حڪمت
1- حڪمت هڪ وڻ آهي جو دل کان اڀرندو آهي ۽
زبان مان ڦل ٿيندو آهي.
2- عالم سان هڪ ڪلاڪ جي گفتگو ٽن ورهين جي
مطالعي کان وڌيڪ مفيد آهي.
3- مشڪندڙ چهري سان پيش اچڻ سڀ کان پهرين
نيڪي آهي.
4- اهو، جنهن جي دل ۾ برائي آهي ڀلائي نه
ڏسندو ۽ جنهن جي زبان ۾ نڪته چيني آهي، آفت ۾
ڪرندو.
-موڪليندڙ: برڪت علي بلوچ، هنڱورنو.
·
*جيرامداس ”اٻوجهو“ ڪاٺڙي
رشيد احمد خاصخيلي
سنڌو ماتا جي هن ڪک مان ڪئين سرويچن جنم ورتو آهي
تن مان ڪئين پنهنجو پاڻ ملهائي ويا ۽ ڪي هن اڻکٽ
راهه ڏانهن گامزن آهن.
انهن ۾ سڀڪو پنهنجي پتيءَ جو قرض چڪائي ٿو، ٻڍو
توڙي ٻار پنهنجي کاتي ۾ ڪجهه جمع ڪرائي ٿو. اهڙن
قرض چڪائيندڙ انسانن ۾ ٻارن جو به ڪردار اهم آهي.
اهي ٻار، اڄ جا ننڍا ۽ سڀاڻي جا وڏا آهن، تنهنڪري
اسان به اهڙن ٻارن جي صلاحيتن کي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ
لاءِ ڪوشان آهيون. ان سلسلي ۾ اڄ هڪ ادي رشيد احمد
سان ملاقات دوران ورتل خيالات کي قلم جي مدد سان
پني تي اوتي رهيو آهيان.
جيئن ته ادي ذوالفقار ”نياز“ پنهور سان منهنجي
پراڻي واقفيت آهي. جڏهن هو پنجين ڪلاس ۾ پڙهندو
هو. اوچتو ٻارهين سيپٽمبر جي شام جو يونيورسٽي
ڪالوني ڄام شورو ۾ ساڻس ملاقات ٿي، پاڻ گل ڦل لاءِ
ڪنهن ذهين ٻار جو انٽرويو وٺڻ جو بار مون تي
رکيائين سو مون هائوڪار ڪئي.
جيئن ته ادي رشيد احمد هن کان اڳ ڪڏهن به انٽرويو
نه ڏنو آهي، سو ڪجهه گهٻراهٽ محسوس ڪري رهيو هو،
پر مون منجهس خود اعتمادي پيدا ڪئي ته هي ايڏو
مشڪل ڪم نه آهي، تعاون سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.
پوءِ ادي منجهند جي اسڪول جي موڪل ملڻ بعد مون کي
انٽرويو لاءِ سوالن جا جواب ڏنا سي پڙهندڙن جي
اڳيان حاضر آهن.
مون پهريون سوال راويتي ڪيو جيڪو انٽرويو لاءِخاص
هوندو آهي ته توهان کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ڪيئن ٿيو؟
ادي سوچن جي ساگر ۾ ٽٻيون هڻندي جواب ڏنو ته مان
جيئن ته ٻين دوستن سان گڏجي جدا جدا سنڌي رسالا
پڙهندو هوس جن ۾ ٻارن جون ڪهاڻيون ۽ شعر هوندا
هئا. منهنجي به دل چاهيندي هئي ته مان به اهڙا شعر
لکان پر ان وقت منهنجي سوچ ايڏي پڪي ڪا نه هئي.
ڪجهه عرصي بعد اوچتو هڪ ڏينهن مون 1973ع ۾ اخبار ۾
رزلٽ ڏٺي جنهن ۾ ميرپورخاص سينٽر جا گهٽ ڇوڪرا پاس
ٿيا هئا ۽ ان جي ڄاڻ دوستن کان ملي ان وقت مون تي
هن سستيءَ جو ڏاڍو اثر ٿيو ۽ آءٌ ڳچ ڏينهن تائين
ان متعلق سوچيندو رهيس ته هن ستل سنڌي قوم کي خودي
جو احساس ڪيئن ڏيارجي، ان وقت مون نظم ٺاهڻ شروع
ڪيا، پهريون منهنجو نظم ”سچيون راهون“ هو جيڪو مون
سنڌي ادبي سنگت ميرپورخاص جي گڏجاڻي ۾ پڙهيو، جت
اڪثريت شاگردن جي هئي. ان بعد ٻيو نظم ”اچوڙي ٻارو
گڏجي علم پرايون“.
اچو ڙي ٻارو گڏجي علم پرايون، سمجهه وڌايون.
پنهنجي انهيءَ پرجوش عقل کي ائين نه وڃايون،
اچو ته سنڌ جي ستل قوم کي جاڳايون.
سنڌ سڄي لاءِ واليون آهن پنهنجون سايون.
س: اڄڪلهه جو شاگرد پڙهڻ ۾ پوئتي آهي ان جا مکيه
ڪهڙا سبب آهن؟
ج: وڏي ڳالهه ته هن ۾ والدين جو فرض آهي ته هو ٻار
جي نظرداري ڪن. ۽ هن جي مشغولين کي جدا جدا حصن ۾
ورهائي ڏين جيئن هو ان مقرر ڪيل وقتن تي مشغولين ۾
حصو وٺي ۽ هرڪم ٽائيم تي هئڻ گهرجي. پڙهڻ جي وقت
پڙهجي ۽ راند جي وقت راند ڪجي. ان کان وڌيڪ وڏو
سبب استاد جي عزت نٿي ڪئي وڃي ۽ ان جي چوڻ کي
پنهنجي بيعزتي سمجهي وڃي ٿي ۽ گهڻو سبب فحاش فلمن
جو ۽ فيشن جو آهي جن ٻارن جي ڪچن ذهنن کي متاثر
ڪيو آهي، تنهنڪري انهن ۾ محنت ڪرڻ جي گهٽتائي آهي.
س: ٻاراڻي وهي هڪ بيپرواهه بادشاهه جي حيثيت رکي
ٿي اهو عام خيال آهي ان متعلق توهان جي ڇا سوچ
آهي؟
ج: ٻاراڻي وهي کي بادشاهي سان انهيءَ ڪري مشابهت
ڏيندا آهن جو ان معصوم عمر ۾ ٻار تي ڪا به ذميواري
نه هوندي آهي. هوءَ هڪ گلاب جي گل جهڙي هوندي آهي
جنهن کي هر هڪ شفقت سان ڏسندو آهي. ٻار جا انگل
آرا ۽ مطالبا به بيپرواهه بادشاهن وانگر هوندا آهن
جيئن ڪي ٻار ڪڏهن ڪڏهن چوندا آهن ته امان مون کي
چنڊ آڻي ڏي ته ڪڏهن چوندو ته فلاڻو تارو کپي. ٻار
آئيندي جا وارث ۽ تاجدار آهن.
س: ٻار قوم ۽ ملڪ جي بهبودي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا
ڪري سگهن ٿا؟
ج: ٻار قوم جي امانت آهن ڇا ڪاڻ ته جيڪا قوم ٺهندي
آهي سا ٻارن جي اوسر مان ٺهندي آهي، ۽ اهي ٻار وڏا
ٿي پنهجي ديس جو تحفظ ڪندا آهن. ٻار علم ۽ عقل جي
روشنيءَ ۾ ٻين ملڪن جي حالتن جو اڀياس ڪري روشن
مستقبل طرف پنهنجي قوم کي وٺي ويندا آهن ۽ قوم جا
سٺا وارث ليکبا آهن.
س: توهان جون ٻيون مشغوليون ڪهڙيون آهن؟
ج: مان اسڪول ٽائيم کان پوءِ واندڪائي واري وقت ۾
ادبي رسالا ۽ ٻارن جا رسالا گل ڦل، گلن جهڙا ٻارڙا
۽ اخبارون وغيره پڙهندو آهيان ۽ منهنجي پسنديده
راند والي بال آهي جيڪا مان روزانو کيڏندو آهيان.
س: اوهان جون پسنديده شخصيتون پوءِ اهي ادبي هجن
يا علمي؟
ج: مان اديبن ۽ شاعرن ۾ امرجليل، طارق اشرف، شيخ
اياز، ابراهيم منشي، مائوزي تنگ، فيڊرل ڪاسترو،
اگسٽيونيٽو ۽ ياسر عرفات ۽ ٻارن مان اياز گل ۽
غفران عاقلاڻي کي پسند ڪريان ٿو.
س: اوهان جي زندگيءَ جو اڻ وسرندڙ واقعو؟
ج: منهنجي زندگي، جڏهن مان شروعاتي ڏهاڪي جي بهارن
۾ هوس مون ڏٺو ته هڪ هاري علاج لاءِ واجهائيندي دم
ڏنو، کيس دوا نه ملي سگهي، اهو موت اکين اڳيان ٿي
گذريو، ڇا ڪاڻ ته ان وقت ٻهراڙي ۾ ڪو به ڊاڪٽر نه
هو، ان واقعي مون تي گهرا اثر ڇڏيا آهن ۽ مون اهو
فيصلو ڪيو آهي ته مان وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿي پورهيت طبقي
جي خاص طور خدمت ڪندس.
اقوال زرين
·
- اوهين ايسيتائين امن ۾ آهيو، جيسيتائين اوهان جي
زبان امن ۾ آهي. (حضرت محمد صلعم)
·
- جو ماڻهو حڪومت ۾ امارت لاءِ پاڻ کي آڇي ٿو، اهو
نااهل آهي. ان کي نه ڏيو. (حضرت محمد صلعم)
·
- پنهنجي منتظم ۽ حاڪم جي بيجا نافرماني نه ڪريو،
پوءِ ڀلي ته هو اوهان کي باهه ۾ ٽپي پوڻ جو حڪم
ڏئي. (حضرت محمد صلعم)
·
-گهڻيون قومون تباهه ٿي ويون، ان ڪري جو هنن عمل
اصل نٿي ڪيو، اجائي پُڇ پُڇ گهڻي ٿي ڪيائون.
(حضرت محمد صلعم)
-موڪليندڙ: ارشد علي قريشي، نواب شاهه.
·
اشفاق ميمڻ دڙو
ڪاش آءٌ پڙهي سگهان ها
صبح جو ٽائيم هو، ٿڌي ٿڌي هوا دماغ کي فرحت بخشي
رهي هئي. ننڍڙا ننڍڙا گلن ڦلن جهڙا ٻارڙا ڪتابن جا
ٿيلها ڳچيءَ ۾ وجهي خوشيءَ مان کلندا کلندا اسڪول
ڏي وڃي رهيا هئا. اوڏيءَ مهل ننڍڙو ”شمو“ پنهنجي
ڪکائي جهوپڙي، جنهن ۾ هوا بي ڌڙڪ داخل ٿي رهي هئي،
جي اڳيان ڪپڙا پائي، انهن کلندڙ ۽ ڪڏندڙ ٻارن جي
مرڪندڙ چهرن ڏانهن حسرت ڀريل نماڻن نيڻن سان نهاري
ٿڌا ساهه کڻي رهيو هو. جيڏي مهل اهي مرڪندڙ ٻار هن
جي جهوپڙيءَ جي اڳيان اچي لنگهيا ته معصوم ”شمو“
جون اکيون سانوڻ جي مينهن وانگر وسڻ لڳيون. هن هڪ
نظر انهن مرڪندڙ وڻندڙ ۽ خوشين جا خزانا کڻي ويندڙ
ٻارن تي وڌي ۽ وري نظر ڦيرائي پنهنجي بدن تي وڌي
جنهن تي ڪپڙو به سگهو نه هو، اوڏي مهل هن کي
پنهنجي غريب هئڻ جو احساس ٿيڻ لڳو، هن جي ڪومل من
۾ هڪ عظيم خواهش اڀري آئي ۽ ان سان گڏ هن جي زبان
۾ ڪي لفظ اٽڪيا ڪاش! آءٌ پڙهي سگهان ها! انهي
خواهشن سان گڏ هن جي چپن تي هلڪي مرڪ تري آئي، پر
اها هڪ ڀيري وري حسرت جي صحرا ۾ تبديل ٿي وئي.
ڇو!؟ ڇاڪاڻ ته هن کي پڪ هئي ته آءٌ ڪڏهن به پڙهي
ڪو نه سگهندس! هن جو پيءُ هڪ مزدور هو، هو سڄو
ڏينهن ڪمائيندو هو پوءِ به هڪ وقت لنگهڻ ڪاٽيندا
هئا. اهو سوچي هن جو چهرو ڪومائجي ويو. ٻار ته سڀ
کان بي نياز شموءَ ڏانهن ڏسڻ بنا لنگهي ويا پر
شموءَ جي دل ڀڙڪا کائي اٿي، هن جون اکيون وري
آليون ٿي ويون ۽ پوءِ ان آلاڻ، ٽٽل قميص کي به آلو
ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. پر هن جي من ۾ رڳو اها ئي
خواهش وري وري جنم وٺندي ۽ ختم ٿيندي رهي ۽
شمو.... اتي ئي بيٺو رهيو.
اوچتو شموءَ جي سرءُ جي پن وانگر ڪومل آسن ۽ اميدن
جو خيالن ۾ جڪڙيل سلسلو هڪ آواز سان هڪدم ٽٽي پرزا
پرزا ٿي ويو. هن ڪن ڏيئي آواز ٻڌو ته ماڻس هن کي
سڏ ڪري رهي هئي. شايد ماڻس هن کي روئيندي ڏسي ورتو
هو. شمو يڪدم پنهنجون اکيون قميص جي پلاند سان
اگهيون ۽ آخري نظر ويندڙ ٻارڙن تي وجهي جهوپڙي ۾
اندر آيو. پر هن جون اکيون وري به آليون ٿي ويون.
ماڻس هن جي اکين ۾ لڙڪ ڏسي پريشان تي وئي ۽ هن کان
روئڻ جو سبب پڇيائين، پر شمو ڪجهه به نه ٻڌايو ۽
روئندو رهيو. شموءَ تي هاڻي تپ جا آڙاهه مچي ويا
هئا ۽ ماڻس هن کي آهستي آهستي وٺي وڃي ڇنل کٽ تي
ليٽايو، ۽ پاڻ سري کان ئي ويٺي رهي، هن شموءَ کي
ماٺ ڪرائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر هو ڪٿي ٿو ماٺ ڪري.
نيٺ روئندي روئندي شمو کي ننڊ پنهنجي آغوش ۾ ورتو
۽ هو مٺي ننڊ ۾ سمهي رهيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ
شمو ننڊ ۾ بڦلڻ لڳو. امان! هاڻي آءٌ ڪڏهن به اهو
خيال دل ۾ به نه آڻيندس توکي پريشان نه ڪندس
منهنجي مٺڙي امڙ، هاڻي آءٌ ڪڏ هن به پڙهي ڪو نه
سگهندس! ڇو ته پاڻ غريب آهيون. ۽ شمو ماٺ ٿي ويو.
اوڏي مهل شموءَ جي ماءٌ جي وات ۾ ٻه اکر اچي وري
به اٽڪي پيا. ها....هاءِ غ..غ....غريبي!!! هاءِ
غريبي!! ۽ شمو ننڊ ۾ به سوچي رهيو هو ڪاش آءٌ پڙهي
سگهان ها.
·
ظهير احمد ميمڻ ٽنڊومحمد خان
”آمين“
هڪ ڀري هڪ ڳيرو، ڪنهن جهنگل ۾ ٻولي رهيو هو ته
اوچتو هڪ بکايل گدڙ اتي اچي نڪتو. جڏهن ان ڳيري کي
ڏٺو ته هن جو وات ئي پاڻي ٿي ويو، سو ڳيري جي
نزديڪ اچي کيس چيائين ته ”ادا! تنهنجو آواز ته
ڏاڍو سُريلو آهي. جيڪڏهن تون اکيون بند ڪري اهڙيءَ
طرح ٻولين ته اڃا به تنهنجي آواز ۾ وڌيڪ ميٺاج ٿئي
جڏهن ڳيري پنهنجي تعريف گدڙ جي واتان ٻڌي ته اکيون
بند ڪري وٺي زور سان ٻولڻ لڳو. هن جون اکيون بند
ڪرڻ ۽ گدڙ جو کيس ڳچيءَ ۾ جهٽ هڻڻ. ڳيري ويچاري
پاڻ کي گدڙ جي وڪڙ ۾ ڏسي ڏاڍو پڇتايو ته ناحق گدڙ
جي چوڻ تي لڳس. هاڻي ڪا اٽڪل ڪري جند ڇڏائجي نه ته
حياتي تان هٿ ڌوئڻا پيا. اهو سوچي هن گدڙ کي چيو
ته ”ماما! تون ته مون کي کائي رهيو آهين، پر کائڻ
کان اڳ ”آمين“ ته چئه جو خدا توکي بنا ڪنهن تڪليف
جي مون جهڙو مٺو مال عطا ڪيو آهي. گدڙ جڏهن ڳيري
جي واتان اها ڳالهه ٻڌي جهڙو وات پٽيو، تهڙو ڳيرو
وات مان نڪري اڏامي ويو. گدڙ اهو ڏسي ڏاڍي ڏک مان
چيو ته”مون کان زياده ڪو به نادان نه آهي، جو بکئي
هئڻ جي باوجوجد به ”آمين“ چئي.“
اهڙي طرح ڳيري چالاڪي ڪري پنهنجي جان بچائي.
·
محمد رمضان قريشي نئون آباد
سهڻي عادت
هڪ ڀيري هڪڙو درويش واهه جو ڪنارو ڏيئي اچي رهيو
هو ته ڇا ڏسي ته هڪڙو وڇون پاڻيءَ ۾ ٻڏندو پيو
اچي. درويش هن کي بچائڻ لاءِ واهه ۾ گهڙي پيو.
درويش هن کي جيئن پاڻيءَ مان ڪڍيو ته هن کيس ڏنگ
هڻي ڪڍيو. ڏنگ لڳڻ ڪري درويش کي هٿ ۾ سور ٿي پيو
۽ هن وڇونءَ مان هٿ ڪڍي ورتو. ٿوريءَ دير بعد هن
وري وڇونءَ کي هٿ ۾ کنيو ته هن وري ڏنگ هڻي ڪڍيو.
نتيجو اهو نڪتو ته درويش هن کي بچائڻ لاءِ جيئن
جيئن هٿ ۾ کڻي ڪناري تي پهچندو ويو، تئين تئين وڇن
ڏنگ هڻندو ويو ۽ نيٺ درويش آڻي هن کي ڪناري تي
ٻاهر اچي ڇڏيو.
ڪناري تي هڪڙي ماڻهوءَ اهو سمورو تماشو پئي ڏٺو.
هن درويش کي چيو ته تون ڪو صفا بيوقوف آهين جو هن
کي ڪڍي ڪناري تي پهچايو اٿئي جڏهن ته هن توکي
ڪيترائي ڀيرا ڏنگ هنيا هوندا.
درويش چيوته ادا ڏنگ هڻڻ وڇونءَ جي عادت آهي ۽
نيڪي ڪرڻ منهنجي عادت آهي.
جڏهن وڇون جهڙو ننڍڙو جيت پنهنجي عادت کان باز نه
ٿو اچي سگهي ته پوءِ آءٌ انسان آهيان مون ۾ عقل
آهي آءٌ پنهنجي عادت کان باز ڇو اچان.
پيارا ٻارو نيڪي ڪرڻ ۽ ڪنهن ڏکويل جي مدد ڪرڻ سٺي
۾ سٺو ڪم آهي، پوءِ توهان اهو نه ڏسو ته هو مون کي
ڇا ٿو ڏئي ۽ ڇا ٿو ڪري توهان کي ته رڳو پنهنجو فرض
پورو ڪرڻو آهي ۽ انهيءَ جو اجر توهان کي خدا پاڪ
ڏيندو ضرور ڏيندو.
·
ذوالفقار ميراڻي، ڳڙهي ياسين
علم
جي روشني
ڪڏهن اهو وقت به هو جڏهن انسان غارن ۽ جهنگلن ۾
گذاريندو هو. هن جي زندگي گذارڻ جي پڻ خبر نه هئي
۽ هو بلڪل بي خبر هو ته زندگي جو مقصد ڇا آهي. سڄي
دنيا جهالت جي ڪارن ڪڪرن سان ڍڪيل هئي، هر طرف
اوندهه ڇانيل هئي ۽ انسان ان باري ۾ ڪجهه به سوچي
نه ٿي سگهيو ته کيس ڪڏهن سک سهنج ملندو ۽ اهڙن
عذابن کان ڇوٽڪارو ملندو. پر جيئن ئي علم جي سج
شاخون ڪڍيون تئين ئي سڄي دنيا روشن ٿي وئي. انسان
اهو محسوس ڪيو ته سندس ڇوٽڪارو ڪوشش آهي جنهن ڪري
هو هڪ نئين زندگيءَ جي تلاش ۾ ڪاهي پيو. علم جي هن
سج انسان کي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن ڪري اهو ئي
انسان اونداهن غارن بدران بنگلن ۾ ٿو گذاري. نه
رڳو ايترو پر ٻيا به ڪيترا ڪم علم جي مدد سان ڪيا
ويا جنهن جو نتيجو اوهان اڄوڪي دنيا ۾ ڏسي رهيا
آهيو.
علم جي هن روشنيءَ نه رڳو انسان کي ترقي ڏياري پر
انهن ۾ اتحاد ايڪي جو جذبو پڻ جاڳايو، ڀلي بري جي
سڃاڻپ ڪرائي ۽ ٻين ڪيترن نعمتن سان نوازيو.
جنهن به ملڪ ۾ علم جا ڏيا ٻرندا رهن ٿا، ان ملڪ جي
ماڻهن ۾ همدردي بردباري، بهادري ۽ محبت جون وصفون
هونديون آهن جنهنڪري هرهڪ ۾ قومي جذبو هوندو ۽
انهن جو ملڪ ڪڏهن به پوئتي نه پوندو.
پوءِ ڇو نه اسين به پنهنجي ملڪ جي لاءِ ترقي جي
راهه ۾ ڪاهي پئون، ڇو نه اتحاد ۽ ايڪي سان ڪم ڪيون
۽ ملڪ کي علم جو سهڻو لباس پهرايون ڇاڪاڻ ته
جيڪڏهن ملڪ ترقي ڪئي ته اها اسان جي ئي ترقي آهي،
تنهنڪري اچو ته اهو قبول ڪيون ته علم پرائينداسون
جيسيتائين اسان جو وس پڄندو.
·
عبدالحميد مڱريو، ڍورونارو
ڪتو ۽ انسان
پيارا ٻارو، توهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته ڪتو هڪ
چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانور ٿي ڪري انسان سان گڏ ڇو ٿو
رهي.
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ته هڪ جهنگ ۾ هڪ ڪتو رهندو
هو ان جهنگ ۾ ٻيا به ڪيترا جانور رهندا هئا. ان
جهنگ ۾ روزانو رات جو هڪ شينهن گجگوڙ ڪندو هو. ڪتو
ان گجگوڙ کان ڊڄڻ لڳو هن سوچيو ته ڇو نه ٻي ڪنهن
جانور سان گڏ رهان جيڪو ان شينهن کان طاقتور هجي.
ان خيال کان هو وڃي هڪ گدڙ سان گڏ رهڻ لڳو پر
جڏهين رات جو ڪتي ڀونڪ شروع ڪئي ته گدڙ چوڻ لڳو ته
ٻيلي مهرباني ڪري چپ ڪر. هينئر شينهن اچي نه پاڻ
ٻنهي کي لقمو بنائي. ائين چوڻ تي ڪتو چپ ٿي ويو پر
هن سوچيو ته هي گدڙ به شينهن کان ڊڄي ٿو تنهنڪري
ٻيو ڪو ساٿي ڳولجي. سو ٻي ڏينهن هو هڪ رڇ سان گڏ
رهڻ لڳو. پر رات جو جڏهين ڪتو ڀونڪڻ لڳو ته رڇ چيس
ٻيلي! خدا کي مڃ، چپ ڪر هينئر شينهن اچي ٿو ۽ پاڻ
کي کائي ويندو. ڪتو چپ ٿي ويو. پر هن سوچيو ته
ٻيلي شينهن هن کان به ڏاڍو آهي، تنهڪنري ٻيو ڪو
طاقتور ساٿي ڳولجي سو ٻئي ڏينهن هو هاٿيءَ سان رهڻ
لڳو.
رات جو جڏهن ڪتو ڀونڪڻ لڳو ته هاٿي چيو ٻيلي! خدا
جي واسطي چپ رهه، آءٌ پاڻ ٿو شينهن کان ڊڄان ڪتو
چپ ٿي ويو. ٻئي ڏينهن ڪتو هڪ ماڻهوءَ سان گڏجي ان
جي گهر آيو، ماڻهوءَ ان کي ماني کارائي ۽ رات جو
جڏهن ڪتو ڀونڪڻ لڳو ته ماڻهو چيس ته زور سان ڀونڪ
ته ٻيا جانور ڀڄي وڃن. ڪتو زور سان ڀونڪڻ لڳو ۽
سوچيائين ته ٻيلي انسان سڀ کان طاقتور آهي تنهڪري
ان سان گڏ رهڻ گهرجي. ان کان پوءِ ڪتو هميشھ انسان
سان گڏ رهندو پيو اچي.
·
محمد رمضان چاڪي، ننگرپارڪر
شهزادي کلڪوڙي
گهڻي وقت جي ڳالهه آهي، ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ پيڃارو
رهندو هو جو محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هو. کيس
اولاد ڪو نه هو جنهنڪري اڪثر اٻاڻڪو رهندو هو پر
قسمت تي شاڪر ٿي خدا کي اولاد لاءِ ٻاڏائيندو
رهندو هو.
هڪ ڀيري انهيءَ ڳڻتي ۾ جهنگل ۾ هڪ وڻ هيٺان اٻاڻڪو
ٿيو ويٺو هو ته اوچتو مٿان هڪ کلڪوڙيءَ جو ٻچو اچي
سندس اڳيان ڪريو. هن جهٽ ڏيئي ان کي کڻي ورتو ۽ ان
سان پاڻ وندرائڻ لڳو نيٺ ان کي گهر کڻي آيو ۽ پالڻ
لڳو. اها کلڪوڙي جنهن جو نالو هن راڻي رکيو هو سا
ساڻس ڏاڍو هري مري ويئي. جڏهن هو ڪم ڪندو هو تڏهن
راڻي ڪپهه ۾ هيڏانهن هوڏانهن پئي ٽلڪندي هئي.
پڃارو چوندو هوس ته ڌيءُ آهستي هل، متان ڪپهه مان
ڪنڊا لڳنئي. هڪ ڀيري بادشاهه جو پٽ اتان لنگهيو
جنهن پڃاري جا اهي لفظ ٻڌي ورتا. هن ويچار ڪيو ته
پڃاري جي ڌيءُ اهڙي نازڪ آهي جو سندس پيءُ ڪپهه ۾
به سنڀالي هلڻ جو پيو چويس. بس شادي ڪندس ته ان
سان ڪندس. پوءِ شهزادي وڃي پنهنجي پيءُ کي چيو
بادشاهه پهرين ته جهليس ته پڃاري جي ڌيءَ سان شادي
نه ڪر. ڪنهن پاڻ جهڙي بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي
ڪر. پر شهزادو نه مڙيو. لاچار بادشاهه پيڃاري وٽ
ويو ۽ سڱ گهريائين. پيڃاري ويچاري جون ته متيون
منجهي ويون نيٺ دل جهلي چيائين ته حضور مون کي ته
ڪو اولادئي ڪونهي. باقي هي کلڪوڙي آهي جنهن کي
اولاد وانگر پاليو اٿم. اهو ڏسي بادشاهه کان کل
نڪري وئي پر ڀانيائين ته ڀلي ڇوڪري کي ٿوري سيکت
اچي. سو شاديءَ جا ڏينهن چٽا ڪري موٽي آيو ۽ اچي
پٽس کي چيائين ته سنڱ گهري آيس هاڻي جلد تنهنجي
شادي ٿيندي. مقرر تاريخ تي ڄڃ به اچي پهتي. خوب
ڌام ڌوم سان شادي ٿي. شهزادي کي به معلوم ٿيو ته
سندس ڪنوار هڪ کلڪوڙي آهي پر هو ضد تي قائم رهيو ۽
ڪنوار سان لائون لهي اچي هڪ خلاصي محل ۾ لاڙئينس.
هڪ سونو پڃرو ٺهرائي ان ۾ نرم ڪپھ جو بسترو رکائي
ڇڏيائين ۽ شهزادي راڻيءَ کي ان ۾ بند ڪري ڇڏيو. ۽
کاڌو پيتو پاڻ پنهنجي هٿن سان کارائيندو هوس. هڪ
ڀيري شهزادو ٽن ڏينهن لاءِ ٻاهر شڪار تي ويو. وڃڻ
کان اڳ پڃري کي هيٺ پلنگ تي رکيائين ۽ ٽن ڏينهن جي
لاءِ کاڌو ۽ پاڻي به موجود ڪري پڃري ۾ رکيائين ۽
پاڻ شڪار تي هليو ويو. ٻئي ڏينهن راڻيءَ جو پاڻي
ختم ٿي ويو ۽ اڃ ۾ پاهه ٿيڻ لڳي. آخر هڪ ڪٽوري کڻي
موري رستي ٻاهر نڪتي ۽ نديءَ جي ڪپ تي پهتي خوب
پيٽ ڀري پاڻي پيتائين پوءِ ڪٽوري پاڻي سان ڀري مٿي
تي رکي گهر ڏانهن موٽي پر ڪٽوري ڪري پيئي ۽ پاڻي
هارجي ويو. وري به ڪٽوري ۾ پاڻي ڀري آئي پر وري به
هارجي ويو. ائين ٻه- ٽي ڀيرا ٿيو هڪ پري جنهن اهو
سڀ لقاءُ پئي ڏٺو سا راڻيءَ جي همت ۽ حوصلو ڏسي
خوش ٿي ۽ وڌي وٽس آئي. هن هٿن سان راڻيءَ کي ڇهيو.
ان جي ڇهڻ شرط راڻي هڪ کلڪوڙي مان بدلجي هڪ
خوبصورت شاهزادي ٿي پيئي. پوءِ شهزادي راڻي پنهنجي
محلات ۾ موٽي آئي. شام جو شهزادو شڪار تان موٽيو ۽
محلات ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪري ڏسي عجب ۾ پئجي ويو. ان
ڇوڪريءَ سمورو قصو بيان ڪري ٻڌايو. ان کان پوءِ
باقي حياتي جا ڏينهن انهن ڏاڍي خوشيءَ ۽ مزن ۾
گذاريا.
1- قرآن شريف جي هڪ لفظ پڙهڻ سان ڏهه نيڪيون ملن
ٿيون.
2- سخي اهو آهي جيڪو هڪ هٿ سان ڏئي ته ٻئي هٿ کي
خبر نه پوي.
-موڪليندڙ: عبدالرحيم عاجز، کپرو
اوهان
جو امتحان
آڪٽوبر ۾ ڏنل امتحان جو جواب آهي: 80رپيا 40 آڌيا
20 پائليون. صحيح جواب موڪليندڙن جانالا هيٺ ڏجن
ٿا:
ڏيپلي کان: ذوالفقار علي ميمڻ، نعمان راشدي
مٺواڻي، رميش ڪمار، محمد اقبال انصاري، عابد حسين
ميمڻ، بلاول الدين مٺواڻي، عبدالقادر آزاد، منظور
قادر، عباس احمد بجير، عاجز علي نواز ڪلر، آفتاب
احمد بجير، ميمڻ واحد حسين اسد، قيمت راءِ پياسي،
حاجي حبيب الله ميمڻ، غمگين الهورايو نوحاڻي، قضل
الاهي جانواڻي، محمد هاشم رضا ميمڻ، ميمڻ محمد عمر
اسد، عبدالرزاق آرزو، غلام الله مٺواڻي ۽
عبدالرحمان ڪلر ڏيپلائي. جيڪب آباد کان: ڀوڄراج
راجاڻي ۽ راجڪمار ايڇ تلريجا. ٽنڊي محمد خان کان:
غلام مصطفيٰ پتافي، ظهير احمد ميمڻ، شوڪت علي ڀٽو
۽ گرڌاري لال. پيرون مل کان: الهه بخش قمر، راڻو
مل راهي، ايم اقبالڪ ڪنول ۽ جان محمد جوڻيجو. ڳوٺ
مير يار محمد ٽالپر کان: نظير حسين ٽالپر ۽ مظفر
علي ٽالپر. ڳوٺ سائينداد علياڻيءَ کان: محب الله
علياڻي. ڳوٺ چارڻ ميمڻ کان: ربڏنو ميمڻ. موري
کان: بهار خان، عرفان علي عباسي ۽ پرويز احمد
سيهڙ. شڪارپور کان: صدرالدين اداس، گهايل
عبدالوهاب سنجراڻي، الطاف احمد ميمڻ. نصير احمد
سومرو، عظمت الله سنجراڻي، عبدالحسيب سومرو، ديپڪ
راجا، فيض محمد سيال، جميل احمد سومرو، عبدالڪريم
سومرو، طارق احمد هڪڙو، ظهور احمد هڪڙو، جميل احمد
هڪڙو، اعجاز احمد مگسي، شفيق احمد منگي ۽ سومرو
نورالدين شاد. ڳوٺ کهڙن کان؛ اقبال احمد شيخ،
دلدار حسين شيخ، محمد رمضان اديب اڄڻ، غلام شبير
خليق مڱريو، منظر عالم عباسي، نادر علي خواجه،
غلام اڪبر ميمڻ، اسدالله ميمڻ، شمس الدين جماڻي ۽
محمد عثمان ميمڻ. رتي ديري کان: ميرحسن راهي
جلباڻي، محمد يوسف پروانو بروهي، الهداد بروهي ۽
پروانو امداد علي گهانگهرو. ڪراچي کان: گانگچي ۽
گل حسن ڪلمتي. نوابشاهه کان: الاهي بخش ڀٽي،
الهورايو، امتياز علي کوکر، اياز احمد قريشي،
مسعود احمد قريشي، مشتاق احمد قريشي، سليم رضا شاد
قريشي، منوهر لعل تلواڻي، منظور احمد قريشي،
مختيار احمد من قريشي ۽ پرويز احمد قريشي. ڳوٺ بخش
لاکير کان: پرديسي قربان علي ناريجو. ميرپورماٿيلي
کان: زرين احمد خان چاچڙ، راجا بجاج، راجا غلام
رسول ابڙو، حسين احمد کوکر، مهراج گڻيچند لنڊ، ڀڄن
داس، موهن لعل پنشي، شنڪر لعل لنڊ، درشن لعل ،
منشا رام لنڊ، ميهر داس لنڊ، رنجيت ڪمار لنڊ،
عبدالرزاق سومرو، مومن عبدالغفار مگسي، مسڪين اين
ايم-بجاج، ڪرشن لعل، غلام مجتبيٰ ڪولاچي، اوم
پرڪاش ۽ حبيب الرحمٰن ميمڻ. مٺي کان: لجپت ڊي
بچاڻي، ڀرت ڪمار ڪيلا ۽ کاٽائو سنڌي. سرهاڙي کان:
علي خان زرداري ڳوٺ حيات پتافي کان: رميش لعل، اوم
پرڪاش، لرنجن لعل، نثار احمد ميراڻي، ستيه پل
ڀرياڻي ۽ مهتاب احمد کوکر، فهيم. دڙي کان:
عبدالخالق ميمڻ، شبير سائين، محمد قاسم سومرو،
عبدالحڪيم سومرو، ۽ مس نذير بيگم ناز. پنگرئي کان:
محمد صديق ڪنڀر، محمد زرياب حيدر ۽ عرفان اشرف.
خانپور مهر کان: علي نواز جسڪاڻي، ڀڄن داس کيميائي
۽ قادر داد خان مهر. پني عاقل کان: نعيم احمد ناز
شيخ. ڳڙهي حسن ٺل کان: محمد رمضان سرڪي. ٺاروشاهه
کان:محمد حسين ڏهراج. ڳوٺ داد لغاري کان: محمد خان
لغاري، محمد اسماعيل سومرو، الطاف احمد سومرو ۽
غلام نبي لغاري. ڳوٺ ڇانڊڻ شريف کان: عاشق حسين
سومورو. ميرپوربٺوري کان: عبدالشڪور کتري، اجيت
ڪمار ۽ بشير احمد بلوچ. نيو سعيدآباد کان: امتياز
حسين راهي ميمڻ. ڳوٺ جروار کان: منوهر ڍوليا، اجيت
سنگهه ڍوليا، چندربان ماڻڪاڻي، حشمت رام نلريجا،
حبيب الله لنڊ ۽ کيئل داس ڍوليا. خدآباد کان: صلاح
الدين قريشي، سراج الدين قريشي ۽ شجاع الدين
قريشي. ڳوٺ ڀرڳڙيءَ کان: محمد هاشم لاشاري.
پليجاڻيءَ کان: نارومل پرواڻي. قمبرکان: مظلوم
منظور علي شيخ، ارشاد احمد شيخ ۽ رشيد شهناز. شادي
پليءَ کان: منور علي شڪيل ۽ علي اڪبر پنهور. ڳوٺ
ڊٻ مهر شاهه کان: محمد امين پنجابي. سيوهڻ کان:
منظور علي سومرو، مهتاب حسين شيخ، نثار احمد شيخ ۽
محمد فيضل اوٺو. نئين آباد کان: دلاور خان ڀٽي،
الهوسايو گجو، هيرومل، محمد حسين مڱريو، پيار علي
برهماڻي، ۽ راجو مل. مٺياڻيءَ کان: الطاف حسين
شاهه، شعبان علي خشڪ، خوش محمد شاهه، غلام مرتضيٰ
مشوري، حسن علي لڪياري، امداد علي سرهيو، جان محمد
ڀٽي، رشيد احمد ڀرٽ، غلام مرتضيٰ شاهه، حسين احمد
مستوئي، محمد امير مستوئي، محمد بخش پنهور، غلام
سرور آرائين. عبدالغفور سومرو، محمد باغ شيخ، نعيم
الدين تيوڻو، غلام حسين مستوئي، رياض احمد ڳوراهو،
قاضي قربان سهتو، غلام نبي سومرو ۽ محمد طارق
مستوئي. شاهپور چاڪرکان: رياض حسين کوکر ۽ علي
دوست عمراڻي. خيرپورميرس کان: سرمد، عزيز احمد ۽
محمد اسلم عالماڻي. ٽنڊي قيصر کان: محمد حسن پٺاڻ
عاصم. سکر کان: عبدالمجيد منگي ۽ منور احمد سومرو.
نندي شهر کان: غلام حسين جعفري. لاڙڪاڻي کان: لالا
نثار احمد سومرو، اختر حسين ابڙو، ارشد ابراهيم
صديقي، عطا محمد صديقي ۽ سروجڪماري. بدين کان:
رضوان علي خواجه ۽ علي اڪبر قاضي. کپري کان:
شنڪرلال ڪلومل، عطا محمد ڪنڀر، رضوان سعيد قاضي۽
فرحان سعيد قاضي. ڳوٺ درويش نائچ کان: احمد حسين
بخاري ۽ بدرالدين کوکر. ڳوٺ ٺيڙهيءَ کان: محمود
احمد قاضي. خانواهڻ کان: عاجز احمد بخش سومرو. ڳوٺ
شير محمد سولنگيءَ کان: صالح محمد شاهه. ڳڙهي
ياسين کان: احمد بخش سومرو، اداسي الهه بخش سومرو،
شاهد ڀٽي، ذوالفقار علي ميراڻي ۽ ذوالفقار علي
ڏهر. ڳوٺ لاکا دڙي کان: نياز احمد ميمڻ. ڳوٺ حاجي
عيسيٰ خان لغاريءَ کان: جان محمد ڳاهو: ٽنڊي جان
محمد کان: انورالدين ڏيپلائي. راڌڻ کان: طارق امين
لاکير، عبداللطيف شيخ، ۽ بشير احمد خان سنجراڻي.
ڦلهڏين کان: خان محمد ڳاهو. ڳوٺ لونگ ڏيٿي کان:
عاجز عبدالقيوم ڏيٿو ۽ غلام ياسين گل ڏيٿو.
حيدرآباد کان: خليل احمد ڪاڪا، غلام شبير اداس
ملاح، حيدر علي شاهه، شفيق الرحمان ميمڻ ۽ پرويز
احمد ٽالپر. نئي ديري کان: عبدالله جوکيو،
عبدالجبار مهر ۽ احمد بخش عباسي. ڪنڊياري کان:
ٽلومل. محرابپور کان: الطاف حسين جوکيو. سن کان:
صلاح الدين ميمڻ. شهدادپور کان: ڄام سليم رضا.
باڊهه کان: مبشر علي ڪولاچي، سنتوش ڪمار بيوس،
رامچند بيوس ۽ عبدالجبار شيخ. پراڻي باڊهه کان:
سريش لعل. ڳوٺ صوڀي منگسي کان: علي گوهر ڊکڻ.
ڳاڙهي موريءَ کان: الهه رکيو سومرو، مهر غلام
قادر، فضل الله انصاري ۽ عزيزالله عباسي. ڪنڌڪوٽ
کان: رميش ڪمار آزاد، اندر لال لنڊ، ديوان لال
لنڊ، صابر پروانو، اشوڪ ڪمارچمناڻي. سنمک لال
منڌاڻ، نارائڻداس منڌڻ، آفتاب سيف اعواڻ ۽ شمس
الدين اعواڻ. گجي کان: زمان علي جوکيو. ڳوٺ ميان
کان: دولترام. ٺٽي کان: سڪندر پياسي کتري ۽ صغريٰ
قريشي. دادوءَ کان: غلام سرور ساٽي، محمد نواز
جيئومل تارا چند ۽ علي اڪبر سولنگي، هالا کان:
ظهور احمد، محمد حسن ميمڻ، امتياز شوڪت ابڙو، نفيس
طفيل شيخ، نثار احمد متقي، سيما شاهين، فوزيه قمر،
وحيد اسحاق ابڙو ۽ پروين فيروز ميمڻ. ڳوٺ گلاب
ماڙيءَ کان: عبدالوحيد رند. شاهپورجهانيان کان:
عاجز اسلم لغاري، الهجڙيو لغاري، علي اصغر لغاري ۽
نظر محمد لغاري. ڳوٺ اڳڙن کان: سيد ذوالفقار حيدر،
محمد انور، سيد اعجاز علي، ديدار احمد ٽالپر ۽
عامر ابراهيم زاهدي. وارهه کان: روشن علي
دائوداڻي، حاجي عبدالڪريم دائوداڻي، ڀڳوانداس ۽
جيئل داس. ميرپورخاص کان: فيض عالم پنهور ۽ الطاف
حسين ميمڻ. شهر گل جان کان: عبدالمجيد آرزو. ڳوٺ
ميرپور ٻرڙي کان: اختر حسين دايو ۽ مير احمد دايو.
ٺل کان: عبداللطيف سرڪي. ڳوٺ فقير نانڪ يوسف کان:
اشفاق احمد سومرو ۽ سيد احمد. ڳوٺ محمد خان خشڪ
کان: محمد ابراهيم خشڪ. ڳوٺ عالم زرداريءَ کان:
محمد خان زرداري. ساماري کان: شيوارام تاز۽ محمد
قبول. ڳوٺ ڀٽ ڀائٽيءَ کان: ابوبڪر سمون ۽ عبدالغني
سمون. بلڙي شاهه ڪريم کان: ايس سنڌي. ميرپور
پراڻيءَ کان: امر پنهور. ڍليار کان: عبدالغفور
مڱڻهار. ٽنڊي باگي کان: بندرالدين بدر، جهڏي کان
فهيم الاهي ميمڻ ۽ شاهنواز هوت بلوچ. کورواهه کان:
محمد آچار راهمون. ڳوٺ ڇتي چنڊ کان: محمد رحيم
ميربحر. ڳوٺ ڊٻ واريءَ کان: محمد ايوب لاشاري.
خيرپورناٿن شاهه کان: علي انور ايم ڀٽي ۽ منظور
علي کوهارو. ڳوٺ ڪولاچيءَ کان: علي المرتضيٰ ڀٽي.
ڏندي کان: غلام علي ميمڻ مستانو ۽ غلام محمد. ڳوٺ
ٽنڊي سومري کان: سائين بخش. نئين ڪوٽ کان : صلاح
الدين صديقاڻي. ڳوٺ ٻڍي قمبراڻيءَ کان: محمد صالح
ڪنڀر. سانگهڙ کان: محمد جميل ميمڻ. ڳوٺ مٺي ڳيچو
تعلقي ڏيپلي کان: الهنواز. ڳوٺ زبير پنهور کان:
محمد ادريس پنهور. ڳوٺ قيصر مريءَ کان: الهواريو
سنڌي. ڳوٺ 18 ميل موريءَ کان: بشير احمد لغاري.
چوهڙ جمالي کان: چانڊو مل گل. کاهيءَکان: هوت چند
کتري. ڳوٺ لعل بخش کان انور علي لاشاري. ڳوٺ جهنڊي
خان زرداريءَ کان: حسيني گل حسن زرداري. نصرپور
کان: خليل الله ابڙو. پير جي ڳوٺ کان: مدو پتي
ٻائي توواڻي. ٽنڊي آدم کان: مسعود احمد چنا.
پيٽاري کان: محمد صالح ميمڻ. ڳوٺ ابجي مٺياڻي کان:
انور حسين سهتو. گهوٽڪي کان: دلدار حسين ڀٽو. ڳوٺ
شاهه محمد پتافيءَ کان: عبدالخالق پتافي. ماتليءَ
کان: الهه بچايو جگسي ۽ احمد جگسي. ڳوٺ گڏيجيءَ
کان: الهه آندل سولنگي. ڳوٺ ڌامراهه لاڙڪاڻي کان:
لياقت علي جوڻيجو. عاقل لاڙڪاڻي کان: سڪندر علي
ابڙو.
امتحان نمبر -20
هڪ واپاريءَ جوئر 20 روپه خرار ۽ ڪڻڪ 30 روپيه
خرار جي حساب سان ٻه مڻ اَن خريد ڪيو. هن ڪل 48
رپين جو اَن خريد ڪيو. ٻڌايو ته واپاريءَ ڪيتري
جوئر ۽ ڪيتري ڪڻڪ خريد ڪئي.
صحيح جواب موڪلندڙن جا نالا فيبروريءَ 1977ع جي گل
ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ
پهچڻ جي آخري تاريخ 15-جنوري 1977ع آهي.
جواب سان گڏ، هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن-20 ڀري
موڪلڻ ضروري آهي. هڪ ڪوپن رڳو هڪ ڄڻو ڪم آڻي سگهي
ٿو. هڪ ئي لفافي ۾ ڪيترا به ڪوپن گڏي موڪلي سگهجن
ٿا. پنهنجا نالا مختصر ۽ بامطلب لکو.
·
شاهد حسين ميمڻ، حيدرآباد
س: ڪرڪيٽ راند ڪهڙي ملڪ جي ايجاد آهي؟
ج: انگلينڊ جي.
·
برڪت علي بلوچ، هنڱورنو
س: عربستان ۾ سٺي ۾ سٺو شهر ڪهڙ وآهي ؟
ج: مدينو پاڪ
·
قاضي عبدالسلام انصاري، هالا
س: اهو ڪهڙو انسان هو جنهن کي هر هنڌ وقت جو قدر
رهندو هو؟
ج: حضور پاڪ صه جن پاڻ.
·
الهڏنو مڱڻهار ڳوٺ عبدالله کوسو بلوچ
س: وزيراعظم پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي
والد جو نالو ڇا هو؟
ج: سر شاهنواز ڀٽو.
·
غلام نبي ڳوٺ داد لغاري
س: ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر هڪڙو شهر آهي يا ٻه شهر
آهن؟
ج: ٿرپارڪر ضلعو آهي ۽ ميرپورخاص ان جو هيڊ ڪوارٽر
آهي.
·
رشيد شهناز، قمبر
س: گل ڦل رسالي جون ڪيتريون سالگره ٿيون آهن ۽
ڪهڙي مهيني ۾ سالگره ٿيندي آهي؟
ج: ڏهه ٿيون آهن. جنوري ۾ گل ڦل جي سالگره جو
مهينو آهي.
·
محمد اسماعيل سومرو، داد لغاري
س: اهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ريلوي اسٽيشن نه آهي؟
ج: افغانستان. ٻيا به گهڻا ئي آهن.
·
روشن علي، قمبر
س: اڄڪلهه گهڻي ۾ گهڻو سون ڪٿي پيدا ڪيو ٿو وڃي؟
ج: سعودي عرب ۾.
·
الهه بچايو چانڊيو، ڳوٺ مير يارمحمد ٽالپر
س: سنڌ ۾ پهريون نمبر ملهه ۾ ڪير آهي؟
ج: شير محمد ميربحر.
·
سيد مٺو شاهه شڪر الائي، ٺٽو سنڌ
س: يزيد جو قدرت ڪهڙو حال ڪيو؟
ج: جيڪو ڪنهن ظالم جو قدرت ڪندي آهي.
·
حسن علي لسڪاڻي، نئون آباد
س: سنڌي شاعرن جي سرتاج جو نالو ڇا آهي ۽ ڪهڙي هنڌ
آهي؟
ج: شاهه عبداللطيف. ڀٽ شاهه ۾-
کل ته سهي
* يونس قمر شيخ مٽياري
مالڪ: (نوڪر کي) تون هر ڪم دير سان ڇو ٿو ڪرين؟
نوڪر: حضور پگهار به ته دير سان ٿي ملي.
* بهادر خان ڍلو، مورو
هڪ ڇوڪر کوهه ۾ ٻلو وڌو ته هڪ مائي پڇيس ته ٻلو ڇو
وڌو اٿئي ته ڇوڪر جواب ڏنو ته کوهه ۾ ڪئو ڪري پيو
آهي انڪري ٻلو ٿو وجهان جيئن ڪئي کي کائي وڃي.
* ظهير احمد ميمڻ، ٽنڊو محمد خان
پيءَ (پٽ کي) سج مان سڀ کان وڏو فائدو ڪهڙو آهي؟
پٽ: گرمين جون موڪلون.
* جان محمد ڳاهو، ڳوٺ حاجي عيسيٰ خان لغاري
گلڻ: (ميرل کي) مون کي حسابن جو ماستر تمام گهڻو
پسند آهي.“
ميرل: (تعجب مان) ”اهو ڇو؟“
گلڻ: انڪري ته هو ڳالهه ٻولهه تي مون کي ڪلاس مان
ٻاهر ڪڍيو ڇڏي.
* حسن علي لسڪاڻي، نئون آباد
جج: (ملزم کي) تون پنهنجي صفائي ۾ ڇا ٿو چوڻ
چاهين.
ملزم: سرڪار، آءٌ ٻن مهينن کان جيل ۾ آهيان جيل ۾
نه ڪپڙا ڌوئڻ جو انتظام آهي نه تڙ ڪرڻ جو انتظام
آهي باقي ڪهڙي صفائي جو عرض ڪريان.
*ولي داد سمون، اسلام ڪوٽ
1- رفيق: ڪريم توکي ڪجهه ياد آهي ته پاڻ جمع جي
نماز ڪهڙي ڏينهن پڙهي هوندي.
ڪريم: منهنجو خيال آهي ته پاڻ جمع جي نماز آچر جي
ڏينهن پڙهي هوندي.
* صالح محمد کوسو، ڳوٺ عبدالله کوسو
هڪڙو فوجي مڇرداني ۾ ستو پيو هو. ٻي فوجيءَ پڇيس
ته هن ۾ بم ڪونه ايندو تنهن تي اڳئين فوجي چيس ادا
هن ۾ مڇرئي ڪو نه ٿو اچي سگهي سو بم ڪيئن ايندو.
891- نالو: غلام شبير ولد الله بخش جوڻيجو.
پڙهندڙ: ڪلاس پنجون. عمر: 11 سال. وندر: فٽ بال
کيڏڻ ۽ قرآن شريف پڙهڻ. ائڊريس: معرفت محمد اسحاق
جوڻيجو پوسٽ آفيس مارو خان ڏيرو تعلقه واره.
892- نالو: اعجاز احمد ميمڻ ڳڙهي ياسمين. پڙهندڙ:
نائون اي. عمر: 14 سال. وندر: رسالا پڙهڻ. ڪورس جا
ڪتاب پڙهڻ. ٽڪليون گڏ ڪرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ڳڙهي ياسين.
893- اختر يوسف ولد محمد يوسف پنهور. پڙهندڙ:
چوٿون سنڌي. عمر: ڏهه سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ مڇر
مارڻ. ائڊريس: معرفت جانورن جي اسپتال ميرپورخاص.
894- نالو: عبدالمجيد مهر آزاد. پڙهندڙ: ڪلاس
ڏهون. عمر: 14 سال. وندر: سائيڪل هلائڻ ۽ پڙهڻ سان
چاهه رکڻ. ائڊريس: حيات پتافي ميرپوماٿيلو ضلع
سکر.
895- نالو: ”نظير ڏهر. پڙهندڙ : نائون ڪلاس. عمر
14 سال. وندر: آکاڻيون ۽ نظم لکڻ. ائڊريس: محلو
خدا آباد لاڙڪاڻو سنڌ.
896- نالو: ديوان چند ولد واڌو مل. پڙهندڙ: اٺون
درجو. عمر: 14 سال. وندر: رسالا پڙهڻ. ائڊريس:
مهراڻ ريڊيو سينٽر، اسٽيشن روڊ گهوٽڪي.
897- نالو: ذوالفقار احمد سومرو. پڙهندڙ ڪلاس
نائون. عمر: 14 سال. وندر: ڪلاس ۾ حرڪت ڪرڻ.
ايڊريس:شاهه لطيف هاءِ اسڪول وارهه.
898- نالو: سعيد احمد سنڌي. پڙهندڙ: ڏهون درجو.
عمر: 15 سال. وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ، سنڌين جي
خدمت ڪرڻ. ائڊريس: اعواڻ گهٽي ڪرمان باغ لاڙڪاڻو
(سنڌ)
899- نالو: غلام قادر مهر. پڙهندڙ: ڪلاس ستون.
عمر: سترنهن سال. وندر: مال جي خدمت ڪرڻ ۽ قلمي
دوستي رکڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس نئين آباد ضلع
سانگهڙ.
900- نالو: آفتاب احمد نوناري. پڙهندڙ: درجو ڇهون.
عمر: 11 سال. وندر ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ ناول پڙهڻ.
ائڊريس: نوناري جنرل اسٽور پوسٽ ٺل ضلع جيڪب آباد.
901- نالو: محمد رحيم ميربحر. پڙهندڙ: درجو ڏهون.
عمر: 11 سال وندر: رسالا پڙهڻ. ائڊريس: ڳوٺ ڇتو
چنڊ معرفت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽو سنڌ.
902- نالو: اعجاز احمد دايو. پڙهندڙ: درجو چوٿون.
عمر: 10 سال. وندر: فٽ بال راند. ائڊريس: محله
دايه لڳ ناڪو نمبر 2 دستا ڪنڌڪوٽ.
903- نالو: راجا رشي ڪشور اترادي. پڙهندڙ: درجو
ڇهون. عمر 11 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گ-ف
آدرش پرائمري اسڪول ڪنڌڪوٽ.
904- نالو: صفدر علي خواجو. پڙهندڙ: اٺون ڪلاس.
عمر: 14 سال. وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.
ائڊريس: صفدر علي خواجه معرفت خواجه مهر علي بڪ
سيلر شاهي بازار بدين.
905- نالو عبدالرشيد حاجي احمد پليجو. پڙهندڙ:
ڪلاس نائون. عمر: 16 سال. وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: معرفت محمد لوط پليجو جنگشاهي.
906- نالو غلام اڪبر اوٺو. پڙهندڙ: ڪلاس نائون.
عمر: 16 سال. وندر: عام معلومات ۽ سنڌي رسالا
پڙهڻ. ائڊريس: معرفت حاجي محمد رمضان ڪلاٿ مرچنٽ
شاهي بازار سيوهڻ.
907- عابد حسين. پڙهندڙ: درجو ڇهون. وندر: نماز ۽
قرآن پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊو جان
محمد.
908- نالو: انعام علي مراڻي. پڙهندڙ: ڪلاس ڏهون.
عمر: 10 سال. وندر قلمي دوستي رکڻ، ۽ ٻين ملڪن جون
ٽڪليون گڏ ڪرڻ تعليم سان چاهه رکڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ پراونشلائيزڊ (ڊي سي) هاءِ اسڪول
لاڙڪاڻو.
*ڳوٺ هنڱورني کان برڪت علي بلوچ لکي ٿو:
سيپٽمبر جو پرچو پڙهيوسين. ٽائيٽل پيج جي تصوير
سنڌي ثقافت جو شاهڪار آهي. مون کي ڏاڍو متاثر
ڪيائين ٻهراڙي ۾ پينگهه ٻڌڻ جو رواج عام آهي. ان
تي ويهي ٻارڙا جهولندا آهن. مرليءَ وارو جرمني لوڪ
ڪهاڻي جو سنڌي ترجمو آهي. ٻارن جي مزاج مطابق
مختصر ۽ نصيحت آميز آکاڻي آهي. جپاني ۽ روسي
ڪهاڻيون به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٻارن لاءِ وندر
جو سامان آهن. نياز پنهور جو سچ چواڻ يا ڪوڙ هن
کان اڳ ڌار ڌار عنوانن سان اڙدو خواه سنڌي رسالن ۾
شايع ٿي چڪو آهي تنهن هوندي مواد سٺو مزاح پيش ڪري
ٿو. ٻارڙن جي طبيعت وٽان آهي. ”ٽيليفون“ هڪ
معلوماتي ۽ سائنسي مضمون آهي. اهڙيون شيون شاگردن
جي درسي نصاب جي لحاظ کان به ڪارائتيون آهن جو کين
امتحان ۾ ڪم اچي سگهن ٿيون، ”سنگه تاري ڪسنگ ٻوڙي“
انعامي آکاڻي جي جاءِ تي مضمون آهي.
ليکڪ مضمونن کي اصلاحي بنائڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي.
روشن تارا جي مستقل عنوان هيٺ انٽرويو نظر مان
گذريو. هي سلسلو نهايت ڪارائتو آهي ۽ ٻارن کي وجهه
ملي ٿو ته هو پنهنجي حال ۽ مستقبل جي باري ۾ کلي
طرح اظهار ڪن. انٽرويو پڙهندڙ ٻارن لاءِ به دلچسپي
جو سامان موجود هوندو آهي. اداره گل ڦل طرفان ٻارن
جي لڪل صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هي سٺو سلسلو
جاري ڪيو ويو آهي. ”انڌن کي واٽ ڏيکاريندڙ ڪتا“
پرڏيهي ليکڪ جو دلچسپ معلومات وارو مضمون آهي.“
ڪاش آءٌ پکي هجان“ آزادي جي جوت جلائيندڙ ننڍڙي
ڪهاڻي آهي، ”روح رهاڻ“ ”کل ته سهي “ ”هنن سان
ملو“، ”سلام ۽ سنيها“ ۽ ”اوهان جو امتحان“ سٺا
سلسله آهن. مجموعي طور هي پرچو عمده ۽ وڻندڙ مواد
سان ڀرپور آهي. منهنجي دعا آهي ته اوهين پنهنجي
ڪوششن ۾ سدائين ڪامياب رهو.
]
ادا، اوهان جو تبصرو وڻيو. اوهان پنهنجي گل ڦل کي
ايترو غور سان پڙهو ٿا ته ان لاءِ مبارڪ باد قبول
ڪندا. گهڻا ته رڳو پنهنجو نالو ڳوليندا آهن، پر
اوهان ته رڳو مواد پڙهيو. پر راءِ به ڏني. ان لاءِ
اوهان جي مهرباني. آئندي به پنهنجي راءِ کان آگاهه
ڪندا رهندا.
[
- هنن ادن پنهنجي خطن جا جواب گهريا آهن. جيئن ته
سندن خط جواب طلب ڪونه آهن، ان ڪري سندن نالا
شڪريي سان ڏجن ٿا:
- عبدالڪريم سومرو، شڪارپور. ايس سنڌي بلڙي شاهه
ڪريم. ربنواز ساوند، ڪنڌڪوٽ. عاجز اسلم لغاري،
شاهپور جهانيان. محمد ابراهيم شهوڪ، ڳوٺ جمع شهوڪ.
محمد اقبال انصاري، ڏيپلو. دکي ايم امير ناشاد،
جيمس آباد. مبشر ڪولاچي، باڊهه. ارشد شيخ،
شهدادڪوٽ. محمد اعظم سمون، ڳوٺ مٽر ڪوٽ. شمس الدين
ميمڻ، ٽنڊو محمد خان. اي حميد بهڻ، مورو،
عبدالحڪيم ڪلمتي، ڪونڪر ڪراچي ۽ پيربخش جوڻيجو
خيرپور.
- لاڙڪاڻي کان عاليه جوڻيجو لکي ٿي: ادا، مان
توهان کي هيءَ تصوير موڪليان ٿي ڪتاب مان ڪڍي.
جيڪڏهن توهان مناسب سمجهو ته شايع ڪيو جي نه ته
جواب ضرور ڏجو.
]
ادي، تصوير شايع ڪرڻ جهڙي ڪانهي انڪري ڪا ٻي سٺي
تصوير يا لکيت موڪليو. ساٿ ڏيڻ لاءِ ٿورائتا
آهيون.[ |