سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :4

خدا جو خوف

جنهن به ماڻهوءَ کي خدا جو خوف آهي ان جي وات ۾ اجائي ۽ بي فائدي ڳالهه ٻولهه نه نڪرندي. هو ٻين جي گلا ڪرڻ ڇڏي ڏي ٿو. الله کان ڊڄڻ واري کان هر شئي ڊڄي ٿي ۽ جيڪو الله کان نٿو ڊڄي ان کان ڪوبه نٿو ڊڄي.

چونڊيندڙ: غلام الله پنهور، ٽنڊو باگو.

 


 

·  واحد بخش جوکيو تراب علي جوکيو                   اخلاقي سبق

چغلي بري عادت آهي

 

چغلي هڻڻ تمام خراب عادت آهي. الله تعاليٰ ان پسند نٿو ڪري. ٻئي تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهي ان کي خوارڪرڻ يا سزا ڏيارڻ کي چغلي چئجي ٿو. رجب ۽ احمد نالي ٻه دوست هڪ ئي درجي ۾ پڙهندا هئا، ٻنهي جا گهر به گڏ هئا. مطلب ته گڏجي راند ڪندا هئا ۽ پڙهندا به هئا ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا هئا. اڪبر به انهن جي ڪلاس ۾ پڙهندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن ڳالهه تان رجب سان هن جو جهيڙو ٿي پيو. اتفاق سان ان ڏينهن استاد صاحب جو قلم وڃائجي ويو. استاد صاحب سڀني ٻارن کان پڇيو ته ڪنهن منهنجو قلم ته ڪونه ڏٺو ۽ رجب کي وجهه ملي ويو. يڪدم چيائين ته استاد، اڪبر ضرور توهان جو قلم کنيو هوندو. احمد رجب کي ٽوڪيو ۽ چيائين ته جيڪڏهن اڪبر سان تنهنجو جهيڙوٿي پيو آهي ته ان جو مطلب اهونه آهي ته چغلي هڻين. آءٌ استاد کي ٻڌايان ٿو ته چغلي هڻي رهيو آهين. احمد استاد صاحب کي ٻڌايو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. رجب کي پاڻ وٽ سڏائي ڏاڍي پيار سان سمجهايائين ته چغلي هڻڻ خراب عادت آهي. الله پاڪ به ناراض ٿئي ٿو. سٺن ٻارن کي ان خراب عادت کان پري رهڻ گهرجي. ان تي رجب ڏاڍو شرمندو ٿيو. پوءِ استاد سان انجام ڪيائين ته آئيندي ڪڏهن به چغلي نه هڻندس ۽ اڪبر کان به معافي ورتائين. حضور جن فرمايو آهي ته چغلي هڻڻ وارو بهشت ۾ داخل ٿي نٿو سگهي. پيارا ٻارو، انهيءَ بريءَ عادت کان اصل پري ڀڄو جنهن مان الله پاڪ به ناراض ٿئي ٿو.

 وزير اعظم جي امدادي فنڊ ۾ دل کولي چندو ڏيو

 

 

*شاهنواز هوت بلوچ جهڏو

س: اسان گل ڦل جي آفيس ۾ اچون ته اسان کي گهمائيندا؟

ج: اسان جي اکين تي بيشڪ اچو. ڪڏهن ايندا؟

*ڪي- ايڇ نوراني دوڙ

س: پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي اسپتال جونالو ڇا آهي ۽ اها ڪهڙي شهر ۾ آهي.

ج: جناح اسپتال، ڪراچيءَ ۾.

*عرفاڻ مٺواڻي ڏيپلو

س: پاڪستان جو وڏو ريلوي پليٽ فارم ڪهڙوآهي؟‎

ج: لاهور.

*راجندر ڪنگراڻي ڪنڌڪوٽ

س: جهڙ ۾ وڌيڪ بک ڇو لڳندي آهي.

ج: سٺي آبهوا جي ڪري هاضمو جلد ٿيندو آهي.

*لالا نثار احمد لاڙڪاڻو

س: پاڪستان جو قومي ترانو ڪنهن جو لکيل آهي؟

ج: حفيظ جالنڌري جو.

*الهڏنه مهر بيوس جيڪب آباد

س: هوائي جهاز ڪنهن ايجاد ڪيو ۽ ڪهڙي سن ۾ ايجاد ڪيو؟

ج: رائيٽ ڀائرن،1903ع ۾.

*محمد بچل دوڙ

س: ادا، جنهن وقت پاڪستان ۾ ڏينهن جا ٻارنهن وڄن ان وقت روس ۾ ڇا ٽائيم هوندو؟

ج: صبح جا ڏهه.

*لطف علي بلوچ لاڙڪاڻو

س: يمن ۽عمان جي گاديءَ جو هنڌ ٻڌايو؟

ج: صنعا ۽ مسقط.

*يونس قمر شيخ مٽياري

س: دنيا ۾ ڪل ڪيترا ملڪ آهن. جواب ضرور ڏيندا شرط لڳل آهي؟

ج: اٽڪل 162.

*ظهير احمد ميمڻ ٽنڊو محمد خان

س: توهان گل ڦل جا ايڊيٽر ڪهڙي سال ۾ ڪهڙي مهيني کان ٿيا آهيو؟

ج: اپريل 1975ع کان.

*زبير احمد آغا ڪنڌڪوٽ

س: گهڙيال ڪهڙي سائنسدان، ڪهڙي سن ۾۽ ڪٿي ايجاد ڪيو؟

ج: هائيجنز هالينڊ. سال 1657ع ۾.

*يوسف حيدر شيخ ڪنڌڪوٽ

س:ڇا چنڊ تي انسان جي رهڻ لاءِ هوا آهي؟

ج: اڃا ان لاءِ تحقيقات جاري آهي.

*اعجاز علي ٽالپر ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر

س: روح ڇا آهي ۽ وضاحت سان بيان ڪندا؟

ج: الله جوحڪم، وضاحت لاءِ گنجائش نه آهي.

*عزير الله نظاماڻي ٽنڊوقيصر

س: دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو پارڪ ڪٿي آهي ۽ ان جو نالو ڇا آهي؟

ج: نيشنل پارڪ، آمريڪا ۾.

*الطاف احمد مجاهد شاهپورچاڪر

س: مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ اٽڪل ڪيترا ڪتاب لکيا آهن ۽ سندس مزار ڪٿي آهي.

ج: اٽڪل 300 ڪتاب. حيدرآباد ۾.

*زيڊ عمران مٺواڻي ڏيپلو

س: مديني جو اصلي نالو ڪهڙو آهي؟

ج:يثرب.

*مظلوم قربان علي جهيتال ڳوٺ حاجي ڪمال خان جهيتال دادو

س:سنڌ جو اهو ڪهڙو شهر آهي جيڪو ٽي دفعا گادي جو هنڌ ٿي رهيو آهي.

ج: ٺٽو.

*عبدالفتاح ميمڻ مورو

س: پاڪستان جي اسٽيٽ بئنڪ جي موجوده گونر جو نالو ڇا آهي؟

ج: عثمان علي.

*بلال الدين ميمڻ ڏيپلو

س: ريڊيوڪنهن ايجاد ڪيو؟

ج: سيٽل فيلڊ.

پڙهيل پڙهيجان.....

1.هڪ سٺي ڪتاب جو مطالعو انسان جي روح لاءِ وڏي طاقت آهي.

2. اڪيلائي ۾ مطالعو هڪ بهترين دوست آهي.

3. مطالعي مان انسان کي ماضي، حال ۽ مستقبل جي پروڙ پوي ٿي.

موڪليندڙ: ايم اقبال”ڪنول“ پيرون مل.

 

کل ته سهي

 

*مشتاق عابد ميمڻ هالا

جج، (چور کي): توکي جڏهن ڊاڪٽر دوا به مفت ۾ ڏني ته تو هن جي واچ ڇو چورائي.

چور: سائين، ڊاڪٽر صاحب چيو ته دوا جو وزن ڪلاڪ ڪلاڪ کان پوءِ پيڻو آهي مون وٽ واچ ڪانه هئي. تنهنڪري خيال ڪيم ته دوا به ڊاڪٽر جي واچ به ان جي ئي هجي.

 

*شفيق الرحمان  ميمڻ حيدرآباد

گراهڪ:هي پلو آهي ته سٺو پر هن جون ٽنگون تمام ننڍيون آهن.

ساٽي: ڪمال آهي هن جو ٽنگون زمين تائين پهچن پيون ۽ توهان چئو ٿا ننڍيون آهن.

 

*ياسمين شيخ مٽياري

هڪ پوڙهي مائيءَ هڪ خط کڻي هڪ پوڙهي ماڻهوءَ کي ڏنو، ۽ چيائين ته پڙهي ٻڌاءِ. پوڙهي خط کولي ڏٺو ته پوءِ ويهي روئڻ لڳي. اهو ڏسي پوڙهي به ويهي روئڻ لڳي ان تي سڀ پاڙيوارا اچي گڏ ٿيا ۽پوڙهيءَ کان روئڻ جو سبب پڇيائون. پوڙهيءَ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌاين. پاڙيوارن پوڙهي کان روئڻ جو سبب پڇيو. پوڙهي چيو ته روئان انڪري ٿو جو آءُ پڙهيل ڪونه آهيان هن کي ڪيئن ۽ ڇا پڙهي ٻڌايان.

 

*منير احمد کوکر ڳوٺ سمي شريف

هڪ شخص: (ڊاڪٽرکي) مريض  جي هاڻي طبعيت ٺيڪ آهي پر ٿورو بخار اٿس اهڙي ڪا دوا ڏيوس جيئن کيس چڱي طرح پگهر اچي؟

ڊاڪٽر: ان لاءِ دوا جي ضرورت نه آهي هي دوائن جو بل وڃي ڏيوس پاڻيهي پگهر اچي ويندس؟

 

*اشفاق احمد يونساڻِي هالا

احمد: (امتياز کي)مثال ڏيئي سمجهاءِ ته گرمين ۾ جسم وڌن ٿا ۽ سياري ۾ جسم سسن ٿا؟

امتيار:(ڪجهه سوچيندي) يار! جيئن اسان جي وئڪيشن، جيڪا گرميءَ ۾ وڌيو ٻه مهينا ٿئي ٿي ۽سياري ۾ سسيو ٻه هفتا وڃيو بچي.

 

*رياض شاهد حيدرآباد

جج: (چور کي) توکي چوري ڪرڻ مان ڇا ٿو ملي؟

چور: سائين، اوهان سان ملاقات ڪرڻ جو موقعوته ملي ٿو.

 

*ابڙو حسن علي ناز ڳوٺ شهبيگ مري

هڪ شهري هڪ ڳوٺاڻي کان سوال پڇيو ته شاعر ۽ ڳائڻو ڪنهن کي چوندا آهن. ڳوٺاڻي وراڻيو، شاعر شهر ۾ رهندو آهي ۽ ڳائڻو ڳوٺ ۾ رهندو آهي.

 

*سليمان کتري تلهار

هڪ ماڻهو ٻه ماڙ تان هيٺ لهي رهيو هو ته کيس ڪا ڳالهه ياد آئي سو پنهنجي زال کي سڏ ڪري چيائين ته پنهنجو رومال ۽عينڪ وساري آيو آهيان اهي مون کي مٿان اڇلي ڏي ته جهٽي وٺان. تڏهن زال پهرين عينڪ ڏنس پر اها جهٽي نه سگهيو ۽ ڀڄي پئي.تڏهن رڙ ڪري پنهنجي زال کي چيائين سڀاڳي رومال هيٺ نه اڇلائجان ۽ آءُ پاڻ ٿو کڻي وڃان اهو نقصان ڪافي آهي.

 

*پهلاج مل جهرڪ

ماءُ:(پٽ کي) اتي باهه وٽ ڇا ٿو ڪرين؟

پٽ: امان برف تمام گهڻي ٿڌي ٿي ويئي آهي. ان کي گرم ٿو ڪريان.

 

*جان محمد ڳاهو، ڳوٺ حاجي عيسيٰ لغاري

1.      مريض: ڊاڪٽر صاحب، آءُ هي چوڻ آيو آهيان ته اوهان جي علاج کان مون کي تمام گهڻو فائدو ٿيو آهي.

ڊاڪٽر: معاف ڪجو مون ته اوهان جو ڪڏهن به علاج ڪونه ڪيو آهي.

مريض: ٺيڪ آهي، ليڪن منهنجي چاچي جو ته ڪيو آهي، هاڻ آءُ ان جي سڄي ملڪيت جو وارث آهيان.

. . . .      . . . . .        . . . . .

2.هڪ ڇوڪر کي ان جي ماءُ گوريون کارائڻ چاهيو ٿي، ليڪن ڇوڪرو گوريون کائڻ لاءِ تيار نه هو. ماڻس جي هڪ ساهيڙيءَ صلاح ڏنس ته” هنکي لڏن ۾ گوريون ملائي ڏي ته پاڻي کائي ڇڏيندو.“

هن جي ماءُ لڏون رکي هلي ويئي واپس اچي پڇيائين”لڏون کاڌءِ“؟

ڇوڪر چيو”ها ”کاڌم، پر انهن ۾ جيڪي ٻج هئا،اهي ڪڍي مون اڇلي ڇڏيا.“

  


 

(پيارا ٻارو، هن ڪالم لاءِ گهڻائي ڀيرا هدايت ڪيل آهي ته اسڪول جي هيڊماستر صاحب جي صحيح ۽ مهر ضروري آهي.پر ڏسجي ٿو ته ان ۾ تي عمل ڪونه ٿو ڪيو وڃي. تنهنڪري انهن ٻارن جا نالا هن ڪالم ۾ شايع ڪونه ٿي سگهندا. آئيندي لاءِ ٻار هن هدايت تي خاص ڌيان ڏين. _ايڊيٽر)

 

828. نالو:محمد بخش جتوئي.

پڙهندڙ: ڏهون.

عمر:15 سال

وندر:گل ڦل پڙهڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ.

ائڊريس:معرفت ڊاڪٽر يار محمد حيدري پارڪ رحمت پور روڊ لاڙڪاڻو.

 

829. نالو:امداد علي ميمڻ.

پڙهندڙ:ڪلاس ڏهون.

عمر:14 سال.

وندر:رسالا پڙهڻ.

ائڊريس:گورنمينٽ هاءِ اسڪول کهڙا.

 

830. نالو: نظر حسين چنو.

پڙهندڙ:ڏهون ڪلاس.

عمر: 15 سال.

وندر:گل ڦل پڙهڻ ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس:مهراڻ اسڪول شهداد ڪوٽ.

 

831. نالو: الطاف احمد چانگ.

پڙهندڙ: درجو چوٿون.

عمر: 10 سال،

وندر: رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس تلهار.

 

832. نالو: نثار احمد شيخ.

پڙهندڙ: پنجون درجو.

عمر: 12 سال.

وندر:گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول شهداد ڪوٽ.

 

833. نالو: شعيب احمد شيخ.

پڙهندڙ: درجو پنجون

عمر: 12 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪورس پڙهڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول شهداد ڪوٽ.

 

834. نالو: اقبال احمد چنو.

پڙهندڙ: ڇهون.

عمر: 10 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ڪٻڊي راند کيڏڻ.

ائڊريس: مهراڻ اسڪول شهدادڪوٽ.

 

835. نالو: لياقت علي جوڻيجو.

پڙهندڙ: ڏهون ڪلاس.

عمر: 14 سال.

وندر: قلمي دوستي.

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڌامراها اسٽيشن ماهوٽا ضلعو لاڙڪاڻو.

 

836. نالو: طفيل احمد ولد عنايت الله قريشي.

پڙهندڙ: پهريون ڪلاس.

عمر:7 سال

وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ.

ائڊريس: ڳوٺ ڪنڊي ڦلجي اسٽيشن.

 

837. نالو: نانڪرام پريم.

پڙهندڙ: ڏهون.

عمر: 16 سال

وندر:قلمي دوستي رکڻ، شعر چوڻ ۽ رانديون ڪرڻ.

ائڊريس: حڪيم جهامنداس صراف بازار ڪنڌڪوٽ.

 

838. نالو: عبدالفتاح سومرو.

پڙهندڙ: درجو اٺون.

عمر: 13 سال.

وندر: رسالا ۽ ڳالهين جا ڪتاب پڙهڻ ۽ لغڙ اڏائڻ.

ائڊريس:معرفت غلام حسين سومرو، مسڻ روڊ لاڙڪاڻو.

 

839. نالو: محمد اڪرام بلوچ.

پڙهندڙ: ستون.

عمر: 12 سال.

وندر: گل ڦل پڙهڻ.

ائڊريس:محمدي پريس لاڙڪاڻو سنڌ.

 

840. نالو: غلام الرسول ولد حاجي قادر بخش عباسي.

پڙهندڙ: پنجون.

عمر: 10 سال.

وندر: ڪٻڊي راند.

ائڊريس: ڳهڻو ڪلهوڙو پوسٽ آفيس ڳاڙهي موري.

 

841. نالو: انور حسين ولد حاجي خير محمد سهتو.

پڙهندڙ: ڇهون درجو.

عمر: ڏهه سال.

وندر:گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: ريجي پوسٽ آفيس مٺياڻي ضلعو نواب شاهه.

 

842. نالو: رياض احمد ولد امدا علي ڳوراهو.

پڙهندڙ: ڇهون درجو.

عمر: 11 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽لاٽون ڦيرائڻ.

ائڊريس: ٺٽ ڳوراهو پوسٽ آفيس مٺياڻي ضلعو نوابشاهه

 

843. نالو: گل  محمد عمراڻي.

پڙهندڙ: ڏهون درجو.

عمر: 16 سال.

وندر: ڪهاڻيون لکڻ  ۽ شعر و شاعري ڪرڻ.

ائڊريس: دارالعلوم القاسميه هاءِ اسڪول ميرپورخاص.

پزيراعظم جي امدادي فنڊ ۾ دل کولي چندو ڏيو

 

 

*ٽنڊي محمد خان کان گرڌاري لعل لکي ٿو:

مون کي جولاءِ جو رسالو پهتو. پڙهي خوشي حاصل ٿي. ان سان گڏ ڏک به، ڏک انهيءَ ڳالهه جو آهي ته مون جون مهيني ڪل 18 خط لکيا آهن. پر  منهنجو ڪجهه به شايع نه ٿيو آهي. مهرباني ڪري آگسٽ ۾ شايع ڪندا. نه ته آءُ رسالو پڙهڻ ڇڏي ڏيندس. ۽ هڪ خاص ڳالهه ته مون ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ بڪ سيلر سان ڳالهايو آهي توهان ان کي ايجنٽ ڪريو. آءٌ هن خط ۾ پنهنجي ايڊريس ڏيئي رهيو آهيان اميد ته ان جو جواب ها يا نه ۾ منهنجي ايڊريس تي ڏيندا.

آءُ نائين جي امتحان ۾ ڇهن ئي پيپرن ۾ پاس ٿيو آهيان اميد ته توهان کي خوشي ٿيندي ۽منهنجا خط شايع ڪندا ۽ ايجنٽ جي باري ۾ جلد جواب ڏيندا.

(ادا،اوهان جا خط برابر مليا آهن. ايترن خطن لکڻ مان اوهان جي گل ڦل سان محبت جو ڀليءَ ڀت اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پر اوهان جو مواد جيڪو ڇپجڻ لائق هوندو. اهو به نمبر وار ڇپينداسون مهرباني ڪري واري جو انتظار ڪريو. هي خط به ته سيپٽمبر ۾ شايع پيو ٿئي ان مان ئي اوهين معلوم ڪري سگهندا هوندا ته اسان وٽ ڪيترو نه گهڻو مواد اڳئي موجود آهي. پاس ٿيڻ لاءِ واڌايون هاڻي ته مٺائي کارائيندا؟ اوهين ڀلي ان بوڪ سيلز يا ايجنٽ کان لکرائي موڪليو اوهان جي چوڻ تي اسين ايجنسي ضرور جاري رکنداسون.)

 

*سيوهڻ کان مسڪين اوٺو لکي ٿو:

مسٽر انور هالائي صاحب، عرض آهي ته توهان ڏي گهڻائي خط لکيا اٿم پر انهن جواب نه مليو آهي. توهان هاڻي وڏا ماڻهو ٿي پيا آهيو جو هاڻي اسان مسڪينن تي ڪو به خيال نٿا آڻيو.

سچ پڇيو ته مون کي خدا جو قسم آهي ته مان اوهان کي پنهنجو وڏو ڀاءُ ٿو سمجهان پر پيارا ادل  توهان مونته الائي ڇا ٿا سمجهو؟ ها پيارا ادل، مان مسڪين آهيان جو توهان منهنجو ڪو به خيال نٿا ڪريو.

پيارا ادل، مواد اوهان وٽ ڪافي پهتو آهي. پر اهو اوهان رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي.يا ته الائي پوسٽ ماسٽر کي وڻي ويو. جو اوهان پيارن ادن وٽ نه پهتو آهي جومسڪين ڀاءُ آهيان انڪري اوهان مون تي خيال نه ٿا ڪريو يا ته توهان مواد نه ڇاپڻ جي بدران جواب ڇپجڻ جهڙو نه آهي يا اسان کي مليو نه آهي.

ماشاء الله پيارا ڀاءُ، توهان ڏي هي خط لکي رهيو آهيان. جنهن جوجواب ضرور ڏيندا. ۽ وعدو ڪيو ته مون مسڪين ڀاءُ جا دک دور ٿي ويندا.

(ادا، اهان جو خط پهتو. اوهان کي اسين پنهنجو بلڪل ننڍڙو ۽ پيا ڀاءُ ڪري سمجهون ٿا انڪري سدائين اوهان کي ياد ٿا ڪريون. اوهان جو مواد جيڪوبه پهتل آهي ان لاءِ واري جو انتظار ته ڪرڻ کپي. ايڏي بيصبري به چڱي ڪانهي. چوندا آهن ته صبر جو ڦل مٺو ٿيندو آهي. اوهان به چکي ڏسو. ادا سيوهڻ کي ٻوڏ کان بچاءُ ٿيو ان لاءِ مبارڪون هجنو. مٺائي پارسل ڪري موڪلجو. هاڻي ته دک سڀ دورٿي ويا يا بنا دعوت ايڏانهن اچي پرچايون.)

 

*لاڙڪاڻي کان ٽوني لکي ٿي:

ڀاءُ هالائي، جولاءِ وارو پرچو پڙهيم. ساڳو ئي پراڻو نمونو جيڪو ڄائي ڄم کان ڏسندا پيا اچون. توهان کي ڪي نوان ڪالم شروع ڪرڻ گهرجن. ٻارن جي پسند وٽان مزاحيه سلسلي جي رسالي ۾ کوٽ ٿي نظر اچي. گلن جهڙا ٻارڙا ۾ ٽمون شرارتيءَ جو سلسلو ڪو خاص ڪونه هو. تڏهن به ٻارڙن ۾ ڪيڏو نه عام ٿي ويو.

”روح رهاڻ“ کي ڪجهه وڌيڪ جڳهه ڏيو . هن رسالي جو سارو مواد وڻيو. باقي هڪڙي ته مهرباني ڪيو”کل ته سهي“ واري ڪالم واري ڪارٽون کي ته ٿورو ڌڪو ڏئي، ٻئي ڪنهن کي اچي بيهاريو. اها تصوير بلڪل نٿي وڻي.

(ادي، اوهان  کي پراڻا ڪالم نٿا وڻن پر مواد وڻي ٿو ان لاءِ به مهرباني درحقيقت نئين سال کان اسان نوان ڪالم، نوان سلسلا شروع ڪيا هئا جن کي سڀني ٻارن پسند ڪيو آهي. جيئن ته هي رسالو ٻارن جو آهي.انڪري سندس پسند جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو.ايندڙ سالنامي کان اسين هڪ بهترين مزاحيه ڪالم به شروع ڪري رهيا آهيون. ان کان سواءِ اوهان جو امتحان  ۾ صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن جا پکا وجهي، ٽن ٻارن کي انعام پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو اٿئون. کل ته سهي ڪالم واري ڪارٽون جي جاءِ تي ساڳيو اڳيون پراڻو پيش ڪري رهيا آهيون.پسند آيو؟)

 

*نواب شاهه کان شفيق قادر لکي ٿو:

پيارا ادا، گل ڦل رسالو ڪافي وقت کان پڙهندا پيا اچون ۽ڪافي دلچسپ رسالو آهي. گل ڦل سنڌي ٻارن جي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي آهي. گهڻو اڳي گل ڦل ۾ ڪهاڻين جو مقابلو به ٿيو هو. جنهن ۾ ڪافي ٻارن حصو ورتو . سو اُن لاءِ عرض آهي ته جيڪي ڪهاڻيون انعام کٽي نه سگهيون آهن انهن کي جيڪڏهن نمبر وار رسالي ۾ جڳهه ڏني وڃي ته نوازش ٿيندي.

اوهان جو امتحان واري صفحي ۾ جيڪڏهن ڪجهه دنيا جي بابت معلوماتي سوال پڇيا وڃن ته ٻارن جي معلومات ۾ ڪجهه واڌارو ٿيندو.اُميد ته هنن تجويزن تي غور ڪيو ويندو.

(ادا، اوهان جي ساٿ سان ئي گل ڦل جي تازگي قائم آهي. گل ڦل انعامي مقابلي ۾ آيل ڪهاڻيون  جيڪڏهين اهڙيون سٺيون هجن ها ته اسان پاڻ تي ئي شايع ڪريون ها. اوهان جي امتحان لاءِ اوهان جي رٿ سٺي آهي ان تي وقت تي عمل ڪيو ويندو.

 

*دڙي کان اشفاق ميمڻ لکي ٿو:

هالائي صاحب، اسلام عليڪم، ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن جو خط لکيو هو پر جواب نه مليو. وري ڪجهه آکاڻيون موڪليم پر اهي به رديءَ جي ٽوڪري هضم ڪري وئي. نيٺ انهن جو آسرو لاهي وري هڪ نظم موڪليم پر افسوس جو هن ڀيري مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. آخر انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟

ڇا توهان جو اهو مقصد آهي ته ٻهراڙيءَ جا ٻار سنڌي ادب ۾ اڳتي نه وڌن ته پوءِ صاف ٻڌايو ته اسين هروڀرو ڪا به ڪوشش نه ڪريون جي ائين سچ پچ آهي ته پوءِ اسين ٻيهر ڪوشش نه ڪنداسين رڳو هڪ ڀيرو ٻڌائي ڇڏيو.

2.      رسالي جو تمام گهڻو انتظار ڪرڻو ٿو پوي ڇا آهي؟ اسان کي ايترو انتظار نه ڪرايو.  رسالو پوري وقت تي ڪڍو ته جيئن ٻارڙن ۾ بيچيني نه وڌي. رسالي جي دير سان اچڻ ڪري اسان جي دل ۾ ڪيئن وسوسا پيدا ٿين ٿا.

اميد ته ڪو معقول جواب ڏيندا جيئن اسين ٻيهر لکڻ يا نه لکڻ بابت ڪوفيصلو ڪريون.

(ادا، اوهان جو شڪايتي خط مليو. اوهان جو مواد هن کان اڳي ڪيترائي ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي. اوهين پنهنجي نالي جي اڳيان پويان ڪئين لقب ۽ ڦيريون  گهيريون ڪريو ٿا.  اهو اوهان کي واجب آهي؟ اسان وٽ ٻهراڙي ۽ شهر جا ٻار سڀ برابر آهن. ڪو به فرق ڪونهي. اوهان دلي طور ۽ سچي پچي اسان سان تعاون ڪريو ته اسين به اوهان سان تعاون ڪنداسون. هن مهيني جو رسالو پوري وقت تي شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ڪن فني مجبورين جي ڪري دير ٿئي ٿي. اميد ته آئيندي ائين نه ٿيندو. اوهان جو رهيل مواد پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو آهي.)

وزير اعظم جي امدادي فنڊ ۾ دل کولي چندو ڏيو.

 

اوهان جو امتحان

 

ماهه جولاءِ ۾ ڏنل ٽڪنڊي ۾ انگ ڀري 15 جو جواب موڪليندڙ پڙهندڙن جو انداز تمام گهڻو آهي. ڪن ٿورڙن پابنديءَ وارا انگ ڀريا هئا،جن جا جواب غلط نڪتا آهن. ڏٺو ويو آهي ته ڪي ٻار مقرر تاريخ کان پوءِ به پنهنجا جواب ۽ ڪوپن ڀري موڪلين ٿا ۽ اهو طريقو بلڪل صحيح نه آهي انڪري مقرر تاريخ کان پوءِ پهچندڙ جوابن کي هن ڪالم ۾ شامل ڪري ڪونه سگهبو. صحيِح جواب موڪليندڙن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

مٺياڻيءَ کان: شهباز علي خشڪ ۽ الاهي بخش پنهور. شاهپور جهانيان کان: عاجز اسلم لغاري، پيرل پياسي ۽ الهجڙيو لغاري. ٽنڊي باگي کان: محمد قاسم لوهار، غلام الله پنهور ۽ شهزادو شنڪر لعل. ميرپور پراڻيءَ کان: امرپنهور. باڊهه کان: سريش ڪمار ڪي.لالواڻي، شير علي بلوچ ۽ ڪلتارمل. ڳوٺ لائقپور کان: محمد اسلم گگو. ڳوٺ عبدالله کوسي کان : عبدالله کوسو. لطيف آباد کان: منور عالم انصاري ۽محمد اعظم شاهه جيلاني. ڳوٺ يار محمد ٽالپر کان: اعجاز علي ٽالپر، عابد حسين ٽالپر ۽ زاهد حسين ٽالپر. ڳوٺ احمد خان کوسي کان: مس رضيه خانم کوسو. ڏيپلي کان: غلام محمد عرف ميجر ميمڻ، رميش ڪمار، عنايت الله جعفري، غمگين ڪلر ڏيپلائي، قاضي شاهد پرويز، فضل الاهي ميمڻ، محمد اعظم حامداڻي، الهواريو ميمڻ، جئه پرڪاش موراڻي، بلال الدين مٺواڻي، عبدالقادر ميمڻ، عباس احمد، علي نواز ڪلر، فضل القادر، منظور قادر، عبدالستار شيخ، محمد صالح مٺواڻي ۽ نعمان راشد مٺواڻي. ڪلوئيءَ کان: موهن لعل، ڪرم چند ٿاڀاڻي، ۽ چنديرام، ڳوٺ پير بخش کوسي کان: محمد حنيف کوسو. ٽنڊي ڄام کان: غلام نبي گل جمالي، رياض انور ميمڻ، سروپاني سوائي، غلام حيدرچانڊيو بلوچ، محمد ياسين پروانو خاصخيلي، مير فاروق احمد ٽالپر، مهر چند اوڏ، سعيد خانم آگاڻي، غلام مصطفيٰ ميمڻ، ۽ مس زاهده پروين. ڳوٺ قبو سعيد خان کان: غلام عمر کوسو. جهڏي کان: رياض احمد مٺواڻي، نواز علي، روميلافرحين مٺواڻي ۽ شاهه نواز هوت بلوچ. هالا کان: امتياز شوڪت ابڙو، محمد حفيظ واڍو، محمد ايوب ميمڻ، اشفاق احمد يوسفاڻي، بشير احمد ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، وحيداسحاق ابڙو، لطف علي ابڙو، قاضي شڪيل احمد انصاري، مشتاق احمد عابد ميمڻ، سيما شاهين، پروين فيروز ميمڻ، علي اڪبر ابڙو ۽ شفيق الرحمان سرهيو. ڳوٺ هالا پراڻا کان: الهه بچايو ميمڻ. ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا کان: مولا بخش. ڳوٺ احمد خان لاشاري کان: عبدالرزاق لاشاري. شڪارپور کان: عظمت الله اين. سنجراڻي، عبدالغفور ملاڻو، ميرهزار خان سنجراڻي، احمد علي شيخ، اشوڪ ڪمار گيانچند، امداد علي ميمڻ، سعيد احمد، شيخ وسيم گل، غلام ظفر سومرو، جميل احمد سومرو، افضل راجا ميمڻ اداس، ضمير احمد ابڙو ناشاد ۽ شهزاد منصور احمد. ڳوٺ خدا آباد کان: شجاع الدين قريشي. سرهاڙي کان: محمد صادق مشوري، غلام رسول مشوري، ڪرم خان ۽ شمس الدين زرداري. ڳوٺ علي محمد پنهور کان: نثار احمد پنهور. (ڳوٺ جو نالو ڪونهي) سيمسين. قمبر کان : محمد افضل هڪڙو، سيف الله ٻرڙو، عبدالمجيد ٻرڙو، سليم گل، ارشاد علي شيخ، رميش ڪمار، غلام حسين رند، اندر لعل، اعجاز سومرو، شيخ عزيز سنڌي ، عزير الله شيخ، احمد علي بروهي، عمر فاروق عباسي، عبدالجبار سومرو، پريتمداس جيسراڻي، محمد بشير شيخ ۽ نورالاهي. ڪڙئي گهنور کان: خليل الرحمٰن آرائين. ميرپوربٺوري کان: مظهر سنڌي محمد اسحاق کتري ، اقبال احمد شورو، غلام رسول، محمد انور نازڪوٽائي ۽ عاشق حسين شورو. ڳوٺ جروار کان: حشمت رام تلريجا، منوهر  لعل بي. ڍوليا، هريداس لنڊ، هوندراج جيسراڻي، اشوڪ ڪمار جيسراڻي، گيانچند، اشوڪ ڪمار تلريجا، کيتل داس ڍوليا، رميش لعل، موهن لعل تلريجا، شنڪر لعل پهلاڻي، دليپ ڪمار پنجابي، پريم چند، اوم پرڪاش، نانڪرام پنجابي ۽ اودورام. گمبٽ کان: دين محمد شيخ، مشتاق احمد شيخ، هيرانند مکڻ، ڪشورڪمار ناز ۽ سنبت لعل. ڳوٺ پير ڏني هنڱوري کان: محمد حافظ هنڱورو. ڳوٺ اڳڙن کان: اشفاق احمد سومرو. ڳوٺ فقير يوسف کان: سيد احمد سنڌي. ميرپورماٿيلي کان: ڪيلاش ڪمار، اين ايم بجاج، سشيل ڪمار، پريتم داس، ام پرڪاش، محمد اسحاق سومرو، غلام سرور ابڙو، عبدالجبار مگسي، اراجا حبيب الرحمان لغاري، ميراحمد بلوچ، رنجيت ڪمار، عبدالغفار مگسي، اشوڪ ڪمار نهالچنداڻي، درشن لعل، رحمت الله لاڙڪ، لکيرام ۽ نارائڻداس. نيوسعيد آباد کان: عبدالقادر چانگ، اياز احمد ابڙيچو. زاهده بانو ابڙيچو، ممتاز احمد ميمڻ، اعجاز احمد ميمڻ ۽ محمد افضل ميمڻ. بدين کان: شاهنواز زرگر. عبدالمجيد چنا، راجا عبداللطيف بلوچ، الطاف حسين شيخ ۽ نياز احمد ترڪ. پير جي ڳوٺ کان: راجڪماري، نوان جتوئي کان : عبدالعليم ميمڻ. ڳوٺ سائنداد علياڻي کان: محب الله علياڻي بلوچ، ٺٽي کان: مقبول احمد عباسي، عبداللطيف عباسي، پير بخش چنو، رحيم بخش، عبدالرشيد انجم، شوڪت علي ايس ناز ۽ محمد قاسم ميمڻ. پني عاقل کان: غلام مجتبيٰ دايو. ڳوٺ فيض محمد مڱڻهار کان: علي غلام مڱڻهار. ڏهرڪيءَ کان: شيام لال ايم لنڊ، دولت رام ۽ راجڪمار.ڍوري ناري کان. عبدالحميد مڱريو. ڪنڌڪوٽ کان: جئرامداس، سنتوش ڪمار منڌاڻ، مڪيش ڪمار، ڪرتار لعل پي ڪنگراڻي، ڪشور ڪمار، شفيع محمد، آغا پير احمد ڊي پٺاڻ، ربنواز ساند، راجا اندر لال ڪنگراڻي، ڪرتار لعل، سشپال ڪمار، سنيل ڪمار، ديوان لعل ۽ اندر لعل  ايل لنڊ. ڳوٺ غلام سرور جوکئي کان: لال خان جوکيو. ڳوٺ هنڱوري تعلقي پني عاقل کان: منير احمد واگهو. ٽنڊي محمد خان کان: گرڌاري لعل. حيدرآباد کان : شفيق الرحمان ميمڻ، شفقت حسين شفا جعفري، سيد شوڪت حسين شاهه ۽ نور محمد سومرو. لاڙڪاڻي کان: لالانثار احمد سومرو، عطا محمد صديقي، ٽوني، گل محمد گل جوکيو، بيبي وڪٽوريا روداني، سروج ڪماري، مسعود علي ميراڻي، سڪندر علي کچي، يوسف کهاوڙ، اشوڪ ڪمار مٽلاڻي، مس پروين جي. زيڊ شيخ، عصمت الله ۽ عبدالرؤف سرهيو. ساماري کان: حامد علي راهمون، شيوا رام مهاراج ۽ مولچند پرڪاش مالهي، ديهه 333 تعلقه جيمس آباد کان: کيم گرگوسوامي ٻائو. رتيديري کان:امداد علي گهانگهرو، محمد يوسف لوهار، مير حسن راهي جلباڻي، الهداد بروهي، اعجاز علي، امير بخش سيانچ ۽ لجپت راءِ، خان پور مهر کان: علي نواز جسڪاڻي، عبالحق دايو ، پون ڪمار، رامچند راهي ۽ ڪشور ڪمار تلريجا. ڳڙهي ياسين کان:منظور احمد مري، امان الله مغل، جاويد احمد ڀٽي، ظهري الدين ڪاڪيپوٽو. محمد پناهه سومرو۽ اداسي اي بي سومرو. دادو کان: اقبال احمد قريشي، عالمگير قريشي، ڪليم الله قريشي، شفيع الله قريشي، منظور علي مجروح ۽ رميش لعل. ميرپورخاص کان: خالد مسعود دائود پوٽو. ڳوٺ ڏتيجي مياڻيءَ کان: علي اصغر قريشي. گجي کان: عبدالحليم جوکيو ۽ زمان علي جوکيو. ڳاڙهي موريءَ کان : امان الله انصاري. کپري کان: شنڪرداس ڪلومل، رميش چندر کتري. محمد عرس مهر، ۽ نٿومل جي آسواڻي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري کان: فيض بانو مهر. خيرپور ميرس کان: مس زاهده پروين ميمڻ، يوسف حيدرشيخ، نواب علي کوکر، امتياز احمد ميمڻ غلام سرور راڄڙ ۽ علي محمد عباسي. اسلام ڪوٽ کان: ڊئش ڪمار، آنند ڪمار، شنڪر لعل ۽ اشوڪ ڪمار چيلاڻي. سيوهڻ کان‎: حاجي عبدالغفور پرديسي اوٺو. بلڙي شاهه ڪريم کان: خان محمد بڪيرو. گهٽڙ شريف کان: صفدر علي سومرو، اعجاز علي ٻرڙو ۽ نظير احمد ٻرڙو. مٺيءَ کان ‎: گورڌنداس مالهي ۽لجپت ڊي بچاڻي. شادي پليءَ کان: علي اڪبر پنهور، محمد ياسين پنهور ۽ علي اصغر پنهور. سڪرنڊ کان: حنيف امير البحر، عبدالسلام انصاري ۽محمد هارون سومرو. کورواهه کان: محمد عرس ڪنڀار ۽عبدالواحد. ڳوٺ جادو واهڻ کان: در محمد ڄامڙو. خيرپور ناٿن شاهه کان: عبدالغفار شيخ ۽علي انور ڀٽي. تلهار کان: عبدالعزيز جتوئي، محمد اسماعيل ميمڻ، ايم مجاهد بلوچ، محمد سليمان  کٽي، ذوالفقار علي چانگ ۽ محمد منير. ٽنڊي سومري کان: فضل محمد نظاماڻي ۽ شڪيل احمد نظاماڻي. ٽنڊي الهيار کان: نظر محمد نظاماڻي ۽ اسرار علي مجيداڻو. نصر پور کان: افتخار علي دائود پوٽو. ڳوٺ تراب علي جوکئي کان: واحد بخش جوکيو. سکر کان: اوم ڪمار، جئڪمار ۽ عبدالله مڱريو. عمر ڪوٽ کان: ڇڳن لعل ۽ راجڪمار بچاڻِي. ڪنريءَ کان:عبدالعزيز جئند، ساجن خان، علي محمد ڏيپلائي ۽ شهديو منگهناڻي. ڪشمور کان: عبدالغني سولنگي، چندر پرڪاش، درشن لعل، گوڪلداس ۽ چندر ڪمار. جيڪب آباد کان ‎:صابرحسين لاشاري، الهه ڏنو بيوس مهر، ڀوڄراج راجاڻي، گنگارام صراف، اشوڪ ڪمار تلريجا ۽ جميل احمد مهر، جنگشاهيءَ کان: نصرالله پليجو. ڳوٺ دودي سنهڙي کان: آفتاب احمد صديقي. ڦلهڏيون کان ‎: جڳديش ڪمار ۽ مهراج تاراچند. دولت لغاري کان: محمد سرازڪوٽ ڏيجيءَ کان: نعمت الله کوسو. ڳوٺ رب پرتو ڏاهريءَ کان: عبدالمجيد ڏاهري. چوهڙ جماليءَ کان: آسنداس عاجز، ڪشورداس پهلواڻي، محمد حنيف ماڃوٺي، چانڊومل گل. ٽنڊي قيصر کان: عمر فاروق نظاماڻي، حبيب الله نظاماڻي. دوڙ کان: محمد بچل. پنگرئي کان: ميمڻ عبدالعزيز عادل. ڳوٺ خانواهڻ کان: حفيظ الحق قاضي ۽ محمد يعقوب نظاماڻي. ڳوٺ احساس واهڻ کان: ايم مقصود سومرو. نندي شهرن کان: انور علي جعفري ۽ غلام حسين جعفري. ڳوٺ لاکادڙي کان: نياز احمد ميمڻ ۽ محمد جمن. نئين ديري کان: محمد صديق ڀٽو ۽ محبوب علي. نئين آباد کان: حسن علي لسڪاڻي، راجو مل پي. ڏونگراڻي ، نثار احمد مڱريو ۽ محمد نواز چانڊيو. موري کان: مسعود احمد سيهڙ، عبدالفتاح ميمڻ، عبدالله عباسي ۽ فضل الرحمان ايم. قاضي. ڳوٺ ڌامراه کان ‎: لياقت علي جوڻيجو. ڳوٺ لونگ ڏيٿي کان: عاجز عبدالقيوم ڏيٿو. نواب شاهه کان: سعيد احمد ميمڻ، جنڪ راجا، محمد اقبال کوکر،اعجاز احمد قريشي ۽ اعجاز حسين ميمڻ، شاهپور چاڪر کان : الطاف احمد خان مجاهد ۽ علي دوست عمراڻي. ڳوٺ عبدالمجيد پنهور کان: نوراحمد پنهور ۽ نور حسن پنهور.ٿاڻي بولاخان کان : ديارام ڀوڄواڻي، تاراچند ڪوهستاني ۽ محسن علي. ڪمار ديري کان: محمد عرس عباسي. سٺ ميل نصرت کان: اوڍرمل ڪوهستاني. ڪوماڻيل ڪنول، ايم غلام رسول صابر ۽ غمگين گل چيلارام. شهدادڪوٽ کان : شيخ شاهد ، شيخ احمد نواز، زبير احمد شيخ، شير محمد شيخ، زاهد حسين شيخ ، پرتاب ساولاڻي، عبدالستار کوکر، محمد يوسف شيخ، خالد حسين شيخ ۽ مظهر علي شيخ، دڙي کان: الطاف احمد ميمڻ ۽ مشتاق احمد ميمڻ. پڊعيدن کان : غلام مصطفيٰ چنو، ممتاز علي ابڙو، عباس منگي ۽ اقبال انصاري. کهڙن کان: عبدالحميد ابڙو، محمد صديق ميمڻ، محمد عمر ميمڻ، حافظ عظمت الله خواجو، اقبال سوز ميمڻ، امداد علي ۽ محمد ميهر منگي، پليجاڻيءَ کان: نارومل پرواڻي، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري کان: منظور احمد ميمڻ ۽ محمد صالح ميمڻ. مديجي کان: مسڪين شيوڪ. سانگهڙ کان: درياخان نظاماڻي.ڳوٺ ڀرڳڙي خيرپور کان: محمد هاشم لاشاري. ڳوٺ فقير يونس کان: سيد ضمير حسن شاهه، ڳوٺ داد لغاريءَ کان: رياض احمد پتافي. ايم اسحاق سومرو ۽ ايم الطاف سومرو. جهرڪن کان: پهلاج مل. ڳوٺ عيسيٰ خان لغاريءَ کان: جان محمد ڳاهو. روهڙيءَ کان: پرويز احمد مهر ۽مس روزينا. درٻيلي کان: نظير احمد ميمڻ، محمد سليم ميمڻ ۽ اطهر الحسين. ڳوٺ درويش نائچ کان: اعجاز احمد ميراڻي. ٺل کان: اسد الله نوناري. ڳوٺ اڳرن کان: منظور احمد ميمڻ. ڳوٺ مٺي گپچيءَ کان: الله نواز. ڳوٺ الهه وڌايو خاصخيلي کان: نور محمد خاصخيلي. نصيرآباد کان:رياض احمد عباسي. ڳوٺ پهڻاريو کان: سيف الله ساند. جهول کان: قيصر علي چانگ. ڳوٺ حاجي ڪمال جهتيال کان: قربان علي جهيتال. ڳوٺ خان محمد اڄڻ کان: ميانداد اڄڻ. ڳوٺ پڪا چانگ کان: نظر علي گل ڀٽو، ڳوٺ منعم پليءَ کان : عابد حسين، ڳوٺ محمد خان ٻٻر کان : غلام سرور ٻٻر. ڳوٺ گهنور خان زرداري کان: غلام حسين زرداري. شاهپور چاڪر کان: اقبال احمد سومرو. ڳوٺ حاجي ڌڻي بخش ٿيٻي کان: عبدالرحمان ٿيٻو. حيات پتافي کان: نرنجن لال ماکيجا، اشوڪ ڪمار ڪڪريجا ۽ عبدالحڪيم. گهوٽڪيءَ کان: ميمڻ شڪيل احمد ڳوٺ گل محمد چانڊئي کان: سڪندر علي چانڊيو. ڳوٺ صوڀو خان منگسي کان : علي گوهر ابڙو. وارهه کان: عبدالمنان چانڊيو. وهاب شاهه اڏيري لعل کان: عبدالڪريم لوهار ۽ ڪونڪر ڪراچيءَ کان ‎: گل حسن ڪلمتي.

اوهان جو امتحان 17

هڪ ريل گاڏي صبح جو 15_10 ڏهه لڳي پندرهن منٽن تي ڪراچيءَ کان نڪتي ۽ شام جو 15_3 ٽي لڳي پندرهن منٽن تي حيدرآباد پهتي. ٻي ريل کاڏي ساڳئي ڏينهن صبح جو 30_11 يارهن لڳي ٽيهن منٽن تي حيدرآباد کان نڪتي ۽ شام جو 30_6 منٽن تي ڪراچي پهتي. ٻڌايو ته انهن ٻنهي گاڏين ڪهڙي ٽائيم تي هڪ ٻئي کي ڪراس ڪيو هوندو.

صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 15 آڪٽوبر 1976ع آهي. جواب سان گڏ هن رسالي ۾ جدا ڏنل ڪوپن 17 موڪلڻ ضروري آهي. هڪ لفافي ۾ ڪيترا به ڪوپن موڪلي سگهجن ٿا پر هڪ ئي ڪوپن تي رڳو هڪ نالو قبول ڪيو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com