سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3

باب: --

صفحو :6

خدا بخش ابڙو،

 حيدرآباد

جشن نوروز

 

جشن نوروز، اسان جي پاڙيسري ۽ ڀاءُ ملڪ ايران جي ماڻهن جي هڪ عيد آهي. جيڪا هر سال 21 مارچ تي ملهائي ويندي آهي. اهو نه رڳو ايراني سال جو پر موسم بهار جو پڻ پهريون ڏينهن هوندو آهي. جسن نوروز تيرهن ڏينهن جاري رهندو آهي. هن عيد يعني”جشن نوروز“ جي شروعات ڪيئن ٿي؟ انهيءَ بابت ايراني شاعر فردوسي لکي ٿو ته”هڪ عظيم بادشاهه جمشيد هو. هن ملڪ کي ديون کان ڇوٽڪارو ڏياريو ۽ انهيءَ جنگ مان کيس ڪافي هيرا، جواهر، لعل ۽ سون هٿ لڳو. انهن مان هن تخت جوڙايو. ان سان گڏ هن اهڙي ريشم جي پوشاڪ ٺهرائي، جنهن تي به هيرا، جواهر جڙيل هئا. پوءِ هن پنهنجي رعيت ۽ سڄي دنيا جي ملڪن جي سفيرن کي دعوت ڏني. جڏهن هو ان تخت تي ويٺو، ته سج جا ڪرڻا سندس چهري تي پيا ۽ ائين نظر اچڻ لڳو ته ڄڻ اهو چهرو ڪنهن غيرفاني شخصيت جو آهي. مانهن انهيءَ ڏينهن کيس شهنشاهه جو لقب عطا ڪيو ۽ پوءِ ڏاڍيون خوشيون ۽ جشن ملهايا ويا.“

انهيءَ  ڏينهن کان وٺي جشن نوروز جي شروعات ٿي ۽ اهو ڏينهن اڃا تائين ملهائبو اچي. جمشيد کان پوءِ جيڪي بادشاهه آيا تن شهنشاهه جو لقب اختيار ڪيو ۽ جشن نوروز ملهائيندا رهيا. انهيءَ ڏينهن تي شهنشاهه اسيرن، وزيرن ۽ غير ملڪي سفيرن سان ملندا هئا. اڄ به شهنشاهه ايران انهيءَ  ڏينهن تي قصر گلستان منجهه اهم سخصيتن سان ملندو آهي ۽ دعوت ۾ شريڪ ٿيندو آهي.

جشن نوروز جي تياري هڪ مهينو اڳ ۾ شروع ٿي ويندي آهي ۽ گهرن ۽ باغن کي صاف ڪيو ويندو آهي. نوان ڪپڙا سبيا ويندا آهن ۽ عيد جي خريداري شروع ٿي ويندي آهي. جشن کان پندرهن ڏينهن پهرين هر گهر ۾ ”سبزه“ تيار ڪيو ويندو آهي. هڪ پليٽ منجهه ڪڻڪ يا جون جا داڻا وجهي ان منجهه پاڻي وڌو ويندو آهي. اهي ٻج ڦٽي نوروز تائين ڪيترا ڊگها ٻوٽا  ٿي ويندا آهن. اها رسم ادا ڪرڻ هرخاندان لاءِ ضروري ڄاتي ويندي آهي.

نوروز کان اڳ اربع تي جنهن کي ”چهارشنبه سوري“ چيو ويندو آهي، هر گهر جي اڳڻ ۾ باهه جا گهٽ ۾ گهٽ ٿي مچ ٻاريا ويندا آهن ۽ خاندان جو هر ڀاتي هيئن چوندا مچ تان ٽپندو آهي ته ”منهنجي پيلاڻ (بيماري) توکي پهچي ۽ تنهنجي ڳاڙهاڻ (صحت) مون کي ملي“. ڪن ڳوٺن منجهه ماڻهو باهه مچ بدران پاڻيءَ تان ٽپندا آهن، جيئن سندس گهٽتايون ۽ اوڻايون پاڻيءَ منجهه رهجي وڃن. ايران جي ڪن حصن منجهه هيءَ رسم به آهي ته ڪن گهرن ۾ ڪا بيماري هوندي آهي، ته انهيءَ گهر جو زائفائون پتل جي ٿانون تي چمچا وڄائينديون گهر گهر وينديون آهن ۽ بيماري جي علاج لاءِ شوروي ۾ پوندڙ شيون گهر گڏ ڪنديون آهن. جيئن ته هو برقعو پاتل هونديون آهن، انهيءَ ڪري پتو نه پوندو آهي ته گهرندڙ ڪير آهي؟ شرير ٻار به انهن زائفائن جو نقل رڪي زائفان جي ويس ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ شيون گهرڻ ويندا آهن.

آخر نوروز اچي ويندو آهي ۽ خاندان جا ڀاتي گڏجي ويهي توبن ڇٽڻ جي گهڙي جو اوسيئڙو ڪندا آهن. توبن جي ٺڪائن سان گڏ ئي جشن شروع ٿي ويندو آهي. هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون وينديون آهن. ۽ پوءِ سڀ هڪ دستر خوان، جنهن کي”سفره هفت سين“ چوندا آهن، انهيءَ جي چوڌاري ويهندا آهن ۽ دعوت کائيندا آهن. انهيءَ دستر خوان تي گهٽ ۾ گهٽ ست شيون اهڙيون رکيو وينديون آهن، جن جا نالا ”س“ سان شروع ٿيندا آهن: انهن ۾ سرڪو، سير (ٿوم)، سماق(هڪ قسم جي خاڪ)، سيب(صوف) سدر (هڪ ميوو)، سنجد(تر) ۽ سبزه. انهيءَ کان سواءَ هي شيون به هونديون آهن: هڪ برني، جنهن منجهه سنهري مڇيون پيون ترنديون آهن. هڪ آرسي، عرق گلاب، رنگين ميڻ بتيون رنگ برنگي آنا، گل، مٺائي ۽ قرآن شريف. ان کان ان کان پوءِ سڀ پنهنجي وڏي کان سوکڙيون ۽ عيد جي خرچي وٺندا آهن ۽ پوءِ پنهنجن مائٽن، دوستن ۽ پاڙيسرين سانملڻ لاءِ هڪٻئي وٽ ايندا ويندا آهن. ٻارن کي سوکڙيون ۽ خرچيون تمام گهڻيون ملنديون آهن. ڪنهن کي به کاڌي کارائڻ کان سواءِ نه ڇڏيو ويندو آهي. موٽر ڪارن وارا ٽريفڪ جي سپاهيءَ کي بلڪل ويجهو پهچي انعام ڏيندا آهن. نوڪرن کي به انعام اڪرام ۽ نوان وڳا ڏنا ويندا آهن. مطلب ته ڪجهه وقت لاءِ هر شخص امير نظر ايندو آهي. بازارن منجهه ماڻهن جا ميڙ هوندا آهن، جن ۾ مسخرا، پيشه ور ڳائڻا ۽ ڦوڪڻن وارا هوندا آهن.

عيد جو تيرهون ڏينهن سڀني کان ڏينهن کان گهڻو رونق وارو هوندو آهي. انهيءَ ڏينهن تي”سيزده بدر“ ملهايو ويندو آهي. شاهي خاندان سميت هر شخص پڪنڪ تي ويندو آهي. شهرن جا امير ماڻهو موٽر ڪارن ۾ سوار ٿي جبلن يا ڳوٺاڻن علائقن ڏي نڪري ويندا آهن. جن وٽ اهڙو ڪو سواريءَ جو وسيلو نه هوندو آهي، سي بسن ۾ سوار ٿي شهرن کان ٻاهر هليا ويندا آهن.

نوروز جي سڀ کان وڏي تقريب اها هوندي آهي ته”سبزه“ وهندڙ پاڻي ۾ اڇلايو ويندو آهي ۽ اهو خيال ڪيو ويندو آهي، ته انهيءَ سان گڏ بدبختي، بدنصيبي، پراڻا جهڳڙا ۽ غم دور ٿي ويندا.

 

ادارو

ديس ديس جو خبرون

 

 

لاهور ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ٿي گذري

پراڻي تاريخ شهر ۾ 22،23 ۽24 فيبروريءَ 1974ع تي ايشيا ۽ آفريڪا جي 37 مسلمان ملڪن جي اڳواڻن ۽نمائندن جي ٻين ڪانفرنس ٿي گذري. پهرين سربراهه ڪانفرنس 1969ع ۾ مراڪش جي سهر رباط ۾ ٿي هئي. هن ڪانفرنس جو مقصد مسلمان ملڪن جي وچ ۾ ٻڌي پيدا ڪرڻ ۽ هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ آهي. لاهور واري اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ وچ اوڀر جي مسئلي کي سڀ کان وڌيڪ اهيمت ڏني وئي، جنهن موجب اسرائيل طرفان مصر، شام ۽ اردن جي والاريل علائقن کي خالي ڪرڻ، فلسطين جي ڏتڙيل رهاڪو عربن کي حقن ڏيڻ ۽ بيت المقدس کي آزاد ڪرڻ جي گهُر ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ شريڪ مسلمان ملڪن عهد ڪيو ته ان ڏس ۾ هو سڀ گڏجي ڪوشس ڪندا. هن ڪانفرنس جي سڀ کان وڏي ڳالهه اها هئي ته ان موقعي تي پاڪستان طرفان بنگله ديش کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان مڃيو ويو.

انهيءَ موقعي تي لاهور شهر کي ڪنوار وانگر سينگاريو ويو هو. مختلف اسلامي ملڪن جي رنگارنگي جهندن سان سجايل هوائي اڏي تي 9 هزار گلاب جا ٻوٽا ۽ هزار موسمي گل رکيا هئا. سربراهن جي آجيان ڪرڻ لاءِ اتي صدر فضل الاهي چوڌري، وزير اعظم زوالفقار علي ڀٽو، ٽنهي فوجن جا اڳواڻ ۽ ٻيا وڏا عملدار سڄو ڏينهن بيٺا هئا. پاڪستان جي ميداني، سامونڊي ۽هوائي فوج جي دستن هر سربراهه کي مارچ باسٽ ڪندي سلامي ڏني. فوجي بئنڊ پاڪستان ۽مهمان سربراهه جي ملڪ جي قومي ترانن جون ڌنون ٿي وڃايون. هوائي اڏي تي هر ملڪ جي سربراهه جي اچڻ جو اعلان 21 توپن جي سلاميءَ سان ڪيو پئي ويو.

اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ 12 ملڪن جا صدر، 7 ملڪن جا بادشاهه، ۽ 4 ملڪن جا وزير اعظم، 6 ملڪن جا پرڏيهي وزير ٻين ملڪن جي سرڪاري نمائندن شرڪت ڪئي. انهن جا نالا هن ريت آهن.

الجزائر: صدر، حواري بومدين.

افغانستان: عبدالرحمان پزواڪ.

اومان: سلطان، سيد قابوس بن سعيد.

 ايران: پرڏيهي وزير، خلعت باري.

انڊونيشيا: پرڏيهي وزير،آدم ملڪ.

بنگلاديش: وزير اعظم،شيخ مجيب الرحمان.

بحرين: امير، شيخ عيسيٰ بن سليمان الخليفه.

ترڪي: پرڏيهي وزير،توران گنيس.

چاڊ: صدر، نگارتاٽو مبلباءِ.

مصر: صدر، انور سادات.

گمبيا: صدر، باودا جورا.

گني:وزير اعظم، ڊاڪٽر نسانا بيواگوئي.

گني بسائو: وزير اعظم فرانسڪو ميندس.

ڪويت: امير،شيخ السالم الصباح.

لبنان: وزير اعظم، نقي الدين الصالح.

لبيا: صدر،ڪرنل معمر قذافي.

ملائيشيا: وزير اعظم، تن عبدالرزاق.

نائيجر: صدر، ڊيوري حماني.

يمن عوامي جمهوري رعيتي راڄ: وزير اعظم،علي ناصر محمد.

قطر: امير، سيخ خليفه بن احمد الثالي.

سعودي عرب: شاهه، فيصل بن عبدالعزيز.

سينيگال:پرڏيهي ويزير،اسين سڪ.

صوماليه: صدر، ميجر جنرل محمد سعيد باري.

سوڊان: صدر، جعفرالنميري.

شام: صدر، حافظ اسد.

متحده عرب رياستون:صدر،شيخ زيد بن سلطان النهيان ۽ نائب صدر، شيخ رشيد بن سعيد الخطوم.

عرب جمهوريه يمن: صدر، عبدالريحان الارياني.

ماريطانيا: صدر، مختيارداد.

يوگنڊا: صدر، عدي امين.

انهن کانسواءِ فلسطين جي آزاديءَ وار تنظيم جي اڳواڻ ياسر عرفات، فلسطين جي مفتي اعظم امين الحسيني ۽ عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل محمود رياض پڻ شرڪت ڪئي.

هيءَ ڪانفرنس پنجاب جي اسيمبلي هال ۾ ٿي هئي.

 

سربراهه ڪانفرنس جو ننڍڙو مهمان

اسلامي سربراهه ڪانفرنس جو سڀ کان ننڍڙو مهمان حاجي عبدالناصر هو. هو يوگنڊا جي صدر عدي امين جو سورهن مهينن جو پٽ آهي. ٻار، جنهن کي هڪ فوجي وردي پيل هئي. ان وقت کير جي بوتل چوسي رهيو هو، جڏهن پي.آءِ. اي جي هڪ ايئرهوسٽس هن کي کڻي جهاز مان ٻاهر نڪتي. عبدالناصر سان سندس ماءُ گڏ ڪانهي. هوائي اڏي تي هن کي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي سان ملايو ويو. جنهن کيس ڳل تي چمي ڏني، ۽ چيو:”پاڪستان ۾ ڀلي ڪري آئين.“

 

سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ مخطوطن جي نمائش

اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي لاهور جي عجائب گهر ۾ هٿ سان لکيل پراڻن ڪتابن جي نمائس پڻ ٿي. ان نمائش ۾ سنڌ جي مشهور علمي ۽ ادبي ادارن، سنڌي ادبي بورڊ ۽ شاهه ولي الله اڪيڊمي حصو ورتو، سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي زبان ۾ هٿ سان لکيل نهايت پراڻا ۽ قيمتي ڪتاب رکيا ويا هئا. ٻاهران قيمت آيل مهمانن انهن قلمي مخطوطن جي بيحد ساراهه ڪئي.

 

پهرين درجي ۾ پڙهندڙ ٻارن کي ڪتاب مفت ملندا

تازو اسلام آباد ۾ وفاقي وزير تعليم مسٽر عبدالحفيظ پيرزادي جي صدارت هيٺ صوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ تعليمي سال کان وٺي ملڪ جي سڀني اسڪولن ۾ پهرين ڪلاس جي شاگردن کي اسڪولي ڪتاب مفت ڏنا ويندا. ان کان سواءِ ايندڙ سال ويهه ڪروڙ رپين جي خرچ سان ملڪ ۾ وڌيڪ پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويندا.

 

مريخ تي حياتيءَ جي موجود هئڻ جو امڪان

هڪ آمريڪي سائنسدان ڊاڪٽر ايم ڪلبن، جيڪو ناسا واري کوجنا مرڪز ۾ حياتيات واري سائنس جو ڊائريڪٽر آهي، تنهن تازو هڪ اخباري ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته مريخ گرهه تي حياتيءَ جي موجود هئڻ جو وڏو امڪان آهي. هن چيو ته جيئن ته ڌرتي ۽ مريخ 40 ڪروڙ سال اڳ هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا ۽ ساڳئي قسم جي سين ۽ گئسن منجهان ٺهيا آهن، تنهنڪري ان ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته مريخ پڻ اهي ساڳيون ارتقائي منزلون پارڪيون هونديون، جيڪي ڌرتيءَ ڪيون آهن. هن ٻڌايو ته 1976ع ۾ جڏهن آمريڪا جا ٻه راڪيٽ هن گرهه تي لهندا، ته پوءِ پاڻهي خبر پئجي ويندي ته اتي حياتي آهي يا نه؟

 

دنيا جو سڀ کان وڏو هوائي حادثو

ترڪيءَ جو هڪ هوائي جهاز، جمبو جيٽ، فرانس جي شهر پيرس جي هوائي اڏي تان اڏامڻ کان ستت پوءِ، هڪ ويجهي جهنگل ۾ ڪري تيل ٿي ويو. انهيءَ جهاز ۾ 334 مسافر ۽ 11 عملي جا ماڻهو سوار هئا. جن ۾ گهڻائي ترڪن، انگريزن ۽ فرينچن جي هئي. هڪ شاهد جو چوڻ آهي ته جهاز جو ٺڪاءُ ايڏو ته وڏو هو. جو حادثي واري جاءِ کان ڪيترا ميل پري مارٽيفونٽائن ۾ گهرن جي درين جا شيشا ڀڄي پيا. انهيءَ حادثي جي ڪري ترڪيءَ ۾ سوڳ ملهائڻ  جو اعلان ڪيو ويو ۽ ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان ماتمي موسيقي نشر ڪئي وئي.

هي حادثو هوابازيءَ واري ويمي لاءِ پڻ سڀ کان وڌيڪ مهانگو ثابت ٿيو آهي. ڀرطانيه ۾ ويمي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هوائي جهاز جي ويمي جي رقم هڪ ڪروڙ اسٽرلنگ کان سواءِ، مري ويل مسافرن جي مائٽن  ۽ وارثن کي پڻ ويمي جون وڏيون رقمون ڀري ڏيڻيون پونديون.

 

ٻي وڏي جنگ دوران لڪل شخص لڌو

فلپائن جي سهر منيلا جي ويجهو جهنگلن ۾ هڪ اهڙو شخص ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هو ٻي وڏي جنگ دوران لڪي ويندڙ جپاني سپاهي آهي. هو پنهنجي فوجي آفيسر جي حڪم موجب 1940ع کان وٺي، 29 سالن تائين، اڪيلو جهنگ ۾ لڪو پيو هو. هن جو نالو سب ليفٽننٽ هيرو اونودا آهي، جنهن کي تازو جپان جي فوج هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جپان جي ساهي فوج جو هڪ اڳوڻو ڪمانڊنگ آفيسر ميجر تانگيچي اهڙو حڪم کڻي منيلا روانو ٿي ويو آهي. ميجر تانگيچي جو چوڻ آهي ته 29  سال اڳ هن سب ليفٽننٽ هيرو او نودا کي حڪم ڏنو هو ته ڀلي سڀ جپاني فوجي مري وڃن، پر تون جاسوسيءَ وارو ڪم جاري رکندو اچجانءِ. ان کان  سواءِ چيو وڃي ٿو ته 10 آگسٽ 1940ع تي جپان جي شهنشاهه هيروهٽو جو به هڪ فرمان سب ليفٽننٽ هيرو اونودا وٽ موجود آهي. جنهن ۾ هن کي پنهنجي ڊيوٽي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

 

ٽيليويزن ڪئميرائن وسيلي انڌا به ڏسي سگهندا

آمريڪا ۾ ٻن انڌن کي اوزارن وسيلي دنيا جينظارن ڏيکارڻ جو تجربو ڪامياب ويو آهي. هاڻي انڌا به ائين ڏسي سگهندا، جيئن اکين وارا ڏسن ٿا.

سائنسدانن انهن انڌن جي اکين ۾ ٻه تمام ننڍا ٽيليويزن ڪئمرا لڳائڻ سان گڏ، سندن دماغ ۾ به اليڪٽرانڪي اوزار لڳايا آهن. ٽيليويزن ڪئميرائن اکين جو ڪم ڪيو ۽ انهن جيڪي ڪجهه ڏٺو، تنهن جو عڪس اليڪٽرانڪي اوزارن جي وسيلي دماغ کي موڪليو. اهڙيءَ طرح اهي انڌ به ڏسڻ لڳا، جهڙيءَ طرح اکين وارن کي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

 

ڪڪڙ جي جهيڙي تان چار ماڻهو سخت زخمي

هندستاني ڪشمير جي شهر سرينگر ۾ هڪ ڪڪڙ تان ٻن پاڙيسري ڪٽنبن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. هڪٻئي تي پٿرن جي وسڪاري ۾ چار ماڻهو ڦٽجي پيا، جن مان هڪڙي جي حالت بنهه نازڪ ٿي وئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com