هن واريءَ ۾ کوٽيل هڪ کڏ ڏٺي جيڪا شايد وير جي لهي
وڃڻ کان پوءِ، ڪن ٻارن کوٽي هئي. بعد ۾ وري ايندڙ
وير اُن کڏ ۾ مڇيون ۽ گانگٽ کڻي آئي هئي ۽ واپس
اٿلڻ وقت هنن مان ڪجهه تعداد رهجي ويو هو، جن جي
چرپر تي ڪئوشي پائو هرکجي پيو هو. هن نمي نظارو
چڱيءَ طرح پسڻ گهريو.
کڏ جي ميرانجهڙي پاڻيءَ ۾ نانگ جي شڪل جهڙو هڪ
جانور هو. هن جو مٿو، مٿي کڙو ٿيل هو جنهن مان
ڪيتريون ئي تندون پئي لڙڪيون. مٿي تي گول ٽوپي هيس
۽ ٽوپيءَ جي چوٽي چپٿري هئي. اها هن جي چوسڻي هئي.
ڪئوشي پائو جو ڄڻ ته هاءُ ٿي ڦاٽو. هن اڳي ڪڏهن به
پاڻي جو ايڏو وڏو جانور ڪونه ڏٺو هو. جانور کي
جهلڻ ته پري رهيو پر هن مرڳو اتان جلد ڀڄي وڃڻ
چاهيو مگر هن جا پير آلي واري ۾ گپي ويا هئا ۽
جيئن تڪڙ ۾ پير ڇڪي ٻاهر ٿي ڪڍيائين ته ٿاٻڙجي سڌو
هن کڏ ۾ ڪري پيو. هن وٺي رڙيون ڪيون ۽ کڏ مان نڪرڻ
واسطي ڏاڍيون ڇڙيون هڻڻ لڳو. اوچتو نڪتو ۽ چوڻ
لڳو: ”ڪئوشي پائو، لُڙڪ نه ڳاڙ بلڪ انهيءَ مهل
لاءِ بچائي رک جڏهن اسان خود توکي روئاڙڻ
چاهينداسون.“
هي پوڙهو هڪ عجيب مخلوق هئي. هن کي اکيون ڪونه
هيون. هن جي مٿي تي هڪ گول چپٿري ٽوپي هئي ۽ پٺن
تي هڪ نيم شفاف ڪانچ جو گهوڙو هو، هليو مٿي جي
وسيلي ٿي.ڳالهائڻ وقت هن جي ڏاڙهيءَ جي وارن ڪئوشي
پائو کي ڍڪيو ٿي ڇڏيو. جنهن مان هن کي وڌيڪ بي
آرامي محسوس ٿي رهي هئي.
ڪئوشي پائو ڏاڍي خوف ۽ هراس ۾ وٺجي ويو. جيئن ٿي
پوڙهي کيس ماٺ ڪرڻ لاءِ چيو تيئن ٿي هن رڙين تي
زور رکيو.
”امان.......ڏاڏي........ناني......آءٌ گهر
اچان!.....“لڙڪ ڳلن تان نارا ڪري وهي رهيا هئس.
پوڙهي کلي چيو،”تون هاڻي وڃي نٿو سگهين. هن وقت
تون سمنڊ جي بادشاهت ۾ آهين. اسان جي بادشاهه
سلامت کي هڪ اهڙي بزدل ماڻهوءَ جي ضرورت آهي. جيڪو
ٿورڙي ڳالهه تي به لڙڪ ڳاڙهڻ لڳي. توکان وڌيڪ ٻيو
موزون ماڻهو هٿ نه ايندو. بادشاهه توکي ڏسي تمام
گهڻو خوش ٿيندو.“
ڪئوشي پائو جي دل ڄڻ ته بيهي رهي. هن کي ايڏو ته
ڊپ ٿيو جو لڙڪ ئي ڳڙڻ بند ٿي ويس. هن پڇيو،
”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ سمنڊ جي بادشاهيءَ ۾ آءٌ
ڪيئن اچي نڪتو آهيان؟ مون ته اهو نٿي گهريو.“
”پڪ ڄاڻ هينئر تون سمنڊ جي بادشاهت ۾ آهين. آءٌ
دربان آهيان. اسان جي بادشاهه جي حڪم تي آءٌ سڄو
ڏينهن تنهنجي تاڙ ۾ هوس. هاڻي اچ ته هلون.“
ائين چئي پوڙهو سندس ڏاڙهي جي وارن سان ڪئوشي پائو
جا هٿ ٻڌي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ گهلڻ لڳو. ڪئوشي پائو
پاڻ ڇڏائڻ لاءِ گهڻوئي پتوڙيو ۽ نه هلڻ لاءِ رڙيون
ڪرڻ لڳو، مگر پوڙهي چيس:”توکي ضرور هلڻو پوندو.
بادشاهه جي حڪم موجب توکي هلڻو آهي.“
جڏهن ڪئوشي پائو وري به دانهون ڪوڪون ڪيون ته
پوڙهي ڌمڪي ڏيئي چيس:”هينئر نه رو. بعد ۾ توکي
روئڻ لاءِ گهڻو وقت ملي پوندو. هلي آ!“
ڪئوشي پائو جي رڙين تي ڪو به ڌيان نه ڏيئي پوڙهو
کيس زوري گهلڻ لڳو. ڪئوشي پائو سندس دستوري اٽڪل
کان ڪم وٺندي پٽ تي ليٿڙڻ لڳو. مگر هن دفعي اها
اٽڪل به ڪم نه آيس. پوڙهي ڪئوشي پائو کي سندس
پٺيءَ واري ڪانچ جي گهر ۾ کڻي وڌو ۽ پاڻ به ان ۾
اندر گهڙي آيو ۽ دروازي کي ٽوپي ڏيئي بند ڪري
ڇڏيائين. اهڙي ريت دروازي بند ڪرڻ کان پوءِ، مرڪي
ڪئوشي پائو کي چوڻ لڳو.”چپ ڪر! اسان هاڻ ڄاڻ ته
پهچڻ وارا آهيون.“
”آه!منهنجو ننڍڙو دٻو ۽ ڪوڏر...منهنجي ڏاڏي! آءٌ
هن کي ٻڌائيندس... هي توکي ماري خون ڪندي....“
پوڙهي ناڪاري ڪنڌ لوڏيندي چيو: ” مون کي هن جو ڊپ
ناهي. تنهنجي ڏاڏيءَ جو مون تي ڪو به زور هلي نه
سگهندو. تنهنجي ڪوڏر ۽ دٻو وڃائجي ويا، پر ان جو
ڇا؟ اسين توکي نوان رانديڪا ڏينداسون جن سان توکي
جيترو کپي اوترو پيو کيڏج.“
ڪئوشي پائو محسوس ڪيو ته ڪانچ وارو گهر هلي رهيو
هو. نيم شفاف ڀتين مان هن کي ڏسڻ ۾ آيو ته چؤڌاري
ڪارو ۽ نيرو پاڻي هو ۽ هڪ وڏي مڇيءَ جي پيٽ سان
گهر چهٽيل هو. مڇي نهايت تيزرفتاريءِ سان تري رهي
هئي. ڪئوشي پائو وڏي عجب ۾ پئجي ويو ته هي سڀڪجهه
ڇا هو؟ هينئر هن رڙيون بند ڪري ڇڏيون هيون، ڇاڪاڻ
ته هن کي اهڙيون ته عجيب ۽ مزيدار شيون ڏسڻ ۾ پي
آيون جو کيس رڙيون ڪرڻ به وسري ويون. تمام ڊگهي
مفاصلي طي ڪرڻ بعد مڇي هڪ ڳاڙهي مرجان واري ٽڪريءَ
وٽ بيهي رهي.”هاڻي اچي پهتاسين“، ائين چئي پوڙهو
ڪانچ واري گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ ڪئوشي پائو کي پاڻ
سان وٺي هلڻ لڳو. ڪئوشي پائو ڏٺو ته هو حيرت انگيز
جاءِ وٽ اچي پهتا هئا. پاڻيءَ جو ڦڙو به نه هو. هر
هنڌ وڻ ۽ گل تمام گهاٽا ۽ سرسبز هئا. هن کي ڪانچ
جا عاليشان هال ڏسڻ ۾ آيا. جن ڏانهن اشارو ڪندي
پوڙهي چيو ته”ڏس! اسين بلوري محلات وٽ اچي پهتا
آهيون. بادشاهه اسان جي لاءِ اندر ترسيو ويٺو آهي.
هل ته بادشاهه سلامت سان ملاقات ڪريون.“
ڪئوشي پائو پوڙهي سان گڏجي محلات اندر ويو. هن
عجيب ۽ اڻ ڄاتل ماحول ۾ ڊپ محسوس ڪرڻ کان سواءِ
رهي نه سگهيو. هن جي دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري رهي
هئي. بادشاهه هڪ بلوري تخت تي ويٺو هو. هن جي
ڏاڙهي ماس وارن سڳن جي هئي: جن تي چمڪندڙ ۽
چيڙهالو مصالحو لڳل هو. هن جو وات هڪ وڏي مڇيءَ جي
وات وانگر ڀيانڪ هو ۽ اهڙي نموني کليل هو ڄڻڪ ڪا
شيءِ ڳڙڪائڻي اٿس. ڪئوشي پائو جو لڙڪن ڀريل چهرو
ڏسي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پوڙهي کان پڇيائين:
”ڇا هي اهوئي ٻار آهي جيڪو دنيا ۾ اول درجي جو
دوئندڙ ۽ ڊڄڻو آهي؟“
”هائو سائين! آءٌ هن کي ڳولهي ڦولهي حضور جن لاءِ
وٺي آيو آهيان.“
”تمام سٺو، هاڻي تون وڃين سگهين ٿو.“ تنهن بعد
ڪئوسي پائو ڏانهن مڙندي بادشاهه چيو، ”اي روئندڙ
ٻار! هيڏانهن اچ ته اسين توکي چڱي طرح ڏسي سگهون.“
ڪئوشي پائو اصل انچ به نه پيو چري ۽ سڏڪا ڀريندي
چوڻ لڳو: ”آءٌ... روئندڙ
ٻار.......ناهيان......آءٌ.......گهر.......وڃڻ
چاهيان ٿو.......آ......آ..“
بادشاهه هن ڏانهن گهورڻ لڳو: ”ته! تون گهر وڃي نٿو
سگهين. ٽيون ڏينهن منهنجو سڀ کان ننڍو ٻار مڇي
مارڻ واري ٻيڙي ڳڙڪائي ويو. مگر ٻيڙيءَ جي سڙهه جو
کوهو نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر اهو کوهو ته
ڪڍي ڇڏيو آهي، مگر نڙي اڃا سڄيل اٿس. ڊاڪٽر جو چوڻ
آهي ته اهو ڦٽ تيستائين نه ڇٽندو جيستائين ان کي
دنيا ۾ سڀ کان روئندڙ ۽ ڊڄندڙ ٻار جي لڙڪن سان
ڀريل پيالي مان نه ڌوتو ويندو. اسان تو بابت ٻڌو
آهي ۽ توکي ڏسي اسين ڏاڍو خوش ٿيا آهيون. هاڻي
مهرباني ڪري جيتري قدر ٿي سگهي اوتريقدر رو.“
هڪ وڏي وات ۽ اڇي رنگ وارو ڊاڪٽر ويجهو اچي ڪئوشي
پائو کي چتائي ڏسڻ لڳو ۽ هن جي سڄيل ۽ ڳاڙهين اکين
ڏانهن خاص توجه ڏيندي مرڪيو ۽ چوڻ لڳو: پڪ هي
ڇوڪرو روئندڙ آهي، مگر تڪڙ نه ڪريو. ترسو ته هن
جي لڙڪن گڏ ڪرڻ واسطي پيالو کڻي اچان. فقط اهي لڙڪ
ڪمائتا ٿيندا جيڪي اکين مان سڌو پيالي ۾ ڪرندا.
جيڪڏهن نڪ مان وسي آيا ته پوءِ بيڪار ٿي پوندا.“
پوءِ ڊاڪٽر تڪڙو تڪڙو پيالي کڻڻ ويو. ڪئوشي پائو
وڏي فڪرمنديءَ سان چيو:”مون کي رڙيون ڪرڻ نٿيون
اچن. توهان خود ڇو نٿا رڙيون ڪريو.“
بادشاهه سندس چيڙهالي ڏاڙهيءَ تان هٿ ڦيرائيندي
چيو:”نه! اسان پاڻِيءَ جي مخلوق کي روئڻ اصل ڪونه
اچي. اسين ان وقت به لڙڪ نه ڳاڙهيندا آهيون جڏهن
مڇي ڦاسائيندڙ ماڻهو اسان کي ڪنڍيون ٽپيندا آهن.
جنهن مهل اسين ڪنهن دشمن کي سامهون ٿيندا آهيون ته
پوءِ يا ته ان کي ماري وجهندا آهيون يا اسين خود
ختم ٿي ويندا آهيون. باقي رڙين بابت اسان کي ڪا به
خبر ناهي ته ڪيئن ڪبيون آهن. اسين رڙيون ڪرڻ سکيا
ئي ڪين آهيون.“
”نه وري مون کي به رڙين بابت ڪا ڄاڻ آهي.
آ.....آءٌ گهر وڃڻ ٿو چاهيان ....امان!
آ......آ.....“ لڙڪن کيس ڪوڙو ثابت ڪري وڌو.
ڊاڪٽر اڃا واپس ڪونه آيو هو ۽ بادشاهه بيصبر ٿيڻ
لڳو ته ڊاڪٽر ڇو دير ڪئي هئي. ساڳئي وقت ڪئوشي
پائو کي دلاسا ڏيندي چيائين:”مهرباني ڪري منٽ کن
لاءِ ترس جيسين ڊاڪٽر پيالو کڻي اچي، پوءِ تون ڀلي
پيو روئج.“
”امان.....آ.....آ..... ڏاڏي .....آ.....“ ڪئوشي
پائو سڏڪا ڀري چوڻ لڳو.
ڊاڪٽر به پيالي سميت اچي پهتو ۽ سامونڊي مخلوق کي
هدايت ڪيائين ته ڪئوشي پائو جا هٿ پير ٻڌي کيس
اونڌو ڪري شهتير ۾ ٽنگيو وڃي. تنهن بعد هن پيالي ۾
ڌاڳا ٻڌي ڪئوشي پائو جي ڪنڌ وٽان اهڙي ريت لٽڪائي
ڇڏيو جو سندس لڙڪ اکين مان سڌو اچي پيالي ۾ ڪرن.
ڪئوشي پائو ايڏيون ته دانهون ڪوڪون وٺي ڪيون ڄڻڪ
کيس خون ڪيو پئي ويو. بلوري محلات ۾ جيڪي به موجود
هئا سي سمورا رڙيون ٻڌڻ آيا. بادشاهه به سندس ٻار
کي گهرائي ورتو جيئن اچي ڏسي ته رڙيون ڪيئن ڪبيون
آهن. ٻار جي چمڙيءَ جو رنگ ڪارو ۽ وات وڏو هو سو
پيءَ جهڙو پئي لڳو. هو ڪئوشي پائو جو تماشو ڏسي
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ تاڙيون وڄائي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. هن کي
رڙين بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي، ڇا ڪاڻ ته نڪو اڳي
ڪنهن کي رڙيون ڪندي ڏٺو هئائين ۽ نه وري ڪڏهن پاڻ
به رنو هو. هينئر رڙيون ٻڌي کيس ڏاڍو مزو پئي آيو.
ڪئوشي پائو جا لڱ ساڻا ٿي پيا هئا. پٺيءَ ۽ مٿي ۾
سخت سور ٿي پيو هوس مگر روئڻ کان بس نٿي ڪيائين.
هاڻي لڙڪن ڪرڻ ۾ گهٽتائي اچي ويئي هئي ۽ اکيون سڄي
اکروٽن جيڏيون ٿي پييون هيس. سامونڊي مخلوق تاڙيون
وڄائي هن جي همت افزائي ڪرڻ لڳا.” شاباس ڪئوشي
پائو! رو! تمام گهڻو رو!! توکي به پيالا لڙڪن سان
ڀرڻا آهن.“
ڪئوشي پائو روئندو رهيو، ڇا ڪاڻ ته روئڻ کان سواءِ
ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگهيو. جيستائين هن جي لڙڪن مان
ٻه پيالا نه ڀريا تيستائين کيس هرگز نه ڇڏيو
ويندو. مگر سوال هو ته هن جا لڙڪ ڪيئن تڪڙا ٿي وهن
جيئن هن جي جند جلدي ڇٽي سگهي. پوءِ هو حافظي تي
زور ڏيئي گذريل وقت جا روئاڙيندڙ واقعا ياد ڪرڻ
لڳو ۽ هر واقعي ياد اچڻ تي ڪوشش ڪري نئين سر روئڻ
لڳو. هن ياد ڪيو ته ڪيئن نه هڪ دفعي ٻن ڪيڪن کائڻ
لاءِ رنو هو جڏهن ماڻس فقط هڪ ڪيڪ کائڻ لاءِ ٿي
ڏنس. ٻئي دفعي ٽنگ تي ماڪوڙيءَ سرڻ سبب هانءُ ڦاڙ
دانهون ڪيون هئائين. ٽئين دفعي سندس بال کي هڪ
پاڙيسري ڇوڪري کڻي پاڻيءَ ۾ اڇليو هو جنهن سبب
گهڻو رنو هئائين. چوٿين دفعي لڙڪن جهل نٿي ڏني
جڏهن سندس سئوٽ کيس ڪافر ڪري ڪوٺيو هو. پنجين دفعي
رڙين سان سڄو گهر ٻرائي کنيو هئائين جڏهن ڪرسيءَ
تان ڪرڻ سبب گوڏا ڦٽجي پيا هئس.
جيتوڻيڪ ڪئوشي پائو وس پڄندي گهڻو ئي رنو هو مگر
پيالو لڙڪن سان ڀرجي نه سگهيو. اکيون کولي ڏٺائين
ته پيالو اڃا اڌ کان به گهٽ هو. منجهي پيو ته ڇا
ڪجي. جلدي پشيمان ٿيو ته روئڻ لاءِ ڇو تيار ٿي پيو
هو. اهو فقط انهيءَ ڪري جو هو ڪانئر ۽ روئڻو ڇوڪرو
هو ۽ کيس دٻائڻ هيسائڻ جو هنن راڪاسن کي به وجهه
لڳي ويو هو. جيڪڏهن بهادر هجي ها ته ايترو تڪليف ۾
هرگز نه اچي ها. وڌيڪ روئڻ کان کڻي بس ڪيائين ۽
جيڪي ٿي گذريو هو تنهن تي جيترو ٿي غور ڪيائين
اوترو ٿي ڪاوڙ چڙهيس. هن اکيون بند ڪري ڇڏيون،
جيئن لڙڪ جو هڪ ڦڙو به منجهائن ڳڙي نه سگهي. دانهن
ڪرڻ مان آخر فائدو ئي ڪهڙو ٿيو؟ هن کي ڪا مدد ته
ڪانه ملي ۽ نه وري تڪليفن کي هٽائي سگهيو. روئڻ
مهل هن تي ڪنهن به قياس نه ڪيو. انهيءَ نموني هو
پاڻ کي سمجهائڻ لڳو، اوچتوئي هن ڪڙڪيدار آواز ۾
چيو: ”مون کي هيٺ لاهيو! آءٌ هرگز نه روئندس.“
بادشاهه تعجب ۾ پئجي ويو ۽ ڊاڪٽر کان
پڇيائين:”ڊاڪٽر!معاملو ڪيئن آهي؟ هي چوي ٿو ته هاڻ
نه روئندس. ڇا هو روئندڙ ڪانئر ڇوڪرو آهي يا نه؟“
ڊاڪٽر وراڻيو:” ڪي ساعتون اڳي ته هو بيشڪ ڪانئر ۽
روئندڙ ڇوڪرو هو، مگر هن ۾ تبديلي آيل ٿي ڏسجي.
منهنجي خيال ۾ شايد....“ هو پوءِ بادشاهه جي ڪن ۾
سس پس ڪرڻ لڳو. بادشاهه ڏاڍيان چوڻ لڳو: ”ٺيڪ آهي.
جيئن ته هو روئڻ کان انڪار ٿو ڪري، ته پوءِ هن کي
قتل ڪيو وڃي.“
بادشاهه جو نوڪر هڪ اگهاڙي چمڪندڙ تلوار کڻي ويجهو
آيو.
ڪئوشي پائو جن رسن جي وسيلي مٿي شهتير ۾ ٽنگيل هو
تن مان آزاد ٿيڻ لاءِ پاڻ کي خوب جهنجهوڙڻ لڳو ۽
ساڳئي وقت اهو پڻ محڪم ارادي سان چئي رهيو هو ته
”جيڪڏهن توهان جي مرضي آهي ته پوءِ مون کي ڀلي
ماري ڇڏيو، مگر آءٌ هاڻي هرگز نه روئندس.“
پاڻ ڇڏائڻ جي جدوجهد ۾ ڪنن وٽان ٽنگيل لڙڪن وارو
پيالو ڪري پرزا پرزا ٿي ويو ۽ منجهس گڏ ٿيل لڙڪن
جو پاڻي فرش تي هارجي ويو.
حيرت وچان بادشاهه جو وات ڦاٽي ويو ۽ چوڻ
لڳو:”غلطي ٿي ويئي. هي ڇوڪرو ڊڄڻو ناهي. ماڳهين
ڌمڪين جو به هن تي ڪو اثر نٿو ٿئي.“
پوڙهو اٿي بيهي چوڻ لڳو:”هي ڇا ٿي ويو؟ جڏهن مون
هن کي پهريائين ڏٺو هو ته هو بيشڪ هڪ روئندڙ ٻار
هو. ڪا ساعت اڳي پڻ ڏاڍو روئي رهيو هو. خبر نٿي
پوي ته اوچتوئي اوچتو هن جو رخ ڪيئن بدلجي ويو”
هيءَ ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي!“
ڪئوشي پائو بلند آواز ۾ چئي رهيو هو:”مون کي هن
شهتير مان ڇوڙيو! جلدي ڪريو! نه ته آءٌ سڄي گهر کي
ڌوڻي اوهان جي مٿان ڪيرائي وجهندس.!
بادشاهه ڦاٽل اکين سان گهورڻ لڳو. سندس پٽ جو وات
پڻ ڦاٽي ويو هو. ڊاڪٽر، پوڙهو ۽ سمنڊ جي ٻيءَ
مخلوق جي مرلي بند ٿي ويئي. ٿوري دير بعد بادشاهه
هڪ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو”ڇوڪري کي شهتير مان ڇوڙي
ڇڏيو. پوڙها! تو غلط ڇوڪرو هٿ ڪيو هو. مون کي اهڙو
ڇوڪرو گهرجي جيڪو دنيا ۾ اول درجي جو ڊڄندڙ هجي ۽
هر وقت روئڻ لاءِ تيار هجي. مگر تون ته هڪ بهادر
ڇوڪرو کڻي آيو آهين. هن وٽ ايترا لڙڪ ئي ناهن جن
مان پيالو ڀري سگهجي ۽ هن جي لڙڪن مان منهنجي ٻار
جو ڦٽ به نه ڇٽندو.“
هنن پوءِ ڪئوشي پائو کي ڇوڙي آزاد ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ هن جي سنڌ سنڌ ۾ سور هو، مگر هن ڪابه لکا
نه ڏني. هن بادشاهه ڏانهن منهن ڪري ڪاوڙ مان
چيو،”مون کي جلدي گهر پهچايو نه ته آءٌ تنهنجي
ڏاڙهي پٽي ڇڏيندس!“
بادشاهه غم ۾ ڪنڌ لوڏيندي پوڙهي کي هدايت ڪئي:”هن
ڇوڪري کي جلدي کڻي وڃي واپس ڇڏي اچ. هي اسان جي
ڪنهن به ڪم جو ناهي.“
حڪم جي تعميل ڪندي پوڙهي ڪئوشي پائو کي ڌڪي ڪانچ
واري گهر ۾ وڌو ۽ پوءِ اهو هڪڙي وڏي مڇي جي پيٽ
سان چهٽايو ويو. مڇي تري اچي سمنڊ جي ڪناري تي
پهتي، جتي ڪئوشي پائو کي ڪانچ واري گهر مان ٻاهر
ڪڍيو ويو. اوچتي ٿاٻي کائڻ تي سجاڳ ٿي ڏٺائين ته
کڏ ۾ پيو هو.
کڏ جي ميرانجهڙي پاڻيءَ ۾ نانگ جهڙو پيلو جانور
اڃا تائين چري ڦري رهيو هو. ڪئوشي پائو نمي اهو
جانور مٿي کنيو. ان مهل هن جو سئوٽ ۽ ٻيا ٻار هن
ڏانهن ڊوڙندا پئي آيا. هنن رڙ ڪري چيو:”او ننڍڙا
ڪانئر! جلد ڀڄي وڃ! اجهو وير ٿي اچيئي.“
هن وراڻيو:”آءٌ ڇو ڀڄان؟ آءٌ به توهان وانگر تکو
ڊوڙي سگهان ٿو. ته پوءِ مون کي وري ڇو ٻوڙيندي؟“
هن جي اهڙي جواب مان سندس سئوٽ جا طاق لڳي ويا
ڇاڪاڻ ته اهو پهريون دفعو هو، جو اهڙا دليريءَ
وارا لفظ ڪئوشي پائو جي وات مان نڪتا هئا.
•سنڌيڪار: اقبال بلوچ
(عربي ڪهاڻي)
رومال
ذڪيه هڪ پياري ۽ هوشيار نوجوان عربي ڇوڪري هئي،
جيڪا پنهنجي پيءُ سان گڏ رهندي هئي ۽ سندس پيءُ
موراڪو حڪومت جو وڏو وزير هو. جيتوڻيڪ هوءَ فقط
ارڙهن سالن جي عمر جي هئي تڏهن به پيءُ جي وڏي
صلاحڪار هوندي هئي ۽ جڏهين سندس پيءُ ڪو ڪم ڪندو
هو تڏهن اڳ ۾ اچي پنهنجي ڌيءَ کان صلاح وٺندو هو،
هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو موراڪو جي سلطان ذڪيه سان شادي
ڪرڻ جي لاءِ سڱ جي گهر ڪئي. وزير خيال ڪيو ته
ذڪيه، سلطان جي حرم ۾ وڃي ڏاڍي خوش ۽ سکي رهندي،
مگر جڏهن وزير پنهنجي گهر اچي اها ڳالهه ڪئي تڏهن
ذڪيه صفا انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ”مان اهڙي ماڻهوءَ
سان شادي ڪرڻ نٿي چاهيان جنهن سان منهنجو پيار نه
هجي، مان سلطان کي پيار اصل نٿي ڪريان مون کان هن
ماڻهو لاءِ هميشه انڪاري جواب ملندو“.”پر ذڪيه
خيال ته ڪر، ڪو به ماڻهو سلطان کان ڪيئن انڪاري
ڪري سگهي ٿو! جڏهن مون کي هن باري ۾ خيال اچي ٿو
ته ڏڪڻي وٺيو ٿي وڃي. جيڪڏهن تون سلطان سان شادي
ڪرڻ کان انڪار ڪندينءَ ته منهنجو ڇا ٿيندو؟ انڪار
نه ڪر ذڪيه، نه ته مان چريو ٿي ويندس، تنهنجو پيءُ
توکي عرض ٿو ڪري ته تون سلطان سان شادي ڪر.“ ۽
آخرڪار وزير جي گهڻي ليلائڻ تي ذڪيه نرم ٿي ۽
چيائين ته”ها“ شادي ڪنديس، پر هڪڙي شرط تي ته
سلطان ڪو به هنر سکيل هجي. مان هن سان شادي ڪنديس
جيڪڏهن هو ائين ڪندو. خدا خير ڪري، پر جيڪڏهن
سلطان کان هڪ ڏينهن اهو تاج ۽ تخت کسجي وڃي، ته
پوءِ اسان ڇا ڪنداسين. پائي پائي لاءِ پيا
سڪنداسين. ۽ بک ۾ بي موت مري وينداسين.“ ذڪيه جو
پيءُ اهو ٻڌي ڏڪي ويو ته جيڪڏهن مان اها خبر وڃي
سلطان کي ٻڌائيندس ته سلطان کي ڪيڏي نه مٺيان
لڳندي. پر سلطان کي به ته جواب ڏيڻو آهي. آخرڪار
سوچيندي ۽ ڏڪندي اچي سلطان جي اڳيان بيٺو ۽ سلطان
جي پڇڻ تي پنهنجي ڌيءُ جو سربستو حال ٻڌايائينس ۽
خيال به بيٺي پچايائين ته ڄاڻ ٿو سلطان ڏمرجي. پر
جڏهن ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺائين ته سلطان جي منهن ۾ ڪو به
گهنج ڪونه هو مگر چپن ۾ مشڪي رهيو هو ۽ جڏهن اهو
ڏٺائين تڏهن ڳوڙهي اچرج ۾ پئجي ويو ته سلطان ڏمرجڻ
بدران مشڪي رهيو آهي.اڃا اهو سوچي رهيو هو ته
سلطان چيو”تنهنجي ڌيءُ خوبصورت هئڻ سان گڏ قابل ۽
چالاڪ به آهي. ۽ مان ڏاڍو خوش آهيان جو منهنجي
شادي اهڙي قابل عورت سان ٿيندي ۽ اسان جي زندگي
ڏاڍي مزي سان گذرندي.“
وزير اهو جواب ٻڌي ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي. سلطان اهو
به فرمان جاري ڪرايو ته جيڪي به هنر آهن سي منهنجي
اڳيان پيش ڪيا وڃن ۽ هر هڪ هنر جون خاصيتون ٻڌايون
وڃن. تڏهن حڪم ڏنو ته مان ڪوري ٿيندس ۽ پياري ذڪيه
سان شادي ڪندس.“
سلطان صبح جو سويل اٿندو هو ۽ اڳ ۾ نماز پڙهي پوءِ
وڃي بادشاهي ڪمن کي لڳندو هو. جڏهن ڪمن ڪارين کان
واندو ٿيندو هو تڏهن سڌوئي اُڻڻ واري ڪوٺيءَ ۾
هليو ويندو هو، جتي آڏاڻو ۽ نڙا سلطان جي انتظار ۾
هوندا هئا ته ڪڏهن ٿو سلطان اچي. ڪڏهن ڪڏهن سلطان
کاڌو به اُڻڻ واري ڪوٺيءَ ۾ کائندو هو ۽ سڄو وقت
ويٺو اُڻڻ جو ڪم سکندو هو ته هڪ خوبصورت ۽ نازڪ
ڇوڪريءَ سان منهنجي شادي ٿيندي!
وقت گذرندي به ويرم ئي نٿي لڳي. سلطان خوشي ۽ شوق
۾ ڏينهن ئي ٿورا لڳايا پورو ۽ پڪو ڪوري ٿي ويو ۽
جهڙي به نموني جو ڊيزائن چاهيندو هو سو ٺاهي ويندو
هو. سلطان سوچيو ته مان پنهنجي ڪنوار ڏي ڪا سوکڙي
موڪليان. نيٺ دل ۾ سوچي هڪ خوبصورت ۽ نفيس رومال
ٺاهڻ لڳو. جنهن جي وچ تي گلابي گل ۽ چوڌاري جهنگل
هو ۽ ان ۾ وڻن ٽڻن کان سواءِ هڪ شينهن به ڏيکاريل
هو.
”هيءَ کڻي وڃ ۽ وڃي وڏي وزير جي ڌيءَ ذڪيه کي ڏي.“
سلطان غلام کي حڪم ڏنو،”۽ وڃي چوينس ته سلطان جي
طرفان هيءَ سوکڙي عرض رکان ٿو ۽ انشاالله اسان جي
شادي هن مهيني اندر ٿي ويندي“. جڏهن ذڪيه سلطان جي
طرفان موڪليل سوکڙي کولي ڏٺي ته ان ۾ هڪ خوبصورت
رومال پيو هو جيڪو سلطان جي محبت جي ثابتي ڏيئي
رهيو هو. جيتوڻيڪ ذڪيه کي سلطان سان محبت ڪانه هئي
تڏهن به هوءَ پنهنجي وعدي تي پڪي هئي.
سلطان شاديءَ تي پاڙيسري دوست ملڪن کي به ڪوٺ ڪئي
هئي ۽ ان سان گڏ عام اعلان به ڪرايو ته ڪنهن جي به
گهر ۾ ڏهن ڏينهن لاءِ ماني تيار نه ڪئي وڃي. هر ڪو
عام خاص بادشاهي کاڌي مان ماني کائي وڃي. آخرڪار
شادي ڏاڍي ڌام ڌوم ۽ خوشيءَ سان ٿي گذري ۽ سلطان
ڏاڍو خوش ٿيو ته هن هڪ خوبصورت عورت سان شادي ڪئي
آهي ۽ ٻي طرف ذڪيه به خوش هئي جو هوءَ هاڻي سڄي
ملڪ جي راڻي هئي. سلطان ڪنهن فيصلي ۾ جيڪڏهن منجهي
پوندو هو ته اچي راڻيءَ سان صلاح مشورو ڪندو هو.
هڪڙو ڏينهن اهڙو به ٿيو هو جو سلطان ڏاڍو غمگين
ڏسڻ ۾ آيو ۽ انهيءَ غم ۾ پنهنجي زال کان صلاح وٺڻ
آيو ۽ پڇائين ته”ملڪ جي غريب ماڻهن جي حالت جي مون
کي ڪيئن خبر پوي؟“ ۽ وري پڇيائين ته” هو جيڪي سوچي
رهيا آهن انهن جي مون کي ڪيئن خبر پوي؟ مان هنن
جون مشڪلاتون ۽ گهرجون ڪهڙي نموني ۾ پوريون ڪري
سگهان ٿو؟“
راڻي ڪجهه وقت سوچي سمجهي ۽ هر هڪ اکر کي پروڙي
نهايت مٺي آواز ۾ جواب ڏنو ته” منهنجا سرتاج،
سالڪن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو چاهي ٿو ته
مان ڪنهن ٻي ماڻهوءَ جو ڄاڻو ٿيان ته هو وڃي ان
ماڻهو سان گڏ رهي ۽ هن جي عادتن ۽ خيالن کي پروڙي
۽ ڏسي. مان سمجهان ٿي ته جيڪڏهن توهان غريبن جي
حالت کي ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته توهان وڃي انهن سان گڏ
رهو، ۽ توهان ڇو نٿا ويس بدلائي غريب سان ملو ۽
انهيءَ حالت ۾ توهان کي وڌيڪ خبر پوندي ته ملڪ ۾
ڇا ٿو وهي واپري.“
پنهنجي پياري زال جي هيءَ صلاح سلطان کي ڏاڍي پسند
آئي ۽ چيائين ته اڳئين هفتي کان وٺي مان پنهنجو
فرض پورو ڪندس ۽ سچ پچ سلطان پنهنجو فرض پورو ڪيو.
سلطان پاڻ سان گڏ ٻه ماڻهو کنيا، جن مان هڪڙو هو
وزير ۽ ٻيو ديوان يعني ناظم. ٽيئي ڄڻا رات جو توڙي
ڏينهن جو ويس بدلائي موراڪو شهر جي هر هڪ گهٽيءَ
مان گهمندا رهندا هئا. ۽ جيڪي ماڻهو ڏکويل هوندا
هئا انهن کي ايندڙ ڏينهن تي گهرائي سلطان انهن جون
گهرجون پوريون ڪري ڇڏيندو هو. هڪڙي رات ائين گهمي
رهيا هئا ته ڏاڍي بک محسوس ٿين ۽ ٿڪجي به پيا هئا.
وزير بادشاهه کي عرض ڪيو ته ”آقا، ڪاوڙ معاف ڪجو،
محلات ڏانهن واپس موٽي هلون جو بک زور تي لڳي
آهي.“ سلطان جواب ڏنو ته”منهنجا دوستو، هن مهل
اسان واپس موٽي ڪونه هلنداسين ڇو جو اسان جو اڃا
فرض رهيو پيو آهي. جيڪڏهن توهان کي اهڙي بک لڳي
آهي ته هلون ٿا ڪنهن مسافرخاني ڏانهن جتي اسان کي
رهندڙ مسافرن کي پنهنجي ملڪ جي هلت چلت جي به خبر
چار پوندي ۽ ماني به کائنداسي.“
”هيءَ ته تمام سهڻي جڳهه ڏسڻ ۾ ٿي اچي،“ اندر گهڙڻ
شرط کاڌن جي مٺي خوشبوءِ مون کي به بک ڏيئي
ڇڏيندي.“ جڏهن ٽيئي ڄڻا اندر در مان گهڙڻ لڳا،
تڏهن ائين محسوس ڪيائون ته زمين هيٺان کسڪي رهي
آهي، پر اڃا سوچ ڪن ته ڌُو وڃي هڪڙي اونداهي
ڪوٺيءَ ۾ ڪيائون.
”مون کي عجب آهي ته هينئر اسان ڪٿي آهيون، اونداهه
۾ ڌپو به ڪونه ٿو پوي ته اسان سان اهڙي ويڌن ڪنهن
ڪئي آهي؟“ وزير چيو.
سلطان جواب ڏنو ته” اسين هڪ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ اچي
پيا آهيون. مون کي ته پڪ آهي ته اسان هنن ميرن
ڪپڙن ۾ سڃاڻجي ڪونه سگهنداسين ۽ جيڪڏهن سڃاتو به
اٿن ته اسان کي نقصان پهچائڻ وارو ڪير آهي؟“ مگر
سلطان جي سوال جو جواب ڪنهن به نه ڏنو ۽ سانت ۾
رهيا. اوچتو هڪ خوفناڪ ٽهڪ ٿيو:”ها ها ها.....“ ۽
اچتو موم بتي ظاهر ٿي. موم بتي جي پٺيون هڪ ڪارو ۽
گهنجيل پراسرار چهرو ڏسڻ ۾ آيو. اجنبي ماڻهوءَ وڏي
۽ خوفناڪ آواز ۾ چيوته” هاڻي توهان ويهي پنهنجن
ڪرمن کي پٽيو جيڪي هت توهان کي وٺي آيا آهن. ٽن
ڏينهن کان پوءِ توهان کي ڪُٺو ويندو ۽ توهان جو
مزيدار گوشت هن مسافرخاني لاءِ رڌبو. جنهن لاءِ
ڪيترائي ماڻهو تعريفون ڪندا آهن ته جيڪڏهن ماني
کائڻي اٿو ته فلاڻي مسافرخاني ۾ وڃي کائو ۽ توهان
کي خبر هئڻ گهرجي ته جيڪو پئسو سلطان کان
مسافرخاني کي ملندو آهي سو توهان جهڙن بيوقوفن کي
ڪهائي ۽ رڌائي پچايو ويندو آهي.“
”اسان تي رحم ڪر، اي اجنبي،“ ناظم رڙ ڪري
چيو.”اسين ته هت ماني کائڻ آيا هئاسين جو اسان کي
ڏاڍي بک لڳي هئي. مهرباني ڪري اسان کي ماني ته
کاراءِ.“
خوفناڪ ماڻهوءَ اڳئين کان به وڌيڪ ٽهڪ ڏيئي چيوته
”ضرور.جيڪڏهن توهان صاحبن جي خدمت نه ڪبي ته ٻيو
ڪنهن جي ڪبي.“ ائين چئي دري بند ڪري هليو ويو ۽
وري ساڳي اونده ٿي ويئي. اهڙي اونده جو هٿ نه ڏسي
هٿ کي.
”هاڻي وري جڏهن موٽي اچي ته هن کي ٻڌايون ته اسين
ڪير آهيون. وزير پنهنجو خيال ظاهر ڪيو.” ۽ جڏهن
اسان کي ٻاهر ڪڍي تڏهن قيد ڪري هن نيچ ڪم کان
توبهه ڪرائجيس يا ڦاسي ڏيئي ڇڏجيس ته جيئن ٻيا به
هن مان عبرت وٺن.“
”وزير، تو ڪيڏي نه بيوقوفيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي.“
سلطان جواب ڏنو.
”جيڪڏهن هنن کي خبر پئي ته مان سلطان آهيان ته
بنان دير جي مارائي ڇڏيندا.“
”توهان ٺيڪ ٿا فرمايو منهنجا آقا،“ ناظم قبول ڪيو.
”جيڪڏهين هنن کي خبر پئي ته سچ پچ اسان کي مارائڻ
۾ دير نه ڪندا پر وري به اسان کي ڪجهه نه ڪجهه
سوچڻ گهرجي.“
ٽيئي ڄڻا ويهي سوچڻ لڳا ته هينئر ڇا ڪجي. ڪا اهڙي
اٽڪل ڪرڻ گهرجي جو هن بند مان آزادي ملي. آخرڪار
سلطان چيو ته ”هرڪو وڃي پنهنجي پنهنجي منهن سوچي“.
اڃا تائين ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته دريءَ جي کلڻ
جو آواز ٿيو ۽ اهو ساڳيو ماڻهو اڳئين وانگي ٽهڪ
ڏيئي ڳوري آواز ۾ چيو ته”اسان پاڻ ۾ صلاح ڪئي آهي
ته توهان کي کاڌو نه ڏنو وڃي، ڇا ڪاڻ ته توهان اڳ
۾ ئي ٿلها متارا آهيو ۽ توهان کي کاڌو نه ڏيئي
ڪمزور ڪيو وڃي. جيئن سولائيءَ سان جلاد توهان کي
ختم ڪري سگهي.“ جڏهن هنن اهو ٻڌو تڏهن ڏڪي ويا.
آخر سلطان دل جهلي پيار مان چيو ته ” منهنجا شريف
آقا، اسان کي هاڻي بچڻ جي اميد ته بلڪل ڪانه آهي ۽
اسان جو موت توهان جي مرضيءَ تي آهي. اسان مرڻ کان
اڳ هڪڙي تجويز رٿي آهي، جيڪا توهان جا کيسا رپين
سان ڀري ڇڏيندي.“ ماڻهو ڪجهه وقت سوچي منهن کي
وڌيڪ ڀوائتو ڪري پڇيو ته” اهڙي وري ڀلا ڪهڙي رٿ
آهي.؟ چڱو پنهنجي ڳالهه جاري رک.“
”مان ڪوري آهيان،“ سلطان هن کي ٻڌايو.” منهنجو
نالو سلطان جي محل ۾ عرت سان ورتو ويندو آهي. مان
اڄ تائين الائي ڪيتريون ئي شيون محلات ۾ ڏيئي چڪو
آهيان، تون به مون کي اُن ۽ آڏاڻو وٺي آڻي ڏي ته
مرڻ کان اڳ ۾ ٻه يا ٽي شيون ٺاهي ڏيان.“ ماڻهو
سلطان جي اها صلاح ٻڌي انهيءَ وقت هڪ آڏاڻو ۽ سٽ
گهرائي ورتو. سلطان آڏاڻو وٺي انهيءَ وقت ڪم کي
لڳي ويو ۽ انهيءَ جهڙو ساڳيو رومال ٺاهڻ لڳو جهڙو
اڳ ۾ پنهنجي پياري زال ذڪيه کي سوکڙيءَ طور ڏئي
چڪو هو. سلطان اڌ رات ڌاري رومال ٺاهي ورتو ۽
ماڻهوءَ کي سڏي چيائين ته ”هي محلات ۾ سلطان جي
راڻي ذڪيه وٽ کڻي وڃ. انشاءالله توکان ڳري بها ۾
وٺي توکي خوش ڪندي.“ جڏهن ماڻهوءَ اهو ٻڌو تڏهن
پئسن جي لالچ ۾ انهيءَ وقت محلات ڏانهن هليو.
محلات ۾ روڄ راڙو لڳو پيو هو جو سلطان ڪالهه رات
کان وٺي گم هو ۽ اڃا تائين ڪونه موٽيو هو.
اهو ماڻهو جڏهن در تي پهتو تڏهن ڏٺائين ته چوڪيدار
بيٺو آهي، مگر خاموش. هن وڌي وڃي چيس ته” راڻي
صاحبه کي اطلاع ڏي ته هڪڙي ماڻهو توهان لاءِ سوکڙي
آندي آهي. ۽ توهان جي حضور ۾ پيش ٿيڻ ٿو گهري.“
”هتي سلطان جي گم ٿيڻ ڪري راڻيءَ کي غم لڳو پيو
آهي، وري تون آيو آهين سوکڙي ڏيڻ، دربان بيدليو
ڪاوڙ مان جواب ڏنو. ماڻهوءَ خيال ڪيو ته لالچ کان
سواءِ ڪجهه به نه ورندو سو ڪجهه پئسا ڪڍي دربان جي
کيسي ۾ زوريءَ وڌائين، دربان نه نه گهڻي ڪئي مگر
پئسن جي جهنڪار بي ايمانو ڪري وڌس. پوءِ اهو ماڻهو
خوش ٿي سڌو راڻيءَ واري محل ڏانهن ويو جتان لڪندو
لڪندو سڌو راڻيءَ وٽ ويو. ان وقت راڻي پنهنجي مڙس
جي ڏک ۾ روئي رهي هئي. ”منهنجي راڻي،“
ماڻهوءَ عرض ڪيو” مون وٽ هڪ رومال آهي جنهن کي
موراڪو جي هڪ مشهور ڪوريءَ اُڻيو آهي ۽ توهان هن
کي خريد ڪرڻ لاءِ ضرور پسند ڪندو.“ |