زاهد
عباسي
”ٽيڙو“
(1) ٻوٽا
پوکيون
جڳ
سڄي کي
سر
سبز بنايون.
(2) رانديڪڙا ٺاهيون
اچو
ته گڏجي
دل
وندرايون.
(3) گيت گلابي
ڳايون
امن
جا پکي
آزاد
ڪرايون.
(4) سک تون
علم
و هنر
جڳ
پنهنجي کي
ڪر
تون منور.
(5) ميٺ ۽ محبت
پيارا
ٻارو
اچو
سٺيءَ صحبت.
(6) رنگ برنگي
پکيئڙا
گيت
ٻڌائين
اسان
کي مٺڙا.
عبدالغفور
ناز نوحاڻي
گيت
مان
پڙهڻ گهران
ٿو
بابا،
مون
کي پڙهاءِ
آئون
پڙهڻ وڃان،
۽ مون
کي
سڀڪو چوندو
شابا.
توکي
جهلي ٿو
ڇو
وڏيرو،
پنهنجا
پاڙهي هيرو
خيرو،
مون
کي چارڻا
پون
ٿا گابا،
ڪونه
ويندو سانءِ
هر
تي هاڻي،
مون
تي حرام
آ
داڻو پاڻي،
منهنجا
بابا قبلا
ڪعبا،
سياڻا
چون ٿا
علم
آ دولت،
پڙهڻ
لکڻ سان
ملي
فضيلت،
علم
جني کي
سکيا
ستابا.
اعجاز
علي اسد
پليجو
ٻچا
جانورن کي
به
مٺا آهن
دوستو!
اسان سڀ
پنهنجي هن
دنيا
۾
هڪٻئي سان
ڪيترن ئي
رشتن
۽
ناتن جي
ٻنڌڻن ۾ ٻڌل
آهيون، جيئن
اسان
پنهنجي ماءُ
پيءُ
جا ٻچا/
اولاد
آهيون، ڀائرن
۽
ڀينرن جا
ڀاءُ
۽
مائٽن جا
مائٽ
ٿيون ٿا،
انهن
رشتن ۽ مائٽي
مٽي
جي ڪري
اسان
هن دنيا
۾،
سُک،
پيار ۽ ٻڌي
سان
رهون ٿا،
اهي
رشتا ۽ ناتا
اسان
کي زندگيءَ
۾
محبت، ويساهه
۽
ڀروسو ڏين
ٿا،
۽
اوکي مهل
۾
ساٿي
ٿين ٿا.
دنيا
۾
جيترا به
رشتا
آهن، تن
۾،
سڀ
کان وڌيڪ
پاڪ،
پيارو ۽ سچو
ماءُ
پيءُ جو
رشتو
ٿئي ٿو،
تڏهن
ته رب
سائين اسان
تي
ماءُ پيءُ
جي
خدمت ڪرڻ
فرض
ڪئي آهي،
ڇاڪاڻ ته
مائٽ
(ماءُ
پيءُ) اُهي
هستيون آهن،
جيڪي
نه ڄاڻ
ڪهڙا
ڪهڙا سور
سهي،
ٻچن کي
ساهه
سان سانڍي،
سک
رسائي ۽ نپائي
وڏو
ڪن ٿا.
اوهان
کي شايد
سُڌ/
ڄاڻ
هجي
ته ساهوارن
جي
دنيا ۾، انسانن
جهڙو
ماءُ پيءُ
جو
رشتو جانورن
۾
به
ڏٺو ويو
آهي،
مطلب ته
رڳو
انسان پنهنجي
ٻچن
کي ساهه
سان
نٿا سانڍين،
پر
جانور به
پنهنجي بچن
کي
جيءُ سان
سانڍيندا آهن.
جانورن
جا ڄاڻو
چون
ٿا ته
اها
ڳالهه نوانوي
سيڪڙو سچي
آهي
ته جانور،
ماءُ
پيءُ جي
رشتي
کانسواءِ ٻين
رشتن
جهڙوڪ: ڀيڻ،
ڀاءُ
۽
سئوٽ ماسات
وغيره کي
ڄاڻن
۽
سڃاڻن ئي
ڪونه، انسانن
وانگر جي
جانور به
انهن
رشتن جي
ساڃاهه رکن
ته
اي جانور
ڪونه
سڏجن ها.
جانور
پنهنجي ٻچن
کي
مختلف طريقن
سان
پاليندا سانڍيندا
۽
سنڀاليندا آهن،
پکي
۽
کير پياريندڙ
جانور)
ڳئون،
مينهن، هرڻي
۽
ڪتو
وغيره) ٻين
ساهه
وارن جي
ڀيٽ
۾
پنهنجي ٻچن
جي
پالنا موچاري
۽
سٺي
نموني ڪن
ٿا،
پکين ۾ ڪڪڙ
کي
ڏسو، ڪيئن
نه
ٻچا پيدا
ڪرڻ
لاءِ دنيا
کان
ڪٽجي آنن
تي
”ڇار“
ڪري انهن
کي
ڦوڙي ٿي
۽
پوءِ
ٻچن کي
ايستائين پئي
ٽوڙيندي، جيسين
اهي
همت ڀريا
۽
پاڻ
ڀرا نٿا
ٿين.
ڪجهه پکي
آکيري اندر
ٻچن
کي ايستائين
پيا
چوڳو/کاڌو
آڻي
ڏيندا جيستائين
اهي
اڏامڻ جهڙا
نٿا
ٿين.
ڪجهه
جانور پنهنجي
ٻچن
کي پاڻ
کان
تڪڙو ڪونه
ڇنندا يا
ڌار
ڪندا آهن،
ڇو
ته ڄمڻ
وقت
انهن جون
اکيون ۽ ٻيا
عضوا
چڱيءَ طرح
ڪم
ڪندا آهن،
ان
ڪري اهي
جانور مهينن
تائين پنهنجي
ٻچن
کي پاڻ
سان
گڏ هلائيندا
رهن
ٿا.
جانورن
۾
ڪجهه مائٽ
اهڙا
به ٿين
جيڪي
پنهنجي ڦرن/ٻچن
کي ٿورو
وقت
ٽورين/ گڏ هلائيندا
آهن،
ڇو ته
انهن
جو ڄمڻ
کان
پوءِ ترت
هلڻ
ڦرڻ جهڙا
ٿيو
وڃن، ڳئون،
مينهن، گهوڙو،
ٻڪري، هرڻي
وغيره ان
جا
مثال آهن.
ڪجهه
جانور ٻچن
کي
هيئن به
ڀانئين ٿا.
دوستو!
اسان مٿي
ڳالهه ڪئي
ته
جانور مائٽ
جي
روپ ۾ پنهنجي
ٻچن
کي ڪيترن
ئي
طريقن سان
سنڀالين، پالين،
ويرين/ دشمن
کي
بچائين ٿا،
پر
انهن طريقن
کي
گل ڦل
۾
بيان
ڪرڻ ڏکيو
آهي،
ان لاءِ
ته
وڏا ڪتاب
گهربا، ڇو
ته
اهو وڏو
موضوع آهي،
پر
پوءِ به
هتي
ڪجهه تصوير
جي
مدد سان
ان
ڳالهه کي
چٽيءَ طرح
سمجهڻ جي
ڪوشش
ڪريون ٿا.
ٻه
جهنگلي سان
(نر
۽
مادي) پنهنجي
ڦر
کي بگهڙن
کان
بچائڻ لاءِ
مقابلي لاءِ
تيار
بيٺا آهن،
سندن
ڦر وچ
۾
ڏسجي
پيو.
ڪولا
آسٽريليا جو
مشهور جانور
آهي،
۽
اهو پنهنجي
ٻچي
کي ايستائين
پٺيءَ تي
ويهاري هلندو
آهي،
جيستائين اهو
پاڻ
ڀرو نٿو
ٿئي.
هڪ
پکي چهنب
سان
پنهنجي ٻچي
کي
چوڳو ڏيئي
رهيو
آهي، ۽ هڪ
پوکي
پنهنجي ٻچن
کي
پٺيءَ تي
ويهاري ترڻ
سيکاري پيو.
گهڻو
ڪري وڏي
مڇي
ننڍي مڇيءَ
کي
کائي ڇڏيندي
آهي،
پر ڪجهه
مڇيون پنهنجي
ٻچن
کي ٻين
دشمن
مڇين کان
بچائڻ لاءِ
کين
پنهنجي وات
۾
لڪائي هلنديون
آهن،
صرف کاڌي
کارائڻ لاءِ
انهن
کي وات
مان
ٻاهر ڪڍندي
آهي،
پر خطري
مهل
اها وات
کولي
ڇڏي ٿي،
جنهن
۾
ٻچا گهڙي
لڪي
ويندا آهن.
|