سچل
راڄپر
وڇوڙي جو
آواز
منظور
اڃا عمر
جي
لحاظ کان
ننڍڙو هو،
بلڪ
ائين جيئن
اڃا
گل مکڙيءَ
مان
پئي نڪتو،
پر
ننڍي هوندي
کان
ئي منظور
ٻين
پاڙي وارن
ٻارن
کان ڪجهه
مختلف هو،
ننڍپڻ ۾ چالاڪ
۽
هوشيار پئي
لڳو،
هي پاڙي
وارن
ٻارن سان
گڏجي
صبح جو
سوير
راند روند
ڪندو
هو، جيڪي
عمر
۾
هن کان
وڏا
هئا. هڪڙي
ڏينهن، اهي
پاڙي
وارا ٻار
پاڻ
۾
ويهي چئي
رهيا
هئا ته،
”اڙي!
اسين ته
وز
اسڪول پڙهندا
آهيون ۽ ڏسو!
هن منظور کي
ته
سندس پيءُ پڙهائي ئي ڪونه
ٿو.“
منظور ٻارن
جون
ڳالهيون ٻڌي،
سندس
دل چاهيندي
هئي
”ته
جيڪر مان
به
پڙهان!“ منظور
جيئن
ئي گهر
آيو
ته پنهنجي
ماءُ
کي چيائين
ته
”اما
مون کي
به
ڪتاب وٺي
ڏي
ته مان
به
پڙهان انهن
پاڙي
وارن سان
گڏجي
اسڪول وڃان.“
ماڻس
جواب ڏنس
ته،
”پٽ!
اڃا ننڍو
آهين، تون
وڏو
ٿيءُ پوءِ
منظور جڏهن
به
پاڙي وارن
ٻارن
سان گڏجي
ويهندو هو
ته،
اهي پاڻ
۾
ڳالهيون ڪندا
هئا،
اڪثر ڪري
پڙهائيءَ جون
ڳالهيون ڪندا
هئا
۽
هي اڪثر
خاموش رهندو
جدا
ويٺو هوندو
هو.
نيٺ منظور
پنهنجي پيءُ
کي
به چيو
ته
”بابا! مون
کي
ڪتاب وٺي
ڏي
ته، مان
به
پاڙي وارن
ٻارن
سان گڏجي
روز
اسڪول وڃان.“
پڻس
به ماڻس
جيان
وڏي ٿيڻ
جي
۽
پوءِ پڙهڻ
جي
آٿت ڏنس.
ٻئي
ڏينهن جيئن
ئي
منظور گهران
نڪتو
ته ڏسڻ
لڳو
ته رستي
تان
پاڙي وارا
ٻار
اسڪول وڃي
رهيا
هئا، هن
کي
به دل
۾
حسرت
آئي ته
ڪاش!
مان به
انهن
سان گڏ
اسڪول وڃا
ها!
رستي ۾ ائين
سوچڻ
لڳو ڄڻ
ڪجهه
وڃائجي ويو
هجيس
۽
هو ان
کي
ڳولهي رهيو
هجي.
منظر پنهنجو
پاڻ
کي اڪيلو
پئي
محسوس ڪيو.
ڄڻ
گلشن مان
هڪڙو
گل وڇڙي
ويو
هجي، ڄڻ
ڪنهن
کيس پٽي
ڇني
ڌار ڪيو
هجي.
منظور
حسرت ڀرين
نگاهن سان
وريو، ۽ اميد
سمجهي پنهنجي
ماءُ
کي پڙهائيءَ
بابت
ڪجهه چوڻ
لڳو
ته ڀرسان
ئي
سندس پيءُ
ويٺو
هو، جنهن
جي
ڪنن تي
ڪجهه
سس پُس
جو
آواز پيو،
پيءُ
آواز ٻڌي
سندس
گهر واريءَ
کي چيو ته
”منظور ڇا
چئي
رهيو آهي؟“
سندس
گهر واي
وراڻيو ته،
”منظور چئي
رهيو
آهي ته
ڪتاب
وٺي ڏيو
ته
پڙهان!“ منظور
جي
پيءُ سندس
گهر
واريءَ کي
ٻڌو
نه ٻڌو
۽
چيائين ته،
”پڇينس ته
ڪڏهن
ڪمائيءَ جو
سوچيو اٿئي،
رڳو
هجيس خرچ
ڪرڻو.“ منطور
سندس
پيءُ جو
بي
رحم جواب
ٻڌي،
ناميد ٿي
دل
ئي دل
۾
روئي
رهيو هو،
۽
پاڙي
وارن ٻارن
جا
چيل اهي
لفظ
ورجائي رهيو
هو
ته واقعي
ئي
بابا مون
کي
نه پڙهائيندو!؟
منظور ڪجهه
ڏينهن گهر
وارن
سان ناراض
رهيو
۽
ڪنهن سان
به
نه ڳالهائيندو
هو.
سندس
والدين سوچو
ته
هاڻي منطور
وڏو
ٿيو آهي،
۽
کيس
ڪنهن ڪم
ڪار
سان لڳرائجيس،
منظور جي
پيءُ
سندس گهر
واريءَ کي
چيو
ته آءٌ
سڀاڻي محرم
هوٽل
واري سان
ڳالهائي ٿو
اچان
۽
منظور کي
هوٽل
تي ٿا
بيهاريون. ٻئي
ان
صلاح تي
متفق
ٿي ويا.
منظور يڪو
پنهنجي والدين کي
سکيو
ستابو ڏسڻ
جا
خواب ڏسي
رهيو
هو، تنهن
سان
والدين جو
سلوڪ
وري اهو
ته
هو موٽ
۾
کيس
هوٽل جو
بيرو
پيا بڻائين.
ٻيو
ڏينهن ٿيو،
منظور سوچي
رهيو
هو ته
ڇا
مون کي
پنهنجي خواب
جي
غلط تعبير
ملي
رهي آهي؟
آخر
سندس پيءُ
کيس هوٽل تي
بيهاري آيو،
ڇا
ڪري منظور،
پر
ڪري به
ڇا
پئي سگهيو،
سواءِ سوچڻ
جي،
سواءِ پنهنجي
قسمت
تي روئڻ
جي،
ڇو جو
گلشن
مان جيڪڏهن
ڪنهن
گل کي
پٽيو
ويندو آهي
ته
ان مان
خوشبوءِ ته
ناهي
گهٽبي، پر
سندس
ٽٽڻ وقت
ٻه
چار لڙڪ
ضرور
وهندا آهن،
هاڻي
منظور جو
مقدر
هوٽل بڻيو.
صرف
۽
صرف سوچي
پئي
سگهيو، سدائين
هي
سوچيندو رهندو
هو،
هي پنهنجي
پاڻ
سان مخاطب
ٿي
چئي رهيو
هو
ته
”ڏک
سک
ته زندگيءَ
جو
حصو هوندا
آهن،
پر اهي
به
جوانيءَ ۾، ڇا
خدا
مون کي
شروع
کان ئي
ڏک
صرف ۽ صرف
ڏک
ڏيکاريندو؟ ڇا
آئون
ننڍي هوندي
کان
وڏي جوان
ٿيڻ
تائين ائين
ڏک
۽
ڏولاون ۾ گذاريندس؟
يا
خدا! مون
کي
تو پيدا
ڇو
ڪيو؟ نه
آئون
پيدا ٿيان
ها!
نه ئي
وري
هيئن ڏولاون
۾
گذاريان ها!!
هتان
کان ته
جهنم
۾
هجان ها!
ته
ڀلو هو.
چوندا آهن
ته
وڏي ۾ وڏي
سزا
جهنم هوندي
آهي،
پر مان
بيقصور هتي.....
هي
سوچن جي
گهرائي ۾ هليو
ويو
هي سوچي
رهيو
هو ته
هتان
نجات ڪيئن
حاصل
ڪيان؟ آءُ
هتي
نه ري
سگهندس بي
قياس
گهر ۾ ڪونه
ڪو
رستو ڳولڻو
پوندو نه
ته
آئون سوچي
سوچي
بي موت
مارجي ويندس.
منظور جيئن
ئي
گهر آيو
ته
هن سوچيو
اڄ
بابا سان
آءُ
پاڻ هڪ
دفعو
ڳالهائيندس، هن
پنهنجي پيءُ
سان
مخاطب ٿي
چيو،
”بابا! آئون
اوهان جو
اولاد آهيان،
اوهان جو
ڪهڙو
ڏوهه ڪيو
اٿم
جو مون
کي
ان جي
سزا
ڏيئي رهيو
آهيو
مون ته
سوچيو هو
ته
پنهنجي زندگي
سنواريندس ۽ توهان
کي
خوشحال بڻائيندس،
پر
توهان مون
سان
ٿوري ڀلائي
به
نٿا ڪري
سگهو. هو
ڏسو
چاچي جمعي
وارا
ڪيئن ٿا
پنهنجي ٻارڙن
کي
اسڪول موڪلين!
ڇا
اوهان منهنجا
والدين نه
آهيو؟؟“ منظور جي
ماءُ
ٻڌائي نه
اڃا
پڙهيوئي ناهي
ته
ڪيڏو پنهنجي
سامهون پيو،
جيڪڏهن.... پڙهيو
ته
پوءِ....“ سندس
پيءُ
گهر واريءَ
جواب
۾
چيس ان
دوران منظور
جذباتي لهجي
۾
پنهنجي پيءُ
کي
چيو،
”جيڪڏهن
بابا! اوهان
مون
کي نه
پڙهايو ته
پوءِ
آئون هتان
ڀڄي
هليو ويندس
۽
اوهان منهنجو
منهن
ڏسڻ لاءِ
سڪندا ۽ آئون
ڪڏهن
به موٽي
نه
ايندس.“
منظور
جذباتي نموني
ائين
چئي هلڻ
لڳو،
گهر کان
ٻاهر
نڪتو هن
سوچيو ته
مون
کي شهر
ڏانهن وڃڻ
گهرجي، ڪٿي
نه
ڪٿي منهنجو
مقدر
مون کي
ملندو، آخر
ڪجهه
ته مقدر
بڻبو. هي
تنها
تنها سفر
ڪندو
رهيو، آخر
شهر
پهتو رستي
۾
ڪيترن ئي
ماڻهن سندس
بابت
پڇيو پر
هن
هر ڪنهن
کي
جواب ۾ اهو
ٻڌايو ته
آئون
لاوارث آهيان،
شهر
جي هڪ
گهٽيءَ ۾ ويهي
رهيو
اتي هن
ساهه
پٽيو ۽ ٿڪُ
لاٿو. منظور
ان
گهٽيءَ ۾ ئي
گهمندو رهيو. ان
محلي
۾
رهندڙ ماڻهو
سڀئي
هن کي
اوپرو محسوس
ڪندي
هن کان
پئي
پڇيو پر
هي
ڪنهن کي
به
ڪجهه ٻڌائڻ
لاءِ
تيار نه
هئو،
بس خاموش
ئي
خاموش رهيو،
سندس
ئي ڀر
واري
گهر مان
هڪ
نوجوان شخص
نڪتو، هن
ٻار
کي اوپرو
سمجهندي هن
کان
پڇا ڪيائين،
اهو
شخص بلڪل
حساس
دل انسان
پئي
لڳو، سندس
گفتگوءَ ۾ شائستگي
هئي،
جنهن جو
سبب
اهو هو
ته
شايد ان
کي
هڪ نياڻي
هئي
۽
کيس پٽ
جو اولاد ڪونه
هو
تنهن ڪري
هر
ٻار سان
پيار
ڀري گفتگو
ڪندو
هو. ان
شخص
هن ڇوڪري
کان
نهايت پيار
ڀريي
نموني سندس
نالو
پڇيو، جنهن
تي
هن جواب
ڏنس
ته منهنجو
نالو
منظور آهي.
ڇا
تون مون
کي
گڏ رهائيندين؟
آءُ
اڪيلو آهيان،
مون
کي ڪوبه
پيءُ
ماءُ نه
آهي،
ڇا اوهان
منهنجا والدين
بڻجندؤ؟؟ ڇا
اوهان مون
کي
پڙهائيندؤ!؟
منظور جي
مٺڙي
ڳالهاءَ گلاب
جي
گل جي
تازگي وانگر
کيس
موهي وڌو،
ان
شخص هن
کي
چيو ته
ڇا
تون ڀڄي
آيو
آهين؟ اهي
ڪهڙا
بدنصيب والدين
آهن!؟
اهي
ڪيڏا نه
بدقسمت آهن،
تنهنجا والدين!!
يا
خدا آئون
تنهنجو شڪر
گذار
آهيان، تو
مون
تي بيشڪ
وڏو
احسان ڪيو
آهي
جو مون
کي
تو معجزانه
طور
تي اهڙو
گلاب
جي گل
جهڙو
پٽ عطا
ڪيو
آهي، اچ
منظور اچ
ته
آءٌ توکي
پنهنجي گهر
وٺي
هلان اڄ
کان
وٺي تون
منهنجو پٽ
آهين.“ اهو
شخص
هڪ سيٺ)
امير) هو،
هو
سيٺ غفور
منظور کي
گهر
وٺي ويو.
جڏهن
گهر ۾ داخل
ٿيا
ته سندس
گهر
واري به
هن
کي منظور
سان
گڏ ڏسي
ڏاڍي
خوش ٿي
پڇيائين. ان
بابت
سيٺ غفور
کيس
ٻڌايو ته
”هي
منظور آهي،
هي
ڇوڪرو لاوارث
آهي،
هونئن به
اسان
کي پٽ
جو
اولاد ڪونه
آهي،
شايد اسان
تي
اڄ اسان
جو
مالڪ مهربان
ٿيو
آهي، اڄ
اسين
وڏا خوش
نصيب
آهيون.
”بيگم
صاحبه چيو
سندس
جواب ۾ سيٺ
چيو
اڄ کان
اسين
جيئن پروين
جي
پرورش ڪندا
آهيون، تيئن
منظور جي
به
ڪنداسين، منظور!
سڀاڻي کان
پروين سان
گڏ
اسڪول وڃجانءِ
منظور ۽ پروين
گڏجي
اسڪول ويندا
هئا
۽
موٽي به
گڏجي
ايندا هئا.
هاڻي
منظور لاءِ
ڄڻ
نئون سج
اڀريو هو،
سندس
خواب جي
تعبير ملي
وئي،
هتي منظور
خوش
ٿي پڙهي
زندگي گذاري
رهيو
هو.
هڪ
ڏينهن منظور
پنهنجي تعليم
به
مڪمل ڪري
ورتي
سيٺ غفور
کيس
سٺي نوڪري
وٺي
ڏني. هاڻي
منظور کي
پنهنجي زندگيءَ
۾
بهار
قريب اچڻ
واري
پئي لڳي.
منظور هن
وقت
جوان ٿي
چڪو
هو، سيٺ
غفور
پنهنجي نياڻي
پروين کيس
نڪاح
۾
ڏئي سندن
شادي
ڪرائي. منظور
کي
زندگي بهار
جي
جهوٽي وانگر
پئي
لڳي. هوڏانهن
سندس
والدين سندس
لاءِ
پل پل
پڇائيندا رهيا.
هر
پاسي کان
منظور جي
خبر
پي رهيا
هئا.
سندن زبان
تي
رڳو منظور
جو
نالو هو.
سندن
زندگي مان
هر
شيءِ ختم
ٿي
ويئي هئي.
منظور جي
وڇوڙي ۾ سندن
اکين
مان لڙڪ
سڪي
ويا هئا.
روئي
روئي رت
وهائي رهيا
هئا.
منظور جيڪو
سندن
قسمت بدلائڻ
جو
نانءُ هو.
کانئن صرف
پيار
گهري رهيو
هو.
سندن هر
ڏک،
هر سور
منظور ڪري
رهيو
هو، جنهن
منظور کي
انهن
هٿ سان
پاليو، اهو
منظور اڄ
سندن
زبان جي
زينت
بڻيل هو.
اڻ
وسرندڙ اچار
بڻجي
چڪو هو،
کين
اڄ منظور
جو
احساس ٿي
رهيو
هو، سندن
گهر
۾
خال پئجي
ويو
هو، اهو
حساس
ته واقعي
اسين
منظور سان
ظلم
ڪيو هو،
اسين
ان جا
دشمن
بڻجي چڪا
هئاسين. اسين
سندس
والدين ٿي
ڪري
کيس ڪا
هڪ
شيءِ نه
ڏئي
سگهياسين. اڄ
هو
منظور لاءِ
پڇتائي رهيا
هئا.
دنيا جي
هر
ڪنڊ ڪڙ
ڳولهي آيا.
منظور مگر
تلاش
نه ٿي
سگهيو، منظور
ته
اڻ لڀ
موتي
هو، منظور
اهو
لعل هو
جيڪو
صرف هنج
کي
ئي کپندو
آهي،منظور جي
وڇورِ سندن
جيون
سڃ ڪري
ڇڏيو
هو، ر
ويس،
کاڌو، پيتو
وساري ڇڏيو
هو،
هر قيمت
ڏيڻ
لاءِ تيار
هئا.
فقط ان
لاءِ
ته منظور
ملي
وڃي، پر
کين
خبر نه
هئي،
ته وڃائجي
ويل
شيءِ مشڪل
سان
لڀندي آهي،
کين
خبر نه
هئي
ته اولاد
ڪيترو پيارو
ٿيندو آهي!
پر
هنن کي
اها
خبر نه
هئي
ته منظور
ايترو جلد
اسان
کان جدا
ٿي
ويندو. بس
هاڻي
ته سندن
زبان
تي منظور
جي
وڇوڙي جو
آواز
ئي هو.
سندن
دل تي
پنهنجي منظور
جو
احساس هو،
ڇو
ته هر
شيءِ
جو قدر
تڏهن
ٿيندو آهي،
جڏهن
اها شيءِ
وڇڙي
ويندي آهي،
اڄ
کين منظور
جي
ياد تڙپائي
رهي
هئي. سندن
ديدار لاءِ
سڪي
رهيا هئا.
ليکڪا:
يونائيٽس ڊي
سوز:
ترجمو: قربان
جعفري
قسط:
8
منحوس مُنهن
دهلي
۾
هيراچند نالي
هڪڙو
سوداگر رهندو
هو،
اهو چيو
ويندو هو
ته
جنهن به
هن
جو منهن
ڏٺو
سو سڄو
ڏينهن بنان
کاڌي
پيتي جي
گذاريندو. جڏهن
اڪبر
هيرا چند
جي
باري ۾ ٻڌو.
هن
ان کي
ڏسڻ
لاءِ
چيو.
هن اهو
ڄاڻڻ
پئي چاهيو
ته
ڇا هن
جي
باري ۾ ڪهاڻيون
سچيون آهن.
ٻئي
ڏينهن اڪبر
پنهنجي طعام
واري
ڪمري ڏانهن
پئي
ويو ته
هيراچند کي
هن
جي سامهون
آندائون. انهيءَ
ساڳي
وقت هڪڙو
دٻاري اهو
چوڻ
لاءِ آيو
ته
راڻي ناچاڪ
آهي.
اڪبر هيرا
چند
کي ڇڏي
اهو
سمورو صبح
پنهنجي بيمار
زال
سان گذاريو.
جنهن
وقت هو
طعام
واري ڪمري
۾
موٽيو هن
جي
ماني ٿڌي
ٿي
چڪي هئي.
هن
تازي ماني
جو
حڪم ڏنو،
انهيءَ تيار
ٿيڻ
۾
ايترو گهڻو
وقت
ورتو جو
اڪبر
بيمار محسوس
ڪرڻ
شروع ڪيو.
طبيب
طلب ٿيو،
هن
اڪبر کي
آرام
ڪرڻ جو
چيو
۽
هڪڙي ڏينهن
لاءِ
ڪجهه به
کائڻ
کان منع
ڪئي.
اهڙي ريت،
هن
چيو، ڳڍڙيون
بند
ٿي وينديون.
”پر
مان هن
وقت
تائين ڪجهه
به
ڪين کاڌو
آهي.“ اڪبر
چيو.
”بدنصيبي“،
طبيب
چيو،
”اوهان
ڪنهن
جو منهن
ڏٺو
هو؟“
اڪبر
طبيب کي
هيرا
چند بابت
ٻڌايو،
”مان
هن
جي سستي
لاهرائيندس.“ هن
چيو،
”ڇاڪاڻ
ته
هن مون
کي
عذاب ۾ مبتلا
ڪيو
آهي.“
هيراچند
دهلجي ويو.
هو
بادشاهه جي
پيرن
تي ڪري
پيو
۽
رحم لاءِ
ٻاڏائڻ لڳو،
”منهنجي زال
۽
ٻار
مون کان
سواءِ ڇا
ڪندا؟“ هن
ليلايو، اڪبر
هن
جو هڪڙو
لفظ
به نٿي
ٻڌو.
درٻان کي
سڏايو ويو
۽
هيراچند کي
گهلي
سسي لاهڻ
لاءِ
وٺي ويا.
ويچارو
هيرا چند
زور
سان دانهون
ڪرڻ
لڳو ۽ دربان
کي
منٿ ڪرڻ
لڳو
ته هن
کي
آزاد ڪرڻ
جو
ڪو رستو
ڳولهي ڪڍي.
”مان
نٿو سمجهان
ته
مان ڪجهه
ڪري
سگهان.“ دربان
چيو،
”جنهن
هيرا
چند لاءِ
بيحد
افسوس محسوس
پئي
ڪيو.“ جيڪڏهن
بادشاهه کي
خبر
پئي ته
مان
هن جي
حڪمن
جي نافرماني
ڪئي
آهي ته
منهنجي سسئي
پڻ
لاهرائي ڇڏيندو.“
اوچتو
هن کي
هڪڙو
خيال آيو.
”اسين
بيربل کي
سڏيون ٿا.“
هن
چيو،
”هڪڙو
هوئي
آهي، جنهن
کي
خبر هوندي
ته
تنهنجي مدد
ڪئين
ڪجي.“
جڏهن
هيراچند بيربل
کي
ٻڌايو ته
ڇا
ٿيو هو.
بيربل اهو
چئي
هن کي
آٿت
ڏني،
”جيڪو
مان
توکي چوان
ائين
ڪجانءِ، ۽ تون
بچي
ويندين.“
جڏهن
هيرا چند
لاءِ
اهو وقت
ٿيو
ته هن
کي
آڏيءَ تي
سر
رکڻ لاءِ
وٺي
وڃن، جلاد
پڇيو
ته ڇا
هن
کي ڪجهه
گهرجي.
”مان
بادشاهه کي
ڏسڻ
پسند ڪندس.“
هيرا
چند چيو.
جڏهن
اڪبر آيو،
هيرا
چند چيو،
”بادشاهه سلامت،
ڇا
هي سچ
آهي
ته اوهان
منهنجو منهن
ڏٺو
۽
هڪڙي ڏينهن
لاءِ
اوهان کي
ماني
نصيب نه
ٿي؟“
”ها“،
اڪبر
چيو.
”بادشاهه
سلامت“،
هيرا چند
چيو،
”منهنجو
نصيب
ته اوهان
کان
به خراب
آهي،
مان اوهان
جو
منهن ڏٺو
۽
منهنجي سسي
پيا
لاهين.“
”ڪنهن
توکي اهو
چوڻ
لاءِ سيکاريو
آهي“،
اڪبر
چيو، هن
هڪدم
اندازو لڳائي
ورتو
ته اهو
ڪير
هوندو.
”ناممڪن“،
هيرا
چند چيو،
”مان
هتي ڪنهن
کي
ڪين سڃاڻان.“
”شايد
نه، پر
تون
هن رٿ
کي
پاڻ ڪين
سوچيو آهي.“
اڪبر
جواب ڏنو،
”تون
ضرور بيربل
سان
مليو آهين.“
هيرا
چند اقرار
ڪيو
ته هو
مليو
هو.
”بيربل
مون کي
هڪڙي
بي ڏوهي
ماڻهو جي
مارائڻ کان
بچايو آهي“،
اڪبر
چيو ۽ هن
هيرا
چند کي
سوکڙين سميت
روانو ڪيو.
ڪيڊٽ
محمد عرفان
سومرو
ماٽيلو وجود
”چون
چون.... چون....!“ ڪا
شيءِ
جا ڪن
مسلسل هن
شور
سان وڄي
رهيا
آهن، هواهڙي
قسم
جي آواز
ڪڍندڙ پکيءَ
کي
ڏسڻ لاءِ
ڪمري
کان ٻاهر
نڪري
اچي ٿو.
ٽاڪ
منجهند آهي،
گرمي
ايتري قدر
شديد
آهي، جو
ڪانءُ جي
اک
پئي نڪري،
گرم
لڪون ۽ جهولا
گهُلي رهيا
آهن.
ڪا
شيءِ جي
نظر
وچ ۾ اڱڻ
تي
لڳل هڪ
نم
جي وڻ
تي
پئي ٿي،
هو
هڪ جهرڪيءَ
کي
حيران ۽ پريشانيءَ
جي
حالت ۾ رڙيون
ڪندي
ڏسي ٿو،
اها
جهرڪي مسلسل
چون
چون جو
آواز
ڪري رهي
آهي،
۽
ائين پيو
محسوس ٿئي
ته
شايد ڪنهن
شيءِ
جي ڳولا
۾
آهي
۽
ان شيءَ
جي
نه ملڻ
جي
صورت ۾ پريشانيءَ
وچان
چون چون
پئي
ڪري.
”ڪاشي
هيڏانهن اچ!
ٻاهر
گرمي آهي،
ڪٿي
بخار نه
ٿي
پوي!“
اندران
ڪمري مان
ڪا
شيءَ جي
ماءُ
پنهنجي ماٽيلي
آواز
۾
ڪا شيءَ
کي
سي رهي
آهي.
ڪاشي پنهنجي
سوچ
جي گهرائيءَ
۾
پنهنجي ماءُ
جي
سڏ کي
نظر
ڪري ڇڏي
۽
پريشان حال
جهرڪيءَ کي
تڪي
رهيو آهي،
جهرڪي نم
جي
وڻ تي
هڪ
ٽاريءَ کان
ٻيءَ
ٽاريءَ تي
اُڏري ويهڻ
جو
عمل مسلسل
جاري
رکيو پئي
اچي،
جهرڪي پنهنجي
گم
ٿيل شيءِ
جي
ڳولا ۾ هيڏانهن
هوڏانهن واجهائي
پئي،
سندس پريشاني
گهٽجڻ بدران
وڌندي پئي
وڃي.
ڪاشي
جهرڪيءَ جي
هر
عمل کي
نهايت غور
سان
ڏسي رهيو
آهي،
۽
لڳي پيو
ڪاشيءَ جي
جهرڪيءَ سان
همدرديءَ ڪارڻ
هو
به جهرڪيءَ
سان
گڏ هيڏانهن
هوڏانهن نهاري پيو
ته
اها ڪهڙي
شيءِ
آهي، جيڪا
جهرڪيءَ آڏو
غير
معمولي حيثيت
رکي
ٿي ۽ کيس
پريشان ڪري
پئي.
ڪاشيءِ
جون نظرون
ڏيڍي
واري دروازي
کان
ٿينديون اوطاق
جي
ڇت سان
لڳن
ٿيون ۽ کيس
محسوس ٿئي
ٿو
ته هن
کي
ڪوئي سڏي
رهيو
آهي، اوطاق
جي
ڇت کان
جتي
نم جي
ڪن
گمنام ٽارين
جو
پاڇائون آهي،
نظر
هيٺ وجهڻ
تي
هو پنهنجي
ننڍي
ڀاءُ عرفيءَ
کي
ڏسي ٿو.
ڪاشيءَ
پنهنجي ڀاءُ
سان
ايترو پيارو
ڪندو
آهي، ڄڻ
هو
سندس سڳو
ڀاءُ
هجي، ڪاشي
عرفيءَ جي
مُٺ
۾
ڪا جاندار
شيءَ
ڏسي ٿو
۽
عرفي
ان کي
قابو
ڪري، مضبوطيءَ
سان
کنيون پيو
اچي.
”ڀائو
ڪاشي! ڀائو
ڪاشي! هي
ڏس
مون جهرڪيءَ
جو
ٻچڙو پڪڙيو
آهي!
ڪيڏو نه
پيارو آهي؟
هي
ڏس! هن
جا
کنڀ آهن،
ڀائو! مون
هن
کي پاڻي
به
پياريو آهي.
خبر
اٿئي هي
مون
ڪٿان پڪڙيو
آهي؟
هي نه!
نم
جي هيٺان
پيو
هو، مون
جيئن
ئي ڏٺومانس،
پڪڙي
ورتو مانس!
۽
ڀائو....“
ڪاشي
پنهنجي ڀاءُ
عرفي
جي ڳالهه
کي
ڪٽيندي چوي
ٿو:
”عرفي
هي تو
ڪهڙي
حرڪت ڪئي
آهي؟
خبر اٿئي
هن
جهرڪيءَ جي
ٻچڙي
جي ماءُ
هن
لاءِ ڪيتري
پريشان آهي؟
هو
ڏس مٿي
نم
تي ڳپل
وقت
کان هوءَ
چون
چون ڪري
رهي
آهي، سڀني
جو
آرام ڦٽايو
اٿس!
هاڻ هيئن
ڪر
جو هن
ٻچڙي
کي جتان
کنيو
اٿئي اٿي
رکينس، سندس
ماءُ
پاڻ مرادو
کڻ
ويندي.“
”نه
ڀائو! مون
هيڏي
مشڪل سان
هن
کي پڪڙيو
آهي
۽
تون چئين
ٿو
ته آئون
هن
کي رکي
ڇڏيان، آزاد
ڪري
ڇڏيان؟ نه
ڀائو
نه!“
عرفي
ٻاراڻي ضد
۾
اچي
جهرڪيءَ جي
ٻچڙي
کي پڪڙيو
بيٺو
آهي.
ڪاشي
هن جهرڪي
ڏانهن مٿي
نهاري ٿو،
هن
کي ائين
محسوس ٿو
ٿئي،
ڄڻ جهرڪي
هن
۾
ڪا اميد
ڪريو
ويٺي هجي،
۽
کيس
پارت ڪري
رهي
هجي، ڪاشيءِ
ڪنڌ
لوڏي ۽ ذميداري
محسوس ڪندي،
جهرڪيءَ کي
آٿت
ڏئي ٿو.
”ڀائو
عرفي! ڏس
مڙي
وڃ! ڀائو،
توکي
جيڪڏهن هي
ٻچڙو
ايترو ئي
پيارو لڳي
پيو
ته هن
کي
آزاد ڪر
نه؟
۽
پوءِ پري
کان
ڏس ته
هي
ڪيئن پنهنجي
ماءُ
کان چوڳو
وٺي
ٿو. تون
هن
کي آزاد
ڪر
آئون وعدو
ٿو
ڪريان ته
توکي
هن جهرڪيءَ
جي
ٻچڙي جي
هڪ
خوبصورت موت
ٺاهي
ڏيندس
(ڪاشي هڪ
سٺو
ننڍو آرٽسٽ
آهي
۽
سندس ڊرائنگ
هر
لحاظ کان
ڪافي
بهتر آهي).
”ڀائو!
ٺيڪ آهي
آئون
هن ٻچڙي
کي
آزاد ڪريان
ٿو،
پر تون
پنهنجو وعدو
ضرور
پاڙجانءِ! بس
هڪڙو
ڀيرو آئون
هن
کي ٻيهر
پاڻي
پياريان. پوءِ
هن
کي نم
جي
ٽاريءَ تي
ويهارينداسين!“
عرفي
ورانڊي کان
ٿيندو فرج
ڏانهن وڃي
پيو،
فرج مان
هڪ
پاڻيءَ جي
بوتل
ڪڍي جهرڪيءَ
جي
ٻچڙي کي
پيارڻ جي
ناڪام ڪوشش
ڪري
ٿو.
”ڀائو!
ڪاشي.... هي
پاڻي
نٿو پيئي!
منهنجي خيال
۾
هن
کي پنهنجي
ماءُ
گرائپ اٽر
يا
ڪوليمن جو
جوس
پياريندي آهي....
تنهن
ڪري اچ
ته
هن کي
پنهنجي ماءُ
جي
حوالي ڪريون.“
عرفي
جهرڪيءَ جي
ٻچڙي
کي کنيو،
ٻاهر
ٿو اچي۽
پنهنجي هٿ
کي
ڪجهه ڍلو
ڇڏي
ڏنو اٿس.
”عرفي
آئون ڪُرسي
کنيون پيو
اچان
تون ٿورو
انتظار ڪر
ته
پوءِ ان
جهرڪيءَ جي
ٻچڙي
کي نم
جي
ٽاريءَ تي
رکنداسين! ڪاشي
ڪرسي
کڻڻ لاءِ
وڃي
ٿو.
”ڀائو!
ڪرسيءَ کي
مضبوطيءَ سان
پڪڙجانءِ ۽ ائين
نه
ٿئي جو
آئون
ڪري پوان؟“
ڪاشي
ڪرسي کڻي
اچڻ
کان پوءِ
عرفيءَ جي
تاڪيد تي
عمل
ڪندي ڪرسي
مضبوطيءَ سان
جهلي
ٿو.
”ڀائو
ڪاشي! منهنجي
هڪ
خواهش رهجي
وئي.
هن جهرڪيءَ
جي
ٻچڙي منهنجي
هٿان
پاڻي ته
ڪونه
پيتو، پر
ڀائو-! آئون
هن
کي هن
جي
ماءُ هٿان
گرائپ واٽر
پيئندي ڏسڻ
چاهيان ٿو-!“
عرفي
پنهنجي معصوميت
سان
چيل انهن
لفظن
تي سندس
وڏي
ڀاءُ ڪاشيءَ
کي
مرڪندي ڏسي
ٿو،
ان کان
پوءِ
عرفي ۽ ڪاشي
فرمانبردار ٻارن
جيان
پنهنجي ماءُ
جي
سڏ تي
اندر
ڪمري ۾ وڃن
ٿا.
ڪاشيءَ
جا ٽي
دوست: مرتضيٰ،
ڪليم
۽
غلام عباس
جيڪي
هن جا
ويجها دوست
آهن،
شام جي
وقت
جڏهن سج
جبلن
جي اوٽ
۾
پناهه وٺي
لهي
ويندو آهي،
ڪاشيءَ سان
ملڻ
اچن ٿا،
ڪاشي
پنهنجي سنگت
۾
سڀ
کان خوش
شڪل
۽
ذهين ٻار
آهي،
هو تاريخ،
سماجي اڀياس،
۽
ادب
وغيره جهڙن
مضمونن ۾ دلچسپي
وٺندو آهي
۽
عمر
جي لحاظ
کان
انهن مضمونن
تي
چڱو خاصو
عبور
حاصل اٿس.
ڪاشيءَ
جي بيضوي
چهرو
۽
ڌيمي لهجي
۾
ڳالهائڻ جو
انداز هن
جي
شخصيت جي
نکار
جو سبب
بڻجن
ٿا.
”ڪاشي!
يار ڪالهه
سماجي اڀياس
واري
استاد تهذيب
جي
باري ۾ ڪجهه
ٻڌايو هو،
آئون
ڪجهه سمجهي
ڪونه
سگهيس، توکي
ياد
آهي ڪجهه؟“
غلام
عباس جيڪو
ڪاشيءَ جي
دوستن مان
جذباتي، قد
جو
ڊگهو ۽ سانوري
رنگت
جو ٻار
آهي،
ڪاشيءَ کان
تهذيب متعلق
پڇي
ٿو.
”يار
غلام عباس!
مون
وٽ سر
جو
ليڪچر ته
نوٽ
ٿيو پيو
آهي،
جيڪو تون
چاهين ته
مون
کان وٺي
سگهين ٿو،
پر
زباني صرف
ايترو سمجهه
ته:
اهڙو رهڻ
ڪرڻ
جو طريقو
جيڪو
ڪن قانونن
تحت
هجي، ان
کي
تهذيب چئبو
آهي،
تهذيب هر
قوم
ي شناخت
ٿيندي آهي،
اها
اسان کي
ورثي
۾
ملندي آهي،
وغيره وغيره
سمجهه ۾ آيو؟
يا
ڪونه؟ چيئن
ته
ٻيهر ٻڌايانءِ،
وڌيڪ
مون کان
معلومات وٺجانءِ!“
ڪاشي
گرمي سبب
ٻانهون کنجيندي
چيو:
”بس
ادا مهرباني
ايترو ئي
ڪافي
آهي، جيترو
هضم
ڪري سگهان
نه
ڀائو! يار!
اسان
به هجون
ها
تو وانگي
ذهين، ته
نه
ڇڏيون ها
دنيا
جو ڪو
سبيڪٽ، ڀلا
ٻڌاءِ تنهنجي
Hobby
(مشغلي)
جو
ڇا ٿيو؟
تون
جيڪا هڪ
شودر
جي تصوير
ٺاهي
رهيو هئين
مڪمل
ٿي وئي؟
غلام
عباس تجسس
سان
ڪاشيءَ کان
هن
جي پيٽنگ
جي
باري م
پڇيو:
”بس
يار! مڪمل
ته
ٿي وئي
آهي،
ٿورو رڳو
مانئوٽئين منهنجو
مطلب
آهي ته
تختي
تي هڻائڻو
اٿم،
پوءِ اوهان
جي
آڏو هوندي
۽
اوهان جي
تنقيد جو
نشانو بڻبي-!“
ڪاشي
چهري تي
هلڪي
مرڪ رکندي.
ڪليم
تنقيدي لهجي
۾:
”يار
مرتضى لڳي
ٿو
اسين ڪنهن
نظر
نه ايندڙ
مخلوق ۾ تبديل
ٿي
ويا آهيون.“
ڪاشي
مذاق ڪندي:
”ڇو
يار صبح
سلامت ته
آهيو، ۽ اسان
کي
نظر به
اچو
پيا!
اها
اوهان جي
غلط
فهمي آهي-“
ڪليم
هلڪو جذباتي
ٿيندي چئي
ٿو:
”يار!
اوهان صف
پاڻ
۾
ڳالهائڻ سان
ٻئي
جي اهميت
ته
گهٽائي ته
سگهو
ٿا، پر
پنهنجي اهميت
وڌائي ڪونه
ٿا
سگهو.“
”ابا
ڪليم! ڀايان
ٿو
تون به
ڪاشيءَ جي
اديباڻي طبيعت
جو
اثر ورتو
آهي،
بس شاعر
ٿيڻ
لاءِ توکي
اهڙن
جملن جون
ڪجهه
ٻيون قسطون
ادا
ڪرڻون پونديون.“
غلام
عباس پنهنجي
مخصوص انداز
۾
اهي
جملا چئي
چپ
ٿي ويو،
ڪاشي
جي سنگت
۾
مرتضيٰ سڀ کان
ڪم
گو ڇوڪرو
آهي،
هو ضرورت
مطابق ڳالهائيندو
آهي
۽
اڪثر ڳالهائڻ
بدران انڊين
پراڻن گانن
کي
جهونگاريندو رهندو
آهي،
سندس آواز
چڱڙو
۽
ڳائڻ جي
لائق
آهي، ان
ڳالهه جو
کيس
احساس به
آهي،
پر مجال
آهي
جو هو
ڪڏهن
سنجيده ٿي
سنگت
۾
ڳائي.
ڪاشيءَ جي
نظر گهرجي
اندران ايندڙ
عُرفي تي
پوي
ٿي، عُرفي
جي
مُٺ ۾ وري
ڪا
جاندار شيءَ
آهي،
۽
ويجهو اچڻ
سان
کيس يقين
ٿئي
ٿو ته
اُها
جاندار شيءَ
هڪ
پکي جو
ٻچڙو
آهي.
”ڀائو!
اڳهرو هن
منهنجي هٿان
پاڻي
ته ڪونه
پيتو، پر
ان
کان پوءِ
مون
هن لاءِ
گرائپ واٽر
جو
بندوبست ڪيو
هو،
ڪيڏي نه
خوشيءَ جي
ڳالهه آهي
جو
هي ٻچڙو
مون
کي وري
ملي
ويو ۽ مون
هن
کي گرائپ
واٽر
پياريو پر
ڀائو! خبر
ناهي
هي گرائپ
واٽر
ڇو نه
ٿو
پئي؟ ڀائو!
هن
کي ڪجهه
سمجهائينس، پنهنجي
وڏن
جو چيو
نه
ٿو مڃي!
عُرفي
بيسمجهيءَ جون
ڳالهيون ڪري
وڏي
ڀاءُ اڳيان
پنهنجي پريشاني
بيان
ڪئي.
”ڀائو،
ڀائو! اچ
ته
هن کي
اُڏرڻ ٿا
سيکاريون.!“
عُرفي
هٿ ۾ پڪڙيل
جهرڪيءَ جي
ٻچڙي
کي هوا
۾
اُڇلي ٿو
۽
ڏسي
ٿو ته
اهو
جهرڪيءَ جو
ٻچڙو
بنا چُر
چُر
جي پنهنجن
ننڍڙن پرن
کي
کنڊيڙيندي هيٺ
پٽ
تي اچي
ڪري
ٿو.
ڪاشيءَ
تڪڙو وڃي
اُن
کي هٿ
۾
کڻي
چڪاس ڪئي
ته
اهو جهرڪيءَ
جو
ٻچڙو بي
جان
ٿي چڪو
هو،
ڪاشي ڏاڍي
افسوس ۽ ڏک
وچان
منهن لڙڪائي
ان
جهرڪيءَ جي
ٻچڙي
کي هٿ
۾
کڻي
ٿو ۽ جيئن
ئي
هو اڳتي
ورانڊي ڏانهن
وڌي
ٿو ته
کيس
ڪنهن شيءِ
جو
ڇت واري
پکي
سان ٽڪرائجي
ڪري
پوڻ جو
آواز
اچي ٿو.
پنهنجي کاٻي
هٿ
تي نظر
ڦيرائڻ سان
ڏسي
ٿو ته
هڪ
جهرڪي ڪجهه
وقت
لاءِ ڦٿڪي
ٿي
۽
پوءِ ڪنڌ
لاڙي
پٽ تي
سمهي
ٿي پوي.
ويجهو وڃي
خبر
پوي ٿي
ته
اها جهرڪي
به
بي جان
ٿي
چڪي هئي،
ڪاشي
ساڄي هٿ
۾
جهرڪي ۽ کاٻي
هٿ
۾
ان جي
ٻچڙي
کي کنيون
اندر
وڃ ٿو،
ٻي
بي جان
شيون
هن جي
هٿن
۾
آهن، هو
جيئن
ئي اندر
پهچي
ته کيس
پنهنجي ماٽيلي
ماءُ
انهن بي
جان
پکين جي
جسمن
کي ٻاهر
کڻي
وڃڻ لاءِ
چئي
ٿي.
”ڪاشي! دماغ
خراب
ٿيو اٿئي
ڇا؟
هن
بدبوءَ کي
اندر
کڻي آيو
آهين! بيماري
آهن
هي! ماڻهين
جو
اگهر اٿئي
ڇا؟؟
هل هتان
نالائق! اڙي
پنهنجي ماءُ
سان
گڏ مري
ڪونه
پيو وڃين،
منحوس! تو
واري
ماءُ به
پنهنجي هڪ
منحوس نشاني
گهر
۾
آزار لاءِ
ڇڏي
وئي!
”هل کڻي
وڃ
اها ڌپ
ٻاهر
۽
ڦٽو ڪرينس!“
ڪاشي
هيڪلي هجڻ
جي
احساس کي
شدت
سان محسوس
ڪري
ٿو، هو
اندر
جي پيڙائن
۾
ڦٿڪي
ٿو ۽ پنهنجي
سڳي
ماءُ جي
نه
هجڻ جو
احساس، هن
جي
نڌڻڪي هجڻ
جي
احساس کي
اجاگر ڪري
ٿو،
ماٽيلا جذبا!
ماٽيلي محبت!
ماٽيلو پيار!
ماٽيلي ماءُ
۽
ماٽيلو ڀاءُ!
۽
آخر
۾
ڪاشي شايد
پنهنجو پاڻ
کان
ماٽيلو!
هو
پنهنجي وجود
کي
ماٽيلو ٿو
محسوس ڪري،
هو
ڪمري مان
ٻاهر
قدم کڻي
ٿو
۽
لڳيس ٿو
ته
هن جي
هٿن
۾
ٻن بي
جان
وجودن ۾ هڪ
ٻئي
جو اضافو
ٿيو
آهي.
سنڌيڪار:
سيد مهراڻ
سنڌي
سبق
عارف
۽
سلمان ۾ گهڻي
گهاٽي دوستي
هئي.
انهن ٻنهي
جي
دوستي چوٿين
ڪلاس
کان شروع
ٿي
هئي، ۽ اڄ
ستين
ڪلاس ۾ پهچي
چڪا
آهن.
هن
وقت سلمان
گهر
۾
ويٺو بور
ٿي
رهيو هو.
هن
سوچيو ته
عارف
سان گپ
شپ
۾
وقت گذاريان،
شام
جو وقت
ٿي
چڪو هو.
سلمان عارف
جي
گهر جي
گهنٽي وڄائي
ته
ان جي
ماءُ
دروازي تي
آئي.
سلمان عارف
جي
باري ۾ پڇا
ڪئي.
هن ٻڌايو
ته
منجهند جي
ماني
کائڻ کان
پوءِ
گهر کان
غائب
آهي، پنهنجي
دوست
کي ڳولهي
وٺي
اچ، هن
جو
پيءُ آفيس
کان
اچڻ وارو
آهي،
ان جي
غير
موجودگي جي
خبر
ٻڌي ڏاڍو
ناراض ٿيندو.
سلمان
چيو ٺيڪ
آهي،
پوءِ واپس
ٿيو،
پر هن
کي
حيرت هئي
ته
عارف اهڙو
ڇوڪرو ته
نه
هو جو
ايتري دير
کان
گهر ٻاهر
رهي.
هي ڪٿي
ٿي
سگهي ٿو،
ٽي
چار گهٽيون
ڇڏي
اتي هڪ
باغيچو هو،
ڪڏهن
ڪڏهن هي
ٻئي
اتي به
ويهي
رهندا هئا،
سلمان جڏهن
پارڪ
۾
پهتو، وڏي
خوشي
ٿيس ڇو
ته
عارف اتي
هڪ
ڪنڊ ۾ ويٺو
هو.
سلمان ويجهو
وڃي
چيس ته
تون
هتي ويٺو
آهي
۽
تنهنجا گهر
وارا
پريشان آهن.
هن
وڏي حسرت
سان
سلمان کي
ڏٺو.
هن جي
اکين
۾
ڳوڙها تري
رهيا
هئا، سلمان
کي
تشويش ٿي،
يار
ڪهڙي ڳالهه
آهي.
”پنهنجي
دوست
کي نه
ٻڌائيندي.“
عارف
گهٻرائيندي ٻڌايو:
”اڄ
منهنجو پيءُ
مون
تي گهڻو
ناراض آهي.“
عارف
ٻڌايو ته
ڪلهه
جڏهن بابا
آفيس
وڃڻ جي
تيارين ۾ مصروف
هو
ته منهنجي
ننڍي
ڀاءُ چيو
ته
بابا مون
وٽ
پينسل ڪونه
آهي،
ننڍي ڀيڻ
فرمائش ڪئي
ته
مون وٽ
ڪاپي
نه آهي.
اباب
مسڪرائيندي چيو
ته
عارف تنهنجي
لاءِ
ڇا وٺي
اچان
ان تي
مان
چيو ته
مون
کي به
رجسٽر گهرجن،
جڏهن
بابا آفيس
کان
واپس آيو
ته
هن بريف
ڪيس
کوليو ٻه
پينسليون، ٻه
ڪاپيون ۽ ٻه
رجسٽر ڪڍي
اسان
کي ڏنا،
اسان
خوشيءَ سان
پنهنجون شيون
ورتيون ۽ بابا
جو
شڪريو ادا
ڪيو.
”مان
جڏهن
رات جو
پڙهڻ
جي لاءِ
ويٺس
ته خيال
آيو
ته صبح
جو
بابا آفيس
ويو،
۽
شام جو
پنهنجي وقت
تي
گهر آيو،
ته
بازار وڃي
هي
شيون خريد
ڪرڻ
جو وقت
ڪٿان
مليس، بابا
آفيس
مان چوري
ته
نه ڪري
کي
آيو آهي.“
عارف
چيو، مون
کي
اها مار
به
اڃا تائين
ياد
آهي، جڏهن
مان
ٽئين ڪلاس
۾
هڪ
ڇوڪري جي
پينسل چورائي
هئي.
۽
بابا مون
کي
ڏاڍو ماريو
هو
۽
چيائين ته
چوري
ڪندي شرم
نه
آيئي. وڏو
ٿي
نالو بدنام
ڪندي، ڌاڙيل
ٿيندي، مان
انهن
خيالات کي
ڪڍڻ
جي ڏاڍي
ڪوشش
ڪئي ۽ ناڪام
ٿي
سمهي پيس،
صبح
ناشتي جي
وقت
مان ڊڄندي
ڊڄندي بابا
کي
چيو ته
هي
شيون توهان
ڪٿان
وٺي آيا
آهيو، بابا
مسڪرائيندي جواب
ڏنو
ته پٽ
اهڙيون شيون
اسان
جي آفيس
۾
گهڻيون هونديون
آهن،
بس اتان
کڻي
آيس، بابا
هي
ته چوري
آهي.
اوهان مون
کان
هي رجسٽر
واپس
وٺو، بابا
هڪدم
اٿي بيٺو
هڪ
چماٽ هي
چيو
ته مون
کي
چور چوين
ٿو،
نالائق بابا
کي
جلدي هئي،
۽
امان
به مون
کي
بچايو، هاڻي
بابا
آفيس کان
اچي
مون کي
ماريندو. انهيءَ
ڪري
مان باغيچي
۾
ويٺو
آهيان، ٿوري
دير
کان پوءِ
عارف
جو پيءُ
به
باغيچي ۾ آيو.
عارف
جو هٿ
پڪڙي
گهر وٺي
آيو.
عارف خوف
جي
ڪري بلڪل
هيڊو
ٿي ويو
هو،
جڏهن عارف
گهر
پهتو ته
ان
جي پيءُ
چيو
ته پٽ
واقعي ٿو
ٺيڪ
چيو ته
هي
شيون چوري
جون
آهن. پٽ
منهنجو رويو
ٺيڪ
نه هو،
تون
مون کي
معاف
ڪري ڇڏ.
عارف
چيو ته
بابا
اهو ته
اوهان جو
ڏنل
سبق آهي
ته
چوري گناهه
آهي،
ان جي
سزا
آخرت ۾ الله
سائين به
ڏيندو آهي.
مان
ڪيئن برداشت
ڪريان ته
ماڻهو منهنجي
پيءُ
کي چور
چون،
عارف جو
پيءُ
اڳتي وڌي
پنهنجي پٽ
کي
سيني سان
لاتو
۽
ان جي
اکين
۾
ندامت ۽ خوشيءَ
جا
ڳوڙها تري
رهيا
هئا.
ڪيڊٽ
ڪيلاش راجا
”خوش
اخلاقي“
انسان
هن دنيا
۾
هن
حسنن سان
سڃاتو وڃي
ٿو.
(1) ظاهري حسن
(2)
اندروني حسن
ظاهري
حسن مان
مراد
آهي ته
سڄو
ڏينهن سينگارڻ
۽
سنوارڻ پوءِ
کڻي
اخلاق، ڪردار
ڪيڏو
به ڪڏي
قسم
جو ڇو
نه
هجي. مطلب
ته
پاڻ کان
وڏن
سان اڍنگي
انداز ۾ پيش
اچڻ
۽
خراب چال
چلت
وغيره، پر
اندروني حسن
جو
مطلب هرگز
اهو
ڪونه آهي،
پر
خوش اخلاقيءَ
تي
آهي، خوش
اخلاقي جو
دارو
مدار سٺين
عادتن، سٺي
هلت
چلت گفتگو
ڪرڻ
جي انداز
۽
سهاري تي
آهي.
سياڻن
جو چوڻ
آهي
ته
”اهائي
زبان
اس ۾ ويهاري
۽
اهائي زبان
ڇانو
۾
ويهاري.“ مطلب
اهو
ته جيڪڏهن
اسان
تکو ۽ بي
رخيءَ وارو
لهجو
استعمال ڪنداسين
ته
هرڪو نفرت
ڪندو، پر
جيڪڏهن اسان
ڍنگ
۽
طريقي ان
ڳالهائينداسين ته
هرڪو
پيو جيءُ
۾
جايون ڏيندو،
خوش
اخلاقي سان
پيش
اچڻ ڪري
انسان ۾ ڪيتريون
ئي
خوبيون پيدا
ٿين
يون، ۽ انسان
جو
اخلاق ڪيترن
ئي
خامين کان
آجو
رهي ٿو.
خوش
اخلاقي سان
نه
هلبو ته
اسان
جي من
تي
هيٺ غرور
۽
وڏائيءَ جهڙين
خامين جي
ڪٽ
چڙهي ويندي.
قرآن
شريف ۾ لکيل
آهي
ته سٺو
ڳالهائڻ سٺي
عادت
آهي، ان
سان
پاڻ ۾ محبت
پيدا
ٿئي ٿي،
مساوات ۽ همدرديءَ
جهڙا
اعلى ڳڻ
پيدا
ٿين ٿا،
ائين
به چوندا
آهن،
ماڻهو سٺي
اخلاق سان
دشمن
کي به
دوست
بڻائي سگهي
ٿو،
خوش اخلاق
هڪ
گل مثل
آهي،
جيئن گل
جي
خوشبوءَ مان
روح
کي راحت
۽
دل
کي سڪون
ملندو آهي،
تيئن
خوش اخلاق
ماڻهو مان
هر
ڪنهن کي
قرار
پيو ايندو
آهي،
ان ڪري
ئي
چوندا آهن
ته
”ٿڌو
گهڙو پاڻ
کي
ڇانو ۾ ويهاري.“
خوش
اخلاق جو
سڀ
کان اعليٰ
۽
بهترين نمونو
اسان
جو آخري
نبي
حضرت محمد
مصطفى ﷺ
جن
آهن، پاڻ
ڪڏهن
به ڪنهن
کي
ڇڙٻ نه
ڏنائون ۽ فرمايائون
ته
قيامت جي
ڏينهن سڀني
کان
پيارو ۽ منهنجو
مجلس
۾
مون کي
سڀ
کان وڌيڪ
ويجهو اهو
هوندو، جنهن
جو
اخلاق سڀ
کان
سٺو هوندو.“
حقيقت ۾ انسان
جي
وڏائي، سهڻي
اخلاق سان
آهي،
هڪ ڀيري
پاڻ
سڳورن کان
پڇيو
ويو
”سهڻا
اخلاق ڇا
آهن؟“ جواب
۾
فرمايائون:
”ٻين
کي
معاف ڪر
نيڪيءَ جو
ڪم
ڪر ۽ جاهلن
کان
منهن ڦير“
ان
سان گڏ
ائين
به چيائون
ته
”جيڪو
توسان ناتو
ڇني“
ان سان
ناتو
ڳنڍ، جيڪو
ظلم
ڪري ان
کي
بخش ڪر.“
خوش
اخلاقيءَ جو
مطلب
آهي ته
زبان
ضابطي ۾ رکجي
۽
گفتگو وقت
مٺو
۽
نرم لهجو
اختيار ڪجي،
اها
درست ۽ ميٺاج
واري
لهجي ۾ ڪجي،
اهڙي
ڪابه غلط
وائي
پنهنجي زبان
مان
نه ڪڍڻ
گهرجي، جنهن
سان
ڪنهن جي
دل
آزاري ٿئي،
اسان
جي عظم،
بلند
پايه ۽ شاعرن
جي
سرتاج شاهه
ڀٽائي به
خوش
اخلاقي سان
هلڻ
جي تلقين
ڪئي
آهي، جيڪڏهن
اسان
چاهيون ٿا
ته
اسان صحيح
نموني ۾ انسان
ٿيون، خوش
اخلاقي جي
واٽ
اختيار ڪريون
۽
ڪوڙي
وڏائي هٺ
غرور
۽
ٻين اوڻاين
کان
پاسو ڪريون،
جيئن
شاهه سائين
فرمائي ٿو
ته:
نمي
کمي نهار
تون
ڏمر وڏو
ڏک
منجهان
صبر سک،
جي
سنواريا سمجهين،
شاهه
صاحب نفرت،
ڦيٽهڙي ۽ خود پسندي
کان
پري رهڻ
جي
تاڪيد ڪندي
فرمائي ٿو
ته:
هو
ڇنني، تون
مَ
ڇن پاءِ
اميري ان
سين،
جي
هو اوگڻ
ڪنئي، تون
ڳڻا
ئي ڳن،
پاند
جهليو پن،
هن
سونهاري سنڱ
۾.
چوڻ
جو مطلب
اهو
آهي ته
خوش
اخلاقي سان
هلڻ
ڪري نه
نه
رڳو اسان
جي
زندگي سڪون
رهي
ٿو، پر
اڍنگي طريقي
سان
هلڻ ڪري
پنهنجي طبيعت
۾
به
اطمينان نٿو
رهي
پر ٻين
جي
دل به
دکي
ٿئي ٿي،
ائين
به چوندا
آهن
ته
”پر
ڀلو
ته پنهجو
ڀلو،
مطلب ته
اخلاق جي
اصولن تي
هلڻ
ڪري آرام
۽
سڪون
ميسر ٿي
سگهندو آهي،
اسلام به
اسان
کي خوش
اخلاقي سان
هلڻ
جي تاڪيد
ڪئي
آهي.
ان
لاءِ اسان
کي
به جڳائي
ته
خوش اخلاقي
سان
پيش اچون،
ڇاڪاڻ ته
ان
نموني سان
هلڻ
ڪري ئي
زندگي ۾ حسن
پيدا
ٿئي ٿو
۽
معاشري ۾ سڪون
رهي
ٿو.
عبدالجبار
”عبد“
ماڪ
جي ڦڙن
جو
تاج
پراڻي
زماني جي
ڳالهه آهي
ته
شاهه عالم
نالي
هڪ بادشاهه
هو،
جنهن کي
فقط
هڪ نياڻي
هئي،
جنهن جو
نالو
شهزادي سونهن
هو.
شهزادي سونهن
جيئن
ته بادشاهه
جي
اڪيلي نياڻي
هئي،
ان ڪري
هوءَ
پيءُ ماءُ
کي
ڏاڍي پياري
هوندي هئي،
پر
پيءُ ماءُ
جي
گهي لاڏ
ڪوڏ
سبب هوءَ
طبيعت ۾ ڏاڍي
سخت
هئي. هڪ
ڏينهن اها
ننڍڙي شهزادي
پنهنجي محلات
واري
باغيچي ۾ گهمي
رهي
هئي، ته
هن
گلن جي
پنن
تي ماڪ
جا
ڦڙا ڏٺا،
جيڪي
نهايت شيي
وانگر چمڪي
رهيا
هئا. ماڪ
جا
اهي ڦڙا
شهزاديءَ کي
پنهنجي محل
۾
رکيل
هيرن کان
به
وڌيڪ چمڪندڙ
لڳا.
وءِ
شهزادي سونهن
جلدئي شاهي
محل
۾
موٽي آئي
۽
بادشاهه کي
چيائين ته:
”بابا
سائين! مون
کي
ماڪ جي
ڦڙن
جو تاج
ٺهرائي ڏيو،
جيستائين مون
کي
ماڪ جي
ڦڙن
جو تاج
نه
ملندو، تيستائين
آءُ
ڪجهه به
نه
کائينديس نه
پيئنديس.“ ائين
چئي
شهزادي پنهنجي
ڪمري
۾
هلي ويئي
۽
ڪمري
جو دروازو
بند
ڪري ڇڏيائين.
اهو
ڏسي بادشاهه
ڏاڍو
پريشان ٿي
ويو،
ڇاڪاڻ ته
هن
کي خبر
هئي
ته ماڪ
جي
ڦڙن مان
تاج
نٿو ٺهي
سگهي، تنهن
هوندي به
لاڏلي ڌيءَ
جي
خواهش پوري
ڪرڻ
واسطي هُن
پنهنجي ملڪ
جي
سمورن سونارن
۽
جوهرن کي
حڪم
ڏنو ته
اهڙي
قسم جو
تاج
ٽن ڏينهن
جي
اندر پيش
ڪيو
وڃي، اهو
ٻڌي
سمورا سونارا
۽
جوهري پريشان
ٿي
ويا ته
ماڪ
جي ڦڙن
جو
تاج ڪهڙي
نموني تيار
ڪن.
انهن سونارن
مان
هڪ پيرسن
سونارو هو،
جيڪو
نهايت ئي
ڏاهو
ماڻهو هو،
اهو
بادشاهه جي
درٻار ۾ آيو
۽
نهايت ادب
مان
بادشاهه کي
عرض
ڪيائين ته:
”قبلا! جيڪڏهن
جان
جي امان
ملي
ته ڪجهه
عرض
ڪريان.“
بادشاهه
چيس ته:
”چؤ
ڇا ٿو
چوڻ
چاهين؟“
سونارو:
”حضور
اوهان شهزاديءَ
کي
به گهرايو.“
بادشاهه
شهزادي سونهن
کي
گهرايو، ته
سوناري چيس
ته،
”اي
ننڍڙي شهزادي!
آءُ
ماڪ جي
ڦڙن
جو تاج
تيار
ڪندس، پر
منهنجو هڪ
ننڍڙو شرط
آهي.“
”اي
سونارا! تنهنجو
ڪهڙو
شرط آهي؟“
شهزاديءَ چيس.
سونارو:
”اوهان هن
باغ
۾
هلي ڪري
مون
کي پنهنجي
پسند
جا ماڪ
جا
ڦڙا کڻي
ڏيو،
ته آءُ
انهن
مان اوهان
کي
تاج تيار
ڪرائي ڇڏيان.“
شهزادي
سونهن سوناري
کي
ساڻ ڪري
باغ
۾
ويئي. جتي
گلن
۽
پنن تي
ماڪ
جا ڦڙا
جڳ
جڳ ۽ جهرمر
ڪري
رهيا هئا،
مگر
شهزاديءَ جنهن
به
ڦڙي ۾ هٿ
پئي
وڏو، ته
اهو
سندس آڱرين
۾
پاڻيءَ وانگر
وهي
ٿي ويو.
اهو
ڏسي شهزاديءَ
پنهنجي دل
۾
لڄي
ٿي ۽ پوءِ
پوڙهي سوناري
کان
معافي ورتائين
۽
واعدو ڪيائين
ته
هوءَ ٻيهر
ڪڏهن
به اهڙو
اجايو ضد
نه
ڪندي. شهزادي
سونهن محل
۾
اچي
بادشاهه کان
به
معافي ورتي
۽
چيائين ته:
”بابا
سائين! ٻيهر
آءٌ
اهڙي قسم
جو
ضد ڪڏهن
به
نه ڪنديس.“
ٻارو!
اوهان ڏٺو
ته
شهزادي سونهن
کي
ضد سبب
اهڙو
سبق مليو،
جو
هن ٻيهر
ڪڏهن
به اجايو
ضد
نه ڪيو،
ان
ڪري اوهان
به
پنهنجي پيءُ
ماءُ
سان ڪڏهن
به
اجايو ضد
نه
ڪيو.
رابيل
جوکيو
بابا
طوطو آندو
ننڍڙي
صائمه اڄ
جڏهن
پنهنجي پيءُ
کي
ڏٺو ته
کيس
گهڻي خوشي
ٿيس.
صائمه جو
پيءُ
اڄ شام
جو
نوڪريءَ تان
موٽيو هو
۽
هن
جي هٿ
۾
هڪ
طوطو هو،
جنهن
کي پڻ
بازار مان
خريد
ڪري آيو
هو،
ننڍڙي صائمه
ڊڪندي ڊڪندي
پنهنجي پيءُ
ڏانهن وئي،
سندس
پيءُ هن
کي
پيار مان
کنيون ۽ چيو
ته،
”آءُ
هي طوطو
فقط
تنهنجي لاءِ
وٺي
آيو آهيان،
ڇو
ته تون
مون
کي تمام
گهڻي
پياري آهين.“
صائمه طوطي
کي
هڪ پڃري
۾
وهاريو ۽ گهڻي
دير
تائين طوطي
سان
ڳالهيون ڪندي
رهي.
رات
جو صائمه
کي
پنهنجي پيءُ
چيو
ته،
”هي
طوطو
آءٌ فقط
تنهنجي لاءِ
وٺي
آيو آهيان،
هي
طوطو ايستائين
تنهنجو آهي،
جيستائين تنهنجي
سالگره ٿئي
۽
ان
کان پوءِ
اسين
طوطي کي
آزاد
ڪري ڇڏينداسين!
صائمه کي
پنهنجي پيءُ
جي
اها ڳالهه
چڱي
لڳي ۽ هن
چيو
ته،
”ها
بابا،
اسين ائين
ئي
ڪنداسين. جڏهن
منهنجي سالگره
ٿيندي ته
آءُ
پنهنجي هٿن
سان
طوطي کي
آزاد
ڪري ڇڏينديس،
ٻئي
ڏينهن صائمه
پنهنجي سڀني
سهيلين کي
طوطي
ڏيکاريو ته
هو
سڀئي طوطي
کي
ڏسي خوش
ٿيون
۽
صائمه جي
تعريف ڪر
لڳيون.
صائمه
طوطي جي
ڏاڍي
چڱي طرح
سان
سار سنڀار
لهڻ
لڳي، کيس
ميوو
۽
پاڻي هر
وقت
پڃري ۾ رکندي
هئس،
صائمه روزانو
اسڪول کان
بعد
گهر اچي
طوطي
سان ڳالهيون
ڪندي
هئي، ۽ طوطو
به
صائمه جي
ڳالهائڻ تي
ٻوليندو هو.
وقت
پنهنجي رفتار
سان
گذرندو رهيو،
صائمه جي
سالگرهه به
ويجهي ٿيڻ
لڳي،
آخر هڪ
ڏينهن سالگره
به
اچي وئي.
صائمه پنهنجي
سالگرهه تي
سٺا
ڪپڙا پاتا.
صائمه جي
پيءُ
سالگره جو
بندوبست به
چڱي
ريت ڪيو.
سالگرهه جي
رسمن
جي ادا
ڪرڻ
بعد صائمه
کي
پنهنجي پيءُ
طوطي
جي ياد
ڏياري ۽ صائمه
جلدي
پڃرو کڻي
آئي،
صائمه طوطي
کي
چڱي طرح
سينگاريو هو
۽
پيرن
۾
موتي پارايا
هئائينس، جيڪي
پڻ
تمام سهڻا
ٿي
لڳا، صائمه
پڃرو
گهر جي
پڌر
۾
کڻي آئي
۽
پوءِ
پڃري جو
دَرُ
کولي ڇڏائين،
طوطو
پڃري
مان
ٻاهر نڪتو
۽
ٽيون
ٽيون ڪندو
اڏري
ويو، طوطي
جي
اڏرڻ تي
صائمه ۽ سندس
سهيليون خوش
ٿيڻ
لڳيون ۽ کلڻ
ٿي
لڳيون. صائمه
جو
پيءُ به
خوش
ٿي رهيو
هو،
جو هن
پنهنجو واعدو
پورو
ڪيو.
حاجي
محمود کوسو
شخصيت سنواريو
پيارا
ٻارو!
هر
انسان ۾ ڪجهه
خوبيون ۽ ڪجهه
خاميون ضرور
هونديون آهن،
جيڪي
خاميون آهن
تن
کي دُور
ڪرڻ
گهرجي. سقراط
جو
هڪ قول
آهي،
ته جيڪڏهن
توهين ڪوجها
آهيو، ته
اهڙا
ڪم ڪريو
جو
توهان جو
ڪوجهائپ لڪي
وڃي،
هتي ڪجهه
خامين جي
نشاندهي ڪريان
ٿو
اميد آهي
ته
انهن نيڪ
صلاحن تي
عمل
ڪري زندگي
۾
سرخرو ٿيندا.
(1) ڪوڙ کان
پاسو
ڪريو، هميشه
سچ
ڳالهايو.
(2) ڪنهن جي
گلا
نه ڪيو،
چُغلي نه
هڻو،
(3) ساڙ
(حسد (نه
ڪريو.
(4) پنهنجي تعريف
پاڻ
نه ڪريو.
(5) پنهنجو راز
ڪنهن
سان نه
سليو.
(6) غرور ۽ تڪبر
نه
ڪريو، هميشه
صبر
کان ڪم
وٺو.
(7) ماءُ، پيءُ
کي
خدا جي
بهترين نعمت
ڄاڻو.
(8) هر ڪنهن
سان
خوش اخلاقي
سان
ملو.
(9) استادن کي
بهترين رهنما
سمجهو ۽ هميشه
سندن
عزت سان
پيش
رهو.
(10) وقت
جو
قدر ڪريو.
(11)
هر ڪم
سوچي
۽
سمجهي ڪيو.
(12)
زبان کي
قابو
۾
رکو.
(13)
ٻٽاڪ)
ڊاڙ)
نه
هڻو.
(14)
پنهنجي غلطي
ٻئي
تي نه
هڻو.
(15) ماڻهن
اڳيان
نڪ ۽ وات
۾
آڱر
نه وجهو.
(16) سوير
سمهو، سوير
اٿو.
(17) ڳالهائڻ
وقت هٿ
کي
گهڻو نه
هلايو.
(18) اوٻاسي
ڏيندي وقت
وات
تي هٿ
رکو.
(19)
قميص
جي
ٻانهن سان
نڪ
يا منهن
نه
اگهو.
(20)
رستن
روڊن
تي گهمندي
ڪجهه
به نه
کائو.
(21) قرض
مرض
آهي، ان
کان
پاسو ڪريو.
گل
ڦل قلمي
دوستي
نالو:
الطاف حُسين
مغيري
ڪلاس:
فرسٽ ايئر
وندر:
ڪتاب پڙهڻ
عمر:
15
سال
ائڊرس:
شاهه ڀٽائي
پريس
شهدادڪوٽ.
نالو:
احمد علي
عمراڻي
ڪلاس:
ستون
وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر:
11
سال
ائڊريس:
معرفت، جمعو
خان،
حجام، پيارو
لنڊ
نالو:
راجا حسن
شيخ
ڪلاس:
اٺون اي
وندر:
قلمي دوستي
رکڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
معرفت، محمد
قاسم
ڪنڀر هوٽل
وارو
نئون دمبالو.
نالو:
اسد الله
سومرو
ڪلاس:
پنجون
وندر:
گل ڦل
پڙهڻ
عمر:
10
سال
ائڊريس:
سچل سرمست
ڪي
جي اسڪول،
وارهه.
نالو:
فياض احمد
سومرو
ڪلاس:
نائون بي
وندر:
ڪتاب پڙهڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
نيشنل بڪ
اسٽور شاهي
بازار کهڙا.
نالو:
طارق محمود
ٿهيم
ڪلاس:
نائون اي
وندر:
سنڌ سان
پيار
عمر:
14
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول کنڀڙا،
تعقو
اُوٻاوڙو.
نالو:
ايم عالم
تبسم
سيال
ڪلاس:
فرسٽ ايئر
وندر:
گل ڦل
پڙهڻ
عمر:
17
سال
ائڊريس:
سيال ڪيبن،
ويجهو ڊاڪٽر
امتياز شيخ
شهدادڪوٽ.
نالو:
سيد امبر
علي
شاهه
ڪلاس:
ڇهون
وندر:
ادب سان
چاهه
عمر:
12
سال
ائڊريس:
ڪڙي عطا
محمد
خان، شڪارپور.
نالو:
ممتاز علي
سومرو
ڪلاس:
فرسٽ ايئر
وندر:
ڪتاب پڙهڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
سومرا محله
شهدادڪوٽ.
نالو:
ذوالفقار ماجد
جويو
ڪلاس:
نائون بي
وندر:
قرآن شريف
پڙهڻ
عمر:
13
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪل
نمبر1،
ميهڙ.
نالو:
عبدالغفار مهر
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
گل ڦل
پڙهڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
ڳوٺ رڪ
شريف، ضلعو
شڪارپور.
نالو:
عبدالشڪور شيخ
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
قلمي دوستي
رکڻ
عمر:
18
سال
ائڊريس:
معرفت، الشيخ
هوٽل
ٺيڙهي، ضلعو
خيرپور ميرس.
نالو:
رياض حسين
جتوئي
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
قلمي دوستي
رکڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
معرفت: غلام
قادر
ميمڻ دڪاندار، پوسٽ
آفيس
ڦڪا، ضلعو
دادو.
نالو:
مظفر حسين
مهيسر
ڪلاس:
نائون
وندر:
رسالا پڙهڻ،
عمر
14
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول لالو
لنجاري، تعلقو
پنوعاقل.
نالو:
شامداس
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
گل ڦل
پڙهڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
ڪمار جنرل
مرچنٽ ويجهو
حبيب
بئنڪ روڊ،
ڪنري
پاڪ.
نالو:
شيوڪ ڪمار
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
رسالا پڙهڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
روپچند ڪريانه
مرچنٽ، وارڊ
نمبر2،
پوسٽ
آفيس تلهار.
نالو:
نادر علي
سومرو
ڪلاس:
فرسٽ ايئر
وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
سومرا محلا،
شهدادڪوٽ.
نالو:
رياض احمد
عباسي
ڪلاس:
فرسٽ ايئر
وندر:
علم سان
چاهه
عمر:
16
سال
ائڊريس:
نور ڊينٽل
ڪلينڪ، شاهي
بازار پنو
عاقل.
نالو:
ايس. اي.
تنيو
ڪلاس:
نائون، بي
وندر:
سائيڪل هلائڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
نياز الله
سائيڪل ورڪس،
وارهه،
نالو:
نثار احمد
چانديو
ڪلاس:
اٺون، اي
وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر:
13
سال
ائڊريس:
ڳوٺ سيدپور،
پوسٽ
آفيس فريد
آباد.
نالو:
عبدالحفيظ ميمڻ
ڪلاس:
نائون
وندر:
گل ڦل
پڙهڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
معرفت، اسلم
ميمڻ
جنرل اسٽور
گولاڙچي.
نالو:
احمد خان
شر
بلوچ
ڪلاس:
يارهون
وندر:
گل ڦل
پڙهڻ
عمر:
18
سال
ائڊريس:
ڳوٺ حاجي
محمد
مراد شر
بلوچ، پوسٽ
آفيس
شاهه پور
چاڪر.
نالو:
جاويد احمد
مهر
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
گل ڦل
پڙهڻ
عمر:
17
سال
ائڊريس:
ڳوٺ رُڪ
شريف، ضلعو
شڪارپور.
نالو:
عبدالله نوناري
ڪلاس:
نائون بي
وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
انصاف ميڊيڪل
اسٽور، خانپور
مهر.
نالو:
طارق پنهور
ڪلاس:
انٽر
وندر:
قلمي دوستي
رکڻ
عمر:
17
سال
ائڊريس:
گهر نمبر
سي-
42، هائوسنگ
سوسائٽي، دادو.
نالو:
رياض حسين
مغيري
ڪلاس:
ڏهون
وندر:
رسالا پڙهڻ
عمر:
11
سال
ائڊريس:
شاهه ڀٽائي
پريس، شهدادڪوٽ.
نالو:
محمد اختر
جاکرو
ڪلاس:
ستون، اي
وندر:
علم سان
چاهه
عمر:
12
سال
ائڊريس:
معرفت، حاجي
محمد
اڪرم جاکرو،
دڪاندار، ويجهو
ريلوي اسٽيشن،
جنگ
شاهي.
نالو:
عتيق الرحمان
ڪلاس:
اٺون ڊي،
وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر:
13
سال
ائڊريس:
معرفت، ماستر
عبدالحميد شاعر
مين
بس اسٽاپ
سجاول.
نالو:
عبدالستار پيرزادو
ڪلاس:
ڏهون، سي
وندر:
دين سان
چاهه
عمر:
15
سال
ائڊريس:
ماڊل اسڪول
سنڌ
يونيورسٽيءَ، ايلسا
قاضي
ڪئمپس، حيدرآباد.
نالو:
برڪت علي
ميمڻ
ڪلاس:
ڏهون، سي
وندر:
رسالا پڙهڻ
عمر:
15
سال
ائڊريس:
وڏيرو حاجي
الهه
بچايو ميمڻ،
محلو، دادو.
نالو:
تنوير احمد
ميمڻ
ڪلاس:
نائون
وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
معرفت، جمن
بيڪري پوسٽ
آفيس، ميرپور
بٺورو.
نالو:
محمد علي
مهر
ڪلاس:
ڏهون، بي
وندر:
ڊرامه ڏسڻ
عمر:
16
سال
ائڊريس:
معرفت، نواب
دڪاندار بروهي،
محلو
شمس آباد،
سکر.
نالو:
وسيم گبول
ڪلاس:
اٺون، اي
وندر:
شاعري پڙهڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
معرفت، عبدالحڪيم
ڪُتر
مشين وارو،
تعلقو ميرپور
ماٿيلو.
نالو:
زاهد حسين
شيخ
ڪلاس:
اٺون، اي
وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
المهراڻ آٽوز
هاءِ
وي روڊ
راڻي
پور.
نالو:
حبيب الله
پتافي
ڪلاس:
پنجون
وندر:
ڪتاب پڙهڻ
عمر:
11
سال
ائڊريس:
پوسٽ ٻيرڙي،
ضلعو
گهوٽڪي.
نالو:
ڀڄن داس
مارواڙي
ڪلاس:
اٺون، سي
وندر:
علم سان
چاهه
عمر:
13
سال
ائڊريس:
سنڌ ميڊيڪل
اسٽور، شاهي
بازار عمر
ڊهو
سرحد ضلعو
گهوٽڪي.
نالو:
عبدالعليم شر
بلوچ
ڪلاس:
فرسٽ ايئر
ائڊريس:
معرفت، غلام
نبي
شر بلوچ
دڪاندار، پوسٽ
آفيس
پڊ عيدن.
نالو:
علي شير
براهوئي
ڪلاس:
چوٿون
وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر:
10
سال
ائڊريس:
مدرسه عربيہ
محمديه فريد
آباد، ميهڙ.
نالو:
صدر الدين
شيخ
ڪلاس:
ستون
وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر:
14
سال
ائڊريس:
نيو ناٿن
شاهه
ڪلاٿ هائوس،
نيو
بازار، خيرپور
ناٿن
شاهه.
نالو:
نسيم احمد
ڏاهري
ڪلاس:
اٺون، جي
وندر:
ڪتاب پڙهڻ
عمر:
13
سال
ائڊريس:
گولي مار
نوابشاهه.
نالو:
اصغر علي
لوهار
ڪلاس:
اٺون، سي
وندر:
علم سان
چاهه
عمر:
13
سال
ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ
اسڪول، ميرپور
ماٿيلو.
کل
ته سهي
هڪ
شخص پليٽ
فارم
تي بيٺو
هو
،
ريل گاڏي
آئي،
ريل ۾ رش
گهڻي
هئي.
همراهه
هڪ
گاڏيءَ وٽ
اچي
چيو
”ڇا
نوح
نبيءَ جي
ٻيڙي
۾
سمورا جانور
چڙهي
چڪا آهن.“
دريءَ مان
هڪ
همراهه چيو،
باقي
هڪ جانور
جي
جاءِ آهي.“
ناز
علي حسن
چاوڙو، چوهڙ
جمالي.
* هڪ
همراهه جي
ڳئون
گم ٿي
وئي،
سڄو شهر
رلي
رلي ٿڪجي
پيو،
ڳئون نه
لڌس،
سو همراهه
سوچيو، ڳئون
ته
ڪانه ملي،
سو
سئنيما ۾ وڃي
فلم
ڏسڻ لڳو،
اتي
هيرو، هيروئن
کي
چوڻ لڳو:
”تون
منهنجين اکين
۾
نهار
ته توکي
سڄ
دنيا جا
ڏک
نظر ايندا.“
همراهه
اٿي بيهي
رڙ
ڪري چيو:
”منهنجي ڳئون
ته
نظر ڪانه
ٿي
اچي.“
نثار
احمد چانڊيو،
سيدپور
هڪ
ڪرائيدار: جاءِ
جي
مالڪ کي
چيو
ته
”هي
ڪهڙيءَ
جاءِ آهي،
جنهن
۾
سڄي رات
ڪوئا
پيا وڙهن.“
جاءِ
جي مالڪ
جواب
ڏنو ته:
”سئو
رپيا مسواڙ
۾
ڪوئا
نه وڙهندا
ته
ٻيو ڇا
ٿيندو، تون
سؤ
رپين ۾ ڪڪڙ
جي
ويڙهه ته
نه
ٿو ڏسي
سگهين.“
نهال
چند، ايس.
ميگهواڙ، ڏيپلو.
هڪ
فقير هڪ
گهر
آڏو صدا
هنئي،”
الله
جي
نالي ماني
ڏيو
بابا؟“
پٽ،
ماءُ کي
رڙ
ڪري چيو،
”امان
هن فقير
کي
ماني نه
ڏجو،
گهرندو الله
جي
نالي آهي،
کائيندو پاڻ
آهي.“
غلام
مصطفى ٿهيم،
جاتي
استاد،
شاگرد کان
پڇيو
ته،
”اُٺ
پکي
کي گهڻيون
ٽنگون آهن؟“
شاگرد
جواب ڏنو:
”سائين ڇهه.“
استاد
چيو:
”اهو
وري
ڪيئن.“
شاگرد
چيو: سائين
چار
ٽنگون اُٺ
جون
۽
ٻه ٽنگون
پکيءَ جون.“
منور
علي مهڙ،
نواب
شاهه.
هڪ
ملان بيمار
ٿي
پيو، پڇڻ
وارن
مان ڪنهن
چيو،
هن کي
آرام
ڪرايو، ڪنهن
چيو،
هن کي
آرام
ڪرايو، ڪنهن
چيو،
هن کي
سادي
خوراڪ کارايو،
ملان
اهو سڀ
خاموشي سان
ٻڌندو رهيو.
ايتري ۾ هڪ
چيو:
”هن
کي
حلوو کارايو.“
اهو
ٻڌي، ملان
رڙ
ڪري چيو:
هن
جي ته
ٻڌو
رڳو پيا
ڪچهري ڪريو.
سرور
ڪيريو، سڪرنڊ.
هڪ
هوٽل تي
ٻه
بيوقوف اچي
ويٺا، بيري
پڇيو، ٿڌو
کپي
يا گرم،
انهن
پڇيو، ٿڌو
گهڻي
جو آهي.
بيري
چيو: ٿڌو
ڏهه
۽
گرم چار
رپيا، هنن
گرم
جو آردر
ڏنو،
بيرو چانهه
کڻي
آيو، هڪ
بيوقوف ٻئي
کي
چيو، جلدي
پي
وٺ، ٿڌي
نه
ٿي وڃي،
ته
ڏهه رپيا
نه
ڀرڻا پون.
آنند
ڪمار، سرحد
گهوٽڪي.
هڪ
شيدي، رستي
تان
هڪ آئينو
لڌو. آئيني کي
اڇلائيندي چيائين:
”شڪل
اهڙي اٿئي
تڏهن
ته توکي
گهر
وارن اڇلائي
ڇڏيو
آهي.“
غلام
رسول دل،
جهرڪ.
ٻه
شهر جا
ماڻهو ڪچهري
ڪندا
پي آيا.
پريان ٻهراڙيءَ
جو
سادو ماڻهو
به
اچي رهيو
هو،
سو هنن
ان
کي هٿ
ڏيئي
چيو: تون
بيوقوف آهين،
يا
بي شعور،
ٻهراڙيءَ جي
ماڻهوءَ جواب
ڏنو،
”في
الحال ٻن
جي
وچ ۾ آهيان.“
ڪرشن
لعل، مٺي.
امتحان
هال ۾، هڪ
شاگرد، ٻئي
شاگرد تان
نقل
ڪري رهيو
هو،
استاد ڏسي
ورتس، سو
ٽوڪ
ڪندي چيائين:
”توکي
هن سان
گڏ
ويهاري ڇڏيان.“
شاگرد جواب
ڏنو:
”سائين
مهرباني هتان
صاف
ڏسڻ ۾ پيو
اچي.“
ايازحسين
چانديو، آر.
بي.
بي. ڪالوني
ڄامشورو.
هڪ
ماڻهو کي
هڪ
سوڙهو بوٽ
پيل
هو، سو
منڊڪائي هلي
رهيو
هو، هڪ
همراهه چيس:
اهو
بوٽ ڪٿان
آندو
اٿئي.
همراهه
کي اڳ
۾
بوٽ
تنگ ڪيو
هو.
سو ڪاوڙ
۾
چيائين.
”وڻ
تان
لاهي آيو
آهيان.“
همراهه
کلندي چيس:
”ٻه-
ٽي ڏينهن
ڇڏينس ها
ته
پچي ويڪرو
ٿئي
ها ته
اهڙي
تڪليف نه
اچيئي ها.“
عمران
علي، سڪرنڊ.
هڪ
حجم جي
دڪان
تي هڪ
همراهه ٻار
سان
گڏ آيو،
پهرين پنهنجا
وار
ٺهرايائين، ۽ پوءِ
حجم
کي چيائين.
”هن
جا وار
به
ٺاهه ته
مان
اچان ٿو.“
حجم
ٻار جا
وار
ٺاهيندي چيو:
”تنهنجو بابا
ڇا
وٺڻ ويو
آهي.“
ٻار
معصوميت سان
جواب
ڏنو:
”اهو
منهنجو بابا
نه
آهي، مون
ٻاهر
راند پي
ڪئي
ته هن
مون
کي چيو
ته
اچ ته
تنهنجا وار
مفت
۾
ٺهرايا.“ حجم
چيو:
”تنهنجا
ٺهرايائين، پر
نڀاڳو پنهنجا
وار
به مفت
۾
ٺهرائي ويو.“
رجب
علي ڀٽو،
نئون
ديرو.
هڪ
ڪنجوس جي
گهر
پٽ ڄائو
پر
اهو هڪ
اک
کان ڪاڻو
هو.
گهڻن ماڻهن
ان
سان افسوس
جو
اظهار ڪيو،
پر
همراهه چيو،
ڪا
ڳالهه ڪانهي،
هڪ
اک جو
سرمون ته
بچي
پوندو.
سيد
جبار شاهه،
نواب
شاهه.
هڪ
بنگلي جي
گهنٽي وڳي،
صاحب
نوڪر کي
چيو،
”وڃ
۽
وڃي ڏس،
جي
کير وارو
هجي
ته چئجانس
ته
صاحب کي
اڃا
پگهار ڪانه
ملي
آهي، جي
ڌوٻي
هجي ته
چائجانس سڀاڻي
اچي،
جي بنگلي
جو
مالڪ هجي
ته
چئجانس، ته
صاحب
گهر ۾ ڪونهي،
جي
ٺيڪيدار هجي
ته
چئجانس، صاحب
تنهنجو ئي
پيو
انتظار ڪري.“
نوڪر
وائڙو ٿي
ويو
۽
در کولڻ
سان،
صاحب جي
مٿيان لفظ
چئي
ويو.
ٻاهران
جواب آيو،
مان
تنهنجي تقرير
ٻڌڻ
ڪونه آهيان.
جلد
در کول
مان
سوئيپر آهيان.
صفائي ڪرڻ
آيو
آهيان.
ڪاشف
حسين سمون،
حيدرآباد.
هڪ
پوڙهي ماڻهوءَ
نقلي
ڏندن جي
ٻٽيهي لڳرائي،
ڊاڪٽر چيس
ته
ان کي
صاف
ڪرڻ لاءِ
صبح
جو ٻار
ڪڍي
صاف ڪندو
ڪر،
هڪ ڏينهن
هن
ڏندن جي
ٻٽيهي ڪڍي
ٻاهر
ڪرسي تي
رکي،
اندر بش
کڻڻ
ويو، اچي
ڏسي
ته ٻٽيهي
آهي
ڪانه، مٿي
نهاريائين ته
ڇت
تي ڪانءُ
چهنب
۾
کنيو ويٺو
هو،
پوڙهي رڙ
ڪري
چيو:
نڀاڳا
توکي ضرورت
هئي
ته ٻي
وٺين
ها، مون
غريب
کي خرچ
۾
ڇو
وڌوئي.
عابد
حسين ابڙو،
لاڙڪاڻو.
خط
پيارا
چاچا:
جيئن
ته آئون
گل
ڦل جو
پراڻو پڙهندڙ
آهيان.
جيئن
ته سيپٽمبر
وارو
شمارو منهنجي
هٿن
۾
آهي، هن
شماري ۾ حال
احوال، لطيفي لات
۽
ڏوهاري معاشرو
۽
لاچار ٻارڙا
تمام
بهترين هئا،
انهن
کا سواءِ
نينا
مرزا جو
انٽرويو، مولٽي
فوم
۽
هاٿي، وي
سي
ر اچو
ته
کوڙا پڙهون!
شينهن، درويش
۽
حلوائي، نڀاڳو
ڪير؟
قربان، ڪاپي
ڪلچر
۽
اسان جي
تعليم، کل
ته
سهي، ۽ گل
ڦل
قلمي دوستي
وغيره پنهنجو
مٽ
پاڻ هئا.
منور
علي پتافي،
ڳوٺ
صاحب خان
پتافي،
(شيخ ڀرڪيو.)
ادا،
مان
هن وقت
مظهر
مسلم ماڊل
هائير سيڪنڊري
اسڪول راڻيپور
ضلعي
خيرپور جو
شاگرد آهيان،
مان
هن خط
کان
اڳ به
ٻه
خط لکي
چڪو
آهيان، پر
ان
مان فقط
هڪ
خط شايع
ٿيو
آهي، مون
کي
تمام افسوس
سان
چوڻو ٿو
پوي
ته پهريائين
رسالو وقت
تي
نڪرندو هو،
پر
هاڻي تمام
دير
سان ٿو
نڪري، پهريائين
توهان حيدرآباد
جي
حالتن جو
بهانو بڻائيندا
هئا،
پر هن
وقت
حيدرآباد جي
حالات به
ڪافي
سڌري ويا
آهن.
مان
پنهنجي ننڍڙي
جي
جيڪڏهن تصوير
موڪليان ته
ڪيئن
موڪليان، بهرحال
مان
ڪجهه صلاحون
موڪلي رهيو
آهيان، اميد
ته
انهن تجويزن
تي
عمل ڪندا.
(1) رسالي گل
ڦل
جي سائيز
وڌائي وڃي
(2) رسالي کي
رنگين ڪيو
وڃي.
(3) سلسلو رنگ
ڀريو
ختم ڪيو
وڃي،
ان جي
جڳهه
تي ٻيو
ڪو
سٺو سلسلو
شروع
ڪيو وڃي.
(4) هر پرچي
۾
ڪنهن
نه ڪنهن
شخصيت جو
انٽرويو ڏنو
وڃي.
مهرباني
ڪري مٿئين
صلاحن تي
غور
ڪندا ۽ خط
ردي
جي ٽوڪري
کان
بچائيندا.
توهان
جو ننڍڙو
ڀاءُ
فياض
احمد ميمڻ،
گمبٽ
ضلع خيرپور
ميرس.
چاچا:
منهنجو
هي پهريون
خط
آهي، شايع
ڪري
منهنجي دل
کي
خوش ڪندا،
سيپٽمبر جو
پرچو
منهنجي هٿن
۾
آهي،
پڙهي دل
ڏاڍي
خوش ٿي،
ڏاڍيون ڪهاڻيون
سٺيون هيون.
مولٽي
فوم ۽ هاٿي،
علم
جي روشني،
اکين
جو خيال،
اڪبر
۽
اندر ديوتا،
درويش ۽ حلوائي
وغيره.
هي
منهنجو خط
ضرور
شايع ڪندا،
شڪريه
اوهان
جو ڀائيٽيو
هوٿي
مهر، ڳوٺ
محمد
علي بوزدار،
جروار.
چاچا،
احوال
ته اوهان
جي
موڪليل اعزازي
ڪاپي
-3
آڪٽوبر
1996ع
تي
ملي، ان
سان
گڏ اسان
جي
ننڍي دوست
اعجاز احمد
مهر
کي پڻ
اعزازي ڪاپي
ملي،
ان لاءِ
هو
تمام گهڻو
خوش
ٿيو آهي،
۽
سچ
پڇو ته
آءُ
به بيحد
خوش
آهيان، جو
اوهان ننڍي
دوست
جي حوصلا
افزائي ڪئي
آهي.
جيئن
ته اسان
جي
ننڍي دوست
اعجاز احمد
مهر
کي مون
ئي
زور ڀريو
ته
هو اوهان
جي
رسالي: گل
ڦل
کان شروعات
ڪري،
اهڙيءَ طرح
پهرئين دفعي
سان
ئي اوهان
هُن
جي حوصلا
افزائي ڪئي،
ان
لاءِ آءُ
اوهان جو
تمام
گهڻو ٿورائتو
آهيان، آئون
ڪجهه
مواد موڪلي
رهيو
آهيان، اميد
ته
هن خط
سميت
ضرور شايع
ٿيندو، مهرباني
(خدا
حافظ)
فقط
اوهان جو
اعجاز
قادر مهر-
رُڪ
چاچا:
جيئن
ته مان
گل
ڦل جو
پراڻو پڙهندڙ
آهيان، مان
توهان جو
رسالو
”گل
ڦل“
تمام شوق
سان
پڙهندو آهيان،انهيءَ
۾
سٺيون ڪهاڻيون
آهن،
پر توهان
جي
ڪهاڻي، مولٽي فوم
تمام
بهتر لڳي!
ادا
هن رسالي
کي
اڃا بهتر
بنائيندا.
توهان
جو ڀائيٽيو
”ناز“
علي حسن
چاوڙو، شهر
چوهڙ
جمالي.
ادا:
آئون
گل ڦل
جو
پراڻو پڙهندڙ
آهيان، ۽ ڪافي
ڀيرا
خط لکيا
اٿم،
اوهان انهن
کي
شايع ڪرڻ
جي
بدران رديءَ
جي
ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي
ٿا
ڇڏيو. اميد
آهي
ته منهنجو
هي
خط ضرور
شامل
ڪندا، ۽ مان
سوال
به موڪلي
رهيو
آهيان، اميد
ته
اهي صحيح
هوندا، ماهه
سيپٽمبر جو
پرچو
جڏهن پڙهيم،
جنهن
۾
ڏوهاري معاشرو،
شينهن، وي
سي
آر، نينا
مرزا، نصيحت،
علم
جي روشني،
اکين
جو خيال،
اڪبر
۽
اندر ديوتا،
نڀاڳو ڪير،
قرباني، نانگ
جو
سوپ، پاڻ
سان،
اهي تمام
گهڻا
پسند آيا،
۽
اسان
جي خاص
شڪايت گل
ڦل
دير سان
ٿو
اچي، مهرباني
ڪري
گل ڦل
وقت
سر وقت
موڪليندا ته
مهرباني.
موڪليندڙ:
محمد يامين
لُنڊ
بلوچ، ڳوٺ
الهرکيو لنڊ،
ضلع
دادو.
ادا ايڊيٽر:
اسان
گل ڦل
گهرائيندا آهيون،
پر
افسوس جو
گل
ڦل رسالو
تمام
دير سان
ٿو
اچي. ٻيا
سنڌي
رسالا تمام
گهڻو
اڳ ۾ شايع
ٿين
ٿا. پر
هي
واحد سنڌي
رسالو تمام
دير
سان ٿو
مارڪيٽ ۾ اچي،
اسان
توهان کان
معذرت گهرون
ٿا
ته مهرباني
ڪري
توهان وڌ
۾
وڌ
جلدي شايع
ڪري
اسان ڏانهن
جلد
موڪليو.
ادا
صاحب، جيڪڏهن
توهان گل
ڦل
تمام گهڻو
اڳ
پهرين تاريخ
۾
موڪليندا، جيئن
ته
اسان وٽ
5
تاريخ تي
پهچي.
وڌيڪ
توهان ڀائرن
جي
مرضي آهي،
جيڪڏهن توهان
صحيح
طرح رسالو
موڪليو ته
هتي
به تمام
سٺو
هلندو.
فقط:
سليم الله
تنيو، وارهه.
ادا،
سيپٽمبر
96ع
جو رسالو
جلدي
پهتو ۽ بيحد
خوشي
ٿي، هن
دفعي
رسالو تمام
بهترين هو،
شينهن تي
لکيل
تحرير تمام
گهڻي
پسند آئي
۽
گڏوگڏ زبردست
چاڻ
به ملي،
ليکڪ
کي اسان
پاران اهڙي
بهترين مضمون
لکڻ
تي مبارڪباد.
ڪهاڻين
۾
عطا محمد
ڀنڀرو، ايڇ
ذڪي
۽
اڪبر جسڪاڻي
جون
تحريرون بيحد
پسند
آيون، شاعري
۾
غلام
محمد غازي
جي
شاعري وڻي،
نينا
جو انٽرويو
به
وڻيو، آخر
۾
صلاح
ڏينداسين ته
ڳجهارت جو
انعامي سلسلو
رکو.
اسان کي
اميد
آهي ته
هن
صلاح تي
عمل
ضرور ڪندا
۽
هي
اسان جو
خط
به ضرور
شايع
ڪندا، مهرباني!
سميع
الله ۽ عزيز
الله، عبدالستار
ميمڻ، سجاول،
ضلع
ٺٽو.
چاچا:
لکڻ
جو مطلب
ته
هن ڀيري
به
اوهان جو
گل
ڦل مليو
تمام
سٺو لڳو.
گل
ڦل جو
ٽائيٽل تمام
خوبصورت لڳو.
چاچا
سائين خط
لکڻ
تي دل
چئي
ته ڪونه
پئي
پر وري
به
لکي رهيو
آهيان.
دل
انهيءَ ڪري
نه
پئي چئي
جو
اوهان ڏانهن
ڪيترا ڀيرا
خط
۽
مواد مُوڪليو
اٿم،
پر اوهان
طرفان سواءِ
مايوسيءَ جي
ڪجهه
نه مليو
اٿم.
وڌيڪ
پاڻ ڄاڻو.
اوهان
جو ننڍڙو
دوست
شوڪت
رضا ميمڻ،
ڊکڻ
باقي
خط لکندڙ
دوستن جا
نالا
(1) الهڏنو سومرو،
ڳوٺ
شهيد مبارڪ
سومرو،
(2)
عرفان
علي
خواجه ڪڍڻ
شهر،
(3)
وشن
داس عمرڪوٽ.
(4)
ساجد
عباس آرائين،
ملڪاڻي شريف
(5)
مير
آصف پنهور
دادو.
(6)
عبدالغفار مهر،
رُڪ
شريف.
(7)
سروڻ
ڪمار
سکاڻي، عمرڪوٽ.
(8)
نهال
چند ميگهواڙ،
ڏيپلو،
(9)
عبدالله
شجاع
لاڙڪاڻو،
(10)
غلام
جعفر، راڻيپور،
(11)
منير
احمد ٿهيم،
ڳوٺ
ملڪ،
(12)
علي
بروهي، نوابشاهه.
نتيجو رنگ
ڀريو- 36
هن
ڀيري به
ڪيترن ٻارن
رنگ
ڀري موڪليا.
پهريون نمبر
آيو:
خادم
حسين سريوال،
گهر
نمبر
436، انڙ
پاڙو، ٽنڊو
الهيار.
نتيجو
نالا
سڃاڻو- 4
هن
ڀيري هن
سلسلي ۾ ڪيترن
ئي
ٻارن دلچسپي
سان
حصو ورتو،
هيٺين ٻارن
صحيح
جواب موڪليا.)
سادي
پني تي
جواب
شامل نه
ڪيا
ويا آهن)
هيٺين ٻارن
کي
رسالي جي
اعزازي ڪاپي
موڪلبي.
جواب:
(1)
چنڊ،
پشم، گولو.
(2)
ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلو.
(3)
جمشيد
مهتا.
(4)
محمد
عثمان ڏيپلائي.
نالا:
(1) محمد
انور گهانگهرو،
گهانگهرا هائوس،
نيئر
سول ڪورٽ
رتوديرو.
(2) اروڻ اياز
ابڙو، ڪوارٽر
نمبر
38-A
گهٽي
نمبر9،
سنڌ يونيورسٽي
ڪالوني، ڄامشورو.
(3) اعجاز قادر
مهر،
پوسٽ رڪ
شريف، ضلعو
شڪارپور.
(4) ناصر قاضي،
المنظر ڪتاب
گهر،
رتوديرو.
(5) محمد رفيق
بوزردار، قاضي
ماڊل
اسڪول، رتوديرو.
رنگ
ڀريو- 38
هيٺ
ڏنل تصوير
۾
رنگ
ڀري موڪليو.
جنهن
ٻار جو
رنگ
صحيح ڀريل هوندو،
ان
کي
”گل
ڦل“
رسالي جي
ڪاپي
اعزازي موڪلبي.
موڪليندڙ
جو نالو
۽
ائڊريس:
نالا
سڃاڻو- 6
هيٺ
ڏنل نالن
جا
اکر، اڳتي
پوئتي، ڏنل
آهن،
اوهان اکر
ملائي صحيح
نالا
لکي موڪليو،
جن
ٻارن جا
جواب
صحيح هوندا،
انهن
کي
’گل
ڦل‘
رسالي جي
اعزازي ڪاپي
موڪلبي.
(سادي پني
تي
جواب قابل
قبول
نه هوندو).
د- ل- م- م- ع- ي- ا- ا- م- ي- ڻ- ح- س- ع- ا- س-
ر (وڏن ۽ ٻارن جو ليکڪ ’مرحوم‘)
ج- م- د- د- د- و- ح- و- ب- ل- ا- م- ء (ڪهاڻيڪار
مرحوم)
ن- ن- و- و- ا- ي- ٿ- ن- ر- و- ي (ٻارن جو ڪتاب)
ي- ا- ف- ا- س- ل- ا- ط- ب- ع (شاعر، مرحوم)
موڪليندڙ
جو پورو
نالو
۽
ائڊريس:
|