سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارؤ!

دير سان رسالي شايع ٿيڻ جا سبب اسان جون ڪي فني مجبوريون آهن. ان لاءِ اوهان ٻارن جي ڪاوڙ اکين تي رکندي، وري به معافي ٿا گهرون، ڇو جو اوهان رسالي جو انتظار ٿا ڪريو. ۽ ظاهر آهي ته انتظار ڪرڻ کان پوءِ ڪاوڙ ته ضرور ٿيندي آهي.

ٻارو، ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۾ ڪن ضلعن ۾ شاگردن جون استادن سان غلط نموني سان پيش اچڻ جون خبرون شايع ٿيون آهن، جيڪي پڙها ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي ته، استاد جو درجو به ماءُ، پيءُ جي برابر آهي، ماءُ پيءُ، ٻار کي ڄڻي فش تي آڻين ٿا، ۽ استاد انهن کي پڙهائي عرش تي پهچائي، ٿو، ان جو مقصد اهو آهي ته استاد، تعليم ڏئي اسان کي شعور ڏئي ٿو، کوٽي ۽ سچي جي تميز سيکاري ٿو، پوءِ اسان استادن سان غلط نموني سان پيش اچون ته اها ڏک جهڙي ڳالهه آهي.

ٻارو، استاد جو پيشو به پيغمبري پيشو آهي، انهن جي عزت ڪريو ۽ انهن مان پرايو، جي ڪٿي ڪو استاد ناجائزي ڪري ٿو ته ان جي شڪايت ٻين استادن سان ڪريو، باقي ائين استادن سان سامهون جيڪو ٿئي ٿو، اهو ڄڻ ته ماءُ، پيءُ جي سامهون ٿئي ٿو، ان لاءِ ٻارو استاد جو احترام ڪريو، ائين ڪرڻ سان ئي اوهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويندا، اميد ته منهنجي هن ڳالهه تي ضرور عمل ڪندا.

اوهان جو چاچا: اڪبر جسڪاڻي

 

لطيفي لات

اِن پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين،

دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان،

منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهِئين.

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي، هي بيت سُر آسا جي داستان چوٿين جو پنجون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: اها مسلماني ناهي، جو تون پاڻ کي ڪلمو چوندڙ ٿو سڏائين، تنهنجي دل ۾ فريب، شرڪ ۽ شيطان پيا وسن، منهن ۾ مسلمان ٿو ڏسجين، پر اندر ۾ آذر) بت پرست يا نفس پرست) آهين. هن بيت ۾ شاهه صاحب منافق ماڻهوءَ کي وائکو ڪيو آهي ته دغا دل ۾ رکي ڪلمي پڙهڻ سان ماڻهو مسلمان نه ٿو ٿئي.

معنيٰ: ڪلمي گو =ڪلمو چوندڙ يا پڙهندڙ. آذر =حضرت ابراهيم عليہ السلام جو پيءُ جيڪو بت ٺاهيندو هو.

                                (ڪلياڻ آڏواڻي)


 

عبد مصطفوي

 

سنتِ رسول

سنت ڪم جا اهي معمول آهن، جيڪي نبي ڪريم جن پنهنجي مبارڪ زندگي ۾ انجام ڏنا. الله تعالى اسان مسلمانن کي پنهنجي رسول جي اطاعت ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي. قرآن ۾ ارشاد آهي:جيڪي ڪجهه رسول الله اوهان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنهن کان منع ڪري تنهن کي ڇڏي ڏيو.“)سورة الحشر-8)

قرآن اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو ته رسول الله جن جي اطاعت دراصل الله تعالى جي اطاعت آهي، تنهن ڪري الله تعاليٰ اسان کي رسول ڪريم جن جي هر حڪم ۽ هر عمل جي پيروي ڪرڻ جي هر حڪم ۽ هر عمل جي پيروي ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي. ٻين وڏن ڪمن کي ڇڏي، اسان پنهنجي روزاني زندگي ۾ اهڙا ننڍا ننڍا ڪم به ڪيون ٿا، جن کي اسان سهڻي نموني ادا نه ٿا ڪريون. انهي سبب جي ڪري اسان جا اهي ڪم هڪ عادت بنجي پون ٿا، جي ڪڏهن اسان انهن ئي ڪمن کي سنت رسول جي مطابق ادا ڪيون ته اسان کي وڏن اجر ۽ ثواب ملندو. هن مضمون ۾ اسان فقط کائڻ ۽ پيڻ جي سنتن جو ذڪر ڪنداسين، اميد ته توهان انهن تي عمل ڪري اجر ۽ ثواب حاصل ڪندا. موجود سائنس انهن سنتن تي تحقيق ڪري چڪي اهي ۽ اهو ثابت ڪيو اٿس ته رسول جون هي سڀ سنتون صحت جي لاءِ انتهائي فائديمند آهن.

حضرت سلمان فارسي رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول پاڪ جن ارشاد فرمايو ته کائڻ کان اڳ ۽ کائڻ کان پوءِ هٿ ڌوئڻ برڪت جو باعث آهن.

حضرت عائشه رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله جن فرمايو ته جيڪڏهن ڪو شخص ماني کائي ته الله جو نالو وٺي کائڻ شروع ڪري، جي ڪڏهن ڪنهن شخص کي ماني کائڻ جي شروعات ۾ بسم الله پڙهڻ وسري وڃي ته ياد اچڻ وقت کيس بسم الله اولہ و آخره چوڻ گهرجي. هن حديث جي مناسبت سان هڪ واقعو پيش آهي ته هڪ دفعي حضور جن ماني کائي رهيا هئا، ساڻن هڪ شخص به ماني کائي رهيو هو، جنهن بسم الله پڙهڻ کان سواءِ ماني کائڻ شروع ڪري ڏني، کيس بسم الله پڙهڻ ان وقت ياد آئي، جڏهن آخري گرهه هو، پوءِ هن بسم الله اولہ و آخره پڙهيو ته حضور جن مرڪڻ لڳا.

پاڻ فرمايائون ته هن شخص جڏهن الله جي نالي وٺڻ کان سواءِ کائڻ شروع ڪيو ته هن سان گڏ شيطان به ماني کائيندو هيو، پر جڏهن هن الله جو نالو ورتو ته شيطان سڀ کاڌو الٽي ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

حضرت عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته رسول الله جن فرمايو ته اوهان مان ڪنهن به شخص کي کاٻي هٿ سان نه کائڻ ۽ نه پيئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ کاٻي هٿ سان شيطا کائيندو پيئندو آهي.

حضور جن هميشه پنهنجي پاسي کان کائيندا هئا. حضرت ڪعب بن مالڪ رضه الله عنہ کان روايت آهي ته مون رسول الله جن کي ٽن اڱرين سان کائيندي ڏٺو آهي، جڏهن پاڻ فارغ ٿي ويندا هئا، ته انهن کي چٽي ڇڏيندا هئا.

حضرت انس رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله جن پاڻي پيئڻ وقت ٿانوَ کان منهن هٽائي ٽن ساهين ۾ پاڻي پيئندا هئا. پاڻ سڳورن جن پاڻي پيئڻ وقت ٿانوَ ۾ ساهه کڻڻ ۽ پيئڻ جي هر شيءَ ۾ ڦوڪ ڏيڻ کان منع ڪيو آهي، ان سان گڏ پاڻي بيهي پيئڻ کان پڻ منع فرمايو آهي. حضور جن ڪڏهن به ماني کائڻ کان پوءِ يڪدم پاڻي نه پيئندا هئا، بلڪ ڪجهه قوت ترسي پوءِ پاڻي پيئندا هئا.

حضرت ابوهريرا رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله جن ڪڏهن به ڪنهن کاڌي مان عيب نه ڪڍيو، جي ڪڏهن پسند ايندو هو ته کائيندا هئا ۽ جي ڪڏهن پسند نه ايندو ته ڇڏي ڏيندا هئا.

رسول پاڪ جن ڪڏهن به پيٽ ڀري به کائيندا هئا، پاڻ سڳورا جن فرمائيندا هئا ته معدي جو هڪ حصو کائڻ جي لاءِ ٻيو حصو پاڻي جي لاءِ، ۽ ٽيون حصو خود معدي لاءِ ڇڏڻ گهرجي. حضور جن اسان کي هڪ طبي اصول پڻ ٻڌايو آهي، ته جڏهن بک لڳي تڏهن کائو، ۽ پيٽ ڀري نه کائو. جيڪڏهن ڪجهه طلب محسوس ڪريو ته کائڻ ڇڏي ڏيو. هڪ دفعي حضور جن کي اصحابن عرض ڪيو ته سائين جڏهن اسان ماني کائون ٿا ته اسان کي ان مان ڍؤ نه ٿو ٿئي، پاڻ سڳورن جن فرمايو ته هميشه الله تعالى جو نالو وٺي گڏجي ماني کائيندا ڪريو. الله تعالى توهان جي طعام ۾ برڪت عطا ڪندو.

حضور جن ماني کائڻ کان پوءِ هيءَ دعا پڙهندا هئا: (ترجمو: سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن، جنهن اسان کي کارايو، پياريو ۽ مسلمان بنايو.)

حضور جن رات جو ماني ضرور کائيندا هئا، کائڻ لاءِ ٻيو ڪجهه موجود نه هوندو هو ته پاڻ کجين جا ڪجهه داڻا ضرور وٺندا هئا، جڏهن حضور جن کير پيئندا هئا ته هيءَ دعا پڙهندا هئا.

اَللهُمّ باَرِڪ لَنَا فِيہ زِدنَا مِنّہُ.

رسول پاڪ جن عشا کان اڳ ڪڏهن به ننڊ نه ڪندا هئا، سمهڻ کان اڳ پاڻ سڳورا مسواڪ (ڏندڻ) ۽ وضو ضرور ڪندا هئا. حضرت ابوذر رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله جن جڏهن بستري تي آرام ڪرڻ لڳندا هئا ته هيءَ دعا پڙهندا هئا.

اَللهُمَ بِاسِمّڪَ اَمُوّتَ وَاَحّيَا.

ٻي روايت ۾ آهي ته حضور جن جڏهن بستري تي ايندا هئا ته سورت اخلاص، سورة الفلق، سورة الناس پڙهي پنهنجي هٿن تي دم ڪري پوءِ ٻئي هٿ پنهنجي بدن مبارڪ تي ڦيرائي ڇڏيندا هئا.

جڏهن پاڻ سڳورا جن آرام فرمائيندا هئا ته هميشه جسم جي ساڄي طرف سمهندا هئا ۽ دل جي طرف يعني کاٻي پاسي آرام ڪرڻ کي ترجيح نه ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ طب جي اصول مطابق کاٻي پاسي آرام ڪرڻ صحت جي لاءِ فائديمند ناهي.

ساٿيو!

اسان کي جڳائي ته اسان انهن سنتن تي عمل ڪريون ۽ خود عمل ڪرڻ کان پوءِ ٻين تائين ان جي پرچار ڪيون، شال الله تعالى اسان کي انهن سنتن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين ثم آمين)

 

علي محمد درد“ سولنگي

اجرڪ

اجرڪ سنڌ جي آهه ثقافت،

اجرڪ ساڻ اسان کي محبت.

اجرڪ عزت شان اسان جو،

اجرڪ آهي مان اسان جو.

اوڇڻ آ عورت جو اجرڪ،

اهڃاڻ آ الفت جو اجرڪ.

ڪنهن کي نياڻي، سام ڪبو آ،

ان جي سِر، اجرڪ رکبو آ.

مرد جي اوڍي، سوڍو سڏجي،

هوشو هيمو، دودو سڏجي،

گهوٽ کي ٽوپي، اجرڪ پائن،

ڪي اجرڪ جي پڳ ٻڌارائن.

اجرڪ جيڪر ٻار پهرن ٿا،

گرميءَ سرديءَ کان ته بچن ٿا.

هالن جو مشهور آ اجرڪ،

گُلڪاريءَ ۾ اعلى بيشڪ.

اجرڪ پنهنجي سڃاڻپ آهي،

اجرڪ جهڙو تحفو ناهي.

اجرڪ جهڙو تحفو ناهي.

اجرڪ سنڌ جي آهه ثقافت،

اجرڪ ساڻ اسان کي محبت.

 

ماڻڪ ملاح

(نظم)

هاءِ ويچارو هاريءَ ٻار-

ڏاٽو هٿ ۾ ميرا وار-

سيءُ سيارو ڦاٽل ڪپڙا،

پوءِ به پورهئي لاءِ پچار.

پوک به پوکي ڌڻ به چاري،

پوءِ به بُک ڪيو بيزار،

پوک پڪيءَ تي جهار ڏسي،

کنيون کنڀاڻي هڪلي جهار.

پاڻ کپائي پوک پچائي،

لهي سنگن جي سار سنڀار،

هو روهيو جي ٻرندي رهندي،

کيتن مٿان هُٻڪار.

کنوڻ کنوڻ سان ڳاهه تڪڙ ۾،

ڳاهي ٺاهي ٻار تيار،

ڏينهن سڄوئي ڪم ڪري،

پوءِ به وڏيري جي ونگار.

ڪُلهي ڪُهاڙي جهنگ ڪپڻ لئه،

ڏينهن تتي جو آهه وهنوار،

ماڻڪ! نيٺ ته ورندو وارو،

سوچي ويٺو سرجڻهار.

هاءِ ويچارو هاريءَ ٻار،

ڏاٽو هٿ ۾ ميرا وار.

 

ارشد علي خاصخيلي

 

مشهور سائنسدان مائيڪل فيراڊي

مائيڪل فيراڊي 22 ڊسمبر 1791ع ۾ لنڊن جي شهر نيوٽنگن ۾ پيدا ٿيو، هن جو پيءُ هڪ غريب لوهار هو، هڪ ته غربت، ٻيو وري ڏهه ڀائرن جي ڪري هن جي پيءُ وٽ ايترا پئسا ڪونه هئا، جو فيراڊي کي پڙهائي سگهي، تيرهن سالن جي عمر ۾ فيراڊي رستن تي اخبارون وڪڻندو هو.

ڪجهه وقت کان پوءِ فيراڊي جلد سازي جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هي ڪم ڪرڻ سان اهو فائدو ٿيو جو هن پڙهڻ سکيو، سائنس هن جو خاص موضوع هو.

سائنس جي موضوع تي جيڪو به ڪتاب ملندو هو، اهو پڙهي پورو ڪندوهو، آهستي آهستي فيراڊي تقريرن ۾ حصو وٺڻ لڳو.

1810ع ۾ فيراڊي، رائل انسٽيٽيوٽ، جيڪو برطانيه جو سڀ کان وڏو سائنسي ادارو آهي، ان جي سربراهه سر هيمفري ڊيوي جا هن ليڪچر ٻڌا.

مائيڪل فيراڊي انهن ليڪچرن کي ڏاڍي خوبصورتي سان مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو.

هن اهو ڪتاب سرهيمفري ڊيوي کي هڪ درخواست سان گڏ روانو ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته آئون توهان جي سائنسي تجريبگاهه ۾ نوڪري ڪرڻ چاهيان ٿو.“

سر هيمفري ڊيوي، مائيڪل فيراڊي جي ڪمن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي پنهنجو خاص مددگار بڻايو.

هيمفري ڊيوي ان زماني جو هڪ قابل ڪيميادان هو، جنهن ڇهه مختلف عنصر جن ۾ سوڊيم ۽ ڪلورين شامل آهن، دريافت ڪيا.

آڪٽوبر 1820ع جي ڳالهه آهي ته ڊنماڪ جي سائنسدان ڪرسچن اوسٽيڊ دريافت ڪيو ته جڏهن ڪنهن ڪنڊڪٽر مان ڪرنٽ گذري ٿو، تڏهن جي ويجهو مقناطيسيت جي ڪشش پيدا ٿي وڃي ٿي.

جيڪڏهن هڪ ڪماپس (Compass) کي هن جي ويجهو ڪيو وڃي ته ان جي سوئي ۾ ڏکڻ اتر انحراف ٿي ويندو، يعني ٻين لفظن ۾ چيو وڃي ته ڪرنٽ ۾ مقناطيست پيدا ڪئي وڃي.

ڇا مقناطيست مان ڪرنٽ پيدا ڪري سگهي ٿو.

مائيڪل فيراڊي 1822ع ۾ پنهنجي ڊائري ۾ هڪ عبارت تحررڪ ڪئي ته: مقناطيست کي ڪرنٽ برق ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. هن جملي اڳتي هلي هڪ برقي صنعت جو بنياد رکيو.“ ڊائمو جنريٽر هن اصول تي ڪم ڪري ٿو.

1828ع ۾ رائل انسٽي ٽيوٽ ليبارٽري ۾ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، ڪجهه وقت کان پوءِ هي رائل انسٽيٽيوٽ ۾، سر هيمفري جي جڳهه تي ڪيميسٽري جو پروفيسر ٿيو، دنيا جو هي عظيم سائنسدان 26 آگسٽ1861 ع تي انتقال ڪري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com