ٻاهر هڪ منڊي ڇوڪري اندر وڃڻ کان رهجي ويئي. جيڪا
روئي رهي هئي. هن چيو: مرلي جو آواز منهنجي منڊ
سڌي ڪندو. مون کي اندر موڪليو.ٽڪر جو در بند ٿي
چڪو هو.
ان کان پوءِ پائيڊ مرليءَ وارو ۽ ٻارن جو ڳاهٽ وري
نظر نه آيو! چوندا آهن ته پيلبرگ ٽڪر جي پويان
جيڪا قوم رهي ٿي. اها لکين سال اڳ زمين جي هيٺان
نڪتي هئي.
پيارا ٻارو! جڏهن به ڪنهن سان ڪو قول ڪندا ڪريو ته
ان کي پارجو، اهو نه رڳو مردانگي آهي پر سچي
انساني وصف پڻ آهي.
·
سنڌيڪار: علي اڪبر ابڙو هالا
جپاني ڪهاڻي
چنڊ شهزادي
ڪنهن زماني ۾ جپان ۾ هڪ خوبصورت ڳوٺ هو. انهيءَ
ڳوٺ ۾ هڪ نيڪ دل پوڙهو ۽ ان جي زال رهندا هئا.
انهن کي ڪو به اولاد ڪونه هو. پير مرد روزانو
ڪهاڙي کڻي ويجهين ٽڪرين ڏانهن هليو ويندو هو. جتان
بانس وڍي کڻي ايندو هو ۽پوءِ زال مڙس گڏجي ان بانس
مان کارا ۽ ٻيون شيون تيار ڪري وڪڻندا هئا. اهڙيءَ
طرح هنن جو گذر پيو ٿيندو هو.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي: پوڙهو بانس وڍڻ ٽڪرين تي
ويو. اڃا بانس وڍڻ ئي مس لڳو ته اوچتو هُن ڏاٺو ته
ان بانس جي هيٺئين!حصي مان روشني پئي اچي. هن تمام
آهستگيءَ سان بانس کي وڍيو ۽ اهو ڏسي ششدر ٿي ويو
جو سندس سامهون تمام ننڍڙي حسين ڇوڪري بيٺي هئي.
هوءَ ايتري ننڍڙي هئي جو پوڙهي کيس تمام سولائي
سان کڻي هٿ جي تريءَ تي ويهاريو ۽ خوش ٿي گهر هليو
آيو. سندس زال به ڇوڪريءَ کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽
چيائين ته اڄ کان هيءَ اسان جي ڌيءُ آهي. پوءِ
ٻنهي گڏجي جهٽ پٽ ۾ هڪ پينگهو ٺاهيو ۽ ڇوڪريءَ کي
ان ۾ سمهاري کيس لوڏڻ لڳا. ان ڏينهن سندن خوشيءَ
جي انتها نه هئي.
ٻئي ڏينهن پوڙهو هميشه وانگيان بانس وڍڻ ويو. جڏهن
هو ڪالهوڪي وڍيل بانس وٽ پهتو ته سندس حيرت جي حد
ئي نه رهي. هن کي ائين لڳو،ڄڻ خواب پيو ڏسي. وڍيل
بانس سونن سڪن سان ڀريو پيو هو. هن جلدي جلدي سڀ
سڪا ميڙي ڪپڙي ۾ ٻڌي ۽ بانس وڍڻ بنا گهر هليو آيو.
هاڻ هو روزانو وڍيل بانس جي وڻ وٽ ويندو هو. جتان
کيس سون جا سڪا ملندا هئا. اهڙيءَ طرح وٽس ڪافي
دولت گڏ ٿي ويئي هئي. ان مان هن خوبصورت گهر
ٺهرايو. ڇوڪريءَ جي آرام ۽ آسائش لاءِ نوڪر چاڪر
رکيائين. اُن ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ جي ڪري کين نئين
زندگي ملي هئي ۽ ڏاڍي سٺي حياتي گذارڻ لڳا.
ڏينهن گذرندا رهيا. ڇوڪريءَ جو قد تمام تيزيءَ سان
وڌندو ويو. هوءَ ٿورن ڏينهن ۾ عام ٻارن جهڙي
ڏيکائي ڏيڻ لڳي ۽ پوءِ تمام ٿوري عرصي ۾ ننڍپڻ ڇڏي
جوانيءَ ۾ داخل ٿي.هن جي بي مثال سونهن جو مثال
ڳولڻ به مشڪل هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ آسمان تان حور
لهي آئي آهي. انڪري هنن سندس نالوئي چنڊ شهزادي
رکيو.
هن جي حسن جي هاڪ پري پري تائين وڃي پهتي ۽ وڏا
وڏا امير زادا اڻ ڏٺي دل ڏيئي ويٺا ۽هن کي ڏسڻ جي
تمنا ۾ ڪئين نوجوان حاضريون ڀرڻ لڳا. پر هوءَ حسين
ڇوڪري پنهنجي ڪمري کان ئي ٻاهر ڪانه نڪرندي هئي.
اها خبر گهمندي ڦرندي جپان جي بادشاهه جي ڪن وڃي
پيئي. هن حڪم ڏنو ته چنڊ شهزاديءَ کي اسان جي
اڳيان حاضر ڪيو وڃي. حڪم جي دير هئي. اوڏيءَ مهل
ئي وزير وڏي اڊمبر سان ان ڳوٺ ۾ پهتو، جتي چنڊ
شهزادي رهندي هئي. جڏهن هن کي بادشاهه جو حڪم
ٻڌايو ويو، تڏهن هن جواب ڏنو ته بادشاهه کي وڃي
چئو ته آءُ پنهنجي ڪم کان ٻاهر نه نڪرنديس. وزير
مايوس ٿي واپس موٽيو. بادشاهه کي اها خبر پيئي ته
چيائين ته اگر اها ڳالهه آهي ته پوءِ آءُ پاڻ چنڊ
شهزاديءَ کي وٺڻ هلندس ۽ انهيءَ ويل ئي هلڻ جي
تياري ڪرڻ جو حڪم ڏٺائين.
جڏهن بادشاهه ڳوٺ ۾ پهتو سڀ ماڻهو استقبال لاءِ
ٻاهر نڪري آيا. پوڙهو ۽ پوڙهي به انهن ۾ موجود
هئا. چنڊ شهزاديءَ دل ۾ سوچيو هينئر آءُ پاڻهيئي
ٻاهر نه نڪتيس ته بادشاهه زبردستيءَ به ٻاهر
گهرائي سگهي ٿو. تنهنڪري هوءَ به ڪوٺيءَ مان ٻاهر
اچي بيٺي. جيئن ئي بادشاهه جي مٿس نظر پيئي ته هو
دنگ رهجي ويو.هن پنهنجي پوريءَ زندگيءَ ۾ اهڙي
سهڻي ۽ حسين ڇوڪري نه ڏٺي هئي. هن بي اختيار ٿي
ٻانهون ائين کولي جهليون، جهڙو ان کي ڀاڪر ۾ آڻڻ
چاهيندو هجي. جيئن ئي بادشاهه ڀاڪر ۾ وٺڻ لاءِ
ٻانهون پکيڙيون ته چنڊ شهزاديءَ جو بُت هوا ۾ پکڙڻ
لڳو ۽ جهٽ پٽ ۾ شهزادي گم ٿي ويئي. بادشاهه پريشان
ٿي ويو ۽زور زور سان سڏڻ لڳو:” او چنڊ شهزادي،
هڪڀيرو وري پنهنجو چهرو ڏيکار. آءُ وعدو ٿو ڪريان
ته توکي پاڻ سان گڏ ڪونه وٺي هلندس.“ جيئن ئي
بادشاهه اهي اکر چيا ته چنڊ شهزادي سندس اڳيان
بيٺي هئي. سندس روشن صورت مان اڃان اجرا ڪرڻا نڪري
هر طرف پکڙجي رهيا هئا. اهو ڏسي بادشاهه بيتاب ٿي
پيو.پر کيس پنهنجو ڪيل انجام ياد آيو. هن ڀنل اکين
سان شهزاديءَ ڏانهن نهاريو ۽ چيائين: ”خدا حافظ
پيار چنڊ شهزادي!“ اهو چئي هو مڙيو ۽گهوڙي تي سوار
ٿيو ۽ واپس هليو ويو. بادشاهه واپس ته هليو آيو،
پر چنڊ شهزادي سندس دل ۾ گهر ڪري ويئي هئي. هُن
شهزاديءَ جي جدائيءَ ۾ ڪيترائي نظم لکيا ۽اهي
شهزاديءَ ڏانهن به موڪليائين. چنڊ شهزاديءَ کي اهي
نظم ڏاڍا پسند آيا ۽ هن به انهن نظمن جا جواب
موڪليا، جن کي پڙهي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو.
اهڙيءَ طرح ڪئين سال گذري ويا. بهار جي موسم ۾
چيريءَ جا گل ٽڙڻ شروع ٿيا ته هڪ ڏينهن چنڊ
شهزاديءَ پوڙهي ۽ پوڙهيءَ کي چيو ته” پيارا بابا ۽
پياري امڙ! تمام جلد چنڊ جو روح آسمان تان لهندو ۽
مون کي توهان کان گهڻو پري وٺي ويندو. شهزاديءَ جي
اها ڳالهه ٻڌي، ٻئي زال مڙس ڏاڍا پريشان ٿيا ۽
پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته اسان کي شهزاديءَ جي حفاظت
لاءِ بادشاهه کان مدد وٺڻ گهرجي. جيئن ئي پوڙهي
مدد لاءِ چيو، بادشاهه اوڏيءَ مهل ئي حڪم ڏنو چنڊ
شهزاديءَ جي حفاظت لاءِ هر قدم کنيو وڃي ۽ ڪا به
ڪسر نه ڇڏي وڃي. ان وقت ئي هزارين فوجي جوان تيار
ٿيا ۽ ڀڄندا ڀڄندا چنڊ شهزاديءَ جي ڳوٺ ۾ پهچي ويا
۽ شهزاديءَ جي گهر کي گهيري ۾ ورتائون ۽ هر شخص
نشانو ٻڌي تيار ٿي بيهي رهيو.
اڄ سال جي اٺين مهيني جي پندرهين تاريخ هئي. آسمان
تي سچو چنڊ پوري آب تاب سان چمڪي رهيو هو. پوڙهي ۽
پوڙهيءَ ايندڙ خطري جي پيش نظر ڇوڪريءَ جي ڪوٺيءَ
کي تالو لڳائي ڇڏيو هو.جڏهن آڌي رات ٿي ته آسمان
اچانڪ روشن ٿي ويو. اهڙو روشن جهڙو ڏينهن. اها
روشني تمام پر اسرار هئي. ٿوري دير کان پوءِ آسمان
تان نوراني انسانن جون قطارون هيٺ لهڻ لڳيون. تيز
روشنيءَ سبب سڀني پهريدارن جون اکيون چونجهيون ٿي
ويون. هر نوجوان انڌن وانگر بيٺو رهيو. اتي عجيب
ڳالهه اها ٿي جو شهزاديءَ جي ڪمري کي لڳل تالو
پاڻهي ڀڄي پيو ۽ سڄي ڪمري ۾ روشني پکڙجي ويئي. چنڊ
شهزاديءَ پوڙهي ۽ پوڙهيءَ ڏانهن نهاريندي
چيو:”پيارا بابا ۽ مٺڙي امڙ! ان طرح اداس نه ٿيو،
مون کي خدا حافظ چئو. هاڻي آءُ موڪلايان ٿي.“ هوءَ
آهسته آهسته قدم کڻندي انهن ڏانهن وڌڻ لڳي، جيڪي
هن لاءِ گاڏي کڻي آيا هئا، جنهنکي سفيد پرن وارو
گهوڙو ڇڪي رهيو هو. ان کان پوءِ قاصدن هڪ پوشاڪ
پيش ڪئي ته جيئن ان کي پائي شهزادي زمين جي هر
شيءِ کي وساري ڇڏي. ان سان گڏ دوائن جي هڪ ننڍڙي
پيتي هئي. جن جي کائڻ سان انسان هميشه زنده رهي
سگهي ٿو. ان وقت شهزاديءَ کي بادشاهه جو خيال اچڻ
لڳو.هن ڪمري ۾ وڃي مس قلم کنيو ۽ پني تي هڪ
خوبصورت نظم لکيو، جنهن جو مفهوم ڪجهه هن طرح آهي:
”ان جي باوجود به، جو مون
آسماني ڪپڙا پاتا آهن، ان
هوندي به تنهنجي باري ۾ سوچي رهي آهيان.“
هن اهو نظم ۽ پيتي اتي ڇڏي ۽ تاڪيد ڪيائين ته اهي
بادشاهه تائين رسائجو ۽ پوءِ هوءَ آهستگيءَ سان
گاڏي ۾ سوار ٿي. گاڏي هوا ۾ اڏامڻ لڳي ۽ ڪجهه ئي
ساعت کان پوءِ نظرن کان غائب ٿي ويئي.
جڏهن چنڊ شهزاديءَ جو نظم ۽ هميشه زنده رکڻ واري
دوائن جي پيتي بادشاهه کي پهچائي ويئي، تڏهن هن
اُداس ٿيندي چيو: ”چنڊ شهزاديءَ کانسواءِ هميشه
زنده رهڻ ڪهڙي ڪم جو. وڃو ۽ جپان جي سڀ کان وڏي
جبل تي وڃي ان نظم ۽ دوائن جي پيتيءَ کي ساڙي
ڇڏيو.“ بادشاهه جي حڪم ملڻ شرط نوڪرن اهو نظم ۽
دوائن جي پيتي کڻي جپان جي سڀني کان وڏي جبل
فُوجيءَ تي پهتا ۽ انهن ٻنهي شين کي باهه ڏيئي
ڇڏيائون.
انهيءَ ڳالهه کي صديون گذري ويون آهن، فُوجي جبل
اڄ به موجود آهي. چون ٿا ته اڄ به ڪڏهن ڪڏهن
چانڊوڪي راتين ۾ فوجي جبل ائين نظر ايندو آهي، ڄڻ
ان تي تمام گهڻو دونهون ڇانيو پيو آهي. اهو دونهون
اهوئي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو چنڊ شهزاديءَ جي نظم
۽ دوائن کي ساڙڻ ڪري پيدا ٿيو هو.
هڪ ارب رپيا
هڪ ڏينهن هڪ دوست مون کي چيو ته جي غيب مان
توکي هڪ ارب ريپا ملن، پر هڪ شرط سان ته بنا
ڪنهن ساهيءَ جي هڪ هڪ رپيو ڳڻي وٺندين ته
پوءِ؟ مون چيو ته پوءِ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.
ٻن ٽن ڏينهن ۾ بنا کاڌي پيتي ۽ ساهيءَ جي به
جي سگهندو. هن چيو: تو اهو اندازو بلڪل غلط
لڳايو آهي، ڪجهه سوچ ته سهي. مون پڇيو ته
ڪيئن؟ هن جواب ڏنو ته فرض ڪر ته هڪ سيڪنڊ ۾
هڪ رپيو ته هڪ منٽ ۾ 60 رپيا. هڪ ڪلاڪ ۾
3200 رپيا. 24 ڪلاڪن 86400 رپيا. هڪ مهيني
۾ 2592000 رپيا. اهڙيءَ طرح سال ۾ 311،04000
رپيا ۽ ڪل رقم ڳڻڻ لاءِ 32 سالن کان وڌيڪ
وقت کپندو.
موڪليندڙ: راڻو مل راهي، پيرون مل |
·
سنڌيڪار: الهداد بروهي رتوديرو
روسي ڪهاڻي
ماکيءَ جي ديواني لومڙي
هڪڙي لومڙي هوندي هئي جنهن کي ماکي کائڻ جي ڏاڍي
سڌ هئي، ڇا ڪاڻ جو هوءَ جانورن جي گوشت کان تنگ ٿي
چڪي هئي. لومڙيءَ سوچيو ته مان ماکين جي ماناري وٽ
وينديس ۽ ڏسنديس ته مون کي ڇا ٿو ملي. ٻئي ڏينهن
هوءَ ماکي جي ماناري جي اڳيان گوڏا هڻي ويٺي ۽ هڪ
چنبي کي ماناري ڏانهن وڌايائين ته جيئن ڪجهه ماکي
جلد حاصل ٿي وڃي، پر لومڙيءَ جي انهن چال تي مکين
کي اعتراض ٿيو ۽ سڀئي ڀون ڀون ڪنديون ماناري مان
نڪري آيون ۽ لومڙيءَ تي حملو ڪيائون. لومڙيءَ ڏٺو
ته هاڻي سر ٿو وڃي سو ڀڄڻ لاءِ کڙي ٿي. ماکي مٺي
ٿيندي آهي، هن دل ۾ پئي سوچيو پر ماکيءَ جي مکين
کي ڪيئن راضي ڪجي جو مون کي ماکي ڏين. جيئن تيئن
لومڙي گهر پهتي، پر مکين منهن سڄائي وڌو هوس ان
ڪري ننڊ به نه ڪري سگهي.”مون کي معلوم آهي ته مان
ڇا ڪنديس“ لومڙيءَ اهو سوال ٻيهر دهرايو. مان رڇ
وٽ وينديس ۽ ان کي عرض ڪنديس ته هو مون کي پاڻ وٽ
رهڻ ڏي. ڇا ڪاڻ ته جو هن وٽ ماکي جو گهڻو زخيرو
موجود هوندو آهي. رڇ وٽ وڃي خوشامنديءَ سان چوڻ
لڳي ته مون کي پنهنجي گهر ۾ رهڻ ڏي آءُ تنهنجي گهر
جي سار سنڀال ڪنديس. رڇ چيو ”مون کي ڪو به اعتراض
ڪونهي“ ۽ اهڙي طرح لومڙي انهيءَ گهر ۾ رهڻ لڳي. رڇ
جڏهن ٻاهر شڪار ڪرڻ ويندو هو ته پنهنجي لاءِ ۽
لومڙي لاءِ به جانور ماري ايندو هو. پر ويچاري
لومڙي ته ماکيءَ جي ديواني هئي.
هن رڇ کي عرض ڪندي چيو ته ”منهنجا پيارا رڇ،
ماکيءَ جي مکين وٽ وڃ ۽ منهنجي لاءِ ڪجهه ماکي آڻ
ڇا ڪاڻ ته مان ان لاءِ ڏاڍي بيقرار آهيان“ رڇ
لومڙيءَ جي چوڻ مطابق ٻه وڏا مانارا لاهي آيو ۽
چيائين ”هان وٺ“ اسان هڪ ماناري جي ماکي هاڻ
کائينداسين ۽ ٻي ماکي سياري لاءِ رکي
ڇڏينداسين.هنن ماکي کائڻ شروع ڪئي ۽ ان کي کائڻ ۾
گهڻو وقت نه لڳايائون. ۽ باقي بچيل ماکي ماناري
سميت ڪوٺيءَ ۾ رکي ڇڏيائون. رڇ ته بنا ماکيءَ جي
به رهي سگهندو هو، مگر ويچاري لومڙي لاءِ ته ڏاڍو
ڏکيوهو. ماکي کائڻ جي خواهش هر وقت هن کي رهندي
هئي. پر رڇ جي اجازت کان سواءِ ڪيئن کائي. گهڻي
سوچ کان پوءِ هن کي هڪ ترڪيب سمجهه ۾ اچي ويئي.هن
ڇا ڪيو جو پنهنجي پڇ کي زور سان در تي هنيو ۽ در
کڙڪيو. ”ٻاهر ڪير کڙڪائي رهيو آهي“ رڇ چوڻ لڳو.
اڙي هي ته اسان جا پاڙيسري آهن جي اسان کي سڏي
رهيا آهن. ڇا ڪاڻ جو انهن کي پٽ ڄائو آهي ۽ انهيءَ
خوشي ۾ جشن ملهائي رهيا آهن. لومڙيءَ جلدي جلدي
ٻئي ڪمري ۾ وڃي هڪ حصو ماکي کائڻ شروع ڪئي. جڏهن
کائي ڍو ڪيائين ته واپس آئي ته رڇ جاڳي رهيو هو
تنهن هن کان پڇيو ته ڇا نالو آهي ڇوڪري جو. ”ٽاپ
يعني مٿيون“ ”عجيب نالو آهي.“ رڇ وراڻيو.
ٻي ڏينهن جو لومڙي ساڳيءَ طرح در کڙڪايو”ٻاهر ڪير
کڙڪائي رهيو آهي“ رڇ معلوم ڪندي پڇيو. هي پاڙيسري
آهن. هنن جي گهر ڌيءُ پيدا ٿي آهي ۽ ساڳيءَ طرح هو
جشن ۾ اسان کي گهرائڻ چاهين ٿا. ”چڱو ته پوءِ تون
جلدي وڃ جيستائين مان ڪجهه آرام ڪري وٺان“ رڇ آرس
ڀڃندي چيو.
لومڙيءَ پنهنجي ساڳي عادت موجب باقي ماکيءَ مان
ٻيو حصو به کاڌو. رڇ پڇيو ته ڇا نالو رکيو ويو آهي
اڄوڪي ڇوڪريءَ جو. ”مڊل يعني وچ“(ڇا ڪاڻ جو هوءَ
سڀ کائي چڪي هئي ۽ٿورو وچ ۾ بچايوهئائين) رڇ
خوشيءَ مان چيو ته هاڻي اسان جو پاڙو آباد ٿي رهيو
آهي. پر عجيب و غريب نالا رکن ٿا. ويچارو سادوسودو
رڇ سندس ڳالهين تي يقين رکي سمهي پيو.
ٽينءَ رات وري به ساڳيءَ طرح در کڙڪيو ۽ رڇ معلوم
ڪرڻ پئي چاهيو ته وري ڇالاءِ در کڙڪي رهيو آهي؟
لومڙيءَ چيو اڄ وري اسان جي پاڙي ۾ ڇوڪرو پيدا ٿيو
آهي ۽ هو وري به اسان کي ياد ٿا ڪن، ۽ هو سڀ
منهنجي انتظار ۾ هوندا. رڇ چيو هي ماڻهو اسان کي
گهڻو پسند ٿا ڪن. لومڙي ڪوٺيءَ ۾ آئي ۽ ماکي کائي
پي ختم ڪيائين. رڇ پڇيو ته اڄوڪي ادي جو نالو ڇا
رکيو ويو؟”ک.....کا......کائي صاف ڪري، پ....پ....
پوءِ اڇلي ڇڏ“ لومڙيءَ ڊپ مان چيو. انهن اٽڪندڙ
لفطن مان رڇ سمجهي ويو ته ذخيرو ختم ٿي چڪو آهي.
دل ۾ چيائين ته شايد مون ههڙا نالا ڪٿي به نه ٻڌا
آهن. پر ماٺ ۾ رهيو. جڏهن سيارو آيو تڏهن رڇ اندر
ڪمري ۾ داخل ٿي ڏٺو ته ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا
آهن. تڏهن زور سان چيائين”ماکيءَ جي ديواني تو
منهنجي ماکي منهنجي بنا اجازت جي کاڌي آهي ته پوءِ
آءُ به تنهنجي گوشت جو ديوانو آهيان، تون منهنجي
ماکي کاڌي آهي ته ڇا ٿيو مان توکي ڪچو کائيندس“
اهي لفظ ٻڌي لومڙي اٿي ڀڄي ۽ وري رڇ کي هٿ نه آهي.
پاپ جي
ڪمائي
اسان جي روزاني زندگي، هلت چلت، لين دين، ڳالهه
ٻولهه، دين ۽ ڌرم يعني ايمانداري موجب ٿيڻ گهرجي.
جيسين اسين لالچ کي ماري”پنهنجن دشمنن“ کي پنهنجو
غلام نه بنائينداسين، تيسين اسان دين يا ڌرم تي
هلي ڪين سگهنداسين، اسان جي ڪمائيءَ جي ڏهين پتي
به جي پاپ جي ڪمائي آهي ته ڌڻيءَ در اسان جي دعا
به قبول ڪانه پوندي
چونڊيندڙ: سلما ناز پنهور، سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو.
·
نياز پنهور
سچ
چوان يا ڪوڙ....؟
بابا پڇيو ته” اڄ تون اسڪول مان سوير اچي وئين؟“
مون جواب ڏنو ”سائين شيخ صاحب جي پيٽ ۾ سور هو،
انڪري اسڪول ڪونه آيو ۽ اسان جي موڪل ٿي ويئي.“
”پيٽ ۾ سور هو! ڪنهن جي؟“ بابا زور ڏيندي
پڇيو.”شيخ صاحب جي“ مون اکيون هيٺ ڪندي وارڻيو. هڪ
زوردار ٿڦڙ منهنجي ڳل تي لڳي ۽ اڃا آءُ پاڻ کي
سنڀالي ئي ڪونه سگهيو هئس ته بابا مون کي گهليندو
ڀر واري ڪمري ڏانهن وٺي ويو ۽ وڏي واڪي چيو، ”شيخ
صاحب هي رهيو اوهان جو نالائق شاگرد، جيڪو اوهان
وٽ مون کي ۽ مون وٽ اوهان کي بيمار ٻڌائي رهيو
آهي.“ مون اکيون مٿي ڪيون، سامهون سائين شيخ صاحب
ويٺو هو. آءُ ڏڪي ويس. ان کان پوءِ مون کي ڪا خبر
نه رهي. جڏهن مون کي هوش آيو ته امان منهنجي
سيرانديءَ کان ويٺي هئي، ۽ هن جو هٿ منهنجي مٿي تي
هو. مون کي هوش ۾ ڏسي خوش ٿي ۽ چوڻ لڳي ”پٽ ڪڏهن
به ڪوڙ نه ڳالهائجان. ڏٺئي ته ڪوڙ جو انجام ڪهڙو
نه خراب ٿيندو آهي!“
مون کي ياد آيو. پڙهڻ تي جيءُ نه چئي رهيو هو. مون
سائين شيخ صاحب کان بابا جي بيماريءَ جو ڪوڙ
ڳالهائي موڪل حاصل ڪئي هئي. ۽ پوءِ بابا کي چيو
هوم ته سائين شيخ صاحب بيمار آهي. انڪري موڪل تي
آهي.
پر ٿيو ائين ته سائين شيخ صاحب بابا سان ملڻ لاءِ
اسان جي گهر آيو ۽ منهنجي ڪوڙ جو ڀانڊو ڦاٽي پيو.
مار جدا ملي ۽ بيعزتي جدا ٿي.
خير، ان ڏينهن فيصلو ڪيم ته آئيندي ڪجهه به ٿي پوي
پر ڪوڙ ڪنهن به حالت ۾ نه ڳالهائبو. انهيءَ ڳالهه
کي ڪافي ڏينهن گذري ويا.
هڪ ڏينهن بابا جو موڊ سٺو هو. اسان موقعو سمجهي
مٺائيءَ جي فرمائش ڪئي ته بابا پنج رپيا کيسي مان
ڪڍي ڏنا. گڏوگڏ اها به هدايت ڪيائين ته ڪنڊ وارو
حلوائي بي ايمان ماڻهو آهي. مٺائي سنڀالي وٺجو.
ڪٿي توهان کي پاروٿي مٺائي نه ڏئي، اسين ڀڄندا
ڀڄندا حلوائي جي دڪان تي پهتاسين. هو اسان کي ڏسي
ڏاڍو خوش ٿيو. ۽ چوڻ لڳو”اچو پٽ ڪهڙا حال احوال
آهن. ”الله تعاليٰ جو شڪر آهي.“ اسان سمجهدار
ماڻهن وانگر جواب ڏنو. ”هڪ سير مٺائي تور“ حلوائي
ساهمي کنئي ته اسان چيو ته”مٺائي تازي ڏجان“ پٽ
آءُ ته هميشه تازي مٺائي ڏيندو آهيان.“
”اسان کي خبر آهي.“ اسان ٺهه پهه جواب ڏنو.
”ڇا....ڇا خبر آهي توهان کي، هن تيز تي پڇيو“.
”اهوئي ته توهان بي ايمان ماڻهو آهيو.“
”ڇا؟“ حلوائيءَ جو اکيون ڳاڙهيون ”بدتميز“ هن ڪاوڙ
۾ چيو. ۽ هڪ زوردار ٿڦڙ منهنجي ڳل تي هڻي ڪڍي ۽
چوڻ لڳو” هليو وڃ هتان. توهان کي نٿو ڏيان مٺائي.
توهان جو پيءُ ملي ته ان کان پڇندس ته ٻار کي واهه
جي تهذيب سيکاري اٿو.“
آءُ مار کائي بنا مٺائيءَ جي گهر ڏانهن موٽيس. هن
مار ۾ هڪ خوشيءَ جي ڳالهه هئي.”ڳالهائيم ته سچ“
هٿين خالي ڏسي بابا پڇيو ته”ڇو نياز، مٺائي ڪونه
وٺي آئين.“”نه بابا“ مون جواب ڏنو ۽ فخر سان سڄي
ڳالهه ٻڌايم، ” ته تو هن کي بي ايمان چيو“ بابا
سڄي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ پڇيو”جي ها“ وراڻيو مانس.
”بدتميز“ هڪ زور دار ٿڦڙ منهنجي ڳل تي
هنيائين.”هاڻ ڪندين وڏن سان گستاخي“ آءُ چپ رهيس.
سور ۾ اهو به چئي نه سگهيس ته”ڳالهايم ته سچ“ ۽
اهائي ڳالهه دهرائي هيم جيڪا اوهان چئي هئي.
سچ ڳالهائڻ تي سزا ملڻ کان پوءِ اڄ تائين اهو
سوچيندو رهيس ته ”سچ چوان يا ڪوڙ......؟“
·
محمد سومار بوبڪ
سائنس
ٽيليفون
يوناني زبان ۾ ٽيلي جي معنيٰ آهي ”پري“ ۽ فون جي
معنيٰ آهي. ”آواز“ ٽيليفون جي وسيلي اسين گهر ويٺي
ڪئين سوين هزارين ميل پري ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه
ڪري سگهون ٿا. ٽيليفون ايجاد ڪرڻ ۾ ٻن ماڻهن جو هٿ
آهي، هڪ گراهم بيل ۽ ٻيو ايڊيسن. بيل 1876ع ۾
معلوم ڪيو ته آواز جي لهرن کي ڪهڙيءَ طرح بجلي جي
لهرن ۾ تبديل ڪري ، تارن جي ذريعي هڪ جڳهه کان ٻي
جڳهه وٺي وڃي سگهجي ٿو ۽ اتي ان کي ٻيهر آواز جي
لهرن ۾ بدلائي ٻڌي سگهجي ٿو. انهيءَ طريقي ۾ جيڪي
خاميون رهجي ويون هيون، انهن کي مشهور آمريڪي
سائنسدان ايڊيسن دور ڪري ڇڏيو. نئين ٽيليفون
ايڊيسن جي ٺاهيل آواز اوزارجي سڌريل شڪل آهي.
ٽيليفون سان اسان سڀني جو واسطو هوندو ئي رهندو
آهي. سوال هيءَ آهي ته آواز تارن جي ذريعي ايترو
پري ڪيئن ٿو پهچي وڃي. نه رڳو پهچي وڃي ٿو، پر
ايترو صاف هوندو آهي جو گفتگو کان سواءِ ٻيءَ طرح
ڪاغذن جي اٿلڻ پٿلڻ جو آواز، دروازي بند ٿيڻ يا
کلڻ جو آواز ۽ پيرن جي هلڻ ۽ موسيقيءَ جو آواز به
ٻڌي سگهبو آهي.
پهرين اسان کي اهوسمجهڻ گهرجي ته خود آواز ڇا آهي؟
جيڪڏهن اسين ڪنهن بيٺل تار کي چورينداسين ڪجهه
دير لاءِ هوءَ پئي ڏڪندي رهندي. جڏهن اسين
ڳالهايون ٿا ته هوا ۾ به انهيءَ قسم جي هلچل پيدا
ٿئي ٿي. اها هلچل اسان کي آواز ٿي ٻڌڻ ۾ ايندي
آهي، ڄڻ ته آواز نتيجو آهي انهيءَ هلچل جو، جا
هوا ۾ پيدا ٿئي ٿي. |