سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1976ع

باب: --

صفحو :3

آواز ۾ درد هو. بابا جن گهوڙو روڪي ورتو. ڏٺو ته هڪ منڊو وڻ جي ڇانو ۾ رڙيون ڪري رهيو آهي ۽ چيائون توکي ڪهڙي تڪليف آهي.

منڊي هٿ جوڙي چيو بابا، مان ڏکايل آهيان. مون تي رحم ڪريو. رنگا والا (ڳوٺ) هتان ٽي ميل پري آهي. مون کي گهوڙي تي چاڙهي اتي پهچايو. خدا تنهنجو ڀلو ڪندو.

بابا ڀارتي: اتي تنهنجو ڪير آهي؟

منڊو: درگادت حڪيم جو نالو توهان ٻڌو هوندو. مان ان جو ماٽيلو ڀاءُ آهيان.

بابا ڀارتي جن گهوڙي تان لهي منڊي کي گهوڙي تي سوار ڪيو ۽ خود لغام پڪڙي آهستي آهستي هلڻ لڳا.

اوچتو انهن کي جهٽڪو محسوس ٿيو ۽ لغام هٿ مان ڇڏائجي ويس.

بابا ڀارتي جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن انهن ڏٺو ته منڊو گهوڙي جي پٺي تي سڌو ٿي ويٺو آهي ۽ گهوڙي کي ڀڄائي رهيو آهي ته انهن جي وات مان ڊپ، عجب ۽ نا اميدي جي رڙ نڪري وئي، هي منڊو ميرل ڊاڪو هو.

بابا ڀارتي جن ڪجهه وقت خاموش رهيا ۽ انهي کان پوءِ پڪو ارادو ڪري پوريءَ طاقت سان رڙ ڪري چيو. ٿورو ترس.

ميرل اهو آواز ٻڌي گهوڙي کي روڪي ڇڏيو ۽ ان جي ڪنڌ تي پيار سان هٿ ڦيريندي چيو: بابا جي – هي گهوڙو هاڻي توهان کي نه ڏيندس.

بابا: مگر هڪ ڳالهه ٻڌندو وڃ.

ميرل بيهي رهيو. بابا ڀارتي جن ويجهو وڃي ان ڏانهن اهڙي نموني ڏٺو جيئن ٻڪر ڪاسائي ڏانهن ڏسندو آهي ۽ چيو هي گهوڙو تنهنجو ٿي چڪو، مان توکي ان جي واپس ڪرڻ لاءِ نه چوندس پر ميرل فقط هڪ عرض ڪريان ٿو. ان کي نامنظور نه ڪجانءِ نه ته منهنجي دل ٽٽي پوندي.

ميرل: حڪم ڪريو. مان توهانجو غلام آهيان فقط هي گهوڙو نه ڏيندس.

بابا ڀارتي: هاڻي گهوڙي جو نالو نه وٺ، مان توکي ان جي باري ۾ ڪجهه نه چوندس، منهنجو عرض فقط هي آهي ته اها ڳالهه ڪنهن جي سامهون ظاهر نه ڪجانءِ.

ميرل جو وات عجب مان کليو جو کيلو رهجي ويو. ان جو خيال هو ته مون کي هن گهوڙي کي وٺي ڀڄڻو پوندو. مگر بابا ڀارتي جن خود چيو، ”هن واقعي کي  ڪنهن جي سامهون ظاهر نه ڪجانءِ.“ انهيءَ مان هن جو ڪهڙو مطلب حل ٿي سگهي ٿو؟

ميرل گهڻو مغز ماريو مگر ڪجهه سمجهي نه سگهيو. هارائي ڪري پنهنجون اکيون بابا ڀارتي جي منهن تان هٽائي ڇڏيون ۽ پڇيو: بابا جي، انهيءَ مان توهان کي ڪهڙو خوف آهي؟

اهو ٻڌي ڪري بابا ڀارتي جواب ڏنو: ماڻهن کي جيڪڏهن خبر پئي ته اهي ڪنهن انسان تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. هي چوندي چوندي بابا ڀارتي سلطان جي طرف کان اهڙي طرح منهن موڙي ڇڏيو جيئن انهن جو ان سان ڪوئي واسطو ئي نه هو. بابا جي هليو ويو، مگر انهي جا لفظ ميرل جي ڪنن ۾ انهيءَ نموني گونجي رهيا هئا. سوچي پيو ڪهڙا نه وڏا خيال آهن! ڪهڙو نه پوتر سڀاءَ آهي. انهن کي هن گهوڙي سان پيار هو. هن کي ڏسي انهن جو منهن گل وانگر ٽڙي پوندو هو. چوندا ها: هن کان سواءِ جيئري رهي نه سگهندس. گهوڙي جي سنڀال ۾ هو ڪيتريون ئي راتيون سمهيا ئي نه، پر، اڄ انهن جي چهري (منهن) تي ڏک جو نشان ڏسڻ ۾ نه پئي آيو. انهن کي رڳو اهو خيال هو ته متان ماڻهو ماڻهوءَ تي اعتبار ڪرڻ نه ڇڏي ڏين، انهن پنهنجو نقصان انسان پڻي جي نقصان تي قربان ڪري ڇڏيو. اهڙو انسان، انسان نه پر ديوتا آهي.

رات جي اونداهي ۾ ميرل بابا ڀارتي جي مندر ۾ پهتو، چئني طرفن خاموشي ڇانيل هئي. آسمان تي تارا ٽمڪي رهيا هئا. ٿورو پري شهر جا ڪتا ڀونڪي رهيا هئا. مندر جي اندران ڪو به آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو.ميرل سلطان جي واڳ پڪڙيون بيٺو هو. هو آهستي آهستي طنبيلي جي دروازي وٽ پهتو. دروازو ڪنهن جي جدائي جي انتظار ۾ کليل هو. ڪنهن وقت بابا ڀارتي جن خود لٺ کڻي پهرو ڏيندا هئا مگر اڄ انهن کي ڪنهن به ڌاڙي جو خوف نه هو. گهوڙي جي نقصان انهن کي ٻي ڪنهن نقصان کان بيپرواهه ڪري ڇڏيو هو. ميرل اڳتي وڌي سلطان کي ان جي جاءِ تي ٻڌي ڇڏيو ۽ ٻاهر نڪري خاموشيءَ سان دروازو بند ڪري ڇڏيو. ان وقت ميرل جي اکين ۾ نيڪيءَ جا ڳوڙها هئا.

اونداهيءَ ۾ رات ٽيون پهر پورو ڪيو ۽ چوٿين پهر شروع ٿيندي ئي بابا ڀارتي جن پنهنجي ڪٽيا کان ٻاهر نڪري ٿڌي پاڻيءَ سان اشنان (تڙ) ڪيو. ان کان پوءِ اهڙي نموني جيئن ڪير خواب (سپني) ۾ هلي رهيو هجي. انهن (بابا ڀارتي) جا پير طنبيلي ڏانهن مڙيا مگر دروازي تي پهچڻ ڪري انهن کي پنهنجي غلطي محسوس ٿي، ساڻ گڏ گهري نااميديءَ بابا ڀارتي جي پيرن کي مڻ مڻ جيترو ڳؤرو بڻائي ڇڏيو. اُهي اتي ئي رڪجي ويا.

گهوڙي عادت موجب، پنهجي مالڪ جي پيرن جي نشان کي سڃاڻي ورتو ۽ زور سان هڻڪيو.

بابا ڀارتي جن ڀڄندي اندر گهڙيا ۽ پنهنجي گهوڙي جي ڳچيءَ سان چنبڙي ڪري اهڙيءَ طرح روئڻ لڳا جهڙي طرح پيءُ گهڻي وقت کان وڇڙيل پٽ سان ملي روئندو آهي. هر هر انهيءَ جي پٺيءَ تي هٿ ڦيريندي ۽ هرهر ان جي منهن تي پيار جون ٿپڪيون ڏيندي، چوڻ لڳو-”هاڻي ڪير به ڪنهن جي مدد ڪرڻ کان منهن نه موڙيندو.“

ڪجهه وقت کان پوءِ بابا ڀارتي جن طنبيلي کان ٻاهر نڪتا ته انهن جي اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙها وهي رهيا هئا. اهي ڳوڙها ان زمين جي ٺيڪ انهي جڳهه تي ڪري رهيا هئا، جتي ٻاهر نڪرڻ مهل ميرل بيهي ڪري رنو هو.

ٻنهي جي ڳوڙهن جو انهيءَ جي ڌرتي  جي مٽيءَ تي هڪ ٻئي جي مٿان ميلاپ ٿي ويو.
 

· آفتاب ابراهيم صديقي، دودو سنهڙي

 

سياڻي ڀيڻ

 

هڪ سيٺ هو جنهن کي اولاد صرف هڪ پٽ ۽ هڪ ڌي هئي. جن جا نالا حميد ۽ منور بانو هئا. هنن جي پيءُ ٻڍاپي ۾ پٽ کي وصيت ڪئي ته ابا، ملڪيت جو اڌ حصو تنهنجو آهي، ۽ اڌ حصو منوربانوجو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ پيءُ وفات ڪري ويو ته ٻن مهينن بعد حميد کي بي ايماني ٿي، سو سموري ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيائين ۽ دفتر تي صرف پيءُ کي هڪ پٽ ڄاڻايائين جو خود پاڻ هو. انهيءَ دفتر تي انهيءَ شهر جي چڱن مڙسن جون صحيحون وٺي ڇڏيائين ته پيءُ کي صرف حميد هڪ پٽ هو. ۽ ٿورن ڏينهن بعد حميد پنهنجي ڀيڻ منور بانوءَ کي گهر کان به ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. انهيءَ ملڪ ۾ هڪ بادشاهه هو، جنهن جو اهو قانون هوندو هو ته جنهن ڏکويل فريادي کي فرياد ڪرڻو هجي، سو درخواست لکي درٻار جي ٻاهران پيل پيتيءَ ۾ وجهي وڃي ته انهن ڏکويلن جو پورو داد فرياد ٿيندو هو. سو منور بانو به ڇا ڪيو جو پنهنجا ٺاهيل شعر ۽ بادشاهه جي واکاڻ لکي درخواست بند ڪري پيتيءَ ۾ وجهي آئي. بادشاهه درخواستون ڏسندو ٿي ويو. جڏهن منور بانوءَ جي درخواست تي نظر پيس تڏهن ڏسي چيائين ته هن منهنجي ايتري ساراهه ڇو ڪئي آهي؟ سو منور بانوءَ کي گهرايائين ۽ چيائينس ته تو منهنجي ساراهه ڇو ڪئي آهي؟ سو منور بانوءَ چيس ته سائين، جهڙو توهان جي زماني ۾ انصاف ٿي رهيو آهي. تهڙو مون سان ٿئي. بادشاهه هن کان پڇيو ته توسان ڪهڙو ظلم ٿيو آهي. ڇوڪريءَ چيو ته سائين، مان حميد سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي. پر هو مون سان شادي ڪرڻ نٿو چاهي، ڪئين عذر ڏيئي رهيو آهي. هاڻي مهرباني ڪري منهنجي شادي حميد سان ڪرايو. بادشاهه  سمجهيو ته شايد ڇوڪريءَ جي شڪل خراب آهي، تنهنڪري هن سان شادي نٿو ڪري. سو بادشاهه ڇوڪريءَ جي منهن تان نقاب لهرايو. بادشاهه کان سبحان الله جو لفظ نڪري ويو، ۽ چيائين ته اهو ڪهڙو بدنصيب آهي جو هن گلاب جي گل کي نظرانداز ڪري رهيو آهي؟ يڪدم بادشاهه حميد کي گهرايو، ۽ چيائينس ته تون هن سان شادي ڪر. هن چيو سائين، هي ته منهنجي ڀيڻ آهي! بادشاهه چيس بهانا ڇڏ، هن سان شادي ڪرڻي پوندءِ. هن ڏاڍا قسم کنيا ۽ چيائين ته هي منهنجي سڳي ڀيڻ آهي. ڇوڪريءَ چيو ته جيڪڏهن مان تنهنجي ڀيڻ آهيان ته تون چڱن مڙسن کي گهراءِ پوءِ جي هو چون ته برابر مان تنهنجي سڳي ڀيڻ آهيان ته پوءِ بس. بادشاهه يڪدم ڳوٺ جي چڱن مڙسن کي گهرايو. انهن کي چيائين ته هي ڇوڪري ڏسو، ته برابر حميد جي ڀيڻ آهي يا نه؟ هنن بلڪل خاطري ڏني ته هي برابر حميد جي ڀيڻ آهي. انهيءَ ڇوڪريءَ چيو ته جي مان حميد جي ڀيڻ آهيان ته منهنجي بابي واري ملڪيت جو اڌ حصو مون کي وٺرائي ڏيو. انهي چڱن مڙسن ۽ حميد جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا، ۽ ڇوڪريءَ سموري حقيقت بادشاهه کي ٻڌائي جنهن تي بادشاهه حميد کي شهر نيڪالي ۽ چڱن مڙسن کي عمر قيد سزا ڏني، ۽ منور بانوءَ کي پيءُ واري سڄي ملڪيت وٺرائي ڏنائين.

بدبختي ۽ مايوسي

 

بدبختي اها آهي جو مان پنهنجو خالي هٿ ماڻهن ڏانهن وڌايان ۽ ڪير انهيءَ تي ڪجهه به نه رکي، ۽ مايوسي اها آهي جو مان پنهنجو ڀريل هٿ ماڻهن ڏانهن وڌايان پر ڪير به ان مان ڪجهه نه وٺي.

-موڪليندڙ: مينگهراج ولد جوڙومل، ٺل سنڌ

·  جاويد اسلم سمون، ٽنڊوباگو      پهريون انعامي مضمون

 

گِلا بُري بَلا آهي

جيئن انساني جسم  ۾ جدا جدا قسمن جون بيماريون ٿينديون آهن، تئين انساني معاشري ۾ به جدا جدا قسمن جون بيماريون ٿينديون آهن جسماني بيمارين کي سوچڻ ۽ سمجهڻ ۽ انهن جو علاج ڪرڻ جو بار ويڄن طبيبن، حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن تي آهي، اهڙيءَ ريت معاشري جي بيمارين دور ڪرڻ جو بار معاشري جي چڱن انسانن جي ڪلهن تي پوي ٿو.

معاشري جي بيمارين مان هڪ بيماري ”گلا“ آهي گلا هڪ اهڙي بلا آهي جنهن کي عقلمندن ٻه منهي بلا سڏيو آهي. هڪ منهن سان گلا ڪندڙ کي ڏنگي ٿي ۽ ٻئي منهن سان  گلا ٻڌندڙ کي ڏنگي ٿي. نبي ڪريم صلعم جن جي حديث شريف ۾ آيل آهي ته جيڪو به شخص گلا ڪري ٿو تنهن ڄڻ پنهنجي مُئل ڀاءُ جو ڳريل گوشت کاڌو.

گلا ڪرڻ جي عادت تڏهن وجود ۾ ايندي آهي، جڏهن گلا ڪندڙ جي دل مان ڌڻي، قانون ۽ معاشري جو ڊپ نڪري ويندو آهي ۽ هو پاڻ کي هرڪنهن مذهبي، اخلاقي ۽ ڀائيچاري جي حدن ۽ بندشن کان آزاد سمجهندو آهي، تنهنڪري هو سڌي رستي کان ٿڙي ويندو آهي ۽ براين ۾ گهيرجي ويندو آهي.

بڇڙيون ۽ بريون عادتون اڪثر ڪري ننڍي هوندي کان ئي انسان ۾ پيدا ٿينديون آهن. اهي عادتون رفته رفته پڪيون ٿينديون وينديون آهن ۽ جيڪڏهن انهن جي روڪڻ جي لاءِ ڪو به بندوبست نه ڪيو ويندو آهي يا ڪا به جهل پل نه ڪئي ويندي آهي.  ته اُهي برايون ۽ بڇڙايون وڌي وڻ ٿي وينديون آهن جن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. نه رڳو گلاخور گمراهه ٿي ويندو آهي پر ان جا مٽ مائٽ، عزيز عقارب، يار دوست اُستاد وغيره پڻ اُن کي سڌي راهه تي آڻڻ لاءِ وڏي مشڪلات ۾ منجهي پوندا آهن. گلا ڪڏهن، ڪڏهن نهايت خطرناڪ نتيجا پيدا ڪندي آهي. ڌريون پاڻ ۾ اٽڪي پونديون آهن ۽ تون ڇا تون ڇا تان معاملو وڌندو وڃي گارگند ۽ هٿو پائي تائين پهچندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ته انهيءَ تان هٿيار به اُڀا ٿي ويندا آهن ۽ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي پونديون آهن ۽ معاشري ۾ هڪ خطرناڪ موڙ اچي ويندو آهي. جنهن تان ڪيئن خرابيون پيدا ٿي سگهنديون آهن.

مائٽن کي جڳائي ته پنهنجي اولاد جي هر وقت سار سنڀال لهندا رهن ۽ سندن ڪمن تي ڪڙي نظر رکندا اچن ۽ هر وقت سندن ٻول ۽ قول جي پوري پوري پرک ڪري سندن رهنمائي ڪندا رهن.

انهي کان پوءِ ٻيو نمبر ذميواري اُستادن تي لاڳو ٿئي ٿي. استاد نه رڳو ڪلاس ۾ اچي مقرر ڪيل وقت پٽاندڙ سبق پڙهائي ۽ سبق ٻڌي هليو وڃي پر استاد کي جڳائي ته شاگردن جي هلت چلت، ڳالهه ٻولهه، اُٿڻ ۽ ويهڻ تي پڻ پوريءَ طرح نظرداري رکي ۽ شاگردن جي هر بري فعل کي جاچي ان کان شاگردن کي نجات ڏياري. هڪ ڏاهي جو ڏس ڏنل آهي ته استاد پنهنجي مقرر ڪيل پيرڊ جو رڳو چوٿون حصو اخلاقيات جي تعليم ڏيڻ تي صرف ڪري ته جيئن سندس ڪلاس جي شاگردن مان برايون ۽ بڇڙايون آهستي آهستي مٽجي وڃن.

جيئن ته گلا کي روڪڻ لاءِ هڪ گڏيل جوابداري آهي، جيڪا گلاخورن جي مائٽن، عزيزن دوستن، احبابن، پاڙي وارن، شهرواسين ۽ ا ُستادن وغيره جي هڪ گڏيل ذميواري آهي. انهي ذميواريءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ معاشري جي سڄي مشنري جيسيتائين حرڪت ۾ نه ايندي تيسيتائين اهڙي بري بلا کي ماري مات ڪرڻ ۽ معاشري مان ڪڍڻ هڪ ڏکيو مسئلو ٿي پوندو.

تنهنڪري اچو ته اڄ کان  وٺي سڀئي ساٿي پاڻ سان هي انجام ۽ اقرار ڪريون ته اڄ کان پوءِ ڪڏهن به ڪنهن جي گلا غيبت نه ڪبي نه ٻڌبي. گلا ڪرڻ واري کي ۽ گلا ٻڌڻ واري کي  بروقت روڪبو پر جيڪڏهن پڄي نه سگهبو ته اٿي هليو وڃبو. انهي تي عمل ڪرڻ سان ڪجهه نه ڪجهه اصلاح ٿيڻ جو اميد ۽ آسرو آهي.

·  شڪيل احمد انصاري، هالا          ٻيون انعامي مضمون

گلا، جنهن کي عربي زبان ۾ غيبت سڏيو ويندو آهي، اها بڇڙين عادتن مان بڇڙي ۾ بڇڙي عادت آهي. جنهن کان الله تعاليٰ روڪيو آهي ۽ منع فرمائي آهي. قرآن مجيد ۾ سوره الحجره ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته (ترجمو) اي ايمان وارو، گهڻن گمانن کان بچو بيشڪ ڪي گمان ته گناهه آهن، هڪ ٻئي جي جاسوسي نه ڪريو. (هڪ ٻئي جا عيب ۽ راز تلاش نه ڪريو، ۽ نه وري ڪو توهان مان هڪٻئي جي گلا يعني غيبت ڪري) ڇا توهان مان ڪو پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آهي؟ توهان ته ان کي ناپسند ڪريو ٿا، الله تعاليٰ کان ڊڄو. بيشڪ الله تعاليٰ  توبهه قبول ڪندڙ، رحم ڪندڙ آهي.قرآن مجيد جي مٿين آيت سڳوريءَ ۾ الله تعاليٰ ٻين سڀني براين سان  گڏ گلا (غيبت) کي هڪ بري عادت قرار ڏئي منع فرمائي آهي. گلا انهيءَ بڇڙي عادت جو نالو آهي جنهن جي ڪرڻ سان هڪ انسان ٻئي انسان جي عيبن کي پرپٺ بيان ڪري ٿو جيئن انهيءَ جي گهٽتائي ٿئي. ۽ ان جي عزت ڪرڻ جي بجاءِ گلا ڪندڙ انسان انهيءَ انسان کي پرپٺ ذليل ۽ خوار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

جيڪڏهن سڀئي انسان هڪٻئي جون گلائون ڪندا وتن، هڪٻئي جا عيب بيان ڪندا وتن، ۽ هڪٻئي کي پرپٺ خوار ڪندا وتن ته پوءِ يقينن هڪٻئي جي خلاف ڌڪار ۽ نفرت پيدا ٿيندي، جنهن جي نتيجي ۾ انسانن جي وچ ۾  ڀائپي ۽ محبت جي بجاءِ دشمني ۽ نفرت پيدا ٿيندي ۽ جن به انساني گروهن جي وچ ۾ نفرت عداوت ۽ دشمني هوندي آهي، ته انهن  انسانن کي خوشي ۽ خوشحالي هرگز نصيب ڪانه هوندي آهي. حضرت محمد ڪريم صه ساري ڪائنات جي انسانن لاءِ آخري نبي بنجي آيا ۽ سڄي جهان جي لاٰءِ رحمت بنجي آيا. پاڻ سڳورن پڻ انسانن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاريءَ کي قائم رکڻ لاءِ ڪيترائي علاج ۽ اپاءَ ڏسيا آهن. سندن ڏنل تعليم تمام ڪشادي آهي. پاڻ سڳورن گلا جهڙي بري عادت کان تمام سخت لفظن ۾ منع فرمائي آهي گلا هڪڙي بڇڙي بلا آهي ان جو اندازو ۽ گلا جي مختلف نمونن جي مثالن مان معلوم ٿيندو:

(1) ابوهريره رضه جن کان روايت آهي ته اسان هڪ ڀيري حضور سائينءَ جن جي خدمت ۾ ويٺا هئاسين ته هڪ شخص اٿي کڙو ٿيو (اٿي هليو ويو) ۽ پوءِ ٻين (حاضرين) چيو ته اي الله جا رسول صه اهو شخص ڪيڏو نه ضعيف هو. تنهن تي حضور صه جن فرمايو ته توهان پنهنجي دوست جي گلا ڪئي، ڄڻ ته ان جو گوشت کاڌو.

هڪٻئي مثال ۾ حضرت انس اصحابي رضه روايت ٿو ڪري ته رسول الله صه جن ارشاد فرمايو ته جڏهن مون کي مٿي آسمان جو سير ڪرايو ويو ته اتي آئون ماڻهن جي هڪڙي اهڙي ٽولي وٽان لنگهيس جن کي ٽامي جا ننهن هئا ۽ اهي پنهنجي ڇاتين کي انهن سان ڇنن ۽ ڦاڙين پيا. مون جبرئيل کان پڇيو ته اي جبرئيل اهي ڪير آهن؟ ان جواب ڏنو ته اهي آهن جيڪي ماڻهن جو گوشت کائين ۽ انهن جي عزتن ۽ آبرن کي کوٽين ۽ پويان لڳن ٿا. گلا هڪ اهڙو ته گناهه آهي جيڪو توبھ ڪرڻ سان به معاف نٿو ٿي سگهي جيسين اهو انسان معاف نه ڪري جنهن جي گلا ڪئي وئي هجي. حضرت جابر بن عبدالله ۽ حضرت ابو سعيد کان روايت آهي ته حضور سائين جن فرمايو ته گلا ڪرڻ زنا کان به وڌيڪ بڇڙو گناهه آهي. صحابين عرض ڪيو ته اها ڳالهه ڪيئن ٿي سگهي ٿي. تنهن تي پاڻ فرمايائون ته جيڪو شخص زنا ڪري ٿو پر پوءِ توبهه ڪري ٿو ته الله تعاليٰ ان جي توبهه قبول فرمائي ٿو پر گلا ڪندڙ انسان کي تيسين معاف نه ڪيو ويندو آهي جيسين اهو انسان (جنهن جي گلا ڪئي هجيس) معاف نه ڪري. انهن مڙني نتيجن کي ڌيان ۾ رکندي، اسين ان نتيجي تي پهچون ٿا ته گلا ڪرڻ معنيٰ ٻئي جي عيبن کي پرپٺ ذليل ۽ خوار ڪرڻ آهي، جيڪا محبت جي بجاءِ نفرت پيدا ڪري ٿي گلا جهڙي بري عادت رکندڙ انسان  دنيا ۾ به ڏٺو ٿئي ٿو ۽ آخرت ۾ به عذاب ۽ سزا جو مستحق ٿئي ٿو. جهڙي طرح بلا پنهنجو زهر ٻئي انسان ۾ وجهي ٻئي انسان کي برباد ڪندي آهي، اهڙيءَ طرح گلا پڻ انسان جي رج ۾ نفرت جو زهر پکيڙي ٿي. جهڙيءَ طرح بلا کي اڦٽ ماري ختم ڪرڻ مان سڪون ۽ راحت نصيب ٿئي ٿي. بلڪل اهڙيءَ طرح گلا جهڙي بري عادت کي پنهنجي طبيعت مان ڪڍي ڇڏڻ مان وڏو سڪون ۽ راحت نصيب ٿئي ٿي.

·  اسحاق انصاري لاڙڪاڻو             ٽيون انعامي مضمون

اي گلا! تون ڇا آهين؟ تو ۾ ڇا رکيل آهي؟ جو توکان شريف ماڻهو ائين ڀڄي ٿو. جيئن ”ڪانءُ“ ڀڄي ”ڪمان کان“ ۽ ڪي وري ماڻهو توکي ائين چهٽي پون جيئن ماکيءَ جون مکيون ماناري سان.

گلا! گلا! جنهن جي نالي وٺڻ سان ئي ذهن ۾ هڪ خراب شيءِ جو تصور اچي وڃي ٿو.

اها گلا! جنهن کان شريف شخص پرتي ڀڄي ٿو. اها گلا! جنهن جي ٻڌڻ سان هر شريف شخص ائين سمجهي ٿو. جيئن ڪنهن هن جي ڪنن ۾ پگهريل شيهو وڌو هجي. اها گلا، جنهن جي لاءِ هر مجلس ۾ حضور صه جن فرمائيندا هئا ته گلا ڪرڻ خراب عادت آهي. گلا ڪرڻ وارو شخص هر هنڌ ذليل ۽ خوار ٿئي ٿو. هن تي ڪو به اعتبار ڪو نه ڪري ٿو. ٻيو ته ڇا؟ پر گلا ڪرڻ واري کي پنهنجو پاڻ تي اعتماد نه رهندو آهي جيئن هڪ مفڪر چيو آهي ته:

”جيڪڏهن ڪو شخص توهان سان ڪنهن ٻئي جي گلا ڪري ٿو ته پڪ سمجهو ته ٻي هنڌ وري توهان جي گلا ڪندو.“

بيشڪ، مٿئين قول ۾  سئو فيصد صداقت ڀريل آهي.

مثال طور: جيڪڏهن مان (خدا نه ڪري) ڪنهن دوست سان، پنهنجي ڪنهن ٻي دوست جي گلا ڪريان ٿو ته پوءِ اهو دوست وري ڪنهن ٻي دوست لاءِ ڪجهه چوندو ته اهو وڃي ان کي ٻڌائيندو پر اتفاق سان جيڪڏهن ٻئي دوست هڪ ٻئي جي سامهون ٿين ته پوءِ هن کي ڪيڏي نه ذلت برداشت ڪرڻي پوندي.

گلا جي لاءِ حضور صه جن جو چوڻ آهي.

”ڇا! اوهان گلا ڪري مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندؤ.“

حضور صلعم جن جي مٿئين قول مان ئي اسان کي گلا جي باري ۾ ڪيڏو نه سبق ملي ٿو. ڏسو ته گلا کي حضور صلعم جن ڪيڏي نه خراب نظر سان ڏٺوآهي جو مئل ڀاءُ کائڻ ۽ گلا ڪرڻ ۾ ڪو فرق نه ٿو سمجهي.

گلا ڪرڻ واري شخص کي ڪو به عزت سان ڪو نه ڏسي ٿو ۽ جيڪو شخص گلا ٿو ڪري ان کي ضمير پڻ ملامت ڪري ٿو. ان مان صاف ظاهر آهي ته گلا ڪرڻ بري بلا آهي. جيئن هڪ مسلمان شاعر چيو آهي ته: ”گلا ڪرڻ وارو شخص ائين آهي جيئن ڪو شرابي“ ڏسو ته گلا ڪرڻ واري شخص ۾ ۽ شرابيءَ ۾ ڪو فرق ڪونهي جيئن شرابيءَ کي اسلامي قانون مطابق ڏوهه ۽ زماني ۾ ذلت جي زندگي برداشت ڪرڻي پئي ٿي.اهڙيءَ طرح گلا واري شخص کي به اسلامي قانون مطابق ڏوهي ۽ زماني ۾ ذلت برداشت ڪرڻي پئي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com