سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

انهيءَ ڳالهه تي ڪپتان، جيڪو ٻيڙيءَ جي سامهين حصي ۾ ليٽيل هو، ڪجهه چوندي اٿيو. سندس ڳالهين ۾ افسوس جو اظهار هو: ”اوهان جو خيال آهي ته هينئر اسان جي حالت اهڙي بڇڙي نه آهي؟“ ڪپتان جي اها ڳالهه ٻڌي، سڀ چپ ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ وات مان ’هان ۽ هون‘ کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه نٿي نڪتين. حقيقت هيءَ هئي ته انهيءَ وقت بچڻ جي ڪا اميد رکڻ ئي ٻاراڻي ڳالهه هئي، انهيءَ ڪري هو خاموش هئا، ۽ هوا جي رخ کي به سٺو سنئوڻ ۽ بچاءَ جو ذريعو سمجهي رهيا هئا.

”پاڻ صحيح سلامت ضرور ڪناري لڳنداسين!“ ڪپتان ٻين کي دلاسو ڏيندي چيو. مگر ٻيا هن جي انهيءَ ڳالهه جو اصل مطلب سمجهي ويا هئا.

”جيڪر هيءَ هوا ائين لڳندي رهي.....“ آئيلر چيو.

بورچي پاڻي ڪڍندي چئي رهيو هو: ”جيڪڏهن اسين گجيءَ ۾ نه وياسين، ته پوءِ ضرور ڪناري تائين پهچنداسين.“

سامونڊي پکي ٻيڙيءَ جي ويجهو اڏامي رهيا هئا. اهي ڪڏهن ڪڏهن هيٺ لهي آيا ٿي ۽ سمنڊ ۾ ترندڙ گاهه جي ڪانن تي ترڻ لڳا ٿي. گاهه جا اهي ڪانا سمنڊ جي سطح تي ائين لڳي رهيا هئا، جيئن هوا ۾ ٽنگيل ڪو غاليچو! ڪڏهن ڪڏهن پکين مان ڪي ٻيڙيءَ جي بلڪل ويجهو ايندا ٿي رهيا، ۽ هنن شخصن کي گهوري نهاريندا ٿي رهيا. ان وقت اهي خوفناڪ ٿي لڳا. ٻيڙيءَ وارا هنن کي ويجهو ڏسي، ’هش هش‘ ڪري اڏائڻ جي ڪوشش ڪندا ٿي رهيا. انهن مان هڪڙو هنن کي ايترو ته ويجهو آيو، جو ائين پئي معلوم ٿيو ته اهو ڄڻ ڪپتان جي مٿي تي ويهڻ جي ئي نيت سان آيو آهي. اهو پکي ٻيڙيءَ سان گڏ اڏامي رهيو هو. اُن جون ڪاريون ڪاريون اکيون ڪپتان جي مٿي تي کتل هيون.

”جهنگلي.....“ آئيلر خار مان چيو. بورچي ۽ اخباري خاطو به انهيءَ پکيءَ کي تڙي رهيا هئا. ڪپتان پهريائين ته ائين سوچيو ته ڪنهن ڪاٺيءَ سان پکيءَ کي ماري، پر پوءِ اهو سوچي چپ ٿي ويو ته متان لوڏي سان ٻيڙي ئي اونڌي ٿي پوي. تنهن ڪري هن ٻانهن اُلائي پکيءَ کي ڀڄائي ڇڏيو. جڏهن هو پري اڏامي ويو، ته ڪپتان ساست جو ساهه کنيو. انهيءَ وچ ۾ اخباري خاطو ۽ آئيلر ٻيڙي هلائيندا رهيا. هو ٻئي هڪ ئي ڄگهه تي ويٺا هئا. هر هڪ جي هٿ ۾ هڪ ونجهه هو. پهريائين آئيلر ونجهه ٿي هلايو، انهيءَ کانپوءِ اخباري خاطوءَ جو وارو ٿي آيو..... وري آئيلر جو ۽ وري خاطوءَ جو. اهڙيءَ طرح  هو، ونجهه هلائيندا ٿي رهيا. سامونڊي طوفان ۾، ٻيڙيءَ جو ونجهه هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي: پهريائين ٻيڙيءَ جي ٻئي حصي ۾ ليٽيل ماڻهو پنهنجو هٿ آهستي آهستي ونجهه طرف وڌائيندو، جنهن وٽ ونجهه هوندو، سو پنهنجو هٿ ٻئي ڏانهن آهستي آهستي نيندو. جڏهن ٻيئي هٿ بدلجي هڪٻئي جي ڀرسان گذرندا، تڏهن ٻنهي جون نگاهون لهرين تي ڄميل هونديون..... ۽ مٿان ڪپتان جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو:

”سنڀالجو!.....سنڀالجو....“

ٻيڙي هڪ دفعي جڏهن هڪ اُتانهين ڇوليءَ تي چڙهي، تڏهن ڪپتان دانهن ڪري چيو: ”اجهو، هو روشنيءَ جو منارو!“ خاطو انهيءَ وقت ونجهه هلائي رهيو هو، هن جي دل چاهيو ته هو اهو منارو ڏسي، مگر ڪناري جي طرف هن جي پٺ هئي ۽ نظر سامهون رکڻ نهايت ضروري هئي. ڪجهه وقت تائين ته هن کي موقعو نه مليو، ته هو پوئتي مڙي، روشنيءَ جي مناري کي ڏسي سگهي. آخرڪار، ٻيڙي جڏهن هڪ ننڍيءَ لهرتي چڙحي، تڏهن هن ڦڙتائيءَ سان افق طرف نگاهون کڻي ڏٺو.

”ڏٺئي؟“ ڪپتان کانئس پڇيو.

”نه، مون کي ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.“ خاطوءَ جهيڻي آواز ۾ چيو.

”وري ڏس،“ ڪپتان آڱر سان اشارو ڪندي چيو.

ٻيءَ لهر جي چوٽيءَ تي پهچڻ بعد خاطوءَ تيزيءَ سان ڪنڌ ورائي ڏٺو. هن دفعي هن جي نظر پري افق وٽ هڪ نقطي تي پيئي، جيڪو سئيءَ جي سوراخ جيڏو هو. روشنيءَ جو منارو ايترو ننڍو ڏسي، هو نهايت پريشان ٿيو.

”منهنجو خيال آهي ته پاڻ پهچي وينداسين.“

”جيڪڏهن اها هوا لڳندي رهي ۽ ٻيڙي ٻڏڻ کان بچي، ته.... پر اسان جي وس ڇا آهي!“ ڪپتان چيو.

ننڍڙي ٻيڙي، سمنڊ جي ڇولين تان لهندي چڙهندي، ائين هلي رهي هئي، جو ان جي هلڻ جي مشڪل سان خبر ٿي پيئي. اها ڳالهه ڄڻ هڪ معجزو هئي، جو اڃا تائين اها ننڍڙي ٻيڙي تري رهي هئي. هوءَ سمنڊ جي رحم ڪرم تي هئي. ڪڏهن ڪڏهن پاڻيءَ جي هڪ لهر، سفيد چادر جيان، ٻيڙيءَ ۾ اچي ٿي ڦهڪو ڪيو.

”ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍو....“ ڪپتان اطمينان سان چوندو ٿي رهيو.

”حاضر.“ بورچيءَ فوراً جواب ٿي ڏنو.

(3)

انهيءَ سفر ۾ هنن ماڻهن جو پنهنجو پاڻ ۾ جيڪو لاڳاپو قائم ٿي ويو هو، ان جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. ائين ڪنهن به زبان سان نه ٿي چيو ته هو پاڻ ۾ مضبوط ڌاڳي سان ٻڌجي ويل آهن. ڪنهن به انهيءَ پنهنجائپ واري رشتي جو ذڪر ڪونه ٿي ڪيو، مگر ڳنڍ جو احساس هنن جي دل ۾ هو. هنن مان هڪ ڪپتان هو، هڪ آئيلر، هڪ بورچي ۽ هڪ خاطو، ليڪن انهيءَ وقت هو همراهيءَ جي هڪ اهڙي رشتي ۾ ٻڌل هئا، جيڪو عام رشتن کان ڪئين دفعا وڌيڪ مضبوط هو. ڪپتان ٻيڙيءَ ۾ ليٽيل هو ۽ نرميءَ سان ساٿين کي هدايتون ڏيندو ٿي رهيو ۽ هو ٽيئي انتهائي فرمانبرداري ۽ چستيءَ سان انهيءَ تي عمل ڪندا ٿي رهيا. ڪناري تائين صحيح سلامت پهچڻ لاءِ اهو ئي هڪ رستو هو. پر درحقيقت هن جي تعلقات ۾ ذاتي خلوص جو به گهڻو دخل هو. ڪپتان جا ته ڄڻ مريد هئا، مگر هڪٻئي واسطي جان ڏيڻ لاءِ به تيار هئا.خاطو پنهنجي ڪم جي لحاظ کان ڪي قدر مختلف هو، مگر هن کي به احساس هو ته دوستيءَ جو هي تجربو هن جي زندگيءَ جو سڀ کان قيمتي تجربو هو.

”جيڪر اسان وٽ سڙهه هجي ها!“ ڪپتان چيو. هو ڪجهه وقت سوچيندو رهيو ۽ پوءِ وري چوڻ لڳو: ”اسان سڙهه جو ڪم هن وڏي ڪوٽ مان وٺي سگهون ٿا. هن کي ٻنهي ونجهن جي مٿان کولي وجهو“ جيڪڏهن ڪم ٿي ويو ته پوءِ اوهان ٻنهي کي ٿوريءَ دير لاءِ آرام ڪرڻ واسطي ٽائيم ملي ويندو.“

بورچي ۽ خاطوءَ ڪپتان جي وڏي ڪوٽ کي سڙهه جيان کوليو ۽ آئيلر ٻيڙيءَ کي سڌي رکڻ ۾ لڳي ويو. ٻيڙي انهيءَ ڪوٽ جي سڙهه ڪري تيز هلڻ لڳي. هاڻي روشنيءَ جو منارو چڱو وڏو ڏيکارجي رهيو هو. آخرڪار ٻيڙيءَ جي مسافرن کي خشڪي نظر اچڻ لڳي ۽ سمنڊ جي خاتمي وٽ زمين ڪاري ڌاڳي جيان ڏسجي رهي هئي.

”اسان نيو سمرنا جي سامهون آهيون.“ بورچي انهيءَ ڪناري تي اڳي به ڪيترائي دفعا گهمي چڪو هو. هن ڪپتان کي چيو: ”هينئر مون کي ياد آيو ته هن ڪناري جو ’بچاءُ گهر‘ اٽڪل سال کن کان بند ڪيو ويو آهي.“

”هون....“ ڪپتان چيو.

هوا آهستي آهستي بند ٿي ويئي، هينئر خاطو ۽ بورچيءَ کي ونجهه جي مٿان ڪوٽ جهلي بيهڻ جي ضرورت ڪانه هئي، ۽ لهرون بدستور ٻيڙيءَ تي حملا ڪنديون رهيون ٿي. ٻيڙي زخميل جانور جيان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي. آئيلر ۽ خاطو وري ونجهه هلائڻ ۾ لڳي ويا.

جهاز جي تباهي ڪنهن قانون هيٺ نه ٿيندي آهي. جيڪڏهن ماڻهو تباهيءَ جي ٽريننگ وٺي سگهي ته هوند جهاز کي انهيءَ وقت ڏسي جنهن وقت ان جي حالت نازڪ هجي. اهڙيءَ ريت جيڪر سمنڊ جي حادثن ۾ گهڻي گهٽتائي اچي وڃي. ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ هنن چئني ڄڻن، ٻن ڏينهن ۽ ٻن راتين ۾ ننڊ اصل ڪانه ڪئي هئي. ٻڏندڙ جهاز جي فڪر ۾ هنن کاڌو به پيٽ ڀري نه کاڌو هو. ٻي به هڪ ڳالهه هئي ته آئيلر ۽ خاطوءَ جي دل ونجهه هلائڻ ۾ اصل ڪانه لڳندي هئي. خاطو انهن ماڻهن بابت سوچي رهيو هو، جيڪي ٻيڙي هلائڻ کي تفريح سمجهندا آهن. هو پنهنجي ليکي ڀڻ ڀڻ ڪري رهيو هو.- ”ٻيڙي هلائڻ تفريح ته ڪانه آهي، بلڪه هڪ قسم جي سزا آهي. بنهه چريو به انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪري نه سگهندو. ٻيڙي هلائڻ مُشڪن لاءِ عذاب ۽ پٺيءَ جي ڪنڊي لاءِ مصيبت آهي....“ آئيلر هن جون ڳالهيون ٻڌي، همدرديءَ سان مشڪندو رهيو.

”ٻيڙيءَ کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. پاڻ کي وڌيڪ نه ٿڪايو. جيڪڏهن پاڻ کي ڪناري سان ٽڪرجي پٺتي موٽندڙ موجن جو مقابلو ڪرڻو پيو، ته اوهان کي پنهنجي سموري طاقت لڳائڻي پوندي. هاڻي ٿوري ساهي کڻو.“ ڪپتان چيو.

خشڪي درجي بدرجي سمنڊ جي سنوت تي اڀرندي رهي ۽ هڪ ذري مان وڌي، ڪارين ۽ اڇين ٻن ليڪن جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ آئي—هڪ ليڪ واريءَ جي ۽ ٻي وڻن جي. ڪپتان چيو ته هن کي ڪناري تي هڪ جاءِ به ڏسڻ ۾ آئي پئي.

”اهو پناهه- گهر آهي. هاڻي پاڻ کي گهڻي دير نه لڳندي. ماڻهو جيئن ئي اسان کي ڏسندا ته بچاءَ لاءِ ڊوڙندا ايندا.“ بورچيءَ چيو

روشنيءَ جو منارو هاڻي صاف نظر اچي رهيو هو.

”جيڪڏهن پناهه- گهر ۾ دوربيني هوندي ته پناهه- گهر جو نگهبان هڪدم اسان کي ڏسي سگهي ٿو ۽ حفاظتي دستي کي اسان جي واهر ڪرڻ جو اطلاع ڏيئي سگهي ٿو.“ ڪپتان وري چوڻ لڳو، ”ڪا ٻي ٻيڙي اڃا ڪناري تائين نه پهتي هوندي، جو هنن کي جهاز جي تباهيءَ جي خبر پهچي. ڀانئجي ٿو ته نه وري ڪا لائيف بوٽ (حياتي بچائيندڙ ٻيڙي) اڃا تائين اسان جي تلاش ۾ نڪتي آهي.“

آهستي آهستي زمين سمنڊ جي سنوت مٿان ظاهر ٿيندي ويئي. وري هوا لڳڻ شروع ٿي. ليڪن هينئر هن جو رخ ڏکڻ- اولهه جي بجاءِ اتر-اولهه طرف هو. اتي هڪ نئون آواز ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافرن جي ڪنن تائين پهتو. اهو ڪناري سان لڳي، پٺتي موٽندڙ لهرن جو هو.

”اسان روشنيءَ جي مناري تائين پهچي نه سگهنداسون. ٻيڙيءَ کي اتر طرف ڪاهي هلو.“ ڪپتان چيو.

”اتر طرف!“ آئيلر پڇيو.

ٻيڙيءَ جو رخ هوا جي رخ موجب ڦيريو ويو. ٻيڙي هلائڻ واري کان سواءِ سڀني ڏٺو ته ڪنارو ويجهو نظر اچي رهيو آهي. ڪناري جي قريب هئڻ ڪري هنن جي دلين مان ڊپ لهندو ٿي ويو. هنن جي دلين ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي آئي. خاطوءَ پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو، ته هن کي اٺ چر وٽ مليا. چار ته پاڻيءَ ۾ پسي ويا هئا ۽ چار بلڪل خشڪ هئا. ماچيس جون ٽي تيليون به هيون. چئن ئي ڄڻن مزي سان چروٽ دکائي ڇڪڻ شروع ڪيا ۽ آرام سان ٿورو پاڻي به پيتائون.

(4)

”بورچي! تنهنجي ’پناهه گهر‘ ۾ ماڻهو ته ڏسجي ئي ڪونه ٿو.“ ڪپتان چيو.

”ائين پيو ڏسجي- عجب آهي، جو هنن اڃا تائين اسان کي نه ڏٺو آهي!“ بورچيءَ چيو.

هينئر ڪنارو هنن جي سامهون هو. ڪناري سان لهرن جي ٽڪرجڻ جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. هڪ ننڍڙو گهر به نظر اچي رهيو هو ۽ اوڀر طرف روشنيءَ جو منارو چٽو بيٺو هو.

”ڪيتري نه عجيب ڳالهه اهي، جو اڃا تائين اسان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي!“ بورچيءَ چيو.

”اسان شايد هتي ٻڏي وينداسين. هتي ٻيڙي ٻڏي ويندي.“ سڀني گڏجي چيو.

پڙهندڙن کي هتي هيءُ ٻڌائڻ ضروري آهي، ته انهيءَ هنڌ جي ويهن ميلن اندر به ’لائيف سيونگ اسٽيشن‘ يعني ”بچاءُ- گهر“ ڪونه هو، مگر ٻيڙيءَ ۾  ويٺل انهيءَ ڳالهه کان واقف نه  هئا. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو ته هو حفاظتي دستن جي ماڻهن کي گهٽ- وڌ ڳالهائڻ لڳا. چار ئي ڄڻا خار مان نيون نيون گاريون ڏيئي رهيا هئا.

”ڪيتري ته حيرت جهڙي ڳالهه آهي، جو هو اسان کي ڏسي نٿا سگهن!“

ٿورو اڳ پيدا ٿيل اميد هينئر ختم ٿي چڪي هئي. هنن جي دماغن ۾ پناهه گهر جي ماڻهن جي نااهليءَ، بزدليءَ ۽ اکين پورڻ جو هيءُ بدترين مثال هو. ڪنارو سامهون هو، مگر اتان ڪابه خوشيءَ جي خبر نٿي آئي.

”سمجهجي ائين پيو ته اسان جي مدد لاءِ ڪير به ڪونه ايندو، ۽ اسان کي پاڻ تي ئي ڀروسو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان سمنڊ ۾ ائين ڦٿڪندا رهياسين، ته پوءِ ايتري طاقت به نه رهندي جو ٻيڙيءَ ٻڏڻ کانپوءِ، تري ڪناري تائين پهچون.“

اهو ٻڌي، آئيلر، جيڪو ٻيڙيءَ کي هلائي رهيو هو، ٻيڙيءَ کي ڪناري طرف موڙڻ لڳو. سندس پٺيءَ ۽ ٻانهن جون مشڪون سخت ٿي ويون هيون. ٻيڙيءَ جا سوار هڪ وڏيءَ آزمائش لاءِ تيار ٿي ويا.

”جيڪڏهن اسان سڀئي ڪناري تائين پهچي نه سگهون ته پوءِ اوهان منهنجي پڄاڻيءَ جي خبر ڪنهن کي ڏيندا؟“ ڪپتان چيو.

ڪجهه وقت لاءِ هو هڪٻئي کي ائڊريسون ۽ هدايتون ڏيندا وٺندا رهيا. هنن کي سخت ڪاوڙ هئي. ان کي مختصر نموني هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو:

”جيڪڏهن مان ٻڏڻ وارو آهيان- جيڪڏهن مان ٻڏڻ وارو آهيان- جيڪڏهن مان ٻڏڻ وارو آهيان.... ۽ پوءِ ستن مست ديوتائن جي نالي، جن جي حڪومت سمنڊن تي آهي- مون کي هيستائين ڇو آندو ويو، ته مان واريءَ ۽ وڻن جو نظارو ڏسي سگهان! ڇا، مان هتي انهيءَ ڪري هيستائين سلامت آندو ويو آهيان، ته جڏهن مان زندگيءَ جي نعمتن کي وات وجهڻ وارو هجان، ته منهنجو نڪ جهليو وڃي! اها ڳالهه عقلمنديءَ واري ناهي!

”جيڪڏهن هيءَ پوڙهي ٻانڀ، جنهن کي قسمت چون ٿا، ڪا چڱي ڳالهه ڏيکاري نٿي سگهي، ته پوءِ ان جي هٿن مان انساني زندگيءَ جو انتظام ڦُري وٺڻ گهرجي. اها هڪ اهڙي ڪڪڙ آهي، جنهن کي پنهنجو ارادو به معلوم ناهي. جيڪڏهن مون کي ٻوڙڻ گهريائين ٿي ته پوءِ هن مون کي پهريائين ڇو نٿي ٻوڙيو، ته جيئن مان هنن مصيبتن کان اڳي ئي ڇٽي وڃان ها. هيءَ سڄي ڳالهه بنهه بي تُڪي آهي. پر، نه نه... قسمت مون کي ٻوڙڻ نٿي چاهي... خاص ڪري هيترين مصيبتن برداشت ڪرڻ کانپو!“

ٿي سگهي ٿو ته ايتري ڪجهه سوچڻ کانپوءِ انهن ماڻهن هوا ۾ ڪڪرن کي ٺونشا ڏيکاريا هجن ۽ چيو هجي، ”توهان اسان کي دٻائي ڏسو. پوءِ ڏسو ته اسان توهان کي ڪهڙي نه سُري ٿا ٻڌايون...“

هينئر جيڪي لهرون اچي رهيون هيون سي زياده خطرناڪ اچي رهيون هيون سي زياده خطرناڪ هيون. ائين پئي معلوم ٿيو ته ٻيڙيءَ جا تختا ڪڍي ڇڏينديون ۽ ٻيڙي گِجيءَ ۾ ڦاسي پوندي. جيڪو ماڻهو سمنڊ کان ناواقف هوندو، اهو گمان به ڪري نه سگهندو، ته ڪا ٻيڙي انهن اتانهين لهرن تي چڙهي سگهندي. ڪنارو اڃا به پري هو. آئيلر کي سمنڊ جي سفر جو چڱو تجربو هو. هن چيو: ”دوستو، ٻيڙي هاڻي انهن لهرن جو مقابلو ڪري نه سگهندي، ڪنارو اڃا به پري آهي ۽ اسين تري اوستائين پهچي نه سگهنداسين! ڇا، وري پٺتي سمنڊ ۾موٽي هلون!“

”ها ٻيڙيءَ کي پٺتي ڪاهي هل.“ ڪپتان چيو.

آئيلر ٻيڙيءَ کي تمام تيزيءَ سان ڪناري وٽان ڪڍي آيو. جڏهن ٻيڙي وڏي پاڻيءَ ۾ آئي، تڏهن مسافرن تي ماٺ ڇانئجي ويئي. ڪنهن مايوسانه انداز ۾ چيو: ”هنن هاڻي ته اسان کي ڏسي ورتو هوندو.“

سامونڊي پکي ڏنگيءَ ليڪ جيان اڏامندا، اوڀر طرف هليا ويا. ڏکڻ- اوڀر کان هوا جا جهوٽا لڳي رهيا هئا. انهن سان گڏ ڪڪر هئا، جن جو رنگ تتل سرخ سِرُن جهڙو هو.

”تنهنجو حفاظتي دستن بابت ڪهڙو خيال آهي؟ عجب جي ڳالهه آهي ته هنن اڃا تائين اسان کي نه ڏٺو آهي!“

”هو تمام لائق شخص آهن. ٿي سگهي ٿو ته هو سمجهندا هجن ته اسان تفريح ڪري رهيا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته هو سمجهندا هجن ته اسان مڇي ماري رهيا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته هو سمجهندا هجن ته اسان ڪي گڏهه آهيون.“

اها منجهند جي مهل هئي. سامونڊي لهرون ٻيڙيءَ کي ڏکڻ طرف ڌڪي رهيون هيون، ته هوا وري ان کي اتر طرف ڌڪي رهي هئي. پري، انهيءَ هنڌ وٽ، جتي سمنڊ جو ڪنارو ۽ آسمان هڪٻئي سان مليل هئا، ننڍا ننڍا نقطا نظر اچي رهيا هئا، جن مان اندازو پئي ٿيو ته اتي ڪو شهر آهي.

”اهو سينٽ آگسٽائين جو شهر آهي.“

”ناممڪن! هيءَ جاءِ ته ماسڪيٽوانلٽ جي بلڪل ويجهو آهي.“ ڪپتان چيو.

انهيءَ وقت تائين آئيلر ٻيڙي هلائيندو ٿي رهيو. هاڻي خاطوءَ جو وارو آيو.

”بلي، توکي ونجهه هلائڻ پسند آهي.“ خاطوءَ چيو.

”بلڪل نه، لعنت وجهينس.“ آئيلر چيو.

جڏهن هنن مان ڪو ونجهه هلائڻ واريءَ جاءِ تان سرڪي ٻيڙيءَ جي تري ۾ ليٽي پوندو هو، ته هن جو سَنڌ سَنڌ سور ڪندو هو. سمنڊ جو ٿڌو پاڻي ٻيڙيءَ جي تري ۾ ڇلڪندو رهندو هو. تڏهن به هو انهيءَ پاڻيءَ ۾ ليٽي پوندا هئا. جنهن وقت ڪا وڏي لهر ايندي هئي، ته سمنڊ جو پاڻي اڇلجي اچي ٻيڙيءَ ۾ پوندو هو ۽ هنن کي آلو ڪري وجهندو هو. مگر انهن ڇولين جي ڪري هنن کي ڪابه پريشاني ڪانه ٿيندي هئي. ائين لڳندو هوته جيڪڏهن ٻيڙي ٻڏي به ويندي، تڏهن به هو ائين ئي ان ۾ ليٽيا پيا هوندا.

”هو ڏسو، هڪ ماڻهو ڪناري تي پيو ڏسجي!“

”او ، هُتي!“

”ها، ها، ڏٺم، هو هلي رهيو آهي.“

”هو اسان کي اشارا ڪري رهيو  آهي.“

”خدا جو قسم هو اشارو ڪري رهيو آهي!“

”هاڻي اسين بچي وينداسين، هاڻي اسين بچي وينداسين! اڌ ڪلاڪ کن ۾ اسان کي بچائڻ لاءِ ٻيڙي اچي ويندي.“

”هو وڃي رهيو آهي، هو ڊوڙي رهيو آهي- هو هن جاءِ طرف وڃي رهيو آهي.“

پري ڪنارو سمنڊ کان هيٺ معلوم ٿي رهيو هو. ڪپتان سمنڊ ۾ هڪ ترندڙ ڪاٺيءَ کي ڏٺو. هنن ٻيڙيءَ کي سِرڪائي ڪاٺيءَ ڏانهن آندو. اتفاق سان وٽن هڪ ٽوال هو. ڪپتان انهيءَ کي ڪاٺيءَ ۾ ٻڌي، هوا ۾ ڦيرائڻ لڳو، ته جيئن ڪناري تان ماڻهو کين ڏسي سگهن.

”هو هاڻي ڇا ڪري رهيو آهي؟“

”هو هاڻي خاموش بيٺو آهي- منهنجو خيال آهي ته هو اسان کي ڏسي رهيو آهي، هو گهر ڏانهن وڃي رهيو آهي.

”هو وري بيهي رهيو آهي.“

”ڇا هو اسان کي ڪي اشاري ڪري رهيو آهي؟“

”نه، هينئر ڪوبه اشارو ڪونه ٿو ڪري. پهريائين هو اشارو ڪري رهيو هو.“

”هو ڏسو هڪ ٻيو ماڻهو به اچي ويو.“

”هو ڊوڙي رهيو آهي.“

”هو تڪڙو وڃي رهيو آهي.“

”اڙي، هو ته سائيڪل تي سوار آهي! هاڻي هو ٻئي ماڻهوءَ وٽ پهچي ويو. هو ڏسو اسان کي اشارا ڪري رهيو آهي.“

”ڪناري تي هوءَ ڪهڙي شيءِ آهي؟“

”اها ته ٻيڙي پئي لڳي.“

”پڪ ٻيڙي آهي!“

”پر انهيءَ کي ته ڦيٿا آهن.“

”ها، ڦيٿا ته اٿس پر اها ’لائيف بوٽ‘ (حياتي بچائيندڙ ٻيڙي) هوندي ۽ ماڻهو انهيءَ کي ڪنهن گاڏيءَ سان ڇڪي آيا هوندا.“

”يقيناً اها لائيف بوٽ آهي.“

”نه، اها ته ڪا لاري آهي.“

”مان چوان ٿو اها لائيف بوٽ آهي.“

”اها ننڍڙي لاري آهي. مان ان کي صاف ڏسي سگهان ٿو. اها هوٽلن جي لاري آهي.“

”تون صحيح آهين. پر لاري هتي ڇو ڪاهي آيا؟“

”ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ لاري تي هو حفاظتي دستي جا ماڻهو وٺي آيا هجن!“

”برابر ائين ٿي سگهي ٿو. ڏسو هڪڙو ماڻهو ننڍڙو ڪارو جهنڊو لوڏي رهيو آهي.“

”هو لاريءَ وٽ بيٺو آهي. هاڻي ٻه ٻيا ماڻهو به اچي ويا، هن جهنڊي واري ماڻهوءَ کي ڏسو جيڪو اڃا تائين جهنڊو لوڏي رهيو آهي.“

”اهو جهنڊو نه آهي، اهو ته هن جو ڪوٽ آهي. پڪ ئي پڪ هن جو ڪوٽ!“

”ها اهو هن جو ڪوٽ آهي. هو انهيءَ کي لاهي پنهنجي مٿي چوطرف گهمائي رهيو آهي. ڇا هو انهيءَ کي اڇلائي رهيو آهي؟“

”مگر انهيءَ جاءِ تي ته لائيف سيونگ اسٽيشن ڪانه آهي. اها ته سياري جي موسم جي هڪ وڏي تفريحگاهه آهي ۽ لاري هوٽل ۾ ويٺل ماڻهن کي هتي کڻي آئي آهي، ته هو هتي اچي اسان کي ٻڏندو ڏسن.“

”آخر هو ڪوٽ وارو احمق ڇا ڪري رهيو آهي- ڇا هو ڪو اشارو ڏيئي رهيو آهي؟“

”ڏسجي ائين پيو ته هو اسان کي چئي رهيو آهي ته اسين اڃا به اتر طرف وڃون. اتي لائيف سيونگ اسٽيشن ضرور هوندي.“

”نه، هو سمجهي رهيو آهي ته اسين مڇي ڦاسائي رهيا آهيون، ڏسو.... ڏسو.“

”جيڪر مان هن جا اشارا سمجهي سگهان! اوهان جو ڇا خيال آهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي؟“

”هو ڪجهه به ڪونه ٿو چوي، هو ته فقط تفريح ڪري رهيو آهي.“

”جيڪڏهن هو اسان کي ترسڻ لاءِ چوي، يا اتر يا ڏکڻ طرف يا گَهري سمنڊ ۾ يا جهنم ۾ وڃڻ لاءِ  ئي کڻي چوي، ته به ڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي، مگر هو ته رڳو پنهنجو ڪوٽ ڦيرائي رهيو آهي.“

”ڪي ٻيا به ماڻهو آيا آهن.“

”هاڻي ته اُتي ڪافي ماڻهو گڏ ٿيا آهن- ڏسو هوءَ ٻيڙي ته ناهي؟“

”مان سمجهي ويس ته اوهان ڪهڙي شيءِ طرف اشارو ڪري رهيا آهيو. نه، اها ٻيڙي نه آهي.“

”هو پنهنجو ڪوٽ اڃا تائين لوڏي رهيو آهي.“

”هو سمجهي ٿو ته اسان کي سندس ڪوٽ ڦيرائڻ مان مزو اچي رهيو آهي- هو ڪوٽ ڦيرائڻ بند ڇو نٿو ڪري؟“

”هن جي انهيءَ حرڪت جو ڪوبه مطلب ڪونه آهي.“

”منهنجو خيال آهي ته هو اسان کي چئي رهيو آهي ته اسين اتر طرف وڃون. ٿي سگهي ٿو ته اتي ڪا لائيف سيونگ اسٽيشن هجي.“

”مان سمجهان ٿو ته هو اڃا تائين ٿڪو نه آهي. ڏسو ڪهڙيءَ طرح ڪوٽ هوا ۾ ڦيرائي رهيو آهي.“

”مان سوچيان ٿو ته هو آخر ڪيستائين ڪوٽ کي ائين ڦيرائيندو رهندو؟ جنهن وقت کان هن اسان کي ڏٺو آهي، ته يڪو اڃا تائين ڪوٽ ڦيرائي رهيو آهي.“

”هو ڪو احمق آهي. هو ٻين ماڻهن کي ڇو نٿو ٻڌائي ته ڪا وڏي ٻيڙي ڪاهي اچن. وڏي ٻيڙي ته هيسائين آسانيءَ سان اچي سگهندي. هو ائين ڇو نٿو ڪري؟“

”منهنجو خيال آهي ته سڀڪجهه ٺيڪ ٿيندو. ڳڻتي نه ڪريو.“

”انهن ماڻهن اسان کي ڏٺو آهي. ۽ تمام جلد ٻيڙي ڪاهي ايندا.“

سمنڊ جي مٿان آسمان تي هلڪي زردي ڦهلجي ويئي. سمنڊ تي پاڇا هلڪا ٿيندا ويا. هوا ۾ خشڪي ايندي ويئي. ٻيڙيءَ جا بيوس ۽ لاچار مسافر سرديءَ ۾ ڏڪڻ لڳا. ”او منهنجا خدا! اسان ساري رات ائين ڀولڙن وانگر مٿو هڻندا رهنداسين ڇا؟“

”اسان کي سڄي رات هتي ترسڻو پوندو. هنن اسان کي ڏٺو آهي ۽ جلد ئي اسان جي مدد لاءِ ايندا.“

ڪنارو ڌنڌلو ٿيندو ويو- ڪوٽ وارو ماڻهو اونداهيءَ ۾ گم ٿي ويو. لاري ۽ ماڻهن جو ميڙ نظرن کان غائب ٿي ويو.

”هو ڪوٽ وارو ماڻهو جيڪڏهن مون کي ملي وڃي ته جيڪر کيس چماٽ وهائي ڪڍان.“

”هن تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“

ڪوبه نه – پر ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته هو ڏاڍو خوش هو.“

هاڻي وري واري واري سان ٻيڙيءَ هلائڻ جو ڪم شروع ٿي چڪو هو. ٿوري وقت لاءِ آئيلر ٻيڙي ٿي هلائي ته ٿوري وقت لاءِ وري خاطوءَ ۽ بورچيءَ. هو پِيلن چهرن ۽ کنجيل ٻانهن سان، مشين جيان پنهنجي پنهنجي واري تي ٻيڙي هلائيندا رهيا. روشنيءَ جو منارو غائب ٿي چڪو هو. انهيءَ جي جاءِ تي آسمان ۾ هڪ تارو ٽمڪي رهيو هو. رات جي اونداهيءَ ۾ شفق جي لالاڻ گم ٿي ويئي هئي. سمنڊ جو رنگ ڪارو ٿي ويو هو. ڪناري جو ڪو پتو پئجي نٿي سگهيو. انهيءَ جي ڀرپاسي سان موجود هجڻ جو اندازو فقط انهيءَ آواز مان ٿي ٿيو، جيڪو ڪناري سان ٽڪرجندڙ ڇولين مان پئي نڪتو.

”جيڪڏهن مون کي ٻڏڻو آهي- جيڪڏهن مون کي ٻڏڻو آهي – ته ستن ديوتائن جي نالي، جن جي حڪمراني سمنڊ جي مٿان آهي. مون کي ٻڌايو وڃي ته مون کي هيستائين سلامتيءَ سان ڇو آندو ويو؟ انهيءَ لاءِ ته مان ڪناري جي واريءَ ۽ وڻن کي ڏسي سگهان. ڇا مان هتي انهيءَ ڪري آندو ويو آهيان، ته مان زندگيءَ جي نعمتن کي وات تي آڻڻ وارو هجان ته مون کي نڪ کان جهليو وڃي.“

ڪپتان ڪڏهن ڪڏهن ٻيڙي هلائڻ واري هدايتون ڏيندو ٿي رهيو. ”ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي  کي مٿي رکو. سِري کي مٿي ڪريو.“ هن جو آواز ڪمزور هو. ٻيڙي هلائڻ واري کانسواءِ ٻيا سڀ ٻيڙيءَ جي اندرئين حصي ۾ ٿڪل، بي جان ليٽيا پيا هئا. جيتريقدر ٻيڙيءَ هلائڻ واري جو تعلق هو، ته هن جون اکيون وڏين ڪارين ڇولين تي کتل هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com