سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر 1975ع

باب: --

صفحو :3

چون ٿا ته ان کان اڳي چنگالو نالي جو ڪو پکي اتي موجود ڪو نه هو، پر ڪنهن قبيلي ۾ هڪ ڇوڪر هو، جنهن جو نالو ”چنگالو“ هو. هڪ ڀيري چنگالو جي ماءُ سخت بيمار ٿي پيئي، دوا ۽ علاج گهڻو ئي ڪيائون مگر هن جي حالت بگڙندي ويئي. هڪڙي حڪيم ڏس ڏنو ته جهنگ ۾ هڪ خاص ٻوٽي لڀي ٿي، اها کارائي وڃي ته چنگالو جي ماءُ ٺيڪ ٿي سگهي ٿي. نه ته هن جي بچڻ جي ڪا اميد ڪانهي. جهنگ تمام خطرناڪ ۽ گهاٽو هو. ان ۾ خوفناڪ جانور رهندا هئا. وڏا  وڏا بهادر ماڻهو به جهنگ ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندا هئا. پر چنگالو کي پنهنجي ماءُ سان تمام گهڻو پيار هو. هن سوچيو، ڇا به ٿي پوي، مان ضرور اها ٻوٽي آڻيندس ۽ پنهنجي ماءُ کي ٺيڪ ڪندس. انهيءَ ارادي سان هو جهنگ ۾ پهتو. شير، رڇ ۽ چيتي جو آواز ٻڌي هو خوف کان ڏڪڻ لڳو. پر وري به همت ڪري اڳتي وڌيو. ڳوليندي ڳوليندي هو جهنگ ۾ تمام گهڻو پري نڪري ويو.گهڻي دير تائين ڳولا ڪرڻ کان پوءِ هڪ وڻ جي هيٺان هن کي گهربل ٻوٽي ملي ويئي.  چنگالو خوشيءَ ۾ ٽپا ڏيڻ لڳو، زمين کوٽي ٻوٽي ڪڍيائين ۽ پنن ۾ ويڙهي ڪڇ ۾ قابو ڪري گهر جو رستو ورتائين. اڃا هو ٿورو ئي اڳتي هليو ته رات ٿي ويئي. اوندهه ۾ چنگالو پنهنجو رستو وڃائي ويٺو ۽ هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ لڳو. جيئن جيئن رات وڌندي ويئي، تيئن تيئن هن جو خوف به وڌندو ويو. پر هن کي ماءُ جو خيال به هو. ڊپ کان رڙيون ڪرڻ لڳو، ”چي سي آسي“ ”چي سي آسي“ يعني منهنجي ماءُ بيمار آهي. پر ڪير هو جيڪو جهنگ ۾ هن جو آواز ٻڌي. ويچارو سڄي رات ائين ڀٽڪندو رهيو. جڏهن صبح ٿيو تڏهن خبر پيس ته هو ڪٿان جو ڪٿان اچي نڪتو آهي. مطلب ته هو ائين ئي بکايل ۽ اُڃايل ڀٽڪندو رهيو ۽ پڪاريندو رهيو ”منهنجي ماءُ بيمار آهي“ پر ان جهنگ مان وري کيس ڳوٺ جو گس هٿ نه آيو. هوڏانهن چنگالو جي ماءُ، پٽ جو انتظار ڪندي ڪندي مري ويئي. ڳوٺ وارن کي به چنگالو جو پتو نه پئجي سگهيو. پر جڏهن سيارو ويجهو آيو ته هنن جي ڳوٺ ۾ هڪڙو نئون پکي اچڻ لڳو، جيڪو پڪاريندو هو ”چي سي آسي“ يعني منهنجي ماءُ بيمار آهي.ڳوٺ وارن هن جو نالو ان ڇوڪر جي نالي جي مناسبت سان چنگالو رکي ڇڏيو. ان ڏينهن کان وٺي چنگالو جي پڪار ٻڌي ماڻهو سمجهي ويندا آهن ته  سيارو اچي ويو آهي ۽ هاڻي اسان کي گرم ڪپڙن ۽ باهه جو بندوبست ڪرڻ گهرجي.

· خليل جبران

چونڊيندڙ: تاراچند ”نار“

   (ٽنڊو جان محمد)

ٻار

 

”پوءِ هڪڙيءَ عورت، جنهن جي هنج ۾ ٻار هو، چيو ته ’اسان کي ٻارن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌاءِ.“

”هن چيو، اوهان جا ٻار اوهان جو اولاد نه آهن. اهي حياتيءَ جي قوت ۽ پيدائش جي جذبي جو اولاد آهن. اهي زندگيءَ جو اولاد آهن، جنهن جي  فطرت خود پاڻ ظاهر ڪرڻ لاءِ بيقرار رهي ٿي. اهي اوهان جي ذريعي پيدا ٿين ٿا، پر اهي اوهان جي ملڪيت نه آهن.

”اوهين پنهنجي محبت انهن کي ڏيو، جيتريقدر ڏيئي سگهو، يا جيتريقدر ڏيڻ چاهيو، پر پنهنجا خيال انهن مٿان نه مڙهيو، ڇو ته انهن کي اوهان جن خيالن جي ضرورت ڪانهي. اهي پنهنجا خيال پاڻ سان کڻي ايندا آهن.

”اوهين انهن کي پنهنجن گهرن ۾ آرام ۽ سک پهچايو،پر سندن روحن کي آزاد ڇڏي ڏيو، ڇو ته انهن جا روح انهيءَ گهر ۾ رهن ٿا، جنهن کي ’مستقبل‘ چئجي ٿو. اهو گهر انهيءَ ’ماضيءَ‘ ۽ ’حال‘ کان پري آهي، جنهن ۾ اوهين رهي پيا آهيو. ان گهر ۾ اوهين نٿا وڃي سگهو، ان گهر جو تصور به اوهان جن ذهنن ۾ نٿو سمائجي سگهي.

”اوهين انهن کي پنهنجي قدم بقدم هلائڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته زندگي واپس نٿي موٽي سگهي، ان جو قدم پوئتي نٿو هٽي سگهي، ۽ نه وري اها گذري ويل گهڙيءَ سان بيهي سگهي ٿي.

”اوهين سڀ ڪمانون آهيو، جن مان اوهان جا ٻار، تيرن جيان نڪري، فضا ۾ پنهنجو رستو پيدا ڪن ٿا. انهن تيرن جي نشانن کي ڏسڻ وارو هڪ تيرانداز آهي، جيڪو پنهنجي بازوءَ جي زور سان انهن کي ڇڪي ۽ تاڻي ٿو. پوريءَ طاقت سان ته جيئن سندس تير گهڻو مفاصلو طئي ڪري سگهن، ۽ گهڻيءَ تيزيءَ سان اڳتي وڃي سگهن. اهو تيرانداز پنهنجا تير سدائين مستقبل جي افق ڏانهن ئي اُڇلائيندو آهي.

”بس، اوهين انهيءَ تيرانداز جي هٿن ۾ رضا ۽ رغبت سان جهُڪي وڃو؛ ڇاڪاڻ ته جهڙيءَ طرح هو تيز اڏامندڙ تيرن سان محبت ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح هو انهن ڪمانن کان رضامند رهي ٿو، جيڪي مضبوط ۽ ڪارآمد هجن.“


 

· سنڌيڪار: جاويد عثمان

محنت جي برڪت

 

اڪبر غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ- پيءُ ڏاڍو ڏکيو گذران ڪندا هئا. اڪبر سندن اڪيلو  پٽ هو. ماءُ – پيءُ بکون ڪاٽي اڪبر کي پڙهائيندا هئا. اڪبر به سعادتمند هو ۽  پڙهائي ڏانهن ڌيان ڏيندو هو، پر اوچتو ئي اوچتو هڪ حادثي ۾ سندس ماءُ ۽ پيءُ گذاري ويا.

هاڻي اڪبر اڪيلو هو، غريبيءَ ۾ ڪنهن به ساڻس ساٿ نه ڏنو. اهڙن وقتن ۾ ڀلا ڪير اڪبر جي مدد ڪندو؟ مِٽن مائٽن به اڪبر کي ڪجهه ڏينهن پاڻ وٽ رکيو ۽ پوءِ گهر مان ڪڍي ڇڏيو ۽ چيائون ته تنهنجي تعليم جو خرچ اسان نه ڪري سگهنداسين. اڪبر اسڪول به نه وڃي سگهيو، هن گهڻائي هٿ پير هنيا پر ڪير به کيس سهارو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو.سندس ڪپڙا ڦاٽي پيا هئا ۽  بکن کان پاهه ٿي ويو هو. هڪڙي ڏينهن اسٽيشن تي ويو ته هڪڙي ماڻهوءَ کيس مزدور سمجهي سڏ ڪيو. هو بک جو ستايل هو ۽ ڪجهه به نه سمجهي سگهيو ۽ ماڻهوءَ کيس  سامان کڻڻ لاءِ چيو، هو سامان کڻي سندس پويان هلڻ لڳو. ماڻهوءَ اسٽيشن تان ٽڪيٽ ورتي ۽ اڪبر کي سامان ريل گاڏيءَ ۾ رکڻ لاءِ چيو. اڪبر سامان ريل گاڏيءَ ۾ رکيو ته هن اڪبر جي هٿ تي چار آنا رکيا.

اوچتو اڪبر کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، هن محسوس ڪيو ته هو لاوارث ۽ لاچار نه آهي، هو پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي ٿو ۽ باعزت زندگي گذاري سگهي ٿو. هن کي بک محسوس نه ٿي، ۽ ڄڻ ڪو خزانو هٿ ڪري ورتوهجي. اڪبر کي زندگيءَ جو راز ملي ويو هو. هن پورهئي ۽ محنت جو سهارو ورتو، جنهن سان نه فقط هو پنهنجو پيٽ قوت ڪري سگهندو هو، پر پڙهائي پڻ جاري رکيائين، آخر ٿورن ئي سالن ۾ نه رڳو سٺي تعليم سبب هو وڏي درجي تي وڃي رسيو، پر اهو سبق به سکيو ته محنت ۾ وڏي برڪت آهي ۽ اها ئي انسان کي ڪامياب بنائي سگهي ٿي.

· پريتمداس جيسراڻي قمبر

پيءُ جي آرزو

 

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ غريب ڪاٺير رهندو هو، جنهن کي خدا جي مهربانيءَ سان هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو سليم هو. سليم اڄ ننڍو سڀان وڏو نيٺ اچي جوان ٿيو. هو پنهنجي پيءُ سان گڏ وڃي روز ڪاٺيون ڪري ايندو هو. اهڙيءَ طرح پيا گذر ڪندا هئا.

هڪ ڏينهن هن جي پيءُ کي خيال آيوته مان جيڪڏهن سليم کي هن ڪم تي هيرائيندس ته هو وڏو ٿي ڪاٺير ئي رهجي ويندو، تنهن ڪري ڇو نه هن کي هينئر کان ئي پڙهائجي جيئن هي اڳتي هلي پنهنجي زندگي سٺي نموني گذاري سگهي. هن سليم کي ڀرواري ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ڪاٺير جو وقت تمام ڏکيو گذرڻ لڳو، انهيءَ لاءِ هن کي گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي، پر پنهنجي پٽ جي آئيندي لاءِ هن ڪنهن سختيءَ کان نه ڪيٻايو. سليم جي سنگت خراب ڇوڪرن سان ٿي ويئي. هڪ ڏينهن سليم کي دوستن چيو ته  ”يار، ڀرواريءَ سئنيما ۾ سٺي فلم لڳي آهي، هل ته ڏسون.“ سليم چيو ته مون وٽ پئسا ڪو نه آهن. تنهن تي دوستن چيس ته تو پنهنجي پيءُ  کان ڪڏهن به پئسا ڪو نه گهريا آهن، وڃي گهريندس ته پڪ ڏيندءِ.هنن جي چوڻ تي سليم وڃي پنهنجي پيءُ کان پئسا گهريا. پڻس حيران ٿي سليم کان پڇيو، پٽ، تو ڪڏهن به مون کان پئسا نه گهريا آهن، هينئر ڪنهن جي چوڻ تي ٿو گهرين؟ سليم چيو ته بابا منهنجي دوستن مون کي چيو ته ڀر واري سئنيما ۾ سٺي فلم لڳي آهي هل ته ڏسي اچون.

پڻس چيو ته ٻچا اهي تنهنجا دوست نه آهن. انهن جي چوڻ تي نه لڳندو ڪر، اسان غريب ماڻهو فلمن جا پئسا ڪٿان آڻينداسين ۽ تنهنجو امتحان به اچي ويجهو ٿيو آهي، تون محنت ڪري پڙهه.پر سليم پنهنجي ضد تي قائم هو. پڻس وراڻيو: جيڪڏهن تون پنهنجي ضد تي قائم آهين ته وٺ هي رپيو ۽ دل خوش ڪر. سليم خوش ٿيندو وڃي دوستن سان مليو. دوستن پڇيو ته ”يار سليم ڪجهه ٿيو؟“ سليم چيو ”بابي کان هي رپيومليو آهي.“ هاڻ هلو، نيٺ گڏجي فلم ڏسي آيا. اڄ سليم پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو فلم ڏٺي هئي. هڪ – ٻن مهينن کان پوءِ سليم وري فلم تي ويو. آهستي آهستي سليم اسڪول مان به گسائڻ لڳو هو. آخرڪار امتحان ٿيو ۽ سليم امتحان ۾ ناپاس ٿيو. سندس پيءُ کي اها خبر پيئي ته منهنجو پٽ ناپاس ٿي پيو آهي، ته هو ويچارو اهو غم نه سهي سگهيو ۽ مري ويو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سليم گهڻو پڇتايو ۽ هن کي خيال آيو ته ڇو اهڙن خراب دوستن جي سنگت ۾ پيس، جو مون کي هي ڏينهن ڏسڻا پيا. ان ڏينهن کان پوءِ هن خراب سنگت ۽ خراب ڳالهين کان پاسو ڪيو، ۽ پڙهڻ تي چڱيءَ طرح ڌيان ڏنو. آخرڪار، هن جي هوشياريءَ تي سرڪار هن جي لاءِ اسڪالرشپ به مقرر ڪئي. نيٺ هڪ ڏينهن هو وڏي مرتبي وارو ٿي ويو، ۽ نه فقط سکي زندگي گذارڻ لڳو پر پنهنجي پيءُ جي آرزو پڻ پوري ڪئي.

 

· طفيل احمد سيلرو رتوديرو

لوهه جي پوشاڪ

 

ڪنهن زماني ۾ هڪ بيوقوف بادشاهه رهندو هو. هڪ ڏينهن هن جي دل ۾ اچي خيال پيدا ٿيو ته ڇو نه هڪ لوهه جي پوشاڪ ٺهرائي اها درٻار ۾ پايان. سو هن هڪ درزيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ چيائينس ته ”جيڪڏهن تون مون کي هڪ لوهه جي پوشاڪ ٺاهي ڏيندين ته مان تو کي گهڻو ئي انعام ڏيندس پر جيڪڏهن نه ٺاهي ڏيندين ته تو کي جيئري گڏهه جي پيٽ ۾ وجهرائي ڇڏيندس.“ ويچارو درزي بادشاهه جو اهو نادري حڪم ٻڌي اچي منجهيو ۽ گهر اچي اونڌو منجو ڪري سمهي رهيو. انهيءَ تي سندس  زال ۽ ڌيءَ اداسيءَ جو سبب پڇيس پر پورو جواب ڪو  نه ڏنائين. هن ڄاتو ٿي ته لوهه جي پوشاڪ ٺاهي نه سگهندو ۽ سگهو ئي بادشاهه کيس جيئري گڏهه جي پيٽ ۾وجهرائيندو. نيٺ زال ۽ ڌيءَ جي زور ڀرڻ تي کين سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. ڪجهه وقت ته هو به تعجب ۾ پئجي ويون پر پوءِ هن جي ڌيءُ کي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽  تنهن پيءُ کي چيو ته ”بابا! تون بادشاهه کي چئه ته مون کي لوهي پوشاڪ ٺاهڻ کان اڳ لوهه جي ڌاڳي جي ضرورت آهي ۽ پوءِ نه لوهه جو ڌاڳو ملندو نه وري پوشاڪ ئي ٺهندي“ نينگريءَ جو اهو جواب ٻڌي درزي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن تي بادشاهه کي چيائين ته مون کي لوهي پوشاڪ ٺاهڻ لاءِ لوهه جو ڌاڳو وٺي ڏيو. ان تي بادشاهه چيس چريو آهين ڇا؟ لوهه جو ڪو ڌاڳو به ٿيندو آهي. درزيءَ چيس ته سائين لوهه جي پوشاڪ به ڪنهن ڏٺي ۽ پاتي ان تي بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ وري ڪڏهن به اهڙي بيوقوفيءَ جي ڳالهه نه ڪيائين. اهڙيءَ طرح هڪ نينگريءَ جي عقل ڪري درزيءَ جي به جان بچي ويئي ۽ بادشاهه به بيوقوفيءَ کي ڇڏي ڏنو.

اوهان جا فوٽا

 

اوهانجا فوٽا برابر اسان کي پهچندا رهن ٿا پر فوٽن موڪلڻ مهل ڪن ٻارن کان فوٽي جي پٺيان نالو لکڻ رهجيو وڃي  ان ڪري اهي فوٽا شايع ٿيڻ کان رهجيو وڃن. ان کان سواءِ سورهن سالن کان وڌيڪ عمر وارن ٻارن جا فوٽا شايع ڪونه ڪري سگهبا. اهو خاص خيال ڪرڻ گهرجي- ادارو.

· انورالحق متقي هالا.                   اخلاقي سبق

 

نيڪي، انسان جي خوشبو آهي

 

نيڪي اسان انسانذات لاءِهڪ اهڙو ميوو آهي، جو اسان کي هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪم اچي ٿو. نيڪي انسان جي خوشبو آهي. هر انسان جو فرض آهي نيڪي ڪرڻ. نيڪي نه رڳو الله جي حڪمن جي پيروي آهي پر انسانذات جي خدمت پڻ نيڪي جا ڪم آهن. جيڪڏهن اسان ڪا نيڪي ڪنداسين ته اسان کي ان جو ڦل نه رڳو هتي جو هتي پر  آخرت ۾ به  ملي ٿو. نيڪي هڪ اهڙو چڱو ڪم آهي، جيڪو جيترو ڪبو اوترو ٿورو. نيڪي ڪرڻواري ماڻهوءَکي هر انسان چاهيندو ۽ عزت ڏيندو. ڪنهن اڻ سونهي کي خدا جي واٽ ڏيکارڻ ۽ چڱا ڪم ڏسڻ به نيڪي آهي.

جيڪڏهن هو ان سڌي رستي کي سمجهي نه رڳو پاڻ عمل ڪري پر ٻين کي به واٽ ٻڌائي، اهو به نيڪ ڪم آهي. ڪنهن مجبور جو غرض پورو ڪرڻ، ڪنهن بکايل کي کاڌو ڏيڻ، اگهاڙي جوانگ ڍڪائڻ، اڃايل کي پاڻي پيارڻ به نيڪي جا ڪم آهن، جن سان ان ماڻهوءَ جي دل خوش ٿئي ٿي ۽ سندس اندر مان جيڪا دعا نڪري ٿي اها اسان کي به فائدو پهچائي ٿي. الله تبارڪ و تعاليٰ فرمايو  آهي: جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جي دل کي  خوش يا راضي ڪري ٿو ته آءٌ ان کي راضي ڪندس. مطلب ته اسان کي نيڪي ڪرڻ گهرجي. جيڪا هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪم اچي. هر هڪ ماڻهو اهڙي نيڪي ڪرڻ سان آخرت لاءِ هڪ سٺايون گڏ ڪري ٿو.

”الله تعاليٰ اسان سڀني کي نيڪي ڪرڻ ۽ سڌي راهه جي هدايت عطا فرمائي.

 

اوهان جو امتحان

 

آگسٽ ۾ ڏنل سوال جو جواب آهي ڇهه انب. پهرئين ڄڻي اڌ يعني ٽي کڻي، وري انهن مان هڪ باقي ٽن انبن ۾ ملائي ڇڏيو. ٻي ڄڻي چئن جو اڌ ٻه کنيا ۽ ٽيون باقي ٻه کڻي ويو. اهڙيءَ طرح ٽنهي کي هڪ جيترا انب مليا، جن ٻارن جا جواب صحيح آهن. اهي هيٺ ڏجن ٿا:

ڳوٺ ٻيلو سجاول کان: عطاءُ الرحمان ميمڻ ۽ گل حسن  ميمڻ. جيمس آباد کان: دکي امير محمد ٿيٻو. ڪنڌڪوٽ کان: عبدالله ڀٽو، ڌرمپال شمن لعل، جئالداس ٽي. ڇاٻڙيا،  ڪرتار لعل پنجابي، الهه بخش کوسو، ستيه پال، لجپتراءِ پرديسي، سبحان علي دايو، شمس الدين اعواڻ، اندر لعل ايل. اُداسي. ڪشمور کان: محمد شعبان سميجو ۽ سندر داس اَداسي. ٺٽي کان: سڪندر علي پياسي کتري، مقبول احمد عباسي. خليل  احمد ميمڻ، مٺو شاهه ۽ گل حسن ميمڻ. حيدرآباد کان: شاهد حسين ڪي. ميمڻ  ۽ وقار احمد شيخ. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري کان: منظور احمد عقيلي. ٽنڊو محمد خان کان: گرڌاري لعل ۽ ٺاڪرداس. ٽنڊي باگي کان: اعجاز احمد مغل، اسوٽاماڊي لهاڻو، جڳديش ڪمار ۽ محمد اسلم ميمڻ. رتيديري کان: آسنداس ۽ جهامنداس. دڙي کان: قادر بخش پاٽولي، عبدالغفور ميمڻ، شمس الدين ميمڻ، رفيق احمد لاکائي، الطاف احمد لاکائي، اعجاز علي ڀٽي، سليم رضا، پروانو ڀٽي، حبيب الله فاضلاڻي، محمد هارون سومرو، ارشاد علي ميمڻ، گلزار علي پروانو ۽ محمد سچل ميمڻ، باڊهه کان: ارشاد علي کوکر ۽ منظور حسين کوکر. پنگريي کان: ممتاز علي يوسفاڻي، ايم. اشرف ڪنڀر ۽ غلام مصطفيٰ سڪندر. ڳڙهي ياسين کان: نصرالله منگي ۽ محمد پناهه سومرو. ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي، ملير کان: رسول بخش خاصخيلي. ڏيپلي کان: انوارالدين کٽي ۽ محمد عثمان کٽي. موري کان: بدرالدين ميمڻ ۽ محمد مسعود سومرو. نيو سعيدآباد کان: امتياز حسين ميمڻ، محمد يوسف ميمڻ ۽ غلام محمد ميمڻ. ڳوٺ دولت لغاري کان: محمد ملوڪ سراز ۽ محمد سراز. ڳوٺ هارون ڪاڪيپوٽي کان: ظهيرالدين ڪاڪيپوٽو. محرابپور کان: حفيظ الرحمان ميمڻ. شڪارپور کان: سومرو نورالدين شاد. ٽنڊي الهيار کان: علي محمد ميمڻ. ڳوٺ ڳاڙهي موريءَ کان: امان الله انصاري. مٽياريءَ کان: ظهيرالدين شيخ. لاڙڪاڻي کان: محمد علي پٺاڻ، عاليه جوڻيجو، نظير ڏهر ۽ امداد الله عباسي. گجي کان: عبدالحليم جوکيو. ڳوٺ ڀٽ ڀائٽي کپري کان: راجا غني عابد. ڳوٺ ڪلوئي ڏيپلي کان. چنديرام جيرامداس. بوبڪ کان: سليم رضا قريشي. ڳوٺ ڀليڏني ڪاڪا کان: شير خان ڪاڪو ۽ مولا بخش ڪاڪو. ڳوٺ مبارڪ شر کان: امان الله شر. ڳوٺ لهڻو لغاريءَ کان: امتياز حسين لغاري. ميرپور خاص کان: مشتاق احمد قريشي. بدين کان: راجا عبدالمجيد ميمڻ، عبدالعليم زرگر، محمد ايوب پسايو ۽ محمد صديق  ملاح. ڳوٺ جهنڊي خان زرداريءَ کان: گل حسن زرداري. نواب شاهه کان: غزاله پروين ميمڻ. وارهه کان: فياض الرحمان ڀٽو. جيئلداس واراهي. ٽنڊي سومري کان: محمد عرس بهاراڻي ۽ مشتاق احمد گجر. گمبٽ کان: ڪشور ڪمار آزاد ۽ ڪريم بخش دايو. شهدادڪوٽ کان: شير محمد شيخ ۽ سشيل ڪمار. دادوءَ کان: محمد موسيٰ پرياڻي ۽  سعيد احمد قريشي. ڳوٺ گهنور خان زرداريءَ کان: غلام حسين مشتاق. هالا کان: سيما شاهين ۽ پروين فيروز.

اوهان جون ڪهاڻيون

گل ڦل ۾ شايع ٿيڻ لاءِ اوهان وٽان جيڪي به ڪهاڻيون پهچن ٿيون، انهن مان گهڻيون نقل ٿيل آهن. سٺو ليکڪ بنجڻ لاءِ نقل ڪرڻ خراب ڳالهه آهي. جيڪڏهن اوهان کي پنهنجو نالو شايع ڪرڻ جو شوق آهي ته ان لاءِ گل ڦل ۾ ٻيا به  ڪيترائي ڪالم آهن، جن ۾ حصو وٺي سگهو ٿا. ان ڪري ٻارن کي گهرجي ته نقل ڪرڻ کان پاسو ڪن.  – ادارو

امتحان نمبر 7

هڪ ماڻهو ڪجهه رقم کڻي واپار سانگي ڏيساور ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي هڪ درويش کان برڪت لاءِ دعا گهريائين؛ جنهن چيس ته اتر پاسي واپار ڪندين ته رقم چؤڻي ٿي پوندي پر ان جو چوٿون حصو خيرات ڪجانءِ. هن ائين ڪيو. وري اڳتي وڌيو ته ٻيو درويش گڏيس، جنهن چيس ته اوڀر پاسي واپار ڪندين ته رقم ٽيڻي ٿي پوندي، پر ان جو ٽيون حصو خيرات ڪجائين. هن ائين ڪيو ۽ وري اڳتي وڌيو ته ٽيون درويش گڏيس، جنهن چيس ته ڏکڻ پاسي واپار ڪندين ته رقم ٻيڻي ٿي پوندي. پر ان جو اڌ خيرات ڪج. اهڙيءَ طرح هو واپار ڪري جڏهين ڳوٺ موٽي آيو ته وٽس 300 رپيا هئا. ٻڌايو ته هو اصل گهڻي موڙي کڻي نڪتو هو.

جواب موڪلڻ جي آخري تاريخ 25 نومبر آهي. صحيح جواب ڏيندڙن جا نالا ڊسمبر جي پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.پنهنجي جواب سان گڏ، ڪوپن نمبر 7 موڪلڻ ضروري آهي.

ڪوپن- اوهان جو امتحان نمبر 7

نالو:

پورو پتو:

نوٽ: هي ڪوپن رسالي مان ڪٽي، جواب سان گڏ موڪليو. هٿ جو لکيل ڪوپن قبول نه ڪيو ويندو.

- ادارو

سهڻا سخن

· جيرامداس اٻوجهو، ڪوٺڙي

1- جيڪي ماڻهو وقت جو غلط استعمال ڪندا آهن، اڪثر ڪري اُهي ئي وقت جي ڪميءَ جي شڪايت ڪندا آهن.

2- عالم سان هڪ ڪلاڪ جي گفتگو ڏهن سالن جي مطالعي کان وڌيڪ فائديمند آهي.

· مظفر علي قريشي، نوابشاهه

1- خاموشي مومن جو تاج آهي.

2- احساس برتري، احساس ڪمتريءَ کان به وڌيڪ نقصانڪار ۽ خطرناڪ آهي.

3- جيڪو ماڻهو پنهنجي پريشاني ۽ تڪليف ڪنهن ٻئي تي ظاهر ڪري ٿو اهو بدنام ٿي وڃي ٿو.

4- باهه، قرض، مرض ۽ دشمن کان ڪڏهن به غافل نه ٿجي.

5- انسان کان سڀ ڪجهه ايترو ڪي ملندو، جيترو ڪجهه هو ڪوشش ڪندو.

· حسن محمود ڀٽي، دڙو

1- حَسد اڻڄاڻائيءَ جو اولاد آهي.

2- دوستيءَ جي ميٺاج کي هڪ ڀيري جي رنجش وِههُ بڻائي ڇڏي ٿي.

3- اُهو شخص جنت ۾ نه ويندو، جنهن جو پاڙيسري هن جي ايذاءُ کان محفوظ نه رهيو.

4- سٺو شخص اهو آهي، جيڪو ٻين کي سٺو سمجهي.

· انوارالدين کتري، ڏيپلو

1- ادب سان پيش اچڻ سڀ کان پهرين نيڪي آهي.

2- گناهه تي گهڻو افسوس ڪرڻ سان خدا تعاليٰ ان جا گناهه معاف ڪري ٿو.

3-ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرائڻ نماز، روزي ۽ خيرات کان بهتر آهي.

4- هر گناهه جي توبهه آهي، پر بداخلاقيءَ جي توبهه ڪانهي.

5-توهان مان سڀ کان برو شخص اهو آهي، جيڪو اخلاق ۾ سڀ کان برو آهي.

· اشوڪ ڪمار آزاد، ٽنڊو باگو

1- انسان جي زندگي برف مثل آهي، جيڪا جيئن پوءِ تيئن ڳرندي رهي ٿي.

2-مذهب هڪ آرسي آهي، جيڪا هميشه پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي عڪاسي ڪري ٿي.

· عطاءُ الرحمان ميمڻ، ٻيلو

1-پورو پورو۽ مڪمل انسان اهو آهي، جو عقل ۽ هوش هوندي به ٻين کان صلاح مشورو وٺي ٿو.

2-دنيا انهن ماڻهن کي انعام ۾ ملندي، جيڪي محنتي ۽ سرگرم آهن.

3-بلنديءَ تي پهچڻ جي شوق کان اڳ پيڙهه پختي ۽ مضبوط رکجي.

· علي بخش شاهه، ٺٽو

1- جيڪو شخص بدلي وٺڻ جي طريقن تي غور ڪندو رهي ٿو. ان جا زخم وڌندا ويندا ۽ جيڪو پنهنجي دوستن جي هر خطا تي ڏمر ڪندو آهي، ان جا دشمن گهڻا هوندا آهن.

(بو علي سينا)

2- جانور پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، پر انسان پنهنجي خدا کي به نٿو سڃاڻي. (مولانا رومي)

· ايم. اين سومرو

1- ٽن شين سان محبت رکو: بهادري، نيڪي، محبت.

2-ٽن شين کان نفرت ڪريو: ظلم، غرور، ڪوڙ.

3-ٽن شين کان  بچو: گارگند، خودغرضي، حسد.

4- ٽن شين کي پيارو رکو: عقل،ايمان، سچائي.

5-ٽن شين کي پسند رکو: مهرباني، چڱي عادت، اتحاد.

6- ٽن شين کي ڇڏيو: سستي، زياده ڳالهائڻ، مطلبي دوست.

7-ٽن شين کي وڌايو: چڱو دوست، چڱو ڪم، چڱا ڪتاب.

8-ٽن شين واسطي جنگ ڪريو: عزت، ملڪ، دوست.

9- ٽن شين لاءِ هميشه تيار رهو: غم، زوال ۽ موت.

 

ڇا اوهان کي خبر آهي ته

 

· پنهور ذوالفقار علي  ”نياز“، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

1-    شيون وسارڻ:

پنهنجيون شيون وسارڻ به هڪ عام مرض آهي. هڪڙي سال لنڊن جا ماڻهو بسن ۽ ريل گاڏين ۾ چار لک، ڇاونجاهه هزار شيون وساري ڇڏي ويا. انهن جو تفصيل هي آهي: 82 هزار ٻنهي هٿن جا جوراب، 31 هزار هڪ هٿ جا، 15 هزار عينڪون، 23 هزار ڪتاب ۽ 13 هزار چاٻين جا ڇڳا ۽ رومال.

انهن شين ۾ هڪ هٿراڌو ٽنگ به هئي، الائجي ان جو مالڪ بنا ٽنگ جي ڪيئن ويو هوندو.

2- عجيب انسان:

1- ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ چين جي هڪ شخص نالي ”شبن شانت“ جو جسم ايترو ته شفاف هو، جو ان جا اندريان سڀ عضوا چٽا ڏسڻ  ۾ ايندا هئا.

2- ٿٻيٽ ۾ ”سنت سنتر“ نالي هڪ شخص جو نَڪ ڏهه انچ ڊگهو آهي. ايترو ڊگهو نڪ اڄ تائين ڪنهن جو به نه ڏٺو ويو آهي.

3- انگلينڊ جي هڪ ماڻهوءَ ”جم آئر“ کي ڪن ڪو نه هوندا هئا. هو وات وسيلي سڀ ڪجهه ٻڌي سگهندو هو.

4- 1891ع ۾ لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ اهڙي عورت آندي ويئي، جنهن کي ٻه ڄڀون هيون.

مصطفيٰ ڌاريجو - لاڙڪاڻو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com