عجيب ماڻهو:
يوگو سلاويه جي هڪ سرڪس منجهه هڪ اهڙو ماڻهو آهي،
جيڪو لوهه کائيندو آهي. هي ماڻهو هن وقت تائين
22،500(بليڊ)، هڪ ٽن پتل جو سامان، چمچا ڇريون،
ڪوڪا ۽ ٻيا ڪيترائي مشيني پرزا کائي چڪو آهي.
هينئر پروڙ پئي آهي ته هن ماڻهوءَ هڪ پراڻي بس
خريد ڪئي آهي، جنهن کي هو ايندڙ ٻن سالن منجهه
کائي چٽ ڪندو.!
·
رسول بخش سرائي- حيدرآباد
1- آمريڪا ۾ 700 ريڊيو اسٽيشنونآهن.
2- آمريڪا ۾ 12 ڪروڙ ٽيليفون آهن.
3- روس ۾ اخبارن جو تعداد 8 هزار آهي.
4- روس ۾ هڪ لک پنجاهه هزار سئنيما هائوس آهن.
5- دنيا ۾ مسلمانن جو تعداد 75 ڪروڙ آهي.
6- دنيا ۾ آزاد ملڪ 232 آهن.
·
اڪرم سومرو، خيرپور
1- عڪس ريزدان رانگٽن ايجاد ڪيو.
2- ڊائنا مينٽ الفريڊ نويل ايجاد ڪيو.
3-سڀ کان اول بحري جهاز سن 1340ع ۾ ٺاهيو ويو.
4-سڀ کان اول تلوار اصفهان ۾ ٺاهي ويئي.
5-دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيل جا چشما ڪويت ۾ آهن.
6-دنيا ۾ چمڙو ئي اهڙو پکي آهي، جو بنا آنن جي ٻچا
ڏئي ٿو.
7-پيٽرول تي سڀ کان پهرين گاڏي ڊيلمز سائنسدان سن
1888ع ۾ ٺاهي هئي.
·
اسلم سنديلو، لاڙڪاڻو
1- سڀ کان وڏو عجائب گهر انگلينڊ ۾ آهي.
2-سڀ کان وڏو هوائي اڏو اڊلي والڊ آمريڪا ۾ آهي.
3-سڀ کان وڏو گهڙيال ماسڪو ۾ آهي.
4-سڀ کان وڏو باغ چلي پٿر وارو پارڪ آمريڪا ۾ آهي.
پرولي ته ڀڃ
الهه بخش سولنگي دڙو.
1.هيڏو هيڏو ڏڙهو، موتين جڙيو، پاڻي پي وڻ تي
چڙهيو.
2. اها ڪهڙي کاڌي جي شيءِ آهي، جنهن جو پويون اکر
ڪڍي ڇڏجي ته هڪ وڏي اسلامي ملڪ جو نالو ٺهي پوي.
·
غلام حسين مشتاق زرداري بلوچ
3. ڳڙ کايو ڳوٿري ڇڏيو وڃين.
·
سڪندر علي بلوچ ڳوٺ گل محمد چانڊيو
4. کڻان ته ٻه رکان ته هڪ.
·
الطاف حسين بلوچ لاڙڪاڻو.
5. وڻ کي ساڙي چوڦير ڦري.
·
ظهير احمد ٽنڊو محمد خان.
6. پاڻي ڏينس ته پي وڃي، ماني ڏينس ته رکي هجي.
·
عبدالوحيد راڄپر نئين باڊهه
7- ٻڪريون لک هزار، جن جو ڌنار هڪڙو.
8- ڪٽوري ۾ ڪٽورو، پٽ پيءُ کان ڳورو.
·
محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻو
9. ٻٽيهن ماڻڪن ۾ بلبل نچي.
·
مس سلما رضوي دڙو
10- ڳاڙهي ڳئون سڪل ڪاٺ چري.
ڀڃڻي
1- ماکي. 2- مصري. 3- پڪا. 4- آرسي. 5- بيپاڙي ول.
6- وڻ. 7- چنڊ ۽ تارا. 8- ناريل. 9- ڄڀ. 10- باهه
کل ته سهي
·
عبدالغفور ميمڻ، دڙو
هڪ ٿلهو ماڻهو هاٿيءَ تي چڙهي اچي رهيو هو ته هڪ
ڇوڪرو کيس گڏيو، جو کيس ڏسي بيهي رهيو. ٿلهي
ماڻهوءَ چيو: ڇو، ڇوڪرا ڪڏهن هاٿي ڪو نه ڏٺو اٿئي
ڇا؟ ڇوڪري چيو ته هاٿي ته ڏٺو اٿم، پر هاٿيءَ
مٿان هاٿي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو.
·
ميمڻ عبدالوحيد سنڌي، لاڙڪاڻو.
هڪ سيٺ پنهنجي نوڪر کي ٽوڪيندي چيو ته تون ته ڪو
گڏهه جو پٽ آهين. نوڪر کيس جواب ڏنو ته سائين،
نوڪر به ته مالڪن جا ٻچا ٿيندا آهن، جنهن تي سيٺ
ڏاڍو شڪي ٿيو.
·
اعجاز علي ٽالپر، ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر.
هڪ ڳوٺاڻو چڻن جي ڀري کڻي شهر ۾ وڪڻن لاءِ ويو
بازار مان لنگهندي اوچتو هڪ سائيڪل سان ٽڪرجي پيو.
سائيڪل سوار ڳوٺاڻي کان معافي وٺندي چيو: ”آءِ ايم
ساري“ ڳوٺاڻي جواب ڏنس، ساريون نه آهن چڻا آهن.
·
رياض يوسفاڻي، ڏيپلو
ماءُ: (ڌيءَ کي) مون تو کان پاڻي گهريو، پر تو
اڃا نه ڏنو آهي.
ڌيءَ: امان پاڻي تمام گندو هو. مون صابڻ وجهي ڇيو
آهي ته ڀل صاف ٿئي پوءِ ڏيان.
·
عبدالعزيز رنگريز، ميرپور بٺورو
فريد: (جميل کي) انگريزيءَ ۾ گڏههِ ڇا کي چوندا
آهن.
جميل: (معصوميت مان) ڊانڪي.
فريد: ۽ گڏهه کي ڇا چوندا آهن.
جميل: ڊانڪا.
·
سريش لعل تهراڻي، ڪنڌڪوٽ
ماءُ: پٽ کي تنهنجو خيال ڪٿي آهي.
پٽ: (ماءُ کي) ڪٻٽ ۾ رکيل مٺائيءَ ۾ آهي.
·
عبدالمالڪ ميمڻ، مٽياري
ٻه بيوقوف هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياهه جو سير ڪري
رهيا هئا، ان ٻيڙيءَ ۾ هڪ سوراخ هو، هڪ بيوقوف ڊپ
مان چوڻ لڳو ته هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي.ٻئي جواب ڏنو ته
هاڻي ٻيو به سوراخ ڪرڻ گهرجي ته هڪ سوراخ مان پاڻي
اچي ۽ ٻئي سوراخ مان پاڻي نڪري وڃي.
·
گلزار علي ميمڻ، دڙو
امير: (غريب کي) اگر خدا تنهنجي فقط هڪ ڳالهه قبول
ڪري ته تون ڇا گهرين؟
غريب: دولت.
امير: آءُ ته ايمان گهرندس.
غريب: هائو سائين، جنهن کي جنهن شئي جي ڪمي هوندي
آهي، سو اها ئي گهرندو آهي.
·
محمد بخش بلوچ ڏاهاڻي، ڪراچي.
هڪڙو همراهه کير جي ڳولا ڪندو ڪنهن واڙي تي پهتو.
واڙي واري کي چيائين ته ادا مون کي کير کپي، پر
هجي صاف ۽ سچو. پوءِاوهان ڀلي مون کان چار آنا سير
تي مٿي وٺو. واڙي واري اها ڳالهه قبول ڪئي. پهرين
۽ ٻئي ڏينهن تي همراهه کي جيڪو کير مليو، هو ان
مان خوش هئو، پر جڏهن ٽئين ڏينهن تي هو کير وٺڻ
لاءِ واڙي تي پهتو ته واڙي واري جي ننڍڙيءَ
ڇوڪريءَ کير آڻي ڏنس. همراهه کير کي لوڏيندي پڇيو
ته ڇو اڄ کير ڇڊو آهي، تنهن تي ڇوڪريءَ چيو ته ها
اڄ بابا کي پائوڊر جي ٿيلهي نه ملي سگهي، ان ڪري
کير ڇڊو آهي.
·
بابو عبدالرشيد ابڙو، شڪارپور
مشتاق: گاهه کائڻ ڪري اکيون ڪڏهن به خراب نه
ٿينديون آهن.
رزاق: تون ڪيئن چئي سگهين ٿو.
مشتاق: ڇاڪاڻ جو مان ڪڏهن به گهوڙن ۽ گڏهن کي عينڪ
ڪا نه ڏٺي آهي.
·
ٽيڪچند پريمي، ٽنڊو باگو
هڪڙي بادشاهه جو ڪتو مري ويو، ان ڪري بادشاهه روئڻ
لڳو ۽ ان جو نوڪر بادشاهه کان به گهڻو روئي رهيو
هو، بادشاهه پڇيوته تون ڇا جي لاءِ پيو روئين نوڪر
ٺهه پهه جواب ڏنس مون کي ٿانوَ صاف ڪرائيندو هو.
·
حسن محمود ڀٽي، دڙو
پٽ: (ماءُ کي) امان ٻوڙ ختم ٿي ويو، هاڻ ماني ڇا
سان کان؟
ماءُ: پٽ ماني هٿن سان کاءُ.
هنن سان ملو
[پيارا ٻارؤ؛ گل ڦل جو هي ڪالم، ٻارن کي هڪ ٻئي
سان ڄاڻ سڃاڻ ۽ لاڳاپو رکڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي،
جنهن جو نتيجو هڪ طرف ته سٺو نڪتو آهي، پر ٻئي طرف
ڪن شرير ٻارن، ان کي غلط نموني استعمال ڪرڻ شروع
ڪيو آهي. ڪيترائي ٻار هڪ ٻئي کي گندا خط لکن ٿا،
جنهن جون شڪايتون اسان تائين پهتيون آهن، اها
ڳالهه ٻارن خواهه ٻارن جي پردي ۾ اهڙن خراب خطن
لکندڙن لاءِ سٺي نه آهي. دنيا جي ٻين قومن جا ٻار
ڄاڻ سڃاڻ جي ڪالمن مان علمي، ادبي ۽ ثقافتي فائدا
وٺي رهيون آهن ته پوءِ اسان جا سنڌي ٻار ان ڏس ۾
پٺتي ڇو ٿا رهن. ڪيترائي ٻار، فرضي ڇوڪرين جا
نالا، هن ڪالم ۾ شايع ڪرائين ٿا، جيڪا ڳالهه به
اخلاقي طور سٺي نه آهي. مثال طور گذريل مهيني ۾
ميمبر نمبر 490 رخسانه ميمڻ جي نالي سان شڪارپور ۾
ڪا به ڀيڻ ڪانهي. اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي
شڪايتون اسان جي آڏو آيون آهن. اسان کي تمام گهڻا
خط آيا آهن ته هي ڪالم بند ڪريو، پر ڏسون ٿا ته
ائين ڪرڻ سان، ٻارن ۾ ڄاڻ سڃاڻ جو جذبو گهٽجي
ويندو. ان ڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته اڄ کان وٺي
هن ڪالم ۾ صرف انهن ڀائرن جا نالا شايع ڪيا ويندا،
جن جي خط تي اسڪول جي هيڊ ماستر جي سندس مهر سان
صحيح ٿيل هوندي ۽ ڀينرن جا نالا وندر وغيره شايع
ڪبا پر سندن ائڊريسون شايع ڪو نه ڪبيون، جن به
ڀينرن کي هڪ ٻئي سان خط و ڪتابت ڪرڻي هوندي ته اهي
گل ڦل جي معرفت خط و ڪتابت ڪري سگهن ٿيون. اسان کي
اميد آهي ته اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون اسان جي هن
فيصلي جي آجيان ڪندا ۽ ساٿ ڏيندا. – ايڊيٽر]
511- : نالو کنڊومل. ڪلاس: اٺون. وندر: ڪرڪيٽ.
ائڊريس: نيلارام پارواڻي ميرپور بٺورو.
512- نالو: ڪرشن ڪمار. ڪلاس ڇهون. وندر: ڪيرم
راند. ائڊريس: معرفت ڇاڱومل ٽنڊو باگو.
513-نالو: الهه بچايو چانڊيو. پڙهندڙ ڪلاس ستون
اي. وندر: قلمي دوستي رکڻ خطن جا جواب جلد ڏيڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو جان محمد.
514- نالو محمد حنيف ولد محمد اسماعيل. عمر: 8
سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري
اسڪول چوهڙ جمالي تعلقو شاهه بندر.
515- نالو: احمد خان ڪانڌڙو. عمر: 16 سال. وندر:
گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: حاجي يوسف
ڪانڌڙو دڪاندار دڙو، ضلعو ٺٽو.
516- نالو: اشوڪ ڪمار آزاد ڊي. لهاڻه. ڪلاس:
نائون. عمر 12 سال. وندر: انائونسنگ ڪرڻ ۽ ڊرامن ۽
تقريرن ۾ حصو وٺڻ. ائڊريس: ڍالومل موتي مل وڪيل
ٽنڊو9 باگو ضلعو بدين.
517- نالو: عبدالخالق ولد حاجي عطر خان مستوئي.
عمر: 16 سال. وندر: قلمي دوستي. ائڊريس: ڳوٺ حاجي
عطر خان مستوئي.
518- نالو: شمس الدين احمد ولد محمد دين کوکر.
پڙهندڙ: ڪلاس ڇهون. عمر: 13 سال. وندر: گل ڦل پاڻ
پڙهڻ ۽ ٻين کي پڙهي ٻڌائڻ ۽ گهر جو ڪم ڪرڻ.
ائڊريس: مڊل اسڪول درويش نائچ ميرپور ماٿيلو.
519- نالو: غلام رضا خواجه ولد طالب خواجه.
پڙهندڙ: ڪلاس اٺون. عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي
رکڻ. ائڊريس: ڪوڪا ڪولا ايجنسي بس اسٽاپ ميرپور
بٺورو.
520- نالو: نصرالله. پڙهندڙ: ڪلاس نائون. عمر: 15
سال. ائڊريس: نظير جنرل اسٽور دڙو.
521- نالو: اعجاز علي راڄپر. پڙهندڙ: درجو ٽيون.
عمر: 7 سال. ائڊريس: گهر نمبر 913-6 دڙي محلو
لاڙڪاڻو.
522- نالو: محمد انور ڪوٽائي. پڙهندڙ: ڪلاس اٺون
سنڌي. عمر: 13 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا
جواب ڏيڻ. ائڊريس: معرفت ڪوڪا ڪولا ايجنسي بس
اسٽاپ ميرپور بٺورو.
523- نالو: ديدار حسين ڪوٽائي. پڙهندڙ: ڪلاس پنجون
سنڌي. عمر: 12 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا
جواب ڏيڻ. ائڊريس: ڪوڪا ڪولا ايجنسي بس اسٽاپ
ميرپور بٺورو.
524- نالو: محمد بخش ولد ربن ملاح. پڙهندڙ: ڪلاس
ستون اي. عمر: 10 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ، ائڊريس:
جئي سنڌ ڪتاب گهر سڪرنڊ.
525- نالو: اصغر علي پنهور ولد محمد يوسف پنهور.
ڪلاس: پنجون. عمر: 12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽
قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: معرفت جانورن جي اسپتال
ميرپور خاص.
526- نالو: سريش لعل ٿهراڻي. پڙهندڙ: ڪلاس اٺون.
عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.
527- نالو: مشتاق احمد ولد عبدالرحيم ميمڻ. عمر:
11 سال. پڙهندڙ: ڪلاس ستون. وندر: چترڪار ٺاهڻ ۽
گل ڦل پڙهڻ ۽ وڪڻڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
دڙو سنڌ لڳ محمد واهه.
528- نالو: انعام علي ”عاجز“ ملاح. پڙهندڙ: ڪلاس
ستون سنڌي. عمر: 13 سال. وندر: ”گل ڦل“ ۽ ٻيا
رسالا پڙهڻ. ائڊريس: ظفر حسين ملاح ڪوارٽر نمبر 61
سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشورو.
529- نالو: تاراچند ايل نماڻا. پڙهندڙ: ڪلاس ڏهون
اي. عمر: 13 سال. وندر: دوستن کي فون ڪرڻ. ائڊريس:
تاراچند ايل نماڻا معرفت اميرميڊيڪل اسٽور ٽنڊو
باگو.
530- نالو: افتخار احمد ميمڻ. پڙهندڙ: ڪلاس نائون
اي. عمر: 13 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي.
ائڊريس: گهر نمبر 1-2445، اي 114 جيل روڊ هيرآباد
حيدرآباد.
531- نالو:جئرامداس ولد راهندمل. پڙهندڙ: ڪلاس
ڇهون. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ علم سان چاهه. عمر: 13
سال. ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول، ڪنڌڪوٽ.
532- نالو: زاهد حسين ملاح جعفري. پڙهندڙ: اٺون
ڪلاس. عمر 13 سال. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول،
کهڙا شريف.
533- نالو: اختر حسين دايو. ڪلاس: چوٿون. وندر: گل
ڦل پڙهڻ. ائڊريس:اختر حسين دايو، ميرپور ٻرڙو.
534- نالو : سرفراز حسين ميمڻ. عمر: 15 سال. ڪلاس:
ڏهون- اي. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ قلمي دوستي نڀائڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، مورو.
535- نالو: نذير احمد کوکر. عمر: 12 سال. پڙهندڙ
ڇهون درجو. وندر: علم سان چاهه ۽ رسالا پڙهڻ.
معرفت: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، باڊهه.
536- نالو: ارشاد علي کوکر. عمر: 14 سال. پڙهندڙ
ستون درجو. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، باڊهه.
537- نالو: غلام مصطفيٰ کوسو. عمر: 14 سال. وندر:
گل ڦل پڙهڻ. معرفت: محمد عثمان کوسو، اسٽامپ وينڊر
بدين.
538-نالو: منور عالم انصاري. عمر: 11 سال. پڙهندڙ:
درجو ڇهون. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ٻليون پالڻ.
ائڊريس: لطيف آباد نمبر 2، بنگلو نمبر بي. 61 نيئر
پاسپورٽ آفيس، حيدرآباد سنڌ.
539- نالو علي خان زرداري بلوچ. عمر: 15 سال.
پڙهندڙ: ڏهون- اي. وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ پڙهڻ
سان چاهه. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سرهاڙي.
540- نالو: شهزادو ج. ڪ. بجاج ولد ڪشنچند بجاج.
پڙهندڙ: دستون اي. عمر: 13 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ
ٽڪليون گڏ ڪرڻ. ائڊريس: ميرپور ماٿيلو ضلعو سکر
سنڌ.
541- نالو: رام چند بجاج ولد ڪشنچند بجاج. پڙهندڙ:
چوٿون اي. عمر: 10 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس:
ميرپور ماٿيلو.
542- نالو: امر لعل ولد ڪرشنداس گوئنداڻي. پڙهندڙ:
چوٿون اي. عمر: 10 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ائڊريس:
ميرپور ماٿيلو.
543- نالو: مختيار علي سومرو. عمر: 10 سال. وندر:
سنڌي رسالا پڙهڻ. پڙهندڙ: درجو ستون ”بي“. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول، ڪنڌڪوٽ.
544- نالو: اشوڪ ڪمار ولد آنند پرڪاش ڀوڄواڻي.
پڙهندڙ: ڪلاس ستون. عمر: 14 سال. وندر: گل ڦل
پڙهڻ. ائڊريس: اشوڪ ڪمار ولد آنند پرڪاش، ڪنڌڪوٽ.
545- نالو: عبدالوحيد ڪلاس: ستون. عمر: 12 سال.
وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گودڙا گلي، نئين باڊهه.
·
چوهڙ جماليءَ کان ماڌوداس موتيرام لکي ٿو:
ڀاءُ ايڊيٽر:
”گل ڦل“ اسان جو پنهنجو رسالو آهي. اسين گهڻي شوق
سان اُن جو انتظار ڪندا آهيون، پر رسالو ڏاڍو دير
سان شايع ٿئي ٿو، ان جو ڪو بندوبست ڪندا ۽ سوال
جواب جو ڪالم شروع ڪريو ته بهتر.
[ادل، گل ڦل جو اصلي روح اوهين ٻارڙا آهيو، جن جي
ئي ساٿ سان گل ڦل جي بهار قائم آهي. دير سان شايع
ٿيڻ لاءِ ڪجهه مجبوريون هيون، جي دور ٿي ويون آهن.
هاڻي اوهان کي انتظار ڪو نه ڪرائبو. سوال جواب جو
ڪالم شروع ڪرڻ لاءِ اڃا حالتون سازگار ڪو نه آهن.]
·
سيوهڻ کان غلام مصطفيٰ اوٺو لکي ٿو:
گل ڦل رسالو جڏهن مون شهر مان خريد ڪيو ۽ گهر ۾
پڙهيو ته ڏاڍو وڻيو ۽ رات ڏينهن ان کي پڙهي دل کي
خوش ڪيو. هن رسالي ۾ گهڻيون ئي منهنجي پسند جون
ڪهاڻيون به پڻ هيون. مان به ڪهاڻيون، پنهنجو فوٽو،
سهڻا سخن، بيت، ٽهڪڙا ۽ پنهنجي واقفيت ڏياري
موڪليندس. انشاءُ الله! ڀيڻ ڪنيز فاطمه دڙو کي
شاباس هجي جو هن اديءَ اسان جي سنڌڙيءَ جي سرتاج
لال شهباز قلندر تي سهڻي ۾ سهڻو مضمون لکيو آهي.
اميد آهي ته گل ڦل اڳتي هلي بهترين بنجندو ۽ سنڌ
جي ننڍن پيارن ٻارن جي اڳيان چمڪندڙ چوڏهين جي چنڊ
وانگر نظر ايندو اسان ڀاءُ نگران صاحب ادي غلام
رباني جا ٿورائتا آهيون، جنهن سنڌ جي ٻارن ۾ پڙهڻ
جو شوق ۽ چاهه وڌايو آهي.
[ادا؛ گل ڦل اوهانکي وڻيو. اسان کي خوشي ٿي ته
اسان جي محنت ساب پيئي. اوهان وٽان جيڪو به مواد
ايندو، اهو ضرور شايع ڪبو.]
·
ڳوٺ ڀليڏنه ڪاڪا کان مولا بخش ڪاڪا لکي ٿو ته:
گل ڦل هڪ بهترين رسالو آهي، جنهن ۾ ٻارن لاءِ
سٺيون سٺيون ڪهاڻيون نصيحت ۽ مواد شايع ٿئي ٿو.
اسان سنڌي ادبي بورڊ جهڙي عظيم اداري ۾ اميد رکون
ٿا ته هو اڃا به گل ڦل کي وڌيڪ ترقي وٺرائيندو.
”اوهان جو امتحان“ هڪ سٺو ڪالم آهي. پروليون بند
ڪريو ۽ ان جي جاءِ تي سوال ۽ جواب جو ڪالم شروع
ڪريو ته سٺو ٿيندو.
آخر ۾ منهنجو عرض آهي ته، ڇوڪرا گهڻو ڪري ساڳيون
ساڳيون ڪهاڻيون ٿا ڏين مهرباني ڪري انهن کي چئو ته
ائين نه ڪريو.
[ادا؛ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ادب لاءِ پاڻ پتوڙي
رهيو آهي. نقل ڪيل ڪهاڻين لاءِ ٻارن کي هدايت ڪيل
آهي. سوال جواب جو ڪالم في الحال شروع نٿو ڪري
سگهجي.]
·
ڳوٺ غازي کهاوڙ کان خدا داد کهاوڙ لکي ٿو:
رسالو گل ڦل پڙهي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. سنڌي رسالا
۽ ڪتاب پابنديءَ سان خريد ڪندو آهيان. گل ڦل تمام
سٺو رسالو آهي ۽ اهو رسالو اسان جي دل وٽان آهي ۽
ٻارن کي گهرجي ته تاريخي ڪهاڻيون لکي موڪلين. اسان
ڪيترا خط لکيا آهن، پر جواب ڪو نه ڏنو وڃي ٿو.
[ادا؛ اوهان جو هي پهريون خط آهي ۽ جواب حاضر آهي.
رسالو اوهان کي وڻيو، ان لاءِ مهرباني.]
·
خانپور کان الاهي بخش زخم لکي ٿو ته:
ادا؛ السلام عليڪم:
مان ڪافي وقت کان گل ڦل پڙهندو اچان ٿو. سنڌ اندر
هي سنڌي رسالو گهڻي وقت کان نڪرندو اچي ٿو. ”گل
ڦل“ جي مقبوليت جو اهو واحد ثبوت آهي. هن رسالي جا
جيڪي به ايڊيٽر پئي ٿيا آهن، سي سڀ ايماندار ۽
محنتي رهيا آهن. ان ڪري به رسالو مقبول ويو آهي.
توهان جي اچڻ کان پوءِ ته ”گل ڦل“ ۾ چار چنڊ لڳي
ويا آهن، ڇاڪاڻ ته توهان ٻارڙن جي هر فرمائش پوري
ڪئي آهي. هي رسالو هن وقت ترقي جي منزل تي پهچي
چڪو آهي، پر ان ۾ مون کي ڪجهه گهٽتايون محسوس ٿين
ٿيون، اهي هي آهن.
1- رسالي ۾ شعر، نظم ۽ بيت تمام گهٽ ڏنا وڃن ٿا، ۽
ڪنهن ڪنهن مهيني ۾ ته صفا نٿا ڏنا وڃن.
2-رسالي ۾ ”ننڍڙا چترڪار“ جي عنوان سان هڪ ڪالم
هئڻ گهرجي. جنهن ۾ تصويرن سان گڏ مزاحيه ڪارٽون به
هجن.
3- هر ڪنهن مهيني ۾ ڪنهن نه ڪنهن شاعر يا اديب جو
انٽرويو ڏيو.
4- رسالي کي با تصوير بڻايو ته وڌيڪ سٺو ٿيندو.
اميد ته مٿين ڳالهين تي ڌيان ڏيندا.
[ادا؛ گل ڦل کي ٻارن لاءِ دلچسپ بنائڻ لاءِ اسان
ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اوهان جون
تجويزون نهايت سٺيون آهن. ڪوشش ڪنداسون ته انهن تي
جلد عمل ڪري سگهجي.]
·
ميرپور خاص کان محمد علي پياسي لکي ٿو:
اوهان گل ڦل شايع ڪري ٻارن جي ايڏي وڏي خدمت ڪري
رهيا آهيو. ادا اهو تمام وڏو نيڪ ڪم آهي. ادا اسين
سنڌ جا ٻار هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
سنڌيءَ ۾ شايد اهو واحد رسالو ”گل ڦل“ آهي، جنهن ۾
اسين پنهنجا رايا موڪلي سگهون ٿا.
ادا مون تازو پرچو پڙهيو. تمام سٺو هو، هن پرچي
جون آکاڻيون تمام سٺيون هيون، ۽ هٿ قلم کڻڻ کان نه
رهيو. قلم کڻي ۽ پنهنجو رايو اوهان جي آڏو پيش ڪري
رهيو آهيان. اميد ته غور ڪندا.
1- رسالي جا ڪجهه صفحا وڌائي قيمت ڀلي وڌائيندا.
2-”هنن سان ملو“ کي ڪٽي ان جي جاءِ تي هڪ نئون
ڪالم قلمي دوستي رکندا.
3- رسالي جي سرور جي تصوير رنگين شايع ڪريو.
4- ڪالم ٻارن جا انٽرويو شايع ڪيو وڃي.
[ادا؛ اوهان جي ساٿ ۽ سهڪار لاءِ مهرباني. اوهان
جي تجويزن تي سالنامي کان عمل ڪبو.]
·
ڪنڌڪوٽ کان محمد شعبان نوناري لکي ٿو:
گذريل پرچو ڏاڍو وڻيو. اوهان کي جس هجي جو اوهان
هڪ اهڙي رسالي ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو، جيڪو سنڌ جي
ٻارن جي صحيح طور ترجماني ڪري ٿو. هن سان گڏ هڪ
ڪهاڻي ”برائي جو بدلو نيڪي“ موڪلي رهيو آهيان.
اميد ته شايع ڪندا.
[ادا؛ رسالو اوهان کي وڻيو. همت افزائي لاءِ
مهرباني. اها ڪهاڻي اڳ ۾ گهڻن ئي رسالن ۽ ڪتابن ۾
شايع ٿي چُڪي آهي، خود گل ڦل ۾ به شايع ٿي چُڪي
آهي. ان ڪري وري ان کي شايع ڪرڻ مناسب ڪونهي.
اوهين ڪا ٻي سٺي ۽ دلچسپ ڪهاڻي لکي موڪليو ته ضرور
شايع ڪنداسون.]
ڳوٺ حيات پتافي تعلقي ميرپور ماٿيلي کان مهتاب
سنڌي لکي ٿو:
ادل! گل ڦل رسالو اسان کي حد کان زياده پسند آهي،
هي منهنجو ٻيو خط آهي. مان گل ڦل لاءِ هر مدد ڏيڻ
لاءِ تيار آهيان، سچ پڇو ته جيتوڻيڪ هن رسالي جا
پنا سادا آهن، پر پنن جو رسالي سان ڪو به واسطو نه
آهي. لکڻيون سهڻيون ته رسالو به سهڻو. لکڻيون خراب
ته رسالو به خراب. اسان گل ڦل لاءِ دعاگو آهيون ته
خدا ان کي ڪامياب ڪري.
[ادا؛ گل ڦل جي اها خوش قسمتي آهي، جو ان پنهنجي
پڙهندڙن وٽ پاڻ وڻايو آهي. اوهان جو اهڙو ئي ساٿ
رهندو ته رسالو اڃا به ترقي ڪندو.] |