رضوانه
عبدالقادر ڀٽي
گل ڦل
ادب جي باغ ۾ گل ڦل ٽڙيا،
مثل ڀؤنرن ٻارڙا تن تي ڀريا.
چؤ طرف هُٻڪار گلڙن تي مستي،
بلبليون، چيها، سُڳند تي سڀ مڙيا.
ڏس ڪٿي آهن پروليون پرت جون،
هي لطيفا لُطف وارا ڪنهن گهڙيا.
عقل بخشيندڙ هي آکاڻيون عجيب،
هي نصيحت جا جواهر ڪنهن جڙيا.
چهچٽا آهن ڪٿي،ڪٿ گيت پڻ،
ڏس محبت جا اٿن موتي مڙهيا.
سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ ۾،
شوق سان جيڪي گهڙيا سيئي چڙهيا.
• موڪليندڙ:رقيه بنت محمد اسماعيل عرساڻي
عجيب سپنو
هڪڙوهندو شاهوڪار واپار ۾ اچي کٽو ۽ سندس حال
اچي ڏاڍو تنگ ٿيو، جنهن ڪري بلڪل مايوس گذارڻ
لڳو. سندس زال تمام سلڇڻي ۽ ستيا واري هئي، تنهن
گهڻي دلداري ڏنيس ته فڪر نه ڪر، ڀڳوان تي رک ته
سڀ سولي ٿي پوندي. پر هيءُ مڙس سمجهي ئي نه ۽
وڃي ڏينهون ڏينهن ڳرندو. ڪنهن ڏينهن، آڌيءَ رات
جو جوڻس اٿي ويهي رئڻ لڳي. مڙس آواز تي جاڳيو ۽
ويچاري کي اچي ڀو ٿيو! پڇائينس ته ”پياري ڇو ٿي
روئين؟“ چي، ”سپنو لڌو اٿم ته ڀڳوان جنهن اسان
کي پيدا ڪيو آهي، سو مري ويو آهي ۽ ڪائي تي کنيو
پيا وڃنس. انهيءَ ڏک ۾ ٿي رئان.“ مرد چيس ته
”چري ته ڪين ٿي آهين؟ ڳالهائين ڇا ٿي؟“ زال
وراڻي ڏني ته ”سچ پچ ته پنهنجين اکين سان اهو
احوال ڏٺو اٿم.“ مرد چيس ته ”ڪيڏانهن ويو آهي
تنهنجو عقل! ڀڳوان به ڪڏهن مرڻ جو آهي؟” زال
جواب ڏنو ته ”ها مرڻ جو ڪينهي ته ڀلا پوءِ تون
ڇو اچي هن ڳڻتيءَ ۾ پيو آهين!“ تڏهن مرد جون
اکيون پٽيون ۽ چيائين ته ”مار! مون ڏاڍي بيوقوفي
ڪئي آهي.؟ پوءِ ڳڻتي لاهي ڀڳوان تي ڀروسو رکي
ڌنڌو ڪرڻ لڳو ۽ سگهوئي سندس حال بهتر ٿيو.
سهڻا سخن
• موڪليندڙ:الهه بچايو ”عاجز“ ڪنڀر بدين
حضرت علي (ڪرم الله وجهہ) جا قول
(1)
عادت تي قابض پوڻ ڪمال فضيلت آهي.
(2)
عقلمند پاڻ کي ننڍو ڪري بلندي حاصل ڪري ٿو. ۽
نادان پاڻ کي پڏائي ذليل ٿئي ٿو.
(3)
غريب اهو آهي جنهن جو ڪو دوست نه هجي.
(4)
علم مال کان بهتر آهي. ڇاڪاڻ ته تنهنجي حفاظت
ڪري ٿو.
(5)
عاجز ماڻهو ان کان چڱو آهي؟ جيڪو قوت رکي پر برا
ڪم نه ڇڏي.
(6)
زياده علم وارن کان علم حاصل ڪر ۽ نادان آهن
انهن کي علم سيکار!
(7)
پاڙيسريءَ جي بدخواهي ۽ نيڪن سان برائي انتهائي
بدبختي آهي.
(8)
نرمي ۽ برد باري اها نه آهي، جو جڏهن عاجز ٿئي
ته ڪجهه نه چوي ۽ جڏهن طاقت مليس ته بدلي وٺڻ ۾
همٿ ڏيکاري.
• موڪليندڙ: دردانه رحيم قاضي
”اقوال زرين “
1.
نااميدي گهٽ عمر جي نشاني آهي.
2.
تحرير هڪ خاموش آواز آهي، ۽ قلم هٿ جي زبان آهي.
3.
سٺيون ۽ نيڪ عادتون، نرم ۽ شيرين گفتار گهڻيون
ئي مشڪلون آسان ڪري ڇڏين ٿيون.
4.
جيڪو ڪاوڙ کي روڪي ٿو، تنهن جي دل نور ۽ ايمان
سان ڀريل آهي.
5.
همدردي ڏک کي وڌائي ٿي.
6.
محنت، دولت جي ڪنجي آهي.
7.
ڪاوڙ ۾ ماڻهو وات کولي ۽ اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو.
8.
گهڻو ڳالهائيندڙ پنهنجو وقار وڃائي ويهي ٿو.
• موڪليندڙ:غ. م. بلوچ
ماڻڪ موتي
زبان اگرچ تلوار نه آهي، پر تلوار کان تکي آهي.
ڳالهه جيتوڻيڪ تير نه آهي، پر تير کان به تکي
آهي.
غصو جيتوڻيڪ شينهن نه آهي، پر شينهن کان به وڌيڪ
خوفناڪ آهي.
نشو جيتوڻيڪ نانگ نه آهي، پر نانگ کان وڌيڪ
خطرناڪ آهي.
گناهه جيتوڻيڪ زهر نه آهي، پر زهر کان به وڌيڪ
نقصانڪار آهي.
•خالد پرويز ڪنڀر مڊل اسڪول ملڪاڻي شريف
”موت تي ضابطو“
نئين دؤر جا سائنسدان جتي چنڊ ۽ تارن تي ڪمند
اُڇلائي رهيا آهن، اتي موت جهڙي اهم مسئلن کي به
سمجهڻ ۾ رڌل آهن. سندن دعويٰ آهي ته هو نهايت
اميد ڀرئي نتيجي تي پهچي چڪا آهن. روس جا طبعي
ماهر ته اهڙن ڪتن ۽ باندرن کي به جيئرو ڪرڻ ۾
ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آهن جيڪي ڪي ڪلاڪ اڳ مري
چڪا هئا. ان سلسلي ۾ پنهنجي تحقيق کان پوءِ هو
هن نتيجي تي پهتا آهن ته مرڻ وقت ماڻهو موت جي
چائنٺ تي هڪدم نٿو پهچي، پر اهو هڪ ڊگهو عمل آهي
۽ ان عمل جو رخ موڙي موت جي بدران وري زندگي
حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ تجربي واسطي روسي
ماهرن ڪينا نالي هڪ اٺن سالن جي باندري کي بيهوش
ڪري برف جي ڇپ هيٺ رکي ڇڏيو ايستائين جو هن جي
جسم جي گرميءَ جو درجو 27 سينٽي گريڊ ٿي ويو. ان
کان پوءِ هن جي هڪ شريان مان رت ڪڍڻ شروع ڪيو
ويو ائين ڪرڻ سان هن جي رت جو دٻاءَ گهٽ ٿيڻ
شروع ٿي ويو. آخرڪار هڪ ڪلاڪ کان پوءِ هن جي دل
جي ڌڪ ڌڪ ۽ ساهه کڻڻ جو عمل بند ٿي ويو. ظاهري
طور ڪينا جو موت ٿي ويو. باندري 20 منٽن تائين
ان حالت ۾ پئي رهي، ايستائين جو هن جي جسم جي
گرمي جو درجو 2.36 سينٽي گريڊ تائين ڪيو ويو،
پوءِ ڊاڪٽرن ان جي هڪ ٻيءَ شريان وسيلي دل کي رت
ڏيڻ شروع ڪيو تنهن سان گڏ هٿرادو ساهه کڻائڻ جو
عمل به شروع ڪيوويو. ٻن منٽن کان پوءِ باندريءَ
جي دل ڪم ڪرڻ لڳي. 15 منٽن کان پوءِ باندريءَ
ساهه کڻڻ شروع ڪيو. چئن ڪلاڪن کان پوءِ ڪينا
اکيون پٽيون ۽ مٿو مٿي ڪيو ٿورن ئي ڪلاڪن کان
پوءِ جڏهن ڊاڪٽرن هن کي پينسلين جي انجيڪشن هڻڻ
جي ڪوشش ڪئي ته ڪينا سرينج کڻي ورتو ۽ آپريشن
ٿيٽر ۾ ڊوڙڻ لڳي. اهڙي قسم جا تجربا ڪتن تي به
ڪيا ويا آهن ۽ انهن جا نهايت اميد ڀريا نتيجا
نڪتا آهن. هڪ ڪتي کي بيهوش ڪيو ويو، جڏهن ان جي
جسم جي گرمي جو درجو آهستي آهستي گهٽ ٿيندي
ٿيندي 20 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهتو، تڏهن ان
جي جسم مان شريان جي وسيلي رت ڪڍڻ شروع ڪيو ويو،
ايستائين جو ساهه ۽ دل جي حرڪت ٻئي بند ٿي ويا.
وچ ۾ هن جي جسم جي گرميءَ جو درجو گهٽجي 10
ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو. ڪتو ٻن ٻن
ڪلاڪن تائين اهڙي اهڙي حالت ۾ پيو رهيو. تنهن
کان پوءِ، سائنسدانن انهيءَ کي جيئري ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي. دل کي چالو ڪرڻ لاءِ تازو رت شريان
وسيلي ڏيڻ کان پوءِ يڪدم انهيءَ کي ٻاهر ڪڍيو
ويو. پهرين ته ڪتي جي دل تيزيءَ ۽ بيقاعدگي سان
ڌڙڪڻ لڳي. پر جڏهن ان جي جسم جي گرميءَ جو درجو
100 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي ويو، تڏهن ڪتي جي سيني ۾
بجلي جو وهرو مٽائي دل کي باقاعدگي سان جاري ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي. پندرنهن منٽن کان پوءِ دل جي
حرڪت ۾ باقاعدگي اچي وئي ڇو جو اڃا سندس جسم جي
گرمي جو درجو گهٽ هو ۽ 10 منٽن کان پوءِ ڪتو
باقاعدي هلڻ ۽ ڀؤنڪڻ لڳو.
•گل محمد ”گل “ هيسباڻي، خيرپور، گنبو.
سنڌي ڌي
آهيان مان هڪ سنڌي ڌي،
چاچا ماما منهنجا سنڌي،
جيڏيون سرتيون منهنجون سنڌي،
سنڌي مٺڙي ٻولي منهنجي،
سنڌي پڙهان ۽ سنڌي لکان،
پوتي چولو گربي پايان،
گهر ۾ ڪين کيڏان تي گُڏيون،
روز اٿان ٿي صبح سويري،
واه وڻي ٿو منهنجي دل کي،
آهيان مان هڪ سنڌي ڌي،
سنڌي منهنجا ماءَ ۽ پيءُ.
جن سان خوش گذري جي،
ڪانه سهان ڪا ٽياڪڙ ٿي،
ڪين ٻوليان ٿي ٻولي ٻي.
سنڌي گيت گونجاريان ٿي،
ويس نه مٽيندس موران هي،
ماءُ جو هٿ ونڊائيان ٿي.
آرهڙ هجي يا سانوڻ سي،
نظم لکيو آ”گل“ جو هي،
سنڌي منهنجا ماءَ ۽ پيءُ.
•سراج مصطفيٰ جوکيو، حيدرآباد
”علم“
علم هڪ لاٽ مثل آهي. ان لاٽ وانگر جيڪا ٻري ٿي،
روشني ڪري ٿي ۽ ماڻهو ڪم ڪن ٿا. زندگي بيڪار آهي
ان کوهه وانگر جنهن ۾ ماڻهو گند ڪچرو اڇليندا آهن
جيڪڏهن اها علم جي سڳندي گل کان محروم آهي.
علم انسان جو سچو ساٿي آهي وجود جو خالق (رب کان
پوءِ) آهي. روح جو پاسبان آهي. علم ان ڏيئي مثل
آهي جنهن کي تيل جي ضرورت ڪانهي. ڏيئو ايتري تيل
سان ڀريل آهي جو اهو مقدار ختم ئي ڪونه ٿو ٿئي.
تيل پاڻ ان مان وهڻ ٿو لڳي ٻين کي”علم“ سان آشڪار
ڪرڻ لاءِ.
رب انسان کي هن جهان ۾ موڪلي ٿو. ماءُ جو سبق کيس
وري آهستي آهستي آسمان طرف يعني اوچو ٿيڻ ۾ مدد
ڏئي ٿو. کيس پر لڳن ٿا ۽ جڏهن استاد کيس سبق ڏئي
ٿو ته اهي پر پکڙجڻ شروع ٿين ٿا ۽ آخر اها منزل به
اچي ٿي، جڏهن انسان پرواز ڪرڻ لڳي ٿو. علم وڌي ٿو
ته انسان به وڌي ٿو. جيڪڏهن چئجي ته انسان وڌي ٿو.
ته علم به وڌي ٿو بلڪل غلط آهي . جيڪڏهن انسان علم
کان سواءِ وڌي ٿو ته ان کي وڌڻ نه پر گهٽجڻ چئبو.
جيڪڏهن انسان کي علم ڪونهي ته هو حيوان مثل آهي.
علم انسان کي انسان بنائي ٿو. زندگيءَ جون حقيقتون
مٿس کولي ٿو. صحيح ۽ اعليٰ زندگي گذارڻ جا طريقا
ٻڌائي ٿو. ملڪ ۾ هڪ ڪامياب فرد جيان رهڻ جا اصول
سيکاري ٿو. علم ڇا ڇا ٿو سيکاري ان جو ڪاٿو ڪرڻ
مشڪل آهي.
دوستو! ٻاهرين دنيا جي مثالن کي ڇڏي پنهنجي ئي قوم
جي هڪ عظيم فرد کي ڏسو. هو هڪ هاريءَ جو چشم وچراغ
هو. پڙهڻ لاءِ کٽون واڻيندو هو. بوٽ پالش ڪندو هو.
زماني جي ستم ظريفين، ماڻهن جي چٿرن کان بي نياز
ٿي هن پنهنجو نالو چمڪايو. شمس العلماءَ عمر بن
محمد دائود پوٽي جي نالي کان اڄ ڪير واقف ڪونهي!
پرولي ته ڀڃ
•موڪليندڙ : رومانه بنت خالد حسين عرساڻي
(1)
ڄاپندي ڄاياس، جوانيءَ ۾ جهُرياس، پيريءَ ۾ ٿياس
وري ويچاري سنڱڙا.
(2)
هڪ ماڻهو وڃي جيل ۾ پيو- اتي سندس هڪ رشتيدار
ملاقات لاءِ آيو-جيل جي جيلر پڇيس ته هيءُ قيدي
تنهنجو ڇا ٿئي؟ هن جواب ڏنو ته:
سائين، ڀائر ڀينرون ته مون کي آهن ڪين، باقي هن
قيديءَ جو پيءُ منهنجي پيءُ جو پُٽ ٿئي.
•موڪليندڙ: احمد خان”احمد“
(3)
مڙس ڏٺوسين هڪ موالي، هڪل جنهن دي هيبت والي، منهن
وچ ڀالا هٿين خالي، وڙهه دا هي هاٿي نال، ڀڃ ڏي
اهو مثال.
(4)
مڙس ڏٺوسين هڪ موالي، جنهن دي مٿي وچ آني، آني آني
وچ ٽائي ٽائي ٻال، ڀڃ ڏي اهو مثال
(5)
بري ٻڪري بادشاهه جي اَڪ چري پن چري، جي پاڻي پئي
اُڦٽ مري.
(6)
پاڻ ننڍو، سڄي گهر جي سنڀال رکي ٿو.
•موڪليندڙ: غ.م.بلوچ، ٽنڊالهيار
(7)
گوڏي جيڏي ڪنوار، ڏاڙهيءَ سان پٽ ڪڇ تي کنيو ويٺي
آهي.
•موڪليندڙ: لالچند، ميرپور بٺورو
(8)
زال گهمي ڦري پئي، مڙس ٻڌو ويٺو آهي.
(9)
هيٺان درياهه مٿان باهه، جيڏانهن ڇڪ تيڏانهن آهه.
ڀڃڻي
(1)
چنڊ. (2) پُٽُ، (3) مڇر. (4) هيرڻ جو وڻ، (5)
باهه. (6) ڪُلف. (7) مڪائي جو سنگ. (ڪُلف ۽ ڪنجي.
(9) حقو.
کل ته سهي
•موڪليندڙ: ميمونه بنت شمس الدين عرساڻي
هڪ دولتمند جيئري ئي پنهنجي لاءِ قبر ٺهرائي. جڏهن
قبر ٺهي تيار ٿي، تڏهن ڪاريگر کي چيائين ته هن
لاءِ ٻيو ڇا گهرجي؟ ڪاريگر جواب ڏنو ته”هن ۾ هاڻي
اوهان جي جسم شريف جي گهرج آهي.“
… … …
هڪ چرچائي شخص جو نڪاح ڪنهن بدصورت عورت سان ٿيو.
زال مڙس کي چيو ته” ميان، اوهان جي رشتيدارن مان
ڪنهن ڪنهن سان منهن لڳان؟“
مڙس جواب ڏنس ته ”فقط مون کي منهن نه ڏيکارج باقي
ٻين لاءِ توکي جهل پل ڪانهي.“
… … …
هڪ صاحب بهادر پنهنجي پٽيوالي کي چيو ته”رشوت کائي
کائي تنهنجو پيٽ تمام وڏو ٿي پيو آهي.
پٽيوالي عرض ڪيو ته ”اسان جو پيٽ ته دال روٽيءَ تي
به وڌي ٿو پر شاباس آهي اوهان جي پيٽ کي جو سڀڪجهه
هضم ڪريو ڇڏي.“
•خالد پرويز ڪنڀر، مڊل اسڪول ملڪاڻي شريف
پيءُ: جيڪڏهن تو ڪُتي کي ماريو ته آءٌ توکي
ماريندس، جيڪڏهن تو ڪُتي جا ڪن جهليا ته آءٌ
تنهنجا ڪن جهليندس.
پٽ: پر بابا، جيڪڏهن مون ڪُتي جو پڇ جهليو ته؟
•موڪليندڙ: اعجاز علي ٽالپر، ٽنڊو جان محمد
هڪ ماڻهوءَ ريڊيو ورتو ۽ کڻي ويو گهر، موسم هئي
خراب سو ريڊيو کڙ کڙ ڪرڻ لڳو. همراهه کڻي ويو
مستري وٽ ۽ مستريءَ کي چيائين ته ريڊيو ٺاهي ڏي.
مستريءَ چيس ته سائين موسم خراب آهي، همراهه جواب
ڏنو ته موسم نئين وجهي ڏي.
•موڪليندڙ: گرڏنو لعل، ڪنڌڪوٽ
ٻه موالي اڌ رات جو گهر وڃي رهيا هئا، ته رستي ۾
هڪ بجليءَ جي ٿنڀي سان ٽڪريا. سمجهيائون ته گهر
پهچي ويا آهيون. سو ٿنڀي کي کڙڪائڻ لڳا. پهرئين
موالي چيو ته ”ننڊ پيا آهن“. ٻئي موالي چيو ته ”نه
مٿي بلب ٻري پيو، پڪ مٿي ويٺا هوندا“.
•موڪليندر: حاجي سومرو، بدين
هڪ مسافر واٽهڙوءَ کان پڇيو، ”ادا، گهڻا وڳا آهن؟“
واٽهڙو چيو ته ”ادا، الله جو شڪر آهي هڪ پاتو اٿم
ٻه ڌوٻيءَ وٽ ۽ ٽي پيتيءَ ۾ آهن.“ مسافر وري چيو،
”ادا، مان وڳن جو نٿو پڇان وقت جو ٿو پڇان.“
واٽهڙو چيو، ”ادا، وقت نهايت خراب آهي، نه پيءُ
پُٽ جو، نه ڀاءُ ڀاءُ جو!“
•موڪليندڙ: عبدالرشيد مغل، حيدرآباد سنڌ
سليم: نعيم! هلي آءُ ته”اسڪول راند“ کيڏون. مان ٿو
ماستر ٿيان ۽ تون ڇا ٿيندين؟
نعيم: مان وري غائب ٿو ٿيان!
… … …
استاد : همايون! ٻڌائي تنهنجي عمر گهڻي آهي؟
همايون: سائين پندرهن سال.
استاد: ڇا چيئي پندرهن سال!
گذريل سال تون پهرين ۾ هئين ته عمر ست سال هيئي ۽
هاڻ اٺ سال اٿيئي!
همايون: سائين، مون به ته صحيح حساب ڪيو !، ست ۽
اٺ، پندرهن ئي ٿين ٿا!
هنن سان ملو
71.نالو: امير علي ڪنڀار
(پڙهندڙ:ڪلاس ڏهون بي)
عمر:15 سال
وندر:ٻارن جا رسالا پڙهڻ.
ائڊريس:ميمڻ محلو، ٽنڊو محمد خان، ضلعو حيدرآباد،
سنڌ.
72.نالو:يوسف حيدر ولد غلام حيدر
(پڙهندڙ:ڪلاس ڇهون).
عمر:………
وندر:گل ڦل پڙهڻ ۽ لکڻ.
ائڊريس:معرفت غلام حيدر شيخ، وڪيل، ڪنڌڪوٽ، ضلعو
جيڪب آباد، سنڌ.
73.نالو:آفتاب احمد ولد ڪريم بخش ميمڻ.
(پڙهندڙ:ڪلاس نائون).
عمر:14 سال
وندر:اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ.
ائڊريس:گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول، نصرپور،
سنڌ.
74.نالو:ارشاد احمد راهي.
(پڙهندڙ:ڪلاس ڏهون).
عمر:12 سال.
وندر:رسالا پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.
ائڊريس:پوسٽ آفيس ڏندو، تعلقو بدين، ضلعو
حيدرآباد، سنڌ.
75.نالو:خالد پرويز ڪنڀر.
(پڙهندڙ:ڪلاس اٺون).
عمر:13 سال.
وندر:سنڌي رسالا پڙهڻ.
ائڊريس:پوسٽ آفيس ملڪاڻي شريف، وايا جهڏو، تعلقو
ٽنڊو باگو.
76.نالو:گرڏنو لعل ولد بصر مل.
(پڙهندڙ:ڪلاس ستون).
عمر:15 سال.
وندر: رسالا پڙهڻ.
ائڊريس:شهباز سوئيٽ هائوس، نزد شڪارپور ناڪو،
ڪنڌڪوٽ، ضلع جيڪب آباد.
77.نالو:مشتاق احمد ولد حاجي نذيرالدين سومرو.
(پڙهندڙ:ڪلاس…).
عمر:12 سال.
وندر:رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ.
ائڊريس:محلو ليلاآباد، سڪرنڊ،ضلعو نوابشاهه.
78.نالو:نوري ڌيءَ سڪندر حيات پنهور
(پڙهندڙ:ڪلاس ٻيو).
عمر:7 سال.
وندر:پڙهڻ ۽ تصويرون ڪڍڻ.
ائڊريس:گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول، ٽالپر
ڳوٺ،ٽنڊو ڄام.
79.نالو:محمد شعبان نوناري.
(پڙهندڙ:ڪلاس پنجون سنڌي).
عمر:10 سال.
وندر:گل ڦل پڙهڻ.
ائڊريس:شڪارپور روڊ، ڪنڌڪوٽ، سنڌ.
80.نالو:علي اڪبر عباسي سنڌي.
(پڙهندڙ:ڪلاس نائون-اي)
عمر:14 سال.
وندر:قلمي دوستي رکڻ.
ائڊريس: هائوس نمبر 9، هاسپيٽل روڊ، نوابشاهه.
81.نالو:غلام مصطفيٰ بلوچ.
(پڙهندڙ:نائون-سي).
عمر:14 سال.
وندر:هر قسم جو لٽريچر پڙهڻ.
ائڊريس:معرفت محمدضمير نيوز پيپر ايجنٽ ٽنڊو
الهيار سنڌ.
82.نالو:حزب الله راڄپر.
(پڙهندڙ:ڪلاس ڏهون، اي).
عمر:14 سال.
وندر:قلمي دوستي رکڻ، رسالا پڙهڻ ۽ خطن جا جواب
ڏيڻ.
ائڊريس: معرفت محمد ايوب هيئر ڪٽنگ سيلون، لکوجا
منزل، پڊعيدن اسٽيشن.
83.نالو:شير محمد جتوئي.
(پڙهندڙ:ڪلاس نائون-ب).
عمر:14 سال
وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ ۽
جواب جلد ڏيڻ، ۽ فٽ بال کيڏڻ وغيره.
ائڊريس:محله ڍاڪ تلاءُ، رتو ديرو، ضلع لاڙڪاڻو،
سنڌ.
سلام ۽ سنيها
پيارا ادڙا،
جيئي سنڌ
گل ڦل جو پرچو نظر مان گذريو. ”ڇا اوهان کي خبر
آهي ته“ شايع ڪرڻ لاءِ مهرباني-پرچو سٺي رفتار سان
ترقي ڏانهن گامزن آهي-ڪهاڻيون، مضمون وغيره سڀ چڱا
آهن. ٻارڙا دلچسپي سٺي وٺي رهيا آهن.
آخر ۾ هڪڙو عرض آهي ته جيڪي مضمون، نظم، ڪهاڻيون
ناقابل اشاعت آهن اوهان هر مهيني انهن جي لسٽ شايع
ڪندا ڪريو. جيئن ٻارڙن کي اهو لکڻو نه پوي ته
منهنجي ڪهاڻي ڪڏهن شايع ٿيندي- ائين ڪرڻ سان ٻارن
کي زياده انتظار نه ڪرڻو پوندو. جنهن ڪري انهن
ٻارڙن کي همت ۽ ڪوشش ڪري وري کلڻ جو شوق پيدا
ٿيندو.
اوهان جو ننڍڙو ادڙو،
فياض علي” فياض“
عباسي خيرپورميرس.
(ادا، خبر ناهي ته تنهنجي تجويز ٻين ٻارن کي وڻي
الائي نه! ان ڪري اسان جو سڀني ٻارن کي عرض آهي ته
هو پنهنجا رايا لکي موڪلين. جيڪڏهن سڀني ٻارن جي
مرضي ٿي ته پوءِ ناقابل اشاعت ليکن جي لسٽ شايع
ڪرڻ شروع ڪنداسين- ايڊيٽر)
پيارا ادا شوڪت حسين.
گل ڦل پڙهي دل بهار بهار ٿي وئي. اميد ته آئيندي
به اهڙي طرح سان بي بهار رسالو شان شوڪت سان نروار
ٿيندو رهندو.
بيشڪ گل ڦل ئي هڪ اهڙو رسالو آهي. جيڪو اسان جي
حوصلن جي همت افزائي ڪري ٿو. ۽ اسان جي خيالن جي
صحيح ترجماني ڪري ٿو. ۽ جيڪي اوڻايون اسان جي
لکڻين ۾ آهن، انهن کي سڌارڻ جي لاءِ سهڻي صلاح ڏئي
ٿو.
مئي جي پرچي کان سرورق بدلائڻ جي مبارڪباد پيش
ڪريان ٿو. اڳيون سرورق خراب ته نه هو، پر هر واري
ساڳيو ڏسي دل ئي کٽي ٿي ويئي هئي. منهنجي هڪ ٻي
گذارش اها آهي ته اوهان هر واري ڪو اهڙو مستقل
عنوان ڏيو ۽ انهيءَ عنوان تي چٽا ڀيٽي ڪرائي وڃي،
جيئن اسان جهڙن گلڙن جا خيال پڌرا ٿي سگهن ۽ آخر ۾
منهنجي طرفان سڀني گلڙن کي سلام.
عبدالغفور ٽالپر، ٽنڊو جان محمد.
جناب ايڊيٽر صاحب،
گل ڦل جو مئي وارو پرچو پڙهيم سچ ته پڙهي دل کي
ڏاڍي خوشي ٿي. اميد ته ايندڙ پرچي ۾ وڌ ۾ وڌ
آکاڻيون شايع ڪندا ته جيئن پرچو وڌيڪ سهڻو ته جيئن
پرچو وڌيڪ سهڻو ٿئي. آخر ۾ گل ڦل جي ادڙن کي سلام.
سرور شبانه خيرپور ناٿن شاهه.
جناب ايڊيٽر صاحب.
جيئي سنڌ.
ادا، مون پهريائين”جون“ جو پرچو پڙهيو، جو تمام
بيحد پسند آيم ۽ خط لکڻ تي مجبور ٿي پيس. ادا، اها
اسان سنڌي ڇوڪرن جي خوشقسمتي آهي، جو اهو رسالو
سياست کان پاڪ آهي پر افسوس آهي هو ”جون، جي پرچي
۾ منظور قريشي پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته قوم
پرستيءَ وارا ليک ڏيو، ادا، افسوس آهي جو اسان جا
سنڌي ڇوڪرا انهيءَ رسالي کي سياست جهڙي مرض ۾
مبتلا ڪرڻ گهرن ٿا. ادا قوم پرستيءَ وارا ليک ڏيڻ
وارا ٻيا به ڪيترائي رسالا آهن. مهرباني ڪري سياست
نه آڻجو، وڌيڪ مرضي اوهان جي.
محمود، ميمڻ، بدين.
(ادا، قوم پرستي هرو
ڀرو سياست ڪانهي. ٻارن ۾ جيڪڏهن پنهنجي قوم لاءِ
عزت ۽ محبت پيدا ٿئي ته سٺي ڳالهه آهي، باقي ٻيهر
رسالي ۾ سياست کي آڻڻ جي اسين به خلاف آهيون. قلمي
دوستيءَ لاءِ لکيل نالا اڻپورا آهن. ٻيهر پورو
تفصيل لکي موڪل.- ايڊيٽر)
|