سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر 1975ع

باب: --

صفحو :2

اسان کي ڳوٺ تائين پهچڻ ۾ گهڻو وقت ڪو نه لڳو ۽ جلدي اسان هن جي ماءُ- پيءُ کي ڳولي لڌو. هو تمام گهڻو غمگين هئا ڇاڪاڻ ته هنن سمجهيو هو ته سندن ننڍڙي ڌيءُ سڙي مري ويئي. جڏهن هُنن هن کي بلڪل صحيح سلامت ڏٺو ته هنن کان خوشيءَ ۾ رڙ نڪري ويئي.

ميورل هنن کي ٻڌايو ته ڪيئن مون سندس حياتي بچائي، پر منهنجي پٺي ٺپرڻ ۽ مون کي شاباس ڏيڻ بدران هنن مون ڏانهن ڏاڍو رکائي سان ڏٺو ۽ هن جي ماءُ چيو، ”ها منهنجي پياري ڌيءَ اهو هن گڏهه جو ڏوهه هو، جو تون ذري گهٽ مري وڃين ها. جيڪڏهن تو کي هن جي طبيلي کولڻ جو بيوقوفي وارو خيال نه اچي ها ته جيڪر مون کي  ۽ تنهنجي پيءَ کي گذريل رات جهڙي سورن واري رات گذارڻي نه پوي ها.“

”پر هن ئي ته منهنجي جان بچائي آهي امان“ ميورل جواب ڏنو. ”چپ ڪر!“ چپ ڪر! هن جي ماءُ چيو: هن نفرت جوڳي گڏهه جي باري ۾ وري نه ڳالهاءِ.

انهيءَ کان پوءِ هن جا مائٽ ميورل کي گهر جي اندر وٺي ويا ۽ مون وري هنن کي ڪڏهن به نه ڏٺو.

باهه واري واقعي جو ڊپ ۽ ٿڌ جيڪا هن کي زمين دوز ڪمري ۾ سمهڻ ڪري ٿي پيئي هئي، ميورل کي سخت  بيمار ڪري ڇڏيو. هن کي سخت بخار ٿي پيو ۽ انهيءَ کان پوءِ جلد ئي هوءَ گذاري ويئي. جڏهن مون هن جي جنازي کي گهر مان ٻاهر کڻائي ايندي ڏٺو ته مان ڏاڍو اُداس ٿي ويس، ڇو ته ڳوٺ جا ڇوڪرا به مون کي ڏنڊا هڻي پيا هڪليندا هئا ۽ هاڻي مون کي ڪو به پيار ڪرڻ وارو ڪو نه هو تنهن ڪري مون اهو به ڳوٺ ڇڏي ڏنو ۽ ڪڏهن به اوڏانهن واپس نه ويس.

آءٌ ٻيلي ڏانهن هليو ويس ۽ اتي سڄو سيارو گذاريم. اهو ڏاڍو ڏکيو وقت هو پر  پنهنجي ننڍي مالڪياڻيءَ جي موت کان پوءِ، جيڪا مون تي تمام گهڻي مهربان هئي، مون کي ڪو  ٻيو مالڪ هٿ ڪرڻ جو خيال نه آيو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي کائڻ پيئڻ لاءِ تمام ٿورو ملندو هو. راتيون ڏاڍيون ٿڌيون هونديون هيون ۽ جڏهن مينهن پوندو هو ته زمين تڪليف ده ٿي ويندي هئي.

آءٌ جڏهن پنهنجي ماضيءَ جي باري ۾ سوچيندو هئس ۽ ان کي حال سان ڀيٽيندو هوس، تڏهن بيحد غمگين ٿي ويندو هوس پر مون پنهنجي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ’هاڻي جڏهن مون کي ڪو به موقعو مليو ته آءٌ پنهنجي زندگيءَ جو نئون باب شروع ڪندس ۽ ڪڏهن به ضدي نموني جي هلت نه ڪندس، جيئن مون گذريل ڏينهن  ۾ ڪيو هو. (باقي ٻئي مهيني ۾)

· محمد حاجن ابڙيچو

ٻارن جو عالمي ڏينهن

ٻارڙن جي دنيا به ڏاڍي دلچسپ ۽ عجيب آهي. اتي ڏک سور جو نانءُ نشان به نظر نٿو اچي. اتي سڪار ئي سڪار آهي، خوشيءَ جي بهار آهي، محبت ۽ پيار آهي. هيءَ رنگا رنگي دنيا روشن ستارن جي جهرمر وانگر جرڪندي رهندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻار وڏڙن جي اکين جو ٺار ۽ قلب جو قرار آهي. سندس روپ سروپ اکين جو نور ۽ سيني جو سرور آهي. ٻارڙا حياتيءَ جي ٻهڪندڙ چمن جون ٽڙندڙ مکڙيون آهن. اڄ جا ٻار سڀاڻي جا سردار آهن، هو پنهنجي ساڻيهه جو سرمايو، ديس جي دولت ۽ قوم جي پاڪ امانت آهن. پر افسوس آهي جو دنيا جي ڪن ملڪن ۾ هن موڙيءَ جو سچو قدر نٿو ڪيو وڃي. غريب ۽ پٺتي پيل ڏيهن ۾ ته ٻار جي نيپاج ڏانهن ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي. ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو هي نرم ۽ نازڪ مکڙيون ٽڙڻ کان اڳي ئي نٻل ۽ نستيون ٿيون پون. ڀلا اهڙيون ڪوماڻل مکڙيون حياتيءَ جي گلشن ۾ ڪهڙي هٻڪار ۽ ڪهڙي سونهن پيدا ڪري سگهنديون.

اسان جي پياري دين اسلام ٻارن جي جسماني توڙي روحاني نيپاج لاءِ وڏو تاڪيد ڪيو آهي.  ٿڃ پيارڻ جي مدت،  صفائي، سٺائي ۽ پاڪائي جا اصول وغيره اسلامي تعليم جا روشن تڙڪا آهن. ٻارن جي اخلاق سڌارڻ، تعليم ڏيارڻ ۽ کين هڪ صحيح انسان بنائڻ لاءِ اسلام هڪ عاليشان پروگرام پيش ڪيو آهي. قرآن پاڪ ٻارڙن جي مائٽن کي وڏي واڪي ٻڌايو آهي:

”اي ايمان وارو! پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل اولاد يعني ٻارن ٻچن کي دوزخ جي  باهه کان بچايو ۽ ڊيڄاريو.“

اها ڳالهه ته سڀني کي معلوم آهي ته دوزخ جي باهه کان اهو ئي ماڻهو بچي سگهي ٿو، جيڪو خدا ۽ رسول جي حڪمن موجب زندگي گذاريندو. خداتعاليٰ جي اها ئي منشا ۽ مرضي آهي ته هيءَ سهڻي ڌرتي ’گلن ڦلن‘ سان سينگهاريل گلشن ۽ گلزار هجي. هو چاهي ٿو ته هن جڳ، جا ماڻهو فقط ڍڳن ڍورن وانگر گور چرندا نه وتن پر پنهنجي حياتيءَ جو قدر ڪري سچا انسان بڻجي هن دنيا کي  بهشت بڻائي ڇڏين. اهو فقط تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ٻاراڻي  وهيءَ ۾ ئي انساني زندگي ڏانهن ڌيان ڏنو ويندو.

چوڏهن سؤ سالن جي  انهيءَ پراڻي پيغام تي سوچيندي سڌريل قومن به هاڻي محسوس ڪيو آهي ته ٻارن جي ننڍپڻ سنوارڻ لاءِ ڪو عملي قدم کنيو وڃي. انهيءَ خيال کان دنيا جي مڙني ملڪن جي گڏيل جماعت يعني ”اقوام متحده“ ٻارڙن لاءِ هڪ وڏو پروگرام ٺاهيو آهي، انهيءَ ڏس ۾ تاريخ 19-  آڪٽوبر 1959ع تي ’ٻارن جي حقن جو هڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو. هن پڌرنامي ۾ ڏهه مکيه اصول ڄاڻايا ويا آهن‘ جن جو تت هن ريت آهي:

1- ٻار کي رنگ، نسل، جنس، ٻولي ۽ مذهب جي مت  ڀيد کان سواءِ بنيادي حق ماڻڻ جو حق هوندو.

2- ٻار جي هر طرح حفاظت ڪئي ويندي ۽ کيس هر قسم جي ترقيءَ جا موقعا ۽ سهولتون موجود ڪري ڏنيون وينديون.

3- ٻار پنهنجي ڄمڻ سان، نالي ۽ قوميت جو  حقدار ٿيندو.

4- ٻار ۽ ان جي ماءُ کي مناسب کاڌ، اجهو، لٽو، وندر ۽ طبي امداد ملڻ جو حق رهندو.

5- اپاهج ٻارن جي خاص سار سنڀال لڌي ويندي.

6- يتيم ۽ بي پهچ ٻارڙن کي پيار ۽ ٻاجهه ڀرئي ماحول ۾ نپائڻ لاءِ وسيلا استعمال ڪيا ويندا.

7- ٻارن کي مفت ۽ لازمي تعليم ملڻ جو حق رهندو.

8- ٻارن کي سڀني کان اڳ سهوليت، سهنج ۽ سلامتي ملندي.

9- ٻارن کي هر قسم جي لاپرواهي، ظلم ۽ ڏاڍ کان بچايو ويندو.

10- ٻارن کي انسان دوستيءَ جي جذبي هيٺ نپايو ويندو، جيئن هو وڏي هوندي پاڻ کي انسانذات جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏين.

مٿين ڏهن ئي اصولن تي غور ڪرڻ سان ڀليءَ ڀت پروڙ ٿي پوي ته جيڪڏهن انهن تي سچيءَ دل ۽ پڪي ارادي سان عمل ڪيو ويندو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن هيءَ دکن ڀري دنيا باغ بهار بڻجي وڃي. انهيءَ خيال کان هر سال آڪٽوبر جي مهيني ۾ سڄي دنيا ”ٻارن جو ڏينهن“ ملهائيندي آهي. اسانجي ملڪ پاڪستان ۾  پڻ ”پاڪستان ڪائونسل فار چائيلڊ ويلفيئر، يعني ”ٻارڙن جي ڀلائيءَ واري جماعت“ اهو ڏهاڙو شاندار نموني ملهائڻ ۾ پاڻ موکيندي آهي. ’ٻارن جو ڏينهن‘ ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته مائٽ پنهنجي ٻچن بابت وڌيڪ سوچين ۽ ٻارپڻ پنهنجون جوابداريون محسوس ڪري پاڻ سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪن. ان ڪري اسان جي وڏڙن توڙي ننڍڙن جو اهو پهريون  فرض آهي ته ”ٻارن جو ڏينهن“ ملهائڻ وقت اهڙيون رٿائون رٿيون وڃن، جيئن ٻارن جي سگهائي، کاڌي، تعليم ۽ تربيت ڏانهن پورو ڌيان ڏيئي سگهجي. ان لاءِ ’اقوام متحده‘ هڪ خاص ادارو قائم ڪيو آهي، ان جو نالو آهي ’يونيسيف‘ يعني ”ٻارن جو عالمي فنڊ“ هي ادارو دنيا جي ٻارڙن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندو رهي ٿو ۽ سندن پرگهور  لهڻ لاءِ دوائون درمل، کاڌي پيتي جو سامان ۽ پئسا ڏوڪڙ ڏيندو رهي ٿو. هيءُ هڪ انساني فرض آهي؛ ان ڪري وڏيءَ سرنديءَ وارن کي جڳائي ته دنيا جي ٻارڙن لاءِ مالي امداد ۾ پنهنجو ڀاڱو جمع ڪرائين. ساڳيءَ ريت مڇي مانيءَ وارن جو پڻ اهو قومي فرض آهي ته پنهنجيءَ پڄت آهر پنهنجي پاڙي  اوڙي، ڳوٺ راڄ ۽ ملڪ جي معصومن جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ وکون کڻن. مائرون ڀينرون ۽ عام ماڻهو وري ٻارن جي اخلاقي نگهباني ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

اسان کي جڳائي ته اسان پنهنجي اوڻاين ۽ خامين کي دور ڪري نئين نسل جي اڳيان هڪ اهڙو عملي نمونو پيش ڪريون، جيئن هو هن دنيا تي بار نه بڻجن؛ پر هن حياتيءَ جي چمن ۾ اهڙا حسين ٻوٽا ٿي اسرن، جن مان عمل ۽ اخلاق جا رنگين ’گل ڦل‘ نکري نروار ٿين ۽ سڄي جڳ کي سرهاڻ ۽ سڳنڌ سان واسي ڇڏين.

سرورق جو عنوان

ماهه جولاءِ جي سرورق تي هڪ تصوير شايع ڪيل هئي. ان لاءِ ٻارن کي دعوت ڏني ويئي هئي ته هو عنوان پاڻ مقرر ڪري موڪلين. جن ٻارن عنوان مقرر ڪيا آهن، اهي هيٺ ڏجن ٿا:

”گلستان جو نظام“ مقبول احمد عباسي ٺٽو. ”واهه جو سير“ روي شنڪر عرف ڀيشم ڪمار بيوس ٽنڊو باگو. ”سندر وڻ جو سريلو آواز“ شريف الدين بلوچ ڳوٺ عرض محمد بلوچ. ”عظيم سينيري“ عبدالستار عابد  ڀٽ ڀائٽي کپرو. ”گلستان، اعجاز علي ٽالپر ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر. ”هي چمن منهنجو“ نجمه سهڻي کپرو. ”دريا جو سير، اشوٿاما ڊي لهاڻو ٽنڊو باگو. ”ڏاتر جو ڏيک، سهڻي ڌرتي، سنڌ اسان جي ساوڪ واري، سونهاري سنڌ ۽ سوڙهي پل“ هي سڀيئي عنوان لڇمڻداس ٻڌومل مٺيءَ کان موڪليا آهن. ”گل ڦل جو گلزار“ لياقت علي بلوچ ڳوٺ عرض محمد بلوچ. ”آئي مند بهار جي“ پرواٽو ڀٽي دڙو. ”موسم بهار“ اعجاز علي ڀٽي دڙو. ”چانڊوڪي رات ۾ دريا جو نظارو“ جهانگير پرديسي کتري ٺٽو. ”من موهيندڙ دلفريب نظارا“ مشتاق احمد قريشي ميرپور خاص. ”وادي“ عاليه جوڻيجو لاڙڪاڻو. ”بهار جي موسم“ محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻو. ”قدرت جا  نظارا“ انورالدين کٽي ڏيپلو. ”پياري وطن جا پيارا نظارا“ سنڌو سائيڪي اعواڻ.

· گهنشامداس اُداسي ڪشمور.

 

عزت جي پرک

ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. هو هڪ رحمدل ۽ نيڪ انسان هو هن کي ڪو به اولاد نه هو. هن سوچيو ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجي تخت جو وارث ڪير ٿيندو؟ اِهو خيال ڪري هن هڪ اعلان ڪرايو ته جيڪو به منهنجي سوال جو جواب ڏيندو اُن کي مان پنهنجي تخت جو وارث بڻائيندس.

سوال اهو آهي ته هن دنيا ۾ سڀ کان پياري شيءِ ڪهڙي آهي. اتان جي هڪ غريب شخص دل ۾ خيال ڪيو ته ڇو نه کڻي بادشاهه  سلامت کان ڪجهه پئسا وٺان ۽ چوانس ته مان غريب آهيان، مون کي ڪجهه پئسا ڏيو ته جيئن مان هن دنيا ۾ گهمان ۽ خبر پوي ته هن دنيا ۾ سڀ کان پياري شيء ڪهڙي آهي. ائين سوچي بادشاهه سلامت جي درٻار ۾ پيش ٿيو ۽ بادشاهه جي اڳيان عرض ڪيائين ته ڪجهه پئسا ڏيو ته مان هن دنيا ۾ گهمي اچان ۽ جيئن خبر پوي ته هن دنيا ۾ سڀ کان پياري شيءِ ڪهڙي آهي. بادشاهه سلامت اها ڳالهه ٻڌي هن کي ڪجهه پئسا ڏنا ۽ سوال جو جواب وٺڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏنائينس. غريب شخص اُتان روانو ٿيو ۽ ٻئي ڪنهن شهر ۾ وڃي رهيو. اُتي پئسا خرچي کپائي ويهي رهيو ۽ سوچڻ لڳو ته بادشاهه سلامت جي سوال جي آخري تاريخ سڀاڻي پوري ٿيندي. جيڪڏهن سوال جو جواب نه ڏيندس ته بادشاهه سلامت مارائي ڇڏيندو. ائين سوچيندي هن کي هڪ ترڪيب آئي ۽ وڃي شهر مان ڪجهه آنن جو رومال ورتائين ۽ وڃي بادشاهه سلامت جي درٻار ۾پيش ٿيو. بادشاهه سلامت کي چيائين ته سائين مان مڪي مديني ويو هيس، تنهن ڪري ٿڪل آهيان. ڪجهه ٽائيم آرام ڪرڻ کان پوءِ مان توهان کي سوال جو جواب ڏيندس ۽ توهان پنهنجي درٻار ۾ وڏا وڏا ماڻهو ويهارجو، جيئن اهي انصاف ڪن ته هن غريب شخص توهان جي سوال جو جواب صحيح ڏنو. بادشاهه سلامت اهو ٻڌي پنهنجي بادشاهي کان سواءِ ٻين ملڪن جي سڀني بادشاهن ۽ وزيرن کي دعوت ڏني. غريب شخص جواب ڏيڻ لاءِ درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو. غريب شخص ائين چئي پنهنجي کيسي مان هڪ رومال ڪڍيو ۽ چوڻ لڳو ته هن رومال ۾ مڪي مديني جي تصوير ڇپيل آهي، رومال ڏيڻ کان اڳ ۾ هن چيو ته جنهن هن دنيا ۾ سڀني کان گهڻا گناهه ڪيا هوندا، ان کي هن رومال ۾ ڪجهه به نظر نه ايندو ائين چئي هن بادشاهه سلامت کي رومال ڏنو. بادشاهه رومال ڏٺو ته ڪجهه به ڪو نه هيو، بادشاهه سوچيو ته جيڪڏهن چوندس ته ڪجهه به نٿو  نظر اچي ته ڀري محفل ۾ بيعزتي ٿيندي. پنهنجي عزت بچائڻ جي خاطر هن چيو ته واهه جي تصوير  ٺهيل آهي سارو مدينو ڇپيل اٿس. ائين چئي هن ڀر واري بادشاهه کي رومال ڏنو. ان بادشاهه کي به ڪجهه نظر نه آيو ۽ ان به پنهنجي عزت جي خاطر ڪوڙ ڳالهايو ۽ چيائين ته واهه جي تصوير آهي. ڏاڍي خوبصورت آهي. ائين چئي ان به ڀرواري بادشاهه کي ڏنو ان به ڪوڙ ڳالهايو، ڪجهه هجي ته نظر به اچي. مطلب ته سڀني بادشاهن ۽ وزيرن ڏٺو ۽ ائين چيو ته واهه جي تصوير آهي. غريب شخص رومال وٺي چيو ته هاڻي مان توهان کي ٻڌائيندس ته هن دنيا ۾ سڀ کان پياري شئي ڪهڙي آهي؟ هن دنيا ۾ سڀ کان پياري شئي ”عزت“ آهي.  ڇو جو توهان جهڙا بادشاهه به عزت جي خاطر ڪوڙ ڳالهائين ٿا، توهان سڀ سچ چؤ ته توهان کي هن رومال ۾ ڇا نظر آيو. سڀ بادشاهه چپ ويهي رهيا ۽ هڪ ٻئي جي مُنهن طرف ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ غريب شخص چيو ته سچ ڳالهايو ته هن رومال ۾ ڪجهه به ڪو نه هيو. آخرڪار سڀني بادشاهن ۽ وزيرن مڃيو ته اسان کي ڪجهه به ڪو نه نظر آيو. اسان پنهنجي عزت بچائڻ جي ڪري ڪوڙ ڳالهايوسين. غريب شخص جو جواب ٻُڌي سڀ بادشاهه حيران ٿي ويا ۽ ان کي آفرين ڏنائون. اتان جي بادشاهه هن جي سوال جو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان کي پنهنجي تخت جو وارث بڻايائين ۽ پاڻ الله تعاليٰ جي بندگي ڪرڻ لڳو.


 

· اعجاز احمد ميمڻ، حيدرآباد

 

علم جو انت ڪونهي

وسيم ۽ علي ٻه  ڀائر هئا، وسيم وڏو هو ۽ علي ننڍو، پر ننڍو وڏي کان وڌيڪ سمجهو هوندو هو.

هڪ ڏينهن وسيم ۽ علي پنهنجي پيءُ سان گڏ سير ڪرڻ لاءِ گهران نڪتا، پنهنجي ڳوٺ کان ٿورو ٻاهر نڪتا هئا ته هڪ ننڍي ٽڪري نظر اچڻ لڳن. ٻنهي پيءُ کي چيو ”بابا، اڄ اسان هن ٽڪريءَ تي چڙهي سير ڪيون؟“ تنهن تي پيءُ چين ”ڀلي هلو، ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي“ ٽڪريءَ تي چڙهي وسيم ۽ علي ڏاڍا خوش ٿيا ٿڌي ٿڌي هوا، ساوڪ، گلن جي سرهاڻ، ننڍا وڏا وڻ ٻنهي کي ڏاڍا وڻڻ لڳا. ڪجهه وڌيڪ مٿي چڙهيا ته ڳوٺ جون جايون نظر اچڻ لڳن، پر وڏا وڏا گهر ننڍن ننڍن رانديڪن وانگر پئي لڳا. ڪشادا رستا، سنهين سنهين ليڪن جيان نظر اچي رهيا هئا، چڙهندي چڙهندي هو ٽيئي ٽڪريءَ جي بلڪل مٿان پهچي چُڪا هئا. ”اڙي“ عليءَ جي وات مان بي اختيار آواز نڪتو، ”هتان ته سڄو ڳوٺ ئي پيو نظر اچي.“ وسيم چيو، ”ٽڪريءَ جي هيٺان ته ڪجهه به نظر نه پئي آيو، ٿورو مٿي چڙهياسين ته ڪجهه ڪجهه جايون نظر اچڻ لڳيون ۽ هتان ته سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو  آهي.“ سندن پيءُ چيو، ”توهان اوچائيءَ تي پهچڻ جو مزو ڏٺو، هاڻي توهان جيڪڏهن هن کان وڌيڪ اوچي ٽڪر تي، جو سامهون نظر اچي رهيو آهي، تي چڙهي ڏسو ته نه صرف توهان کي پنهنجو ڳوٺ، بلڪه آسپاس جا به ڳوٺ نظر اچڻ لڳندا.  ماڻهو جيترو مٿي چڙهندو ويندو سندس نظر ويتر وسيع ٿيندي ويندي، توهان شايد ڪنهن جي واتان ٻڌو هجي ته علم جو انت ئي ڪونهي؟“

عليءَ چيو، ”ها بابا، اسان اهو ٻڌو ته ضرور آهي، ليڪن مون کي اها ڳالهه ڪجهه ٺيڪ  نٿي لڳي، علم جو انت ڪونهي. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ هيترا ٻار پڙهي جو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿين ٿا سو ان کان مٿي ڇا آهي؟ پيءُ چيو، ”نه علي اهو مطلب نه آهي جو تو سمجهيو آهي، تون هينئر چئي رهيو هئين ته ٽڪريءَ جي هيٺان ڪجهه نظر نه پئي آيو، پوءِ جيئن جيئن مٿي چڙهندا پئي وياسين، تيئن پري پري جون شيون نظر اچڻ لڳيون، جڏهن ماڻهو هيٺ هوندو آهي ته کيس ڪجهه به معلوم نه هوندو آهي، پر جڏهن مٿي چڙهندو آهي ته خبر پوندي اٿس ته مار! هن کان اڳ ته مون کي ڪا به ڄاڻ ڪا نه هئي، بس علم جو به هن وانگر ئي معاملو آهي، جڏهن ماڻهو بلڪل اڻپڙهيل  هوندو آهي، تڏهن کيس پنهنجي اڻڄاڻائي جو خيال به نه هوندو آهي، پر جڏهن هو پڙهڻ لکڻ ۾ دلچسپي وٺي ٿو، تڏهن هن جي اڳيان لڪل حقيقتون پڌريون ٿين ٿيون ۽ کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته اڃا علم حاصل ڪرڻو آهي، اهڙيءَ طرح هو پنهنجي علمي قابليت وڌائيندو وڃي ٿو، ۽ هن جو اهو خيال يا احساس ته هن جو علم ۽ معلومات اڃا نهايت گهٽ آهي، وڌندو وڃي ٿو، هو علم جي جبل تي چڙهندو وڃي ٿو، چوٽيءَ کي ڇهندو رهندو آهي، ۽ پنهنجي بي خبريءَ، بي علمي ۽ جهالت جي سامهون ايندو رهي ٿو، هن جو علم جيترو وڌندو ويندو آهي، اوترو ئي هو پاڻ کي اڻڄاڻ سمجهندو آهي، ان ڪري چيو ويو آهي ته ”علم جو ڪو انت ئي ڪونهي“. علي ۽ وسيم چيو ”بابا سائين اسين هاڻي سمجهي وياسين، ٽڪر جي مثال سان ڳالهه آسانيءَ سان ذهن نشين ٿي ويئي“. ان کان پوءِ هو خوش خوش گهمندا ڦرندا گهر موٽي آيا.

· نظير ڏهر

شاديءَ تي ٿا اچن يا ملاکڙي تي. . .

 

سياري جي موسم، جنوريءَ جو مهينو، هوا پنهنجي موج ۾ لهرون پئي لاتيون. بابو حقي جي ڳٽ ڳٽ لايون ويٺو هجي. گهر جا سڀ ڀاتي چلهه کي وڪوڙيون ويٺا هئا. مون کي پراڻو ڦاٽل ڪوٽ پاتل هو. مان پسيل ڪوئي وانگر وڪوڙيو سڪوڙيو ويٺو هوس. ائين ڪندي پڦي بابي کي چيو ته، ”ادا هاڻي توهان جهونا ٿي ويا آهيو. الله سائين هڪڙو پٽڙو ڏنو اٿوَ. هو به هاڻي جوان آهي. جيڪر پرڻائي ڇڏينس ته ڀاڄائيءَ تان ڪم ڪار کان جند ڇٽي پوي“. بابي حقي جي نڙ کي رکندي چيو، ”ادي سچ چيو اٿئي. الائي گهڻا ڏينهن حياتي، اها مراد ڏسي پوءِ ته مرؤن“ڇو ادا الله سائين وڏي حياتي ڏيندئي. نيٺ ادي حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو آهي. الائي اڄ مرؤن الائي سڀاڻي پڪي ماني يا نصيب.

مان بابي ۽ پڦيءَ جي گفتگو ٻڌي دل ۾ ته ڏاڍو خوش پيو ٿيان پر ٻاهر ۾ بس ڪري ويٺو هوس. پڦيءَ بابي کي چيو ته نينگر جي شادي ڌام ڌوم سان ڪرائجان. متان ماڻهو کلائين. نه ادي نه ماڻهو وري ڪيئن کلندا! پڦيءَ مون کي چيو ”ڪيئن جبار کل ته سهي. ڪجهه تون به ته صلاح ڏي. شادي ڌام ڌوم سان ڪندين نه. . . . “

مان ڦڪي کل کلي پڦيءَ کي چيو ”پڦي بابي کي آهي ڪل منوجريب ٻني، سا به کپائي ڌام ڌوم سان شادي  ڪرائي. ماڻهو ڪجهه نيڪي ڪو نه ڪندا. اجايو قرض نه کڻو ۽ فضول خرچ نه ڪرايو.“

اَبا منهنجو ايترو چوڻ، پڦيءَ چپ چپ تي کٽ تي وڃي سمهي پيئي. نه ماني کائي نه وري ڪنهن سان ڳالهائي. سڀني کي کڻي ڪشمڪش ۾ وڌائين. آخر دير دير سان اُٿي ماني کاڌائين. بابي منو جريب ٻني کپائي. تنهن کان سواءِ ٻيا به قرض کنيائين.

بابو ڪنواريتن ڏانهن ويو. جن کان 27- تاريخ وٺي آيو. سڀني مٽن مائٽن کي سڏ ٻڌايائين. مان ڳوٺ جي وڏيري ڏانهن ويس، تنهن مڇن کي مهٽيندي چيو هڪ آءٌ، ٻه گڏهه، چار نوڪر وغيره انهن جو خاص انتظام ٿئي. ٻئي فرمايو: ڀنگ ضرور آڻجانءِ. مون دل ۾چيو ته شادي تي ٿا اچن يا ملاکڙو ڏسڻ. مطلب ته هر ڪنهن  پنهنجي پنهنجي فرمائش ڪئي. شام جو ڀنگ جا ڪونڊا پيا گهوٽجن، ڪڪڙ پيا وڙهن ۽ بابو سائين جهمر ۾ لڳو پيو هجي. منهنجو نڪاح پيو ته سڀني چيو ته مٺائي کاراءِ هڪدم بابي کيسي مان آخري ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏنو. پتاشا وٺي آيا. ۽ سڀني وات مٺو ڪيو. صبح ٿيو سڀني پنهنجي پنهنجي فرمائش پئي ڪئي. مان ٻاهر ۾ مائٽن سان حاضر حاضر پيو ڪريان. پر اندر ۾ جيڪي الله کان پئي دعائون گهريم سي مون کي ياد آهن. آخر مائٽن سڏ ڪيو، مان ويس مون کي چيائون ته ماني جي تڪليف نه ڪر. ماني وڃي گهر کائينداسين. باقي اسان کي ڪرايو ڏي ته وڃي گهر پهچؤن. في الحال ته پاڻ وڃو باقي پوءِ گهر ڪرايو مني آرڊر ڪري موڪليندس. پوءِ مائٽ سڀ هليا ويا. هاڻي مان مزوري ڪندو آهيان. تازي هڪ گڏهه جيڪا اسان جي در تي بيٺي هوندي هئي، سا کَپائي ڪجهه پئسا مائٽن ڏانهن موڪليم. جن کي اڃا پئسا نه ڏنا اٿم، تن جا خط ٿا اچن ته جلدي پئسا موڪل نه ته ڀت ڀائپي مان ڪڍي ڇڏينداسين. ڏسو ٿا شادي به منهنجي،پئسا به مان ڏيان، وري ڀت ڀائپيءَ مان به مون کي ٿا ڪڍن.

· سيما شاهين هالا

ٽي سوال

 

آڳاٽي زماني ۾ هڪ امير رهندو هو، جيڪو علم ۽ عقل جو ڏاڍو قدردان هو ان ڪري جيڪي به عالم ۽  عاقل ماڻهو هوندا هئا، انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهائيندو هو. کين پگهارون ۽ ٻيون سهوليتون ڏيندو هو. هڪ ڀيري معلوم ٿيس ته ڳوٺ ۾ ٽي مسافر آيا آهن، جيڪي علم ۽ عقل ۾ ڀڙ آهن. امير انهن جي دعوت ڪئي ۽ اتي کين پنهنجي ڳوٺ ۾ رهڻ لاءِ گذارش ڪئي. ٽنهي مسافرن، امير کي چيو ته اسين هڪ هڪ سوال ڪنداسون، جيڪڏهن اوهان يا اوهان جي ڳوٺ  وارن انهن جو صحيح جواب ڏنو ته اسان تنهنجي ڳوٺ  ۾ رهنداسون نه ته نه. امير کي پڪ هئي ته مون سڄي عمر وڏي دولت خرچ ڪري پاڻ وٽ عالم ۽ عاقل گڏ ڪيا آهن، سو هنن جي سوالن جو جواب ضرور ڏيندا. ان ڪري هن اها ڳالهه قبول ڪئي. ٻئي ڏينهن صبح جو ڪچهري گڏ ٿي، سڄي ڳوٺ جا عالم ۽ عاقل اچي گڏ ٿيا. مسافرن پنهنجا سوال ڪيا پر ڪو به شخص کين صحيح جواب ڏيئي ڪو نه سگهيو. امير ڏاڍو ششدر ٿيو، نيٺ هڪڙي صلاحڪار کيس چيو ته هڪڙو ڪنڀر ڳوٺ کان ٻاهر هڪ جهوپڙيءَ ۾ رهي ٿو، جيڪو هن وقت جهور پوڙهو آهي پر پنهنجي وقت جو وڏو عاقل ۽ عالم هو، ان کي گهرائجي. امير هڪدم ماڻهو ڊوڙايو، پوڙهو  ڪنڀر هڪ گڏهه تي سوار ٿي ڪچهريءَ ۾ آيو. نڪي گڏهه تان لٿو، نڪي ڪنهن کي دعا سلام ڪيائين ۽ امير کي چيائين ته مون کي هن وهيءَ ۾ اوهان ڇو گهرايو آهي. امير کيس سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ڪنڀر انهن مسافرن ڏانهن نهاري چيو: سوال پڇو؟  مسافرن مان پهرئين سوال ڪيو ته ”هن ڌرتيءَ جو وچ ڪٿي آهي؟“ ڪنڀر هڪدم پنهنجو لڪڻ گڏهه جي ڏائي پاسي پوئين کُر تي هڻي چيو ته ”هن کُر جي هيٺان آهي“ مسافر چيو ”ثبوت؟“ ڪنڀر وراڻيو اوهين سڄي ڌرتي ماپيو، ثبوت پاڻهي  ملي ويندو. مسافر لاجواب ٿي ويو. ٻئي مسافر سوال ڪيو ”آسمان ۾ تارا گهڻا آهن؟“ ڪنڀر جواب ڏنو ”جيترا منهنجي گڏهه جي بدن تي وار آهن“ . مسافر پڇيو ”ثبوت؟“ ڪنڀر جواب ڏنو ته ”اوهين پهريائين منهنجي گڏهه جا وار ڳڻيو، جڏهن رات ٿئي ته تارا ڳڻجو اوهان کي ثبوت ملي ويندو.“ ٻئي مسافر کڻي ماٺ ڪئي. ٽئين مسافر سوال پڇيو ”منهنجي مُنهن تي گهڻا وار آهن؟“ ڪنڀر چيو ”جيترا منهنجي گڏهه جي پُڇ ۾ آهن.“ مسافر چيو ”سو ڪيئن؟“ ڪنڀر چيو ته ”پهريائين اوهان جي مُنهن جا وار ٿو پٽيان ۽ پوءِ گڏهه جي پُڇ جا وار ٿو پٽيان، اوهين ڀلي جدا جدا ڳڻيو ته خبر پئجي ويندي.“ اهڙيءَ طرح ٽيون مسافر به لاجواب ٿي ويو ۽ انجام موجب ٽيئي ان امير جي ڳوٺ ۾ رهي پيا.

· سنڌيڪار: جيئلداس، وارهه

چنگالو

 

آمريڪا ۾ گهڻائي قبيلا پراڻي زماني کان آباد آهن، جن کي ”ريڊ انڊين“ چون ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن جي بدن جو رنگ ٽامي وانگر ڳاڙهسرو ٿئي ٿو. انهن قبيلن بابت ڪيتريون ئي دلچسپ ڪهاڻيون مشهور آهن، هڪ اهڙي ئي ڪهاڻي چنگالو جي آهي. چنگالو سندن زبان ۾ هڪ ننڍڙي پکيءَ کي چون ٿا، جيڪو جهنگلن ۾ رهي ٿو. جڏهن سياري جي مُند اچي ٿي ته اهو پکي اڪثر ڪري آباديءَ ۾ هليو اچي ٿو ۽ پڪارڻ لڳي ٿو. هن جي آواز مان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته چئي رهيو هجي ”چي سي آسي“ ريڊ انڊين قبيلن جي زبان ۾ ان جي معنيٰ آهي ته ”منهنجي ماءُ بيمار آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com