽ ۾ بل پاس ٿيو، جنهن موجب
هندستان کي ٻن حصن، هندستان ۽ پاڪستان ۾ تقسيم ڪيو
ويو. تاريخ 18 جولاءِ 1947ع تي، انگلينڊ جي حڪومت
اعلان ڪيو ته 14 آگسٽ 1947ع تي، هندستان ۽ پاڪستان
ٻه جدا جدا ۽ آزاد ملڪ قائم ٿيندا. پاڪستان ۾ سنڌ،
بلوچستان، صوبو سرحد، اولهه پنجاب ۽ اوڀر بنگال جا
صوبا شامل هوندا.
پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل:
14 آگسٽ 1947ع تي،پاڪستان جي قائم ٿيڻ تي مسلم
ليگ، قائداعظم محمد علي جناح کي گورنر جنرل مقرر
ڪيو ۽ ڪانگريس لارڊ مائونٽ بيٽن کي مقرر ڪرايو.
پاڪستان جي آزاد رياست، دنيا جي مسلم حڪومتن ۾ سڀ
کان وڏي آهي. پاڪستان جي بانيءَ قائداعظم محمد علي
جناح اها حڪومت فقط ستن ورهين جي تحريڪ هلائڻ سان
حاصل ڪئي، ڇو جو پاڪستان متعلق ٺهراءَ مارچ 1940ع
ڌاري ئي مسلم ليگ جي لاهور واري سالياني اجلاس ۾
منظور ڪيو ويو هو.
پاڪستان جي ٺهڻ بعد قائداعظم هڪ منٽ به آرام ڪين
ڪيو. هو پاڪستان جي مضبوطيءَ لاءِ مسلسل جدوجهد
ڪندو رهيو.
وفات حسرت آيات:
جولاءِ 1948ع ۾، قائداعظم جي صحت تي خراب اثر ٿيڻ
لڳو. ڊاڪٽرن کيس آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني، پر هن صاحب
مسلم قوم جي سربلنديءَ کي پنهنجي صحت تي ترجيح ڏني
۽ پاڪستان جي پختگيءَ ۽ مسلم قوم جي ڪاميابيءَ
لاءِ جدوجهد ۾ رهيو. ڪوئيٽا ۾ بيماريءَ جي بستري
تي به کيس پاڪستان جي بهبوديءَ جو اونو هو، پر
سندس تندرستي بگڙندي ويئي. آخر تاريخ 11 سيپٽمبر
1948ع جي 4 بجي شام مهل، قائداعظم خاص هوائي جهاز
ذريعي، ڪراچيءَ پهتو ۽ ڇهن ڪلاڪن کانپوءِ رات جو
ڏهه لڳي 25 منٽن تي، هن فاني جهان مان هميشھ لاءِ
موڪلائي هليو ويو.
انا لله وانا اليھ راجعون.
قائداعظم مرحوم جي جسم خاڪيءَ کي 12 سيپٽمبر 1948ع
آرتوار ڏينهن، ساڍي ڇهين بجي شام جو، ڪراچيءَ ۾
سپردخاڪ ڪيو ويو. جنازي جو جلوس 3 بجي شام مهل
گورنر جنرل هائوس کان شروع ٿيو. جنازي ۾ ڇهن لکن
کان به وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سڀني ذاتين ۽
فرقن جا ماڻهو هئا. سندس همشيره فاطمھ جناح ۽
صاحبزادي نوئل واديا به جنازي سان گڏ هيون. جنازي
جي جلوس سان گڏ پاڪستان اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ ٻين
ٻاهرين ملڪن جا سفير به ملول ۽ مغموم هلي رهيا
هئا. جنازي جي نماز شيخ الاسلام علامه شبير احمد
عثماني مرحوم ادا ڪرائي. لاش کي سپرد خاڪ ڪرڻ تي
کيس پاڪستاني هوائي فوج جي ڇهن جهازن سلامي ڏني ۽
گل ڦل اُڇلايا.
قائداعظم جو ماتم سرڪاري طور تي تاريخ 12 آڪٽوبر
1948ع تائين، چاليهه ڏينهن لاءِ ڪيو ويو هو.
بيشمار همدرديءَ جون تارون ۽ خط سندس همشيره
محترمه فاطمھ جناح ۽ وزيراعظم پاڪستان، آنربل
لياقت علي خان جي نالي دنيا جي سڀني ڀاڱن مان
حڪمرانن، سفيرن ۽ جماعتن جي طرفان آيا هئا، جن ۾
هن نامور هستيءَ ۽ پاڪستان جي بانيءَ جي وفات تي
عقيدت ۽ ارمان جا خيال ظاهر ڪيل هئا.
انگلينڊ جي مشهور روزانه اخبار ”نيوز ڪرانيڪل“
لکيو هو ته ”صرف موت ئي اهو دشمن هو، جنهن جي
اڳيان قائداعظم محمد علي جناح پنهنجو سر جهڪايو!“
اڄ قائداعظم هن دنيا ۾ ڪين آهي؛ پر سندس ياد ۾
ساڻس محبت رکندڙ هر شخص اشڪبار ٿي وڃي ٿو!
قائداعظم جي شخصيت
قائداعظم جي ساري زندگي سياسي سرگرمين ۾ گذري.
سندس سڀ کان وڏي آرزو اها هئي ته هندو ۽ مسلمان ۽
هندستان ۾ رهندڙ ٻيون قومون آزاديءَ جي حياتي
گذارين. هن صاحب ڪڏهن به سرڪار جي نه حمايت ڪئي ۽
نه وري مخالفت. هن هميشھ انهيءَ ڳالهه کي سامهون
رکيو ته مسلمانن جا حق پائمال نه ٿين. هڪ دفعي
ڪائونسل ۾ تقرير ڪندي چيائين ته ”مان آزادانه ۽
صاف صاف لفظن ۾ سرڪار تي نڪته چيني ڪرڻ فرض سمجهان
ٿو؛ ليڪن ان سان گڏ هر ڪنهن تعليم يافته انسان جو
فرض سمجهان ٿو، ته جڏهن سرڪار سنئين رستي تي هلي
ته ان جي تائيد ۽ مدد ڪئي وڃي.“
قائداعظم پنهنجو نالو مشهور ڪرڻ ڪين پسند ڪندو هو.
جيڪڏهن هو چاهي ها ته تمام وڏا سرڪاري عهدا ۽ وڏي
کان وڏي لقب حاصل ڪري سگهي ها؛ پر هن ملڪي خدمت جي
مقابلي ۾ ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ۽ ڪوبه
عهدو يا لقب قبول ڪين ڪيو.
قائداعظم سڄي ڄمار ۾ ڪڏهن به ڪنهن گورنر يا
وائسراءِ جي سلام تي ڪين ويو ۽ نه وري هن ڪڏهن
ڪنهن گورنر يا وائسراءِ جي دعوت قبول ڪئي يا کين
دعوت ڏني.
14 اپريل 1934ع، اسيمبليءَ ۾ ”معاهده اوٽاوا“ تي
ٽي ڏينهن بحث هلڻو هو. بحث جو ٽيون ڏينهن نهايت
اهم ۽ راءِ شماريءَ جو ڏينهن هو. عين انهيءَ ڏينهن
مسٽر جناح کي هڪ لک رپين جي رقم فيءَ طور پيش ڪئي
ويئي ته هو هڪ مقدمي جي پيرويءَ لاءِ بمبئيءَ اچي.
مگر هن صاحب وطن عزيز ۽ قوم جي خاطر انهيءَ
گرانقدر رقم جي پيشڪش کي ٺوڪر هنئين!
دهليءَ جي ”ملت“ اخبار هڪ مسلم رياست جي برخلاف
مضمون لکيو هو. انهيءَ رياست، اخبار جي ايڊيٽر،
پرنٽر ۽ پبلشر جي خلاف عدالت ۾ مقدمو داخل ڪيو، ۽
انهيءَ جي پيرويءَ لاءِ رياست جو هڪ وڏو عهديدار
جناح صاحب وٽ ويو ۽ هڪ تمام وڏي رقم فيءَ طور پيش
ڪيائين. مگر هن صاحب هيئن چئي انڪار ڪيو ته ”ملڪي
ڀلائيءَ ۽ ملڪي آزاديءَ جي مقابلي ۾ ذاتي فائدي جي
اهميت منهنجي اڳيان ڪجهه به ڪين آهي. مان ملڪ جي
پريس جي آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪين آهيان، مان ته
پريسن جي آزاديءَ لاءِ لڙي رهيو آهيان!“
اهي هئا مسٽر جناح جا خيالات، جنهن ملڪ ۽ قوم جي
خدمت کي پنهنجو واحد مقصد سمجهيو ۽ هڪ سياسي مدبر
جي حيثيت سان هميشھ پنهنجي قوم جي رهبري ڪئي ۽
مسلمان سندس سياسي ۽ قومي آزمودن مان فائدو حاصل
ڪندا رهيا.
مصنف: اسٽيفن ڪرين
آمريڪي ڪهاڻي
مترجم:محمد دائود بلوچ
سامونڊي
طوفان
هنن مان ڪنهن کي به آسمان ڏانهن نهارڻ جي فرصت نه
هئي. هنن جون نظرون چوطرف پکڙيل سامونڊي لهرن ۾
هيون، سرمائي رنگ جون لهرون هر گهڙيءَ اڳتي وڌي
رهيون هيون ۽ هنن تي حملي پٺيان حملو ڪري رهيون
هيون. انهن پرجوش لهرن تي سفيد گجي ڦهليل هئي.
ٻيڙيءَ ۾ ويٺل انهن ماڻهن کي اهو ته معلوم هو ته
ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ڪيئن رنگ بدلي رهيو آهي، پر هو
نيري آسمان جي ڦيڙ گهير کان بيخبر هئا. هنن کي افق
ڪڏهن ويڙهبو ۽ کُلندو ۽ وري ڪڏهن جهڪندو ۽ اڀرندو
نظر ٿي آيو. افق وٽ لهرون ٽڪرين جيان ڏيکارجي
رهيون هيون.
جنهن ٻيڙيءَ ۾ هو سوار هئا، سا وهنجڻ جي هڪ وڏي
ٽب کان به ننڍي هئي، ۽ ان تي ديوَ جيڏيون لهرون
اچانڪ اڀرنديون ۽ حملا ڪنديون ٿي رهيون. لهرن جو
ائين ذري ذري سمنڊ جي سنوت کان هيٺ مٿي ٿيڻ ان
ننڍڙيءَ ٻيڙيءَ لاءِ قيامت کان گهٽ نه هو.
بورچي ٻيڙيءَ جي تري ۾ ويٺو هو ۽ انهيءَ تختي کي
غور سان ڏسي رهيو هو، جيڪو هن جي ۽ سمنڊ جي وچ ۾
هو. هو جڏهن ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هيٺ ٿي
جهُڪيو ته سندس واسڪوٽ جا ٻئي پلو هيٺ لڙڪي ٿي
پيا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن چيائين ٿي، ”منهنجا خدا! توئي
مون کي اڃا تائين صحيح سلامت رکيو آهي!“ جڏهن ائين
ٿي چيائين، تڏهن هن جون نگاهون اوڀارين لهرن ڏانهن
کڄي ٿي ويون.
ٻيڙيءَ ۾ ٻه ونجهه لڳل هئا. انهن مان هڪ ونجهه
هلائيندڙ ملاح اوچتو ڪنهن وقت اٿي ٿي بيٺو، ته
جيئن ٻيڙيءَ جي پوئين حصي ۾ سمنڊ جو چڙهي آيل پاڻي
هيٺ وهي وڃي. ٻيڙيءَ وانگر ونجهه به ننڍڙو ۽ ڪمزور
هو. اڪثر ڪري ائين پئي لڳو ته لهرن جو مقابلو نه
ڪندو ۽ ٽٽي پوندو. اخباري خاطو ٻيو ونجهه هلائي
رهيو هو. هو ڇولين کي غور سان ڏسي رهيو هو.
جهاز جو ڪپتان زخمي حالت ۾ ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي ۾
ليٽيل هو. مٿس مايوسي ۽ بيدلي ڇانيل هئي. ٻيڙيءَ
جي ملاح يا ميربحر جو ٻيڙيءَ سان تمام گهاٽو تعلق
رهي ٿو، پوءِ ڀل اها ٻيڙي هن سالن جا سال هلائي
هجي يا هڪ ڏينهن. هن کي هر وقت پنهنجي ٻيڙيءَ جو
فڪر رهي ٿو. ڪپتان جي ڌيان تان سندس جهاز جي
تباهيءَ جو خيال لٿو ئي نٿي. کيس اهو منظر اڃا
تائين ياد هو. اونداهي صبح ۾ اڀرندڙ چهرا، ڇولين
جا ڪڙڪا ۽ پوءِ جهاز جو رفتي رفتي هيٺ جهُڪڻ ۽ ٻڏي
وڃڻ.
”بِلي، ٻيڙيءَ کي اڃا به ٿورو ڏکڻ طرف موڙ.“ ڪپتان
چيو.
”اڃا به ٿورو ڏکڻ طرف: ٺيڪ آه،“ آئيلر، ٻيڙيءَ جي
پٺئين حصي مان جواب ڏنو.
سامونڊي طوفان ۾ انهيءَ ٻيڙيءَ جي سواري ائين هئي،
ڄن ڪو شخص ڏيئو کڻي مست گهوڙي تي سوار ٿئي. هيءَ
ٻيڙي به هڪ گهوڙي جيتري ڊگهي هئي. اها ڇولين جي
مٿان ڪڏندي، ٽپا ڏيندي، به ڊوڙيندي وڃي رهي هئي.
ڄڻ ڪو گهوڙو پاڻ کان وڏي اُتانهين ٽپڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو هو. ٻيڙيءَ جو ديوار جهڙين لهرين تي چڙهڻ ۽
لهڻ معجزي کان گهٽ نه هو. اها پينگهه جيان لوڏا
کائيندي به لهرن جو مقابلو ڪري رهي هئي.
سمنڊ ۾ سڀ کان زياده تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته
اڃا هڪ لهر جو مقابلو ختم ئي نه ٿيندو آهي، ته ٻي
لهر اڳيان اچي ويندي آهي. سمنڊ جي ترڪش ۾ لهرين جا
ڪيترائي تير آهن. انهيءَ جو اندازو لڳائڻو هجي ته
ماڻهو ڏهه فوٽ ڊگهي ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪري ڏسي. جڏهن
ڪا لهر آئي ٿي ته ويٺلن جي اکين اڳيان ٻيو سڀ ڪجهه
غائب ٿي ٿي ويو. ائين معلوم ٿي ٿيو ته اها ئي لهر
سمنڊ جي سڀ کان وڏي وير هئي. جيڪڏهن ڪنهن حفاظت
واري هنڌ تان ڏٺو وڃي ها ته سمنڊ جو هي نظارو
نهايت ئي دلڪش معلوم ٿئي ها. مگر هن ٻيڙيءَ جي
ماڻهن کي انهيءَ منظر ڏسڻ جي طاقت نه هئي. هنن تي
هر گهڙيءَ خطرو ڇانيل هو. سج آهستي آهستي مٿي
چڙهندو ويو. سمنڊ جو رنگ سرمائيءَ مان ڦري زمردي
ٿيندو ويو ۽ گجيءَ جي شڪل ڪرندڙ برف جهڙي ٿيندي
ويئي. انهيءَ مان هنن اندازو لڳايو ته ڏينهن ٿي
ويو، هو رڳو لهرن جي رنگ جي تبديليءَ مان رات ۽
ڏينهن جو اندازو لڳائي سگهيا ٿي.
ٽٽل ڦٽل جملن ۾ بورچي ۽ اخباري خاطوءَ جي وچ ۾ بحث
هلي رهيو هو: ”هڪ ’بچاءُ گهر‘ ۽ هڪ ’پناهه- گهر‘ ۾
ڪهڙو فرق آهي؟“ بورچي چئي رهيو هو ته ”ماسڪو
ٽيوانلٽ جي اتر ۾ هڪ پناهه- گهر آهي. جيئن ئي اهي
ماڻهو پاڻ کي ڏسندا، ته هڪدم پنهنجين ٻيڙين ۾ چڙهي
ايندا ۽ اسان کي بچائي وٺندا.“
”ڄڻ ته سچ پچ اسان کي ڪو ڏسندو؟“ اخباري خاطوءَ
ٽوڪ طور چيو. ڇو ڪين؟ پناهه- گهر جي حفاظتي دستي
جا ماڻهو اسان کي ضرور ڏسندا.“ بورچيءَ چيو.
”پناهه –گهر ۾ حفاظتي دستا نه هوندا آهن. توکي اها
به خبر نه آهي. پناهه- گهر انهيءَ جاءِ کي چئبو
آهي، جتي کاڌي ۽ لٽي ڪپڙي جو سامان موجود هوندو
آهي، ته جيئن جيڪڏهن ڪو جهاز ٻڏي ته اهو سامان ان
جي بچيل ماڻهن جي ڪم اچي. اُتي ڪنهن به قسم جا
’حفاظتي-دستا‘ نه هوندا آهن.“ اخباري خاطوءَ چيو.
”اتي ڪم ڪار وارا ماڻهو ته هوندا آهن!“ بورچي
پنهنجيءَ ڳالهه تي ڄميو رهيو.
”نه هوندا آهن، منهنجا ڀاءُ!“ اخباري خاطوءَ ٿڌو
ساهه ڀري چيو.
”ان ڳالهه ۾ ضد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اڃا ته
اسين اتي پهتا ئي نه آهيون،“ آئيلر وچ ۾ ورندي
ڏني.
”جنهن هنڌ جي ڳالهه مان ڪري رهيو آهيان، سو شايد
’پناهه-گهر‘ نه آهي. منهنجو خيال آهي ته اهو
’بچاءُ گهر‘ آهي.“ بورچيءَ چيو.
”اڃا اسين اتي پهتا نه آهيون،“ آئيلر وري چيو.
(2)
جڏهن ٻيڙي وڏين لهرن جي چوٽين تان ٽپا ڏيندي ٿي
هلي، ته تيز هوا ڄڻ ته انهن مٿي اگهاڙن ماڻهن جي
وارن کي پاڙان پئي پٽيو. پر جڏهن وري ٻيڙي اتانهين
ڇولين تان هيٺ ٿي لٿي، ته پاڻيءَ جا ڇنڊا هنن جي
منهن تي پٿرن وانگر ٿي لڳا. سامهون کين هر ڪا ڇولي
پهاڙ جي ڏيکائي ڏيئي رهي هئي. شايد سمنڊ جي اها
حالت هڪ عظيم نظاروپيش ڪري رهي هئي. شايد پِيلي،
ڪاري ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو هي ڪم هڪ شاندار کيل هو.
”اهو به چڱو، جو ڪناري جي پاسي کان هوا نٿي لڳي،
نه ته جيڪر اسان جي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿئي
ها.“ بورچيءَ چيو.
”برابر،“ اخباري خاطوءَ چيو. آئيلر به ها ۾ ها
ملائڻ لاءِ پنهنجو مٿو لوڏيو. |