سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

ٽيليفون جا ٻه حصا ٿيندا آهن، هڪ سان اسين ڳالهه ٻڌون ٿا، ٻئي کان اسين ڳالهايون ٿا.  جنهن طرف اسان ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا، انهيءَ ۾ ڌاتوءَ جي هڪ سنهڙي ٿالهي لڳل هوندي آهي، جڏهن اسين ڳالهائيندا آهيون ته آواز جون لهرون انهيءَ ٿالهيءَ سان ٽڪرائبيون آهن ۽ هوءَ ڪنڀڻ لڳندي آهي. انهيءَ ٿالهيءَ جي پٺيان هڪ خاني ۾ ڪاربن جا تيار ٿيل ذرا پرزا ڀريل هوندا آهن ان خاني ۾ ٽيليفون جي تارن ۾ بجليءَ جي ڌار ڊوڙندي رهندي آهي. آواز جي دٻاءُ پوڻ سان ڪاربن جي ذرا هڪ ٻئي کي ويجهو ٿي ويندا آهن.  آواز جودٻاءُ هئڻ سان اهي ذرا پري پري هٽي ويندا آهن. جڏهن ڌاتوءَ جي ٿالهيءَ سان آواز جون لهرون ٽڪرائبيون رهنديون آهن ته ڪاربن جا ذرا هڪٻئي کان پري پري رهندا آهن. ٽيليفون تي ڪو ڳالهه ٻولهه ڪري ته ٿالهيءَ ۾ ٿورو ور پئجي ويندو آهي جو ايترو معمولي هوندو آهي جو نظر نٿو اچي سگهي. جڏهن آواز جي لهرن سان ڌاتوءَ جي سنهڙي ٿالهي ور کائي ڪاربن جي ذرن تي دٻاءُ وجهندي آهي ته اهي ذرا هڪٻئي کي چنبڙي پوندا آهن پر هوڏانهن دٻاءُ گهٽ ٿيو يا آواز بند ٿيو ته هيڏانهن اهي ذرا وري الڳ الڳ ٿي ويا ذرن جي انهيءَ چهٽڻ جو فائدو هي آهي جو بجليءَ جي ڌار کي ڪاربن مان گذرڻ ۾ تمام آساني رهي ٿي. سڌي ڳالهه آهي ته ذرا گڏيل سڏيل هوندا ته انهيءَ کان بچي گذري ويندي ۽ انهن جي وچ ۾ مفاصلو هوندو ته بجليءَ کي گذرڻ ۾ مشڪل پيش ايندي. ڪنبڻ جي ڪري ڪاربن جي ذرن جي ترتيب ۾ جيڪو فرق پوي ٿو انهيءَ قسم جو فرق بجلي ۾ به اچي ويندو آهي. ائين سمجهو ته آواز، ٿالهيءَ جي ڪنبڻ جو سبب بنيو. انهيءَ ڪنبڻ سان ڪاربن جا ذرا ترتيب ۾ بدلجي ويندا آهن. پوءِ ذرن جي انهيءَ ريت ترتيب جو اثر ذرن مان گذرڻ واري بجليءَ تي پيو. هيءُ اثر کڻي (جا درحقيقت شروعاتي ڪنبڻ جي ئي تصوير آهي) بجلي تارن مان خاص طرح انهيءَ ٽيليفون تائين پهچي ويئي جنهن سان رابطو قائم ڪيو ويو هجي. ٽيليفون جي انهيءَ حصي ۾ به جنهن سان اسين ڳالهه ٻولهه ٻڌندا آهيون، ڌاتوءَ جي سنهڙي ٿالهي مليل هوندي آهي. پر انهيءَ سان گڏ ڪاربن جي ذرن واري خاني جي بجاءِ هڪ چقمق لڳايو ويندو آهي.هي چقمق تارن ۾ اچڻ واريءَ بجليءَ سان هلندو آهي. بجلي جيتري وڌيڪ اچي رهي هوندي چقمق ايتري قدر طاقتور ٿي ويندو. جڏهن ٻئي طرف کان هليل بجلي چقمق تائين پهچي انهيءَ جي قوت کي گهٽ ڪندي آهي ته اهو ڌاتوءَ جي ٿالهيءَ کي ڏاڍي تيزي سان ڇڪيندو ۽ ڇڏيندو آهي ۽ ائين ٿالهيءَ ۾ ڪنبڻ  پيدا ڪري ڏيندو آهي. اهوڪنبڻ بلڪل اهڙو ئي هوندو آهي. جيئن ٻئي پاسان ڳالهائڻ سان پيدا ٿئي ٿو. هوڏانهن آواز ڪنبڻ شروع ڪيو هيڏانهن انهيءَ ڪنبڻ ٻيهر اهو ئي آواز پيدا ڪري ڇڏيو ۽ اهو ئي آواز ٻڌڻ واري ڪن تائين پهچي ويو، اهڙي طرح ٽيليفون تي پري پري جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي ويئي.

اسان جو آواز تارن ۾ خود هلندو ڪونه وڃي ٿو. پر انهيءَ جو سبب بجليءَ ۾ ڪنبڻ سان پيدا ٿيندو آهي. هو اهو سفر طئي ڪري ٿو ۽ منزل مقصود تائين پهچي آواز بنجي محسوس ڪرائي ٿو.

پهريائين هڪ شهر جي ۽ پوءِ ملڪ جي ٽيليفون کي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ تارن جو ڄار وڇائڻو پوي ٿو پوءِ پنهنجي ملڪ جي ٽيليفون نظام کي ٻين ملڪن جي ٽيليفون نظامن سان ملايو وڃي ٿو.

ٿنبن ۾ لڳل ٽيليفون جي تار ته سڀني ڏٺي هوندي اها تار زمين جي هيٺان پر دريا يا سمنڊ رستي ۾ هجن انهن جي هيٺان به وڇائي ويندي آهي. جيڪڏهن ٽيليفون ذريعي آس پاس جي ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي هجي ته ڪو خاص مسئلو نه آهي، پر اڄڪلهه هزارين ميل پري به فون ڪرڻو پوي ٿو ۽ مفاصلي جي ڪا حد مقرر ڪيل ڪانهي. ايترو پري ٽيليفون سلسلو قائم رکڻ لاءِ هڪ خاص انتظام هوندو آهي. هزارين ميل پري واري جاءِ سان به اکڇنڀ ۾ لاڳاپو قائم ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن رستو خراب آهي، جبل يا سمنڊ وغيره هجڻ جي صورت ۾ ٽيليفون جي تار وڇائي نٿي سگهجي ته پوءِ ريڊئي کان مدد ورتي ويندي آهي. کاتي وارا توهان جي ٽيليفون جي بجليءَ کي ريڊيو جي لائينن ۾ بدلي ڪري جبل يا سمنڊ پار موڪلي ڇڏيندا آهن. اتي هڪ خاص ريسيور انهن لهرن کي ٻيهر بجليءَ ۾ بدلي ڪري ٽيليفون جي تار ۾ ڊوڙائي ڇڏيندو. ٽيليفون جي تار اهڙي قسم جي هوندي آهي جو هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن ئي هنڌن سان لاڳاپو قائم رکي سگهجي ٿو. انهيءَ هوندي به ڪمال هي آهي جو ڪا به گڙٻڙ پيدا ڪانه ٿيندي آهي.

ڪي ڳريون تارون اهڙيون به آهن. جن ۾ هڪ ئي وقت سون جاين تان فون اچي وڃي سگهن ٿا. پر انهن ۾ هر جاءِ فون جي بجليءَ جي هر لهر اهڙيءَ طرح سڌي گذري ويندي ڄڻ هر ڪنهن جي لاءِ جدا جدا رستو ٺهيل آهي.

·  جان محمد”جوهر“، ڳوٺ حاجي عيسيٰ خان لغاري.

 

ماءُ

ماءُ آهي الله جي هڪ نعمت،

ٻارو ماءُ جي وڏي آهي برڪت.

ساري دنيا ڄاڻي ٻارو!

ماءُ جي پيرن ۾ آهي جنت.

جيڪو نه مڃي ماءُ جو چوڻ،

ان کي توهين سمجهو بدقسمت.

ڏک سهي سک توهان کي ڏيڻ،

ٻارو! هي آهي ماءُ جي همت.

جنت ۾ به هوندي نه شايد.

ماءُ جي هنج ۾ آهي جا راحت.

خوش قسمت آهي هر اهو ٻار،

حاصل جنهن کي ماءُ جي شفقت.

جيترو به ٿي سگهي توکان تون،

ڪر”جوهر“! ماءُ جي خدمت.

·  ڪشور ڪمار”ناز“ گمبٽ

مضمون

سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي

 

هرڪو انسان ڄمندي ڄام ڪونه هوندو آهي. جڏهن انسان هن دنيا ۾ اک کولي ٿو ته کيس گهڻن ئي حالتن مان گذرڻو پوندو آهي. هن جي مٿان ڪيتريون ئي جوابداريون هونديون آهن، جن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻڌل هوندو آهي. هن جي انهن جوابدارين پورو ڪرڻ جو گهڻو دارومدار سندس ماحول تي رکيل هوندو آهي. انسان جي سمجهه ۽ عقل تي سندس ماحول جو گهڻو اثر پوي ٿو. جيترو سندس ماحول سٺو هوندو اوتروئي سندس رهڻي ڪهڻي سلجهيل هوندي.

انسان جو ماحول ٻن قسمن جو هوندو آهي. 1. گهر 2. دوست.

جيڪڏهن انسان پڙهيل ۽ سٺي خاندان سان لاڳاپيل آهي ته ان  جي رهڻي ڪهڻي  به سلجهيل رهي ٿي. جيڪڏهن انسان جي دوستي سٺن ۽ بااخلاق ماڻهن سان آهي ته هن جو دماغ به اهوئي اثر قبول ڪندو.

جيڪڏهن هن جي دوستي رولو، بداخلاق ۽ برين عادتن وارن ماڻهن سان آهي ته پاڻ به انهن عادتن ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو انسان جون به عادتون خراب ٿي وڃن ٿيون. سندس خراب عادتن  ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري هن جو آئيندو تاريڪ ٿي وڃي ٿو. انسان پنهنجن دوستن جي رستي به سڃاتو ويندو آهي. جنهن انسان جا دوست سٺا آهن ته پاڻ به سٺو هوندو.

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ڪارو وهي ڪمري سان، رنگ نه مٽائي ته اوسڻ ضرور مٽائي. دوستي به هڪ ڪسوٽي آهي، جنهن سان انسان جي پرک ٿي سگهي ٿي. اهائي دوستي آهي جيڪا انسان کي عروج تي پهچائي ٿي. اهائي دوستي آهي جيڪا انسان کي زمين تي اڇلائي ٿي. ڪيترائي اهڙا مثال ٿي گذريا آهن ته وڏن ماڻهن جا ڇوڪرا سنگت جي ڪري پٽ تي ڪري پيا ۽ ڪيترن غريب انسانن جا اولاد سٺي سنگت جي ڪري مٿانهين درجن تي رسيا آهن. لوهه پارس سان لڳڻ ڪري سون ٿي پوندو آهي. سٺن ڇوڪرن جي دوستي به پارس وانگر آهي ۽ خراب عادتن وارن ماڻهن جي دوستي تباهيءَ جي برابر آهي. انهيءَ ڪري چيو ويندو آهي. سنگ تاري ۽ ڪنگ پوڙي پارس شين دوستن وانگر آهي، جنهن مان انسان سون ٿي پوي ٿو ۽ ڪسنگ ڪوئلن وانگر آهي جنهن مان هٿ به ڪارا ته منهن به گندو ٿيو وڃي.

سٺن اخلاقن وارو ماڻهو هر هنڌ مان ۽ عزت پائي ٿو ۽ ان جي هر هنڌ واکاڻ هوندي آهي. خراب ۽ بداخلاق ماڻهن جي هر هنڌ گلا ۽ برائي هوندي آهي ۽ هر ڪنهن هنڌ خوار ۽ بدنام هوندو آهي.

انسان جيڪڏهن چاهي ته مان هن دنيا ۾ سکي ۽ آرامي ٿيان ۽ هن دنيا جا هر مزا ماڻيان ته ان کي گهرجي ته هو هميشه سٺن ماڻهن جي سنگت ۾ رهي. اهو انسان تڏهن ڪاميابيءَ جي منزل  تي پهچي سگهي ٿو، جڏهن ان ۾ اخلاق ۽ سٺا لڇڻ هوندا آهن.  اخلاق کان سواءِ انسان حيوان آهي.

جنهن انسان وٽ ٻيون سڀ شيون موجود ٿيل آهن. پر ان وٽ اخلاق نه آهي ته اهو انسان چڱو نه آهي. اخلاق اسان کي سٺي صحبت مان ئي ملي سگهي ٿو.خراب صحبت مان اسان کي ڪيترائي نقصان آهن. جيئن ته خراب صحبت جي ڪري انسان رولو ۽ ٻيا ڪيترائي برا لڇڻ سکندو آهي. ان ڪري آءٌ سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي عرض ڪندس ته هو علم حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ سدائين سٺي صحبت ۾ رهن ته خدا تعاليٰ جي مهربانيءَ سان پنهنجي دلي مراد به ماڻي سگهندا.

 

نعمت الله کوسو

محمد نواز سومرو

گول چهرو، سنهڙو سيپڪڙو ۽ ڪڻڪائون رنگ، منهن تي هميشه مرڪ وارو ادو محمد نواز سومرو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. شهداد ڪوٽ جو هر هڪ فرد ۽ هر هڪ ٻار کيس چڱي طرح سڃاڻي. ادو محمد نواز سومرو گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ڏهين ڪلاس جو شاگرد آهي ۽ پاڻ ڏاڍو ذهين ۽ هوشيار آهي. ۽ سدائين سٺن نمبرن ۾ پاس ٿيندو آيو آهي. اسڪول جو ڊبيٽون هجن، جلسا جلوس هجن، ادبي ڪچهريون، محفلون يا مجلسون هجن، مذاڪرات هجن توڙي مقابلا. هر هنڌ حاضر هوندو آهي. سندس شوق ۽ جذبو رڳو اهو هوندو آهي. ته سنڌي ٻارڙن کي وڌندو ويجهندو ڏسي خوش ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌ جا شاعر توڙي اديب استاد توڙي شاگرد ننڍا توڙي وڏا چڱيءَ نظر سان ڏسنس. مان ادي محمد نواز جي فني قابليتن ڪري مناسب ڄاتو ته کانئس گل ڦل لاءِ انٽرويو وٺجي. هڪ ڏينهن وٽس ويس ۽ پنهنجو انٽرويو شروع ڪيم.

نعمت الله کوسو          محمد نواز سومرو

س: اوهان کي تقرير ڪرڻ جو شوق ڪيئن پئدا ٿيو؟ ۽ هن وقت تائين اوهان ڪيترن تقريري مقابلن ۾ انعام کنيا آهن؟

ج: ادا، مان ننڍڙو هوندو هيس ۽ وڏن جي جلسن ۾ وڃي ويهندو هيس ۽ سندس تقريرون غور سان ٻڌندو هيس. نيٺ مون کي به شوق ٿيو ته مان به تقرير ڪيان. پهرين تقرير مون تڏهن ڪئي جڏهن چوٿين درجي ۾ پڙهندو هوس. اها هڪ ورسي هئي ۽ شعر به پڙهيو هيم. مون هن وقت تائين شايد 25،20 تقريري مقابلن ۾ انعام کٽيا آهن، هڪ ڀيري مون کي ياد آهي ته الشهباز ڪلب پاران”قلندرشهباز“ جي عنوان تي هڪ تقريري مقابلو ٿيو. جنهن ۾ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽي جي شاگردن مقابلي ۾ ڀرپور حصو ورتو، جنهن ۾ پهريون نمبر مون کنيو ۽ هڪ وڏي خوبصورت ٽرافي انعام ۾ ملي.

س: اوهان کي آءٌ اڪثر ڪري هر هڪ تقريب ۾ تقرير ڪندي ڏسندو آهيان. ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ اوهان جي تقرير جو ڍنگ ۽ اندازئي نرالو آهي. ائين ڇو؟

ج:(کلي) ادا، مان تقرير جي ”ت“ کان به واقف نه آهيان مون ۾ وري ڪهڙو انداز آهي. پر ڪيترن ٻارن کي ڏٺو ويو آهي ته تقرير ائين ڪندا آهن جيئن سبق پڙهجي. پر ٻار جيڪڏهن تقرير جي بنيادي انداز کي سمجهي وڃن ته هو ائين نه ڪري سگهندا. تقرير، پنهنجي لحاظ کان هڪ وڏو فن آهي. هر هڪ ٻار مقرر نٿو ٿي سگهي. ڇو ته انهيءَ جو عجيب و غريب ٽيڪنڪ ، آواز جو اٿلاءُ پٿلاءُ، خود اعتمادي، لفظن ۽ جملن جو سلسلو وغيره مکيه ۽ اهم آهن ۽ بيان جو انداز به سٺو هئڻ ضروري آهي.

س: اوهان کي تقرير کان سواءِ چتر ڪاريءَ سان ڪيئن لڳاءُ ٿيو؟

ج: ننڍي لاءِ شڪلين ٺاهڻ جو شوق ڏاڍو هيو. ڏنگيون ڦڏيون شڪليون سليٽ تي ٺاهيندو هيس ۽ نوٽ بڪ انهن شڪلين سان ڀري ڇڏيم. ۽ آهستي آهستي اهو شوق وڌڻ لڳو ۽ تصويرون ٺاهڻ لاءِ هٿ ڏاڍو سٺو هري ويو ۽ اڃا به اهو شوق اٿم. مون پنهنجي محبوب اڳواڻ قائد عوام جناب ذالفقار علي ڀٽي جون ڪيتريون ئي سٺيون تصويرون ٺاهيون آهن ۽ ڪيترين ئي تصويري نمائش به انعام ۾ کنيا اٿم.

س: اوهان کي ڪهڙا شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ چترڪار پسند آهن؟

ج: ادا، سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کان ڏاڍو متاثر آهيان. اسرندڙ دور جي شاعرن مان ادل سومرو ۽ اياز گل پسند اٿم. ڪهاڻيڪارن يا ليکڪن مان اڃا واقف نه آهيان پر امر جليل سٺو آهي. چتر ڪارن مان خدابخش ابڙو گهڻو پسند اٿم.

س: سنڌي ٻارن جي خدمت لاءِ اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

ج: ڀاءُ، آءٌ ته غريب ڀاءُ جي مدد ڪرڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهان. غريب ٻارن کي لٽي ڪپڙي يا ٻين ضرورتن ۾ گهٽ ڏسي سچ پچ ته ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم. اڄڪلهه غريب طبقي جي گهڻائي آهي. اسين پنهنجي تنظيم گلن جهڙا ٻارڙا پاران غريب ٻارڙن کي سياري ۾ ڪوٽ وٺي ڏيندا آهيون“ گهڻن ٻارن کي ڪورس جا ڪتاب به ڏنا اٿئون. مطلب ته جيترو پڄي سگهندو آهي اوتري غريبن جي مدد ڪندا آهيون.

س: ٻار پنهنجيون لڪل صلاحيتون ڪيئن ظاهر ڪري سگهن ٿا؟

ج: ٻارن جي سٺي همٿ افزائي ائين ٿيندي ته سنڌي ٻارن کي صدارتي ايوارڊ ڏنا وڃن. انهن کي سٺا انعام ڏنا وڃن. ۽ انهن کي اسٽيج تي  آندو وڃي. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان ٻارن لاءِ سنڌيءَ ۾ اهڙا پروگرام پيش ڪيا وڃن جيئن انهن کي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي به آندو وڃي ته پوءِ پڪ هو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سگهندا ۽ انهن جون لڪل صلاحيتون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو هر ميدان تي سٺي ترقي ڪندا. اسان جي سنڌ جي ٻارن کي سٺو ماحول مليل آهي، هنن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق آهي ۽ ڏاڍو ذهين به آهن. ڳولبو ته اسان کي سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا روشن تارا موجود ملندا.

س: جيئن ته اوهان ٻارن جي سنگت جا سيڪريٽري آهيو ان لاءِ اهو ٻڌائي سگهندا ته اوهان سنڌي ٻارڙن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟

ج: اسان جي تنظيم ٻارن ۾ سٺي سجاڳي پيدا ڪئي آهي. ۽ هو بنا هٻڪ جي اسٽيج تي اچي تقرير ڪن ٿا. ٻارن کي اسان جي تنظيم ۾ اچڻ ڪري تحرير ۽ تقرير جو مادو پئدا ٿيو آهي. ۽ اسان ٻارن کي ” پنهنجي مدد پاڻ ڪريو.“ جي اصول جي تلقين ڏياريون ٿا. اسان جا ٻار سٺين صلاحيتن جا مالڪ آهن. ۽ هو ڪنهن به قوم جي ٻارن کان پوئتي نه آهن. ۽ اسان جنهن تعليم پرائڻ ۽ غريب ٻارن جي مدد ڪرڻ جو جذبو پئدا ڪيو آهي. ۽ وطن جي حب جو درس ڏنو آهي.

س: هن وقت ڀلا سنڌي ٻارن جون ڪهڙيون ضرورتون آهن. جيڪي. صحيح طرح پوريون ٿي سگهن؟

ج: ڀاءُ ٻارن جو ضرورتون رڳو اهي آهن. ته انهن کي صحيح طريقي سان تعليم ڏياري وڃي، پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول گهڻا کوليا وڃن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ کي ختم ڪئي وڃي. ٻهراڙي جي تعليم تي ڌيان ڏنو وڃي. گهڻن اسڪولن جون عمارتون ڀڳل خراب ۽ زبون آهن. انهن جي تعمير ڪئي وڃي. جيڪڏهن حڪومت انهن مسئلن کي سختي سان ڌيان ڏيندي ته ٻارن جون ضرورتون خودبخود پوريون ٿي وينديون، انهن مسئلن لاءِ آءُ ڪيترائي ڀيرا وزيرن سان مليون آهيان ۽ لاڙڪاڻي ۾ وفاقي وزير تعليم جناب عبدالحفيظ پيرزادي سان به ملاقات ڪئي اٿم. جن سڀني مون کي همدرديءَ سان ٻڌو ۽ انهن جو حل ڳولڻ جو وعدو ڪيو آهي.

س: گل ڦل لاءِ اوهان جي ڇا راءِ آهي.

ج: گل ڦل جو سڄو مواد سٺو ۽ ٻارن لاءِ ڪارائتو آهي. نقل ٿيل ڪهاڻيون تمام گهٽ ٿو ڏسان. مان به گل ڦل ڏاڍي شوق سان پڙهندو آهيان، هن وقت گل ڦل سٺي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ۽ منهنجي اها ئي دعا آهي ته اڃا به ”گل ڦل“ ٻاراڻي ادب ۾ سٺي ترقي ڪري.

س: سنڌ جي ننڍڙن ٻارن لاءِ ڪو پيغام؟

ج: سنڌ ڌرتي جا ننڍڙا پيارا ساٿيو! شوق ۽ جذبي سان علم پرايو. ڇا ڪاڻ ته اوهين آئيندي جا ابا آهيو ۽ ايندڙ وقت جا صحيح وارث اوهان جي دم ئي  سان سنڌ جي ساک قائم آهي.

·  سنڌيڪار: واشديو سنڌو ڀارتي

عجيب ۽ دلچسپ

انڌن کي واٽ ڏيکاريندڙ ڪتا

 

هڪ انڌي انسان کي ڀلي ڪيترا به گهرا دوست ڇونه هجن، هو سڄي ڄمار اڪيلوئي رهندو آهي. انڌي شخص جي لٺ جي ٺڪ ٺڪ دنيا ۾ شايد سڀ کان وڌيڪ دلسوز آواز آهي. پر ڪنهن انڌي کي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪندي  ڪُتي سان گڏ ڪنهن اڻانگي رستي کي پار ڪندي ڏسڻ ۾ شايد اوهان کي وڏو تعجب لڳي ته اهي ٻئي ڪيئن هڪ ٿي، رستي تان لنگهن ٿا ۽ ڪتو پنهنجي مالڪ جي قدم سان قدم ملائيندي هلي ٿو.

جيتوڻينڪ انڌن کي واٽ ڏيکاريندڙ ڪتن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. پر انهن کي خاص ڪري انهيءَ ڪم لاءِ سکيا ڏيڻ جو ڪم تازوئي شروع ڪيو ويو آهي.

انگليند ۾ پهريئن سکيا مرڪز جي شروعات ليرمنگٽن سپا، وارو ڪشاير، مينگائڊ ڊاگز فاردي بلائينڊ ائسوسئيشن پاران 1941ع ۾ ڪئي وئي هئي ان وقت کان اڄ تائين ٻه ٻيا سکيا جا مرڪز برپا ڪيا ويا آهن انهن جي ڪاميابي سبب هڪ چوٿون مرڪز به کلڻ وارو آهي هن وقت اها ائسوسيشن پنهنجن ٽن مرڪزن  وسيلي هر سال اٽڪل 180 سکيا حاصل ڪيل، واٽ ڏيکاريندڙ ڪتن جو بندوبست ڪري ٿي. ان ڪم لاءِ مختلف نسلن جي ڪتن کي سکيا ڏني ويندي آهي. انهن ۾ اٽڪل 80 سيڪڙو لئبريڊر ڪتا ٿيندا آهن. ڪجهه ڪتا ته ڪتن جي نسل پئدا ڪرڻ وارن ادارن طرفان خيرات ۾ ڏنا ويندا آهن ۽ ڪجهه ڪتا ائسوسئيشن پاڻ خريد ڪندي آهي. سکيا لاءِ 14 کان 18 مهينن جي عمر جي ڪتن کي کنيو ويندو آهي.

انهن ڪتن کي پهرين بنيادي صفائيءَ جي عادت وڌي ويندي آهي.  انهن کي پنهنجو نالو ٻڌڻ تي ۽ سڏ ڪرڻ واري وٽ پهچڻ جي سکيا ڏني ويندي آهي. ۽ کين چئيوان بڻايو ويندو آهي. ڪتن کي اها سکيا خانگي گهرن ۾ ڪن خدمتگارن طرفان ڏني ويندو آهي.ان کان پوءِ ئي کين سکيا مرڪزن ۾ موڪليو ويندو آهي.

·  افسر حسين شاهه، شڪارپور

سٺو ۽ خراب

 

”يار هيترا ڏينهن ڪٿي هئين؟“

”ويو هوس ٻنين تي.“

ڏاڍو سٺو.“

”ايترو سٺو نه جو تازو ٻوڏ منهنجي ٻنيءَ ۾ آئي.“

”اهو ته ڏاڍو خراب ٿيو.“

”ايترو خراب نه جو لئو پوڻ سان زمين ٺهي پئي.“

”پوءِ ته ڏاڍو سٺو ٿيو.

”ايترو سٺو نه جو بيٺل فصل ٻڏي ويو.“

”ڏاڍو خراب ٿيو.“

ايترو خراب جو اڳئين فصل جي ڪسر نئين فصل ۾ ملي وئي.“

”ڏاڍو سٺو ٿيو.“

”ايترو سٺو نه جو برسات سبب ديري ۾ ڪجهه ان خراب ٿي ويو.“

”اهو ته خراب ٿيو“

”ايترو خراب نه جو سرڪار اگهه وڌائي ڇڏيا ۽ اهو فائدو ملي ويو.“

”ڏاڍو سٺو ٿيو.“

”ايترو سٺو نه جو پئسا وٺي پئي آيس ته ڪو شاهينگ پئسن جو ٿيلهو چورائي ويو.“

”ڏاڍو خراب ٿيو.“

”ايترو خراب نه جو ٿيهلو آخر پوليس لڌو.“

”واه ڏاڍو سٺو ٿيو.“

”ايترو سٺو نه جو پئسن جو حصو ڇو ته پوليس مٿان کائي وئي.“

”ڏاڍو خراب ٿيو.“

”ادا خراب ٿيو يا سٺو ٿيو. هاڻي ڇا ٿيندو. اچ ته هاڻ گهمي اچون.“

ٽي شيون

ٽي شيون زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ملنديون آهن.

1.                  ماءُ پيءُ 2. حسن  3. جواني.

”اختر“ سمون لاڙڪاڻو.


 

·   خدا بخش جويو

ڪاش! آئون پکي هجان

 

چوڏهينءَ جي رات هئي. چنڊ اڱڻ  تي چانديءَ جي برسات وسائي رهيو هو. رکي رکي ڪي ڪڪر چنڊ جي چهري کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪرڻ آيا ٿي. شهناز ورانڊي ۾ پنهنجي بستري تي ننڊ پئي هئي. ڪنهن وقت اوچتو سندس مٿان ڪجهه پاڻيءَ جا ٽيپا ڪريا. هوءَ ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺي. مٿي نهاريائين ته ڇت تي هڪ نانگ ڏسڻ ۾ آيس، جيڪو ڪبوتر کي کائڻ لاءِ وڌي رهيو هو. ڪبوتر جي ڀر ۾ هڪ جهرڪ ويٺو هو، جو ڪبوتر جو دوست هو. ڪبوتر تي حملو ٿيندي ڏسي شايد سندس اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. جيڪي شهناز جي مٿان ڪريا هئا ۽ هوءَ ڇرڪ ڀري جاڳي پئي هئي. شهناز هيءَ ماجرا ڏسي هنڌ تان اُٿي ۽ گُليل کڻي نانگ کي نشانو ڪيو. نانگ ڌڪ لڳڻ سان هيٺ زمين تي ڪريو ۽ شهناز کيس ڏنڊو هڻي ماري وڌو. جهرڪ نانگ کي مئل ڏسي پنهنجي دوست ڪبوتر ڏانهن ڀڙڪي کاڌي ۽ کيس کنڀن ۾ چهنبيون هڻي سجاڳ ڪيائين. ان بعد”ٽيون ٽيون، ڪري کيس حقيقت ٻڌايائين.

صبح ٿيڻ تي ڪبوتر ۽ جهرڪ پاڙي واري گهر ۾ داڻا چڳي رهيا هئا ته شهناز جي هڪ ساهيڙيءَ دام وجهي جهرڪي کي ڦاسائي ورتو. ڪبوتر پنهنجي دوست کي ڦاٿل ڏسي شهناز وٽ آيو ۽ سندس اڳيان ويهي اکين مان لڙڪ لاڙڻ لڳو.

”ڪبوتر سان گڏ سندس دوست نه آهي. شايد ڪٿي ڪنهن ڦاسايو نه هجي.“ شهناز سوچيو.

ان بعد ڪبوتر اِشارن سان شهناز کي سندس ساهيڙيءَ جي گهر وٺي آيو. شهناز جي ساهيڙي جهرڪ کي هٿن ۾ کڻي دل وندرائي رهي هئي. شهناز وڃڻ سان جهرڪ کي آزاد ڪرايو ۽ هو ڀڙڪو ڏئي وڃي ڪبوتر سان مليو. گهڻن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ وري ڪبوتر ۽ جهرڪ شهناز جي ڀر ۾ اچي خوشيءَ مان ٽپڪيون ڏيڻ لڳا. شهناز سوچيو ته هنن جي خوشي اجائي ڪانه آهي. ان ڪري هوءَ ٻنهي پيارن پکين سان سندس اشارن تي گڏجي هلي.

ڳوٺ کان ٻاهر ٻئي پکي اچي هڪ وڻ تي ويٺا ۽ شهناز وڻ جي ڇانو ۾ويهي رهي. ٿڌي هوا لڳي رهي هئي ۽ وڻ جون ٽاريون جهومي رهيون هيون.  شهناز وڻ هيٺان ليٽي پئي، ٿوري وقت کان پوءِ ڏسي ته ڪبوتر ۽ جهرڪ وڻ جي پاڙ ۾ چهنبون پيا هڻن، ۽ ٻوليون پيا ڪن.

”شايد هن وڻ هيٺ ڪا شيءِ آهي جو هي پيارا پکي خوشيءَ ۾ زمين تي چهنبون هڻي رهيا آهن“. شهناز سوچيو.

۽ پوءِ گهر وڃي ڀاءُ کي ڪوڏر سميت وٺي آئي. ٻنهي ڄڻن وڻ جي پاڙ کي کوٽڻ شروع ڪئي. ٿوريءَ کوٽائيءَ کان پوءِ هنن هڪڙي ڪپڙي جي هڙ ڏٺي جا کڻي کولين ته اُن ۾ سونا زيور پيا آهن.

”اڙي ادا هي ته پاڻ وارا زيور آهن! جيڪي ڏهه پندرهن مهينا ٿيندا جو چوري ٿي ويا هئا. ويچارا پکي ڪيڏا نه سياڻا آهن؟ چورن کي چوري پوريندي ڏٺو هوندائون. سچ ته پکي به ڪنهن جو احسان ڪو نه ٿا وسارين، شهناز خوشيءَ مان چيو. ايتري ۾ ٻئي پکي ڀڙڪو ڏئي اُڏامي ويا. شهناز ڀاءُ سان گڏجي گهر آئي. ماءُ سان سڄي حقيقت ڪيائون جا پڻ ڏاڍي خوش ٿي.

هڪ ڏينهن شهناز ڳوٺ جي ٻاهران پي ويئي. جڏهن ٿڪجي پئي ته هڪ وڻ جي هيٺان سمهي رهي. ڪنهن وقت جاڳي کڻي ڏسي ته سندس اڳيان ڪبوتر ۽ جهرڪ رانديون پيا کيڏن. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ کين پڪڙڻ لڳي. پکي اُڏامي وڃي وڻ تي ويٺا ۽ ٿوريءَ ديرکان پوءِ

”ٽيون ٽيون“ ڪندا هڪ طرف اڏامي ويا.

شهناز حسرت مان کين گهڻي دير تائين ڏسندي رهي ۽ سوچيندي رهي ته:”ڪاش! آءُ به جيڪر پکي هجان ها ته هنن پيارن پکين وانگيان اڏامي وڃان ها ۽ مٺيون مٺيون ٻوليون ٻوليان ها!!


 

·   لڇمڻ داس ٻُڌو مل مٺي

نيپولين جي سڃاڻپ

 

هڪ دفعي نيپولين پنهنجن سپاهين سان گڏ شڪار تي روانو ٿيو ۽ شڪار ڪندي ڪندي، پنهنجن سپاهين کان گهڻو پري نڪري ويو  ۽ هڪ هاريءَ سان مليو ۽هاري کان پڇائين ته ٻڌاءِ توهان کي هن ملڪ جو بادشاهه پسند آهي؟ هاريءَ چيو: ها، اسان سڀني کي هتي جي شهنشاهه لاءِ عزت آهي. ”ته ڇا توهان انهيءَ سان ملاقات ڪندا؟“ نيپولين پڇيو”ڇو ته مون کي تمام گهڻي چاهنا آهي ساڻس ملاقات ڪرڻ جي. مون کي تون سرڪاري ماڻهو لڳين ٿو ڇا تون مون کي بادشاهه سلامت سان ملائيندين؟“ هاري پڇيو.  ”ها“  نيپولين وراڻيو. ”تون مون سان گڏ هل ته توکي بادشاهه سان ملايان. بادشاهه هتي هن جهنگ ۾ ڪئمپ لڳائي آهي ۽ اتي ويٺو آهي.“ جڏهين هي ٻئي ڪئمپ ڏانهن هلڻ لڳا تڏهين رستي ۾ هاري پڇيس، هُتي ڪئمپ ۾ ته سڀني کي ٽوپيون پاتل هونديون پوءِ آءُ بادشاهه سلامت کي ڪيئن سڃاڻندس؟“ نيپولين وراڻيو ته سڀيئي سپاهي پنهنجون ٽوپيون لاهي بادشاهه کي سلام ڪندا پوءِ تون سڃاڻي وٺجان، جڏهين هي ڪئمپ ۾ پهتا تڏهين سڀني سپاهين پنهنجو ٽوپيون لاهي نيپولين کي سلام ڪيو. تڏهين هن هاريءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڏٺو بادشاهه؟ هاريءَ جواب ڏنو: سائين مون کي ته سمجهه ۾ ئي ڪو ٿو اچو. سو وري ڪيئن؟ نيپولين پڇيو. هاري وراڻيو،”ٽوپيون ته پاڻ ٻنهي کي پاتل آهن، هاڻِي الائي نيوپلين تون يا آءُ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com