گذارش
پيارا ٻارؤ،
1976ع جو آخري پرچو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
اميد ته اوهان کي ضرور وڻندو. جنوري 1977ع وارو
ايندڙ پرچو سالنامو هوندو. سالنامي کي پڙهندڙن جي
گهر ۽ معيار مطابق سينگاريو ۽ سنواريو پيو وڃي.
اميد ته گذريل سال جي سالنامي کان به وڌيڪ اوهان
کي پسند ايندو.
هن کان اڳ ڪيترائي ڀيرا وهان کي گذارش ڪيل
آهي ته جيڪو به مواد گل ڦل لاءِ موڪليو، ان جي
هيٺان پنهنجو نالو ۽ پورو پتو ضرور لکو پر ڏک آهي
جو ڪن ٿورن لکندڙن کان سواءِ ٻيا سڀئي نه رڳو پورو
پتو ڪو نه ٿا لکن پر ڪن ڪن لکندڙن جي مواد هيٺان
ته نالو ئي لکيل ڪو نه هوندو آهي. ائين ٿيڻ نه
گهرجي ٻيءَ صورت ۾ انهيءَ مواد بابت ڪا به راءِ
ڏيڻ يا شايع ڪرڻ جي ذميداري اسان تي ڪا نه رهندي.
تمام گهڻن ٻارن ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا عيد ڪارڊ
اسان ڏانهن عيد مبارڪ طور موڪليا آهن. اسين سندن
خلوص ۽ پيار جا دلي ٿورائتا آهيون موٽ ۾ سڀني
پڙهندڙن کي عيد جون مبارڪون ڏيون ٿا.
اسين انهن جا نهايت احسانمند آهيون جن گذريل سال ۾
اسان سان قلمي ساٿ ڏنو آهي. اميد ٿا ڪريون ته گل
ڦل جا پڙهندڙ نئين سال ۾ ان کان به وڌيڪ حصو وٺي
معياري مواد موڪليندا. جيئن اسين گل ڦل کي اوهان
جي گهر موجب شايانِ شان شايع ڪندا رهون.
اوهان جو ڀاءُ
انور هالائي
·
مشتاق احمد مهيري
مبارڪ عيد جي لک لک
حقيقت هيءَ ٻڌو ”يارو“
وٺو مون کان ڪري ”وارو“
”لکانا“، ”لونگ“، اي ”يارو“
پيارا وٺ ”پپو“، ”پارو“
خوشيءَ جا گيت توهان ڳاتا
سمورا دردي سڀ لاتا
ٽلن اهنجون سدا ”ٽوليون“
وٺو جلدي ڀري ”جهوليون“
ادب عظمت وڏن ”ڪريو“
ڀلائي جا قدم ”ڀريو“
نوان ڪپڙا پائي ڌوتل
وڻن اهنجا اهي هُل هُل
مٺو ”سيرو“، ”پيهون“ کائي
وڻي اهنجي مٺي ”وائي“
پڙهي ”مشتاق احمد تون
مهيري ملڪ پنهنجي جي
ذرو سستي نه ڪج ”ڪائي“
گهڻي سڀ هوش سان ”ٻارو“،
مبارڪ عيد جي لک لک!
مزا ماڻين ”ٺريا“، ”ٺارو“،
مبارڪ عيد جي لک لک!
ڪجل اکڙين اوهان پاتا،
مبارڪ عيد جي لک لک!
وڻڻ پاتيون مٺيون ٻوليون
مبارڪ عيد جي لک لک
نصيحت ڌيان هن ”ڌريو“
مبارڪ عيد جي لک لک!
خوشيءَ ۾ بُل ڏيو بلڪل،
مبارڪ عيد جي لک لک!
عجيبن عيد ملهائي،
مبارڪ عيد جي لک لک!
ڪجين هن ديس جي ”خدمت“،
نه ڪڍجين من منجهان ”محبت“،
مبار ڪ عيد جي لک لک!
·
اياز گل
مورو
جبل مٿي تارو،
ٻارُ آ، هرڪو پيارو.
او- اَدڙا! مورو ويٺي ڏيان.
جبل مٿي ڏيئو،
شال سدا جيئو،
او- اَدڙا! مورو ويٺي ڏيان.
جبل مٿي مينهنُ،
سنڌي ٻالڪ شينهن،
او- اَدڙا! مورو ويٺي ڏيان.
جبل مٿي جُهڙُ،
ضِد نه ڪجي مُڙ!،
او- اَدڙا! مورو ويٺي ڏيان.
جبل مٿي مورَ،
ديس مٿان ٿيو گهور،
او- اَدڙا! مورو ويٺي ڏيان.
·
لطيف ”ساگر“
سرهاڻ
سچ سدائين رهندوآهي،
سچ جو ٻيڙو تري تري.
سچ سونهري سج ته آهي،
سچ جي منزل پري پري.
سچ تي سختيون، سچ تي پهرا،
پوءِ به سچ نه مري مري.
سورهيه سچ تي سر ڏين ٿا،
ٿو نانءُ انهن جو ٻري ٻري.
سنڌڙي ساري سچ ته آهي،
سڄڻن جي دل ٺري ٺري.
ڪوڙ ته ڪچيون ڪوڏيون آهن،
جوت نه جن جي ٻري ٻري.
سرهاڻ کڻي هي آيو ساگر،
جهول گُلن جي ڀري ڀري.
·عبدالعزيز
رنگريز
ملڪن جو
معمار
ڪوٽ جهالت جا مان ڪيرايان،
هر وک سيني منجهه سمايان،
رڻ پٽ کي گلزار بڻايان،
ملڪن جو معمار سڏايان.
علم عمل سان ناتو منهنجو،
قوم جي خدمت شيوو منهنجو،
جيسين ساهه سسيءَ ۾ نينهن نڀايان،
ملڪن جو معمار سڏايان.
منهنجي خون سان سبز هي گلشن،
مکڙيون مهڪن تارا ٽمڪن،
پنهنجي منزل پاڻ بنايان،
ملڪن جو معمار سڏايان.
بي علمي جا بند مٽائي،
راهه ۾ گرد و غبار هٽائي،
پنهنجي محنت سان پاڻ ملهايان،
ملڪن جو معمار سڏايان.
منهنجا واعدا ڪوڙا ناهن،
مور جي چال ڪانگ ڇا ڄاڻن،
غدار وطن کي دشمن ڀانيان،
ملڪن جو معمار سڏايان.
ٻار اکين جو ٺار ته آهيان،
روشنيءَ جو! مينار ته آهيان،
سڀني کي منهن تي سچ سڻايان،
ملڪن جو معمار سڏايان.
·
ميمڻ عبدالغفور سنڌي لاڙڪاڻائي
]
سوانح[
قائد اعظم محمد
علي جناح
اسان جي سونهاري سنڌ هر زماني ۾ اهڙا انسان پيدا
ڪيا آهن، جن پنهنجي ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ نالو
ڪڍيو ۽ پنهنجي ديس جو منهن مٿي ڪيو. اهڙين اعليٰ
شخصيتن مان قائد اعظم محمد علي جناح به هڪ ٿي
گذريو آهي.
محمد علي جناح تاريخ 25 ڊسمبر سنه 1876ع تي، آچر
جي ڏينهن، ٺٽي ضلعي جي جهرڪ ڳوٺ ۾ پيداٿيو. سندس
والد بزرگوار جو نالو سيٺ پونچا ۽ والده محترمه جو
اسم گرامي سڪينه هو. پاڻ اَصل رياست ڪاٺياواڙ جي
شهر ”راجڪوٽ“ جا رهواسي هئا. سندن ڌنڌو واپار
هوندو هو. ڪراچي ۾ چمڙي جي کلن جي تجارت ڪندڙ هڪ
مشهور ڪمپنيءَ ۾ حصيدار جي حيثيت سان سندس ڪاروبار
هلندو رهندو هو.
محمد علي جي شروعاتي تعليم ڪراچيءَ ۾ کارادر تي هڪ
ننڍي گجراتي اسڪول کان ٿي؛ پوءِ ڪجهه وقت لاءِ
”گوڪلداس تيج گجراتي اسڪول“ ۾ به پڙهيو. آخر ”سنڌ
مدرسة السلام ڪراچيءَ“ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيائين انهيءَ کان پوءِ سيٺ پونجا پنهنجي هڪ
انگريز واپاري دوست جي صلاح سان محمد عليءَ کي
اعليٰ تعليم لاءِ ولايت اماڻيو، جنهن لاءِ سيٺ نور
محمد لالن واري کان ٽي هزار رپيا قرض به ورتو
هئائين.
سنه 1892ع ڌاري، سورهن ورهين جي ڄمار ۾، محمد علي
انگلينڊ ڏانهن بئريسٽريءَ جي اعليٰ تعليم لاءِ
روانو ٿيو ۽ اُتي پهچي، لنڊن ۾ ”لنڪن اِن“ ڪاليج ۾
داخلا ورتائين. انگلينڊ ۾ هن انهيءَ ڳالهه کي خاص
خيال ۾ رکيو، ته مان تعليم جي حصول لاءِ هت آيو
آهيان، انهيءَ ڪري مون کي بنيادي طرح شاگرد جي
حيثيت سان ئي رهڻ گهرجي. فضول گوئيءَ کان ترڪ ڪري،
اخلاقي پهلوءَ کي مضبوط بنائڻ گهرجي ۽ عيش پرستيءَ
کي ڇڏي، محنتي ٿي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. سچ پچ هن
اُتي جي تعليم ۽ تهذيب مان چڱو لاڀ حاصل ڪيو.
انگلينڊ جي چئن ورهين واري رهائشي عرصي دوران
محمد علي ڪيترن هندستاني ۽ انگريز مدبرن سان
واقفيت پيدا ڪئي، انهن مان دادا ڀائي نوروزجي،
پارسي سياستدان سان گهڻي لهه وچڙ ۾ اچي ڪري، کانئس
سياست جي شروعاتي سکيا حاصل ڪئي. نتيجي طور محمد
علي هڪ ڪامياب شاگرد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ ننڍڙو نالي
وارو مدبر به سڏجڻ لڳو. هينئر کيس ملڪي ۽ سياسي
مسئلن ۾ به ڪافي ڄاڻ رکڻ جو شوق جاڳيو.
پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ بعد سال 1896ع ڌاري؛
بئريسٽريءَ جي سند حاصل ڪري، ڪراچيءَ واپس پهتو.
پوءِ ڪجهه وقت لاءِ بمبئي ۾ وڪالت ڪندو رهيو، جنهن
۾ پنهنجو چڱو نالو ڪڍيائين.هينئر پاڻ آهستي آهستي
سياسي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ لڳو. پهريائين هو ڪانگريس ۾
شامل ٿيو پر جڏهن خبر پيس، ته ڪانگريسي هندو سچا
نه آهن ۽ هو مسلمانن کي ڪڏهن چڱو نه گهرندا، تڏهن
ڪانگريس سان ناتا ٽوڙي، مسلم ليگ جو بنياد وڌائين.
حالانڪه مولانا محمدعلي جوهر جهڙا مرد مجاهد به
انهيءَ جماعت ۾ شامل هئا، پر جناب صاحب سڀني کان
پنهنجي سٺي اِخلاق ۽ پخته مزاجيءَ ڪري گوء کڻي
ويو. |