جڏهن راڻيءَ رومال ڏٺو تڏهن سمجهي ويئي ته هي
سلطان اّڻيو آهي ۽ نياپو ڪري موڪليو اٿس ته” رومال
تمام خوبصورت اُڻيل آهي.“ راڻيءَ ٻانهيءَ کي حڪم
ڪيو ته هن ماڻهوءَ کي پئسا ڏنا وڃن. جڏهن پئسا وٺي
ٻاهر نڪتو تڏهن راڻيءَ جلدي ۾ ٻه غلام هن جي پٺيان
جاسوسي لاءِ ڇڏي ڏنا. جڏهن ماڻهو مسافرخاني ۾ پهتو
تڏهين سڌو سلطان سان ڳالهائڻ لاءِ دريءَ وٽ آيو. ۽
ٻئي غلام به هن جي پٺ وٺيو پئي آيا سي به مسافرن
جي حيثيت ۾ اندر گهڙي آيا ۽ ڏٺائون ته رومال وارو
ماڻهو هڪڙي هنڌان دريءَ مان ڪنهن سان ڳالهائي رهيو
آهي. هي ٻيئي چپ چپات سان هن جي ڀرسان بيهي ٻڌڻ
لڳا ۽ پنهنجي سلطان جو آواز سڃاڻي ورتائون، تڏهن
وري موٽي اچي راڻيءَ کي سڄي ڳالهه ٻڌايائون.
راڻيءَ سپهه سالار کي حڪم ڏنو ته مسافرخاني کي
چوڌاري گهيرو ڪيو وڃي ۽ توهان مان چند سپاهي اندر
مسافرخاني ۾ گهڙي سلطان کي ڇڏائي اچن. اهو حڪم ٻڌي
سپهه سالار ٿورا سپاهي وٺي اندر گهڙيو ۽ جيڪي به
مسافرخاني ۾ ڪم ڪندڙ هئا، تن کي قيد ڪيو ۽ انهن
کان سلطان جو پتو پڇڻ لڳو. مگر هو انڪار ڪرڻ لڳا.
آخرڪار بدمعاشن مان هڪڙي ٻڌايو ته ٽي ڄڻا واڙيل
آهن مگر سلطان ته هتي ڪونه آهي. سپهه سالار دير نه
ڪندي هن بدمعاش کي چيو ته هلي مون کي ڏيکار. سپهه
سالار جڏهن در وٽ پهتو تڏهن بدمعاش کي در کولڻ
لاءِ چيائين. بدمعاش در کوليو تڏهن سلطان ٻنهي
دوستن سان ٻاهر نڪري آيو. سلطان ۽ راڻي ذڪيه پاڻ ۾
مليا ۽ سلطان سڀني بدمعاشن کي کُلي عام طرح ڦاسي
ڏياري ته جيئن ٻيا به انهن مان سبق وٺن.
پيارو ٻار! اهو اٿو هنر. جيڪڏهن بادشاهه هنر سکيل
نه هجي ها ته سندس سر سلامت نه رهي ها.
•سنڌيڪار : عبدالرزاق شيخ
(جپاني ڪهاڻي)
سمنڊ جي
شهزادي
جاپان ۾ هڪ ڇوڪرو نالي يوراشيما پنهنجي پيءُ ماءُ
سان گڏ رهندو هو. هن جو پيءُ روزانو شام جو ٻيڙيءَ
۾ ويهي مڇيون مارڻ هليو ويندو هو ۽ باک ڦُٽيءَ وقت
گهر موٽندو هو. گهر نيرن ڪري پوءِ سڀ مڇيون کڻي
بازار ۾ وڪڻڻ ويندو هو.
وقت گذرندو ويو ۽ يوراشيما اڄ ننڍو سڀان وڏو، نيٺ
ننڍپڻ جي سرحد ٽپي جوانيءَ ۾ قدم رکيو. هاڻي
يوراشيما پنهنجي دل ۾ پهه پچايو ته اڳتي هو به
پيءُ سان گڏ مڇيون پڪڙڻ ويندو. اهو ارادو ڪري هن
هڪ مضبوط ٻيڙي ٺاهي ۽ جڏهن ٻيڙي تيار ٿي ويئي ته
هو پنهنجي پيءُ ۽ ڳوٺ جي ٻين ماڻهن سان گڏ سمنڊ ۾
مڇيون پڪڙڻ لڳو. هو سڄي رات مڇيون پڪڙيندو هو ۽
جلدئي پنهنجي تر ۾”ماڇي ڇوڪري“ جي نالي سان مشهور
ٿي ويو. هو روزانو سٺيون ۽ عمديون مڇيون پڪڙيندو
ايندو هو.
هڪ ڏينهن صبح جي وقت يوراشيما سمنڊ جي ڪناري تي
اڪيلو گهمي رهيو هو، ته هن جي نظر وڃي هڪ ڪُميءَ
تي پئي. ان ويچاري ڪُمي کي سمنڊ جي بيرحم لهرن آڻي
ڪناري تي ڦٽو ڪيو هو ۽ پٺيءَ ڀر ڪري پئي هئي. هوءَ
بيوسيءَ سان اڳيان پير چوري رهي هئي. يوراشيما
ڏٺو، ته کيس ان تي رحم آيو ۽ ان کي سڌو ڪيو، پر
ڪّمي ان اوچتي مصيبت کان ايتري ته ٿڪل هئي جو هڪ
وِک به نه هلي سگهي. اهو ڏسي يوراشيما ان کي آهستي
پنهنجي هٿن ۾ کنيو ۽ سمنڊ ۾ وڃي ان کي ڦٽو ڪري
آيو.
ان رات يوراشيما روز وانگر سمنڊ ۾ مڇيون پڪڙڻ لاءِ
پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ پئي ويو ۽ هن اڃا ڄار کولي ئي مس
هئي ته کيس ڪجهه آواز ٻُڌڻ ۾ آيا. ماڇي ڇوڪري
پنهنجي ٻيڙيءَ ڏانهن ڏٺو ته اتي هڪ ڪُمي پاڻيءَ ۾
تري رهي هئي.
”ماڇي ڇوڪرا، تو مون کي نه سڃاتو ڇا؟“ ڪُميءَ هن
کي چيو، ”مان اها ئي ساڳي ڪُمي آهيان جنهن تي ترس
ڪري تو ان جي جان بچائي هئي. ايترو حيران ڇو ٿئين؟
مان اصل ۾ سڀني سامونڊي جانورن جي بادشاهه جي ڌيءَ
آهيان.“
”مون کي معاف ڪر،اي مهربان شهزادي، مان توکي سڃاڻي
نه سگهيس“
ائين چئي يوراشيما هن کي نوڙي سلام ڪيو ۽ پڇيو،
”خدا جي واسطي، مون کي ايترو ته ٻڌاءِ ته تو پاڻ
کي ڪُميءَ جي روپ ۾ ڇو تبديل ڪيو آهي؟“
”منهنجو پيءُ منهنجي شادي ٿو ڪرڻ گهري.“ ڪُميءَ
جواب ڏنو.
”پر تو پاڻ کي ڪُمي جي روپ ۾ ڇو مٽايو آهي؟“ ماڇي
ڇوڪري وڌيڪ حيران ٿيندي پڇيو.
”ان لاءِ ته مان جنهن ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ گهران
ٿي، اهو نيڪ، سٺو ۽ مهربان هئڻ گهرجي. تون سمجهي
سگهين ٿو ته جي مان شهزادي جي حيثيت ۾ ان جي ڳولا
ڪيان ها ته هو يقينن مون سان سٺو سلوڪ ڪري ها. مون
ڪُميءَ جو روپ ان ڪري مٽايو آهي جو مان ڏسي سگهان
ته مون سان ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪهڙو سلوڪ آهي، عام
طور تي ماڻهو جانورن سان بيرحميءَ جي هلت ڪن ٿا،
پر نيڪ ماڻهو ئي ڪنهن جانور يا ڪُميءَ سان سٺو لوڪ
ڪري سگهن ٿا.“ شهزاديءَ جواب ڏنو. ”تو مون سان
تمام سٺو سلوڪ ڪيو آهي، ڇو جو توکي اها به خبر ڪين
هئي ته مان ڪير آهيان. هاڻي مان توکي پنهنجي پيءُ
وٽ وٺي وينديس ۽ مان توسان شادي ڪنديس. تون هڪ نيڪ
۽ سٺو انسان آهين.“، شهزاديءَ ٻيهر چيو.
”توهان جي وڏي مهرباني.“
ماڇي ڇوڪري نئڙت مان چيو.
چڱو تون منهنجي پٺيءَ تي ويهه ته مان توکي کڻي
هلان.“ شهزاديءَ ماڇي ڇوڪري کي چيو.
يوراشيما بنا ڪنهن سوچ ۽ سمجهه جي ڪُميءَ تي چڙهي
ويٺو. ڪُمي سمنڊ ۾ ٽٻي هنئي ۽ ترندي سمنڊ جي تري
ڏانهن وڃڻ لڳي. هو چنهبيارين چوٽين جي ڀرسان ۽
سرسبز من موهيندڙ سامونڊي گاهه وٽان لنگهيا ۽ رستي
۾ سوين هزارين رنگا رنگي مڇيون انهن کي نوڙي سلام
پيون ڪن. ڇو جو انهن کي خبر هئي ته شهزادي ڪميءَ
جي روپ ۾ وڃي ٿي پئي.
ٿوري دير ۾ اهي پٿرن جي ٺهيل هڪ شاندار محل جي
سامهون بيٺا هئا. دروازي مان لنگهي هڪ خوبصورت محل
جي اڱڻ ۾ آيا. اڱڻ مان اندر هال ۾ وڃڻ لاءِ دروازن
مان گذرڻو پوندو هو، جن تي ڀوائتي شڪل وارا جانور
پهرو ڏيئي رهيا هئا. انهن جانورن کي ڏسي يوراشيما
پهرين ته ڊڄي ويو، پر جڏهن شهزاديءَ ٻڌايس ته اهي
اسان جي محل جا محافظ آهن، ته مس پيٽ ۾ ساهه پيس.
” چڱو ته تون هتي بيهه، مان شهزادي بنجي ٿي اچان.
ائين چئي.“
ڪُمي هڪ ڪمري ۾ هلي وئي ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ
يوراشيما جي سامهون هڪ من موهيندڙ خوبصورت شڪل
واري شهزادي بيٺي هئي.
يوراشيما ته ڏاڍو حيرن ٿيو. شهزادي پوءِ ان کي
پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ويئي جڏهن هو هڪ بند دروازي تي
پهتا ته شهزادي پنهنجي زبان ۾ ڪجهه چيو ته دروازو
کلي ويو. هاڻ انهن جي سامهون هڪ شاندار هال هو
جنهن ۾ رنگا رنگي پٿر، جانور، مڇيون ۽ خوبصورت
گاهه ۽ غاليچو وڇايل هو، موتين سان سينگاريل اڇي
تخت تي مخمل جو غاليچو وڇايل هو جنهن تي بادشاهه
ويٺو هو.
”اهو اٿئي منهنجو پيءُ، سڀني سامونڊي جانورن جو
بادشاهه !“ شهزاديءَ يوراشيما کي چيو.
”چڱو ته پوءِ هي پهريون ڇوڪرو آهي جو منهنجو ناٺي
ٿيندو“ بادشاهه ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو:
”هائو، بابا! اهو ئي پهريون ۽ آخري نوجوان ڇوڪرو
آهي جنهن سان مان شادي ڪنديس، ڇاڪاڻ ته هي نهايت
شريف ۽ نيڪ ڇوڪرو آهي. هن جو نالو يوراشيما آهي،“
شهزاديءَ پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو.
يوراشيما جو هي ٻڌو ته ان جون ڏندين آڱرين کي چڪ
پائي ڏٺو. ته هو خواب ته ڪين ڏسي رهيو آهي، پر
جڏهن کيس سور محسوس ٿيڻ لڳو ته هن سمجهيو ته هو
واقعي جاڳي رهيو آهي. کيس اعتبار ئي نه پئي آيو ته
هن جي شادي هڪ بادشاهه جي ڌيءَ سان ٿيڻ واري آهي.
جڏهن بادشاهه کي سڄي قصي جي خبر پئي ته هن ڪيئن نه
سندس ڇوڪريءَ جي جان بچائي آهي ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽
خوشيءَ سان ٻنهي کي شاديءَ جي اجازت ڏنائين ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ ڌام ڌوم سان ٻنهي جي شادي ٿي وئي.
انهن خوشين ۾ يوراشيما پنهنجي پيءُ سان ڀيڻ ۽
ڀائرن کي وساري ويٺو هو، ڄڻ ته انهن سان ڪو ناتو
نه هوس. هڪ ڏينهن شهزادي يوراشيما وٽ آئي ۽ چوڻ
لڳي؛
”يوراشيما! اڄ اسان جي شادي کي پورو هڪ سال ٿي
ويو آهي، پر تون پنهنجي خاندان کي بلڪل وساري ويٺو
آهين. ڇا اها سٺي ڳالهه آهي؟ منهنجو خيال آهي ته
وڃي انهن جو حال احوال وٺي اچ.
يوراشيما اها ڳالهه ٻڌي شرم کان ٻڏي ويو ۽ چوڻ
لڳو، ”تون صحيح ٿي چئين، مون کي ائين نه ڪرڻ گهربو
هو، ڇا تون به مون سان هلندين؟ “
”مان تنهنجي پيءَ ماءَ سان ملي نٿي سگهان، “
شهزادي افسوس وچان چيو، ”باقي مان وري ڪُمي ٿي
توکي سمنڊ جي ڪناري تي پهچائينديس.“
ائين چئي شهزادي هڪ ڪٻٽ وٽ وئي ۽ ان مان هڪ قيمتي
۽ خوبصورت دٻو ڪڍيو جنهن تي سوني پاڻيءَ سان پالش
ٿيل هئي. وڃ دٻي کي رومال ۾ ويڙهيندي، شهزاديءَ
چيو، ”هن دٻي کي کڻي وڃ، پر هڪ ڳالهه جو خيال
رکجانءِ ان کي کولي نه ڏسجانءِ.“
”هن دٻي جو ڪهڙو فائدو جو مان ان کي کولي به ڏسي
نٿو سگهان؟“ يوراشيما شهزاديءَکان پڇيو.
”منهنجي سر جا سائين! ان کي نه کولجانءِ. ڇاڪاڻ ته
ان کي کولڻ سان تون موجوده زندگيءَ کي وساري
ويهندين ۽ پراڻي زندگيءَ ۾ هليو ويندين.“ ائين چئي
شهزاديءَ پاڻ کي ڪميءَ ۾ مٽايو ۽ يوراشيما ان جي
پٺيءَ تي ويٺو. ڪجهه وقت کان پوءِ اهي سمنڊ جي
ڪناري تي پهتا ته اتي شهزاديءَ کيس لاٿو ۽ چيائين؛
”ياد رکجانءِ، مون جو ڪجهه توکي چيو آهي ان تي عمل
ڪجانءِ. هن دٻي کي نه کولجان، ڪا به پريشاني ٿيئي
ته مون کي نه وساري جان. مان هتي تنهنجي انتظار ۾
بيٺي آهيان.“ ائين چئي شهزاديءَ پنهنجي مڙس کان
موڪلايو. ٿوري دير ۾ شهزادي سمنڊ ۾ غائب ٿي وئي ۽
يوراشيما پنهنجي پيءُ ماءُ جي ملڻ جي خوشي ۾ ڊڪڻ
لڳو. جڏهن هو پنهنجي گهر وٽ پهتو ته اتي گهر جي
بدران هڪ سرسبز ميدان هو.
ڪٿي مان غلط جاءِ تي ته نه اچي ويو آهيان، هو دل ۾
سوچڻ لڳو. هيءَ جاءِ ته الائجي ڇو ڌاري پئي لڳي!
اهو خيال ڪري هو هڪ ماڇين جي ٽولي ڏانهن ڊڪيو ۽ رڙ
ڪري پڇائين، ”ڇا توهان منهنجي پيءُ ماءُ کي ڏٺو
آهي. منهنجو نالو يوراشيما آهي، توهان مون کي ضرور
سڃاڻندا هوندوءُ.“
”ڪير يوراشيما،، اسان ته ان نالي جي ڪنهن ڇوڪري کي
نٿا سڃاڻون.“ يوراشيما انهن کان پڇيو، ”مان هڪ
سال اڳ شڪار ڪندي گم ٿي ويو هيس.“
انهن ماڇين مان هڪ ڪراڙو ماڻهو هو، جنهن اڳتي وڌي
اچي هن کي غور سان ڏٺو ۽ چوڻ لڳو: ”ها، مون کي ياد
آيو. منهنجا پيءُ ماءُ مون کي ٻڌائيندا هئا ته هن
ڳوٺ ۾ يوراشيما نالي هڪ ڇوڪرو هو. ان جا ماءُ ماءُ
هتي رهندا هئا. انهن جو پٽ مڇيءَ جو شڪار ڪندي
سمنڊ ۾ غائب ٿي ويو هو ۽ اهي ٻئي ان ۾ گم ٿي وڃڻ
جو صدمو برداشت ڪري نه سگهيا ۽ ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ ٻئي مري ويا. پر تون انهن جو پٽ ڪيئن ٿو ٿي
سگهين؟ هن واقعي کي گذري ٽي سئو سال ٿي چڪا آهن!“
ڪراڙي ائين چئي پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪيو ۽ سڀ
ماڇي يوراشيما تي کلڻ لڳا.
اهو ڏسي يوراشيما جي دل ٽٽي وئي ۽ نااميديءَ ۾
آهستي آهستي ڪناري ڏانهن وڃڻ لڳو. هن کي ياد آيو
ته سمنڊ جو هڪ سال دنيا جي ٽن سئو سالن جي برابر
ٿيندو آهي.
هن کي پنهنجا پيءُ ماءُ ياد اچڻ لڳا. هو سوچي رهيو
هو ته هو هڪ ننڍو ڇوڪرو هو، جو پنهنجي پيءُ ماءُ
کي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ
واريءَ تي ويهي رهيو ۽ دٻي جي چوڌاري ويڙهيل ڳاڙهي
ڏوريءَ کي بيخياليءَ ۾ کولڻ لڳو. هو شهزاديءَ جا
لفظ وساري ويٺو هو ۽ اڃا دٻي کي کولڻ وارو هو ته
هڪ آواز آيو. يوراشيما مٿو کڻي ڏٺو ته سندس زال
پاڻيءَ مان رڙ ڪئي.
”ان کي نه کول، يوراشيما! ڇا تون منهنجيون ڳالهيون
ويساري ويٺو آهين. جي تو ان دٻي کي کوليندين ته
تنهنجي زندگيءَ جا ٽي سئو سال اکڇنڀ ۾ گذري ويندا
۽ تون اتي ويٺي ويٺي مري ويندين.“
يوراشيما ان وقت ئي دٻي کي سمنڊ ۾ ڦٽي ڪيو ۽ ڀڄي
وڃي ڪمي تي سوار ٿيو. هن پنهنجي زال جا ٿورا مڃيا
ته هن ان جي جان بچائي آهي. ٿوري دير کان پوءِ هو
سمنڊ ۾ غائب ٿي ويا ۽ ان کان پوءِ ڪنهن به
يوراشيما کي هن دنيا ۾ نه ڏٺو.
* ادارو
ريڊار
هڪ جادوئي اک
ريڊار موجوده زماني جي هڪ نهايت اهم ايجاد آهي. ان
وسيلي پري پري جي شين کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ اهي ريڊار
کان ڪيترو پري آهن، سو به معلوم ڪري سگهجي ٿو. ڀلي
سخت جهڙ هجي يا ڌنڌ يا رات جي اونداهي، پر ريڊار
انهن سڀني مان ڏسي سگهي ٿو. ان ڪري ريڊار کي
جادوءَ جي اک سڏيو ويندو آهي.
ٻين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جرمنن اهڙا هوائي جهاز
ٺاهيا هئا جيڪي ريڊيائي لهرن جي مدد سان هلندا
هئا، اهي نهايت تيک مان ايندا هئا ۽ انگلنڊ جي
شهرين تي بم اڇلائي، تباهي ڪري هليا ويندا هئا.
اهڙيءَ طرح بيلجم تي راڪيٽ بمن جو مينهن وسندو
رهيو. ان وقت اها ضرورت محسوس ڪئي وئي ته ڪو اهڙو
طريقو ڪڍجي، جنهن سان جهاز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر
پئجي وڃي ۽ انهن کي روڪڻ جو مناسب بندوبست ڪري
سگهجي. ٻي ڳالهه ته ماڻهن کي به پنهنجي حفاظت ڪرڻ
جي لاءِ اڳواٽ خبردار ڪيو وڃي. انگريز سائنسدانن
وڏي سوچ ويچار ۽ تجربن کان پوءِ، ريڊار ايجاد ڪيو
جيڪو ٽن ٽن چئن چئن سون ميلن جي دائري ۾ هر هوائي
جهاز جي خبر هڪدم ڏئي سگهيو ٿي. اوهان کي خبر
هوندي ته ٽرانسميٽر ريڊيي جو هڪڙو اوزار آهي. اهو
اوزار آواز کي ريڊيائي لهرن جي وسيلي پري پري
تائين پهچائي ڇڏيندو آهي. ريڊار جي مشين نهايت تيز
رفتار ۽ زوردار ڪرڻن کي چئني طرف فضا ۾ پکيڙي
ڇڏيندي آهي. انهن ڪرڻن کي ڪا به شئي روڪي نٿي
سگهي، پر جڏهن اهي ڪنهن ٺوس شئي سان ٽڪرائبا آهن
ته اکڇنڀ ۾ واپس اچي، ان شئي جي تصوير مشين تي لڳل
هڪ خاص پردي تي چٽو ڪري ڏيکاريندا آهن. باقي رهي
هيءَ خبر وٺڻ ته اها شئي ڪيترو پري آهي، سو به
ڏکيو ڪم ڪونهي. مشين هلائڻ واري کي اها خبر هوندي
آهي ته ڪرڻا ڪهڙي وقت مشين مان نڪتا ۽ ڪهڙي وقت
تصوير کڻي واپس آيا. ڪرڻن جي رفتار جي به هن کي
خبر هوندي آهي. ان ڪري هو هڪ منٽ ۾ ان شئي جي
فاصلي جو اندازو لڳائي سگهي ٿو.
ريڊار جي ايجاد ٿيڻ کان پوٰءِ جرمنن جي جهازن ۽
راڪيٽ بمن جو مقابلو ڪاميابي سان ٿيڻ لڳو. جنگ جي
ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ ريڊار اڃا به وڌيڪ ترقي ڪئي.
اڳ ۾ هوائي جهازن ۽ عام سامونڊي جهازن کي پهرين
اها خبر وٺڻي پوندي هئي ته رستو صاف آهي يا نه، پر
هاڻي ريڊار جي وسيلي کين سڀڪجهه معلوم ٿيو وڃي. ان
ڪري حادثا وڏي حد تائين گهٽجي ويا آهن. سائنسدانن
اهو به معلوم ڪيو آهي ته طلسمي ڪرڻن وسيلي ريڊار
ڪم ڪري ٿو، اهڙا ڪرڻا ڪن جانورن ۽ پکين مان به
پاڻيهي نڪرندا رهندا آهن. اونداهيءَ ۾ انهن ڪرڻن
وسيلي اهي پکي رستو معلوم ڪندا آهن. مثال طور:
چمڙو آهي ته به ڪنهن ڀت يا بجليءَ جي کنڀي سان ڪو
نه ٽڪرائبو آهي، ڇو ته اهي ڪرڻا کيس اڳواٽ چتاءُ
ڏيندا آهن. ان اصول کي اڳيان رکي سائنسدانن طلسمي
لٺيون ٺاهيون آهن، جيڪي ڪو انڌو اها لٺ هٿ ۾ کڻي
وڃي رهيو هجي ۽ هن جي اڳيان ڪا کڏ هجي يا ڀت هجي
ته لٺ ۾ لڳل گهنٽي وڄڻ لڳندي ۽ انڌي کي ٻڌائيندي
ته اڳيان خطرو آهي ۽ کيس ٻيو پاسو وٺڻ گهرجي. مزي
جي ڳالهه اها ته جيستائين انڌو خطري کان پري نه
ٿيندو، تيستائين اها گهنٽي وڄندي رهندي.
ڪهڙي خبر ته سڀاڻي ريڊار مان اڃا به ڪهڙا فائدا
حاصل ٿين! ٿي سگهي ٿو ته ريڊار وسيلي انڌا به اهڙي
طرح مزي سان ڪم ڪار ڪندا رهن، جهڙي طرح اکين سڄا
ڪن ٿا.
ٻارن جا ليک
* جنيد شمس الدين عرساڻي
ساگره جو تحفو
(سليم جي سالگره جو ٻيو ڏينهن آهي. هو ڪمري ۾
سالگره جا مليل تحفا ٺاهي رکندو نظر اچي ٿو. سليم
جو گهرو دوست سعيد ڪمري ۾ اندر اچي ٿو.)
سعيد: سليم!
سليم:ڪير؟سعيد- (منهن ڦيرائي ڇڏي ٿو).
سعيد:ڇو دوست ڪا ڪاوڙ آهي ڇا؟
سليم: ڪاوڙ ڇاجي آهي. اڄ خبر ناهي ته توکي مون وٽ
اچڻ جي ڪيئن فرصت ملي آهي.
سعيد: منهنجي ڳالهه ته ٻڌ. مون کي سچ پچ ته سخت
ارمان آهي جو تنهنجي سالگره ۾ شريڪ ٿي نه سگهيس،
ڪالهه اوچتوئي اوچتو والده جي طبيعت خراب ٿي پئي
هئي.
سليم: ڇا ٿيو هوس؟
سعيد: والده کي وري به بيماريءَ جو دورو ٿيو هو ۽
بابا، ڏاڏي ۽ ٻيا سڀ ڏاڍا پريشان ٿي پياسي. توکي
اڳئي خبر آهي ته سندس طبيعت اڄڪلهه جلد جلد خراب
ٿيو پوي، پر ڪالهه ته والده جي حالت تمام گهڻو
بگڙي ويئي، اهوئي سبب هو جو پنهنجي سڀ کان پياري
دوست جي سالگره تي به اچي نه سگهيس!
سليم: هينئر ڀلا سندس طبيعت ڪيئن آهي؟
سعيد: هينئر ٺيڪ آهي، پر ڊاڪٽر چوي ٿو ته ڪمزوري
آهي. هڪ مهينو بلڪل آرام ڪري ۽ ڪنهن هل اسٽيشن تي
وڃي رهي. خير تون ٻڌاءِ- سالگره ته چڱيءَ ڌام ڌوم
سان گذريو؟ سڀ کان پهريائين منهنجي طرفان سالگره
جون مبارڪون قبول ڪريو- شل تون قيامت تائين سلامت
رهين قيامت شل ٿئي ئي نه.
سليم: پيارا، مبارڪباد لاءِ وڏي مهرباني.
سعيد: ڪالهه توکي سالگره جا تحفا ته ڪافي مليا
هوندا؟
سليم: سعيد! سچ پچ سالگره جو ڏينهن ڏاڍو مزيدار
ٿئي ٿو. هر ڪو پيار ڪري ٿو ۽ ڪجهه نه ڪجهه کڻي ٿو
اچي ۽ سوکڙين جو هڪ انبار لڳيو وڃي. منهنجي دل
چوندي آهي، ته اهڙو ڏينهن هر مهيني، هر هنڌ بلڪ هر
روز اچڻ گهرجي.
سعيد: (کلي ٿو) ڀلا، هو شيشي جو سهڻو تاج محل ڪٿي،
جنهن کي تنهن ڏينهن دڪان تي ڏسي چريو ٿي پيو هئين؟
سليم: مون ته ادي کي ڪيترو چيو هو ته اهو ضرور مون
کي وٺي ڏي پر خبر نٿي پوي ته هن ڇو مون کي تاج محل
وٺي نه ڏنو ۽ ان جي بدران هڪڙي. ڪئميرا وٺي
ڏنائين.
سعيد: هيءَ ڪئميرا؟ واه ٻيلي، ڪهڙي نه عمدي آهي!
قيمتي به ڏاڍي هوندي. شايد اوهان جي ڀاءُ خيال ڪيو
هجي ته پنجن رپين جو شيشي جو تاج محل ته ڪڏهن به
خريد ڪري سگهجي ٿو، تنهنڪري پنهنجي ننڍي پياري
ڀاءُ کي ڪا سٺي قيمتي شئي وٺي ڏيان. سليم، سچ پچ
هيءَ ڪئميرا ته ڏاڍي ڪارائتي شئي آهي. هاڻي ته
ٿورن ئي ڏينهن ۾ تو وٽ منهنجون تنهنجون ۽ ٻين
دوستن جون گهڻيئي تصويرون جمع ٿي وينديون. مان ته
دوست، تنهنجي ڪئميرا ڏسي ڏاڍو خوش آهيان. تون ڪهڙي
ويچار ۾ پئجي ويو آهين؟
سليم: ڪجهه ڪونه ٿو سوچيان. رڳو خيال اٿم ته
جيڪڏهن ادو مون کي اهو تاج محل وٺي ڏي ها ته ڏاڍو
چڱو، ڇو ته اهو مون کي ڏاڍو وڻي ٿو. بس مون وٽ
هينئر پنج رپيا آهن ۽ مان پاڻ هلي ٿو اهو خريد
ڪريان.
سعيد: ڇڏ اجايون ڳالهيون. ههڙي قيمتي ڪئمرا ملي
اٿيئي پوءِ به تون راضي نه آهين! ڀلا شيشي جو تاج
محل ڪهڙي ڪم جو آهي؟ اهو ته فقط ميز تي رکيو
هوندو. توکي سٺيءَ شئي جو قدر ئي ڪونهي. هاڻي هل
ته نديءَ تي هلي ڪجهه نظارن جون تصويرون ڪڍي اچون.
هن ۾ فلم رول ته پيل آهي نه؟
سليم: ها، آهي.
سعيد: هلو هلو(سعيد، سليم کي گهلي وٺي ٿو وڃي).
(سعيد جو ڪمرو آهي، سليم هڪ لفافو کڻي اندر اچي
ٿو.)
سليم: سعيد، اجهي فوٽو گرافر وٽان تصويرون ملي
وييون.
سعيد: مليون؟ ڏسان ته سهي،ڏسان ته سهي. واه واه
ڪهڙيون نه سهڻيون تصويرون آهن(کلي ٿو). اڙي، هيءُ
تون آهين؟ مون توکي چيو ڪو نه هو ته چهرو البت
کلمک رک. فوٽي ۾ ڄڻ ته ڪاوڙيو بيٺو آهين.
سليم: هل هل-پنهنجي تصوير به ته ڏس.
سعيد: مون کي تو ٺهي ويهڻ جيترو وقت ئي نه ڏنو(کلي
ٿو) ائين پيو ڀانئجي ڄڻ وڻ تي ڪو ڀولڙو ويٺو
آهي.هنن ٻنهي تصويرن ۾ فقط هيءَ ڳئون ۽ گابي واري
تصوير سٺي نڪتي آهي.
سليم: بابا ۽ ادا سڀني کان وڌيڪ انهيءَ تصوير جي
ئي واکاڻ ڪئي ٿي. هل ته هڪ ٻيو فلم رول بازار مان
وٺي اچون.
سعيد: هاڻي ته ابا، توکي فوٽن ڪڍڻ جي هير ٿي ويئي.
سليم: هير ڪانهي، پر هاڻي ڪئميرا جو ملي ته ڪجهه
فوٽا به ته ڪڍبا نه؟
سعيد: هاڻي ته ڪئميرا جي فائدن کان واقف ٿئين؟
سليم (ٿڌو ساهه کڻي) آهي ته سچ پچ چڱي، پر شيشي جو
تاج محل مون کي تمام گهڻو پسند آهي. سعيد: خبر نه
آهي ته توکي ڇا ٿي ويو آهي. اهو تاج محل مون کي به
پسند آهي، مگر آءٌ ان جي پٺيان ايترو چريو ڪونه ٿي
پيو آهيان جيترو تون ٿيو آهين. خير، هڪ چڱي ڳالهه
ياد اچي ويم- اها ڳئون ۽ گابي واري تصوير مون کي
ڏيئي ڇڏ.
سليم: ها ها، ڀلي کڻ.ان ۾ پڇڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.
هل ته بازار هلون.
(سليم جو ڪمرو-سليم ڪجهه جهونگاري رهيو آهي. سليم
جو ڀاءُ اندر اچي ٿو.)
ڀاءُ:سليم!
سليم: (ڇرڪ ڀري) جيءُ ادا.
ڀاءُ: ڪهڙو سبب آهي جو سعيد ڪيترن ڏينهن کان ڏسڻ ۾
ڪونه ٿو اچي. پاڻ ۾ ڪاوڙيا ته ڪونه آهيو؟
سليم: نه ادا، ڪاوڙ ٻاوڙ ڇاجي سعيد پنهنجي ماءُ
سان گڏ هل اسٽيشن تي ويل هو، اڃا ڪالهه موٽي آيو
آهي. اڄ صبح جو اسڪول ۾ مليا هئاسين، چيائين ته اڄ
شام جو توکي ملڻ ايندس. شايد وير ۾ اچي وڃي.
(سعيد اچي ٿو)
سعيد: السلام عليڪم.
ڀاءُ : اڙي سعيد،اچ اچ ، اڃا هاڻي پئي توکي ياد
ڪيم. والده جي طبيعت ڪيئن آهي؟
سعيد: ڀاءُ، هاڻي هوءَ بلڪل ٺيڪ آهي، ڊاڪٽر چوي ٿو
ته هاڻي ڪوبه خطرو ڪونهي.
سليم: ادا، سڀاڻي سعيد جي سالگره آهي.
ڀاءُ: هان، تڏهن اها ڳالهه آهي.
سعيد: مان هينئر آيوئي توهان کي سالگره جي دعوت
ڏيڻ آهيان. مهرباني ڪري ضرور اچجو.
ڀاءُ: (مرڪي) واه، ضرور اچبو.
سعيد: سليم هڪ خوشخبري ٻڌ.وٺ پنهنجو پنجن رپين جو
نوٽ.
سليم: منهنجو نوٽ؟
سعيد: ها، مون ڳئون ۽ گابي وارو فوٽو تصويرن جي
مقابلي ۾ تنهنجي نالي موڪليو هو ۽ تنهنجي ڪڍيل
تصوير، مقابلي ۾ پهريون نمبر آئي.
سليم: سچ پچ پهريون نمبر آئي؟
سعيد: اجهو ڏس هيءُ رسالو ۽ اڄ رسالي جي مئنيجر
وٽان موڪليل پنج رپيا به پهچي ويا. هيءُ نوٽ اهو
آهي.
ڀاءُ: پر اهي رپيا تنهنجا ٿيا.
سعيد:واه، منهنجا ڪيئن ٿيا؟ اها تصوير سليم جي
ڪئميرا جي هئي. خود سليم ته ڪڍي هئي. سڄي محنت
سليم جي هئي. مون ته رڳو مقابلي ۾ موڪلي هئي. ان ۾
منهنجي ڪهڙي محنت ٿي؟ انعام ته سليم جو ٿيو. هل ته
هلي اهو شيشي جو تاج محل وٺون، جو توکي ڏاڍو پسند
آهي.
سليم: ڄڻ توکي پسند ڪونهي؟
سعيد: مان وري ڪنهن ٻئي وقت وٺندس.
ڀاءُ :واه، ٻئي وقت وري ڇو وٺندين. تون به هينئر
هلي وٺ. وٺو هي ٻيا پنج رپيا.
سعيد: نه سائين، مان ته …
ڀاءُ: انهيءُ ۾ لڄ ڪرڻ جي ڳالهه ئي ڪانهي. وٺ، وٺ.
ڀلا ائين کڻي سمجهه تنهنجي ته سڀاڻي سالگره ۾ هيءُ
تاج محل توکي منهنجي طرفان سالگره جو تحفو آهي.
سعيد: سائين، مهرباني.
ڀاءُ:بس هاڻي جلدي بازار وڃو ته ڪٿي دڪان بند نه
ٿي وڃي.
سعيد: آخر اڄ اسين، هڪ-هڪ تاج محل جا مالڪ ٿي
وينداسين!
سليم: مون کي اهو شيشي ۾ بيٺل نازڪ تاج محل ڏاڍو
وڻي ٿو. ڪيترن ڏينهن کان خريد ڪرڻ تي دل هئم. اڄ
مس مس منهنجي تمنا پوري ٿي آهي!
سعيد: سمجهين ٿو ته اهي تاج محل اسان کي ڪنهن
ڏياريا؟ ادي جي انهيءَ سالگره جي سوکڙيءَ يعني
ڪئميرا، جنهن کي تو پسند نه پئي ڪيو.
سليم: مگر اڄ ته مون کي ٻيئي پسند آهن، ڪئميرا به
۽ تاج محل به. هڪ ٻيءَ ڳالهه چوان؟
سعيد ڀلي چئو.
سليم: تون به مون کي بيحد پسند آهين- بيحد!
(سعيد کلي ٿو ۽ سليم به ، ٻئي ٽهڪ ڏيئي اسٽيج تان
لنگهي وڃن ٿا).
(پردو ڪري ٿو.) |