سنڌيڪار: افرو عبدالڪريم
(چيني ڪهاڻي)
ڳاڙهي نڪ واري
ڇوڪري
ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻه ڀينرون رهنديون هيون. وڏي ڀيڻ نهايت
سست هوندي هئي ۽ ننڍي ڀيڻ تمام محنتي هئي. ٻيئي
ڀينرون شڪل جو سهڻيون هيون، پر وڏي ڀيڻ جيڪا ڪم
کان بنهه ونءُ ويندي هئي. تنهن جي منهن جو رنگ
پيلو هو. جيتوڻيڪ هوءَ پنهنجي پر ۾ ڏاڍو سينگار
ڪندي هئي ۽ ڳلن تي لالي هڻندي هئي، پر تڏهن به
پيلاڻ لڪي ڪانه سگهندي هئي. سندس ڀيٽ ۾ ننڍي ڀيڻ
جي منهن تي لالاڻ ٻهڪندي رهندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو
هميشه ننڍي ڀيڻ کي ساراهيندا هئا. هو چوندا هئا:
”ڏسو ته ننڍي ڪيڏي نه سوهڻي آهي! هن جو منهن صوف
جهڙو آهي.“
”هوءَ ڄڻ ته گلاب جو گل آهي، پر گلاب جو گل به
سندس سونهن جي برابر ڪونهي.“
وڏي ڀيڻ جڏهن اها ڳالهه ٻڌندي هئي، ته کيس سخت
ڪاوڙ لڳندي هئي. هڪ ڏينهن هن سوچيو ته آءُ ڇا
ڪريان، جيئن منهنجو منهن به گلاب جي گل جهڙو ٿئي!
آءُ درويش بابا کي چونديس.“
درويش بابا سندس گهر جي ويجهو ئي رهندو هو. هو
تمام پوڙهو هو. هن جي ڏاڙهي بنهه اڇي، ڪپهه جهڙي
هئي، ۽ منهن مان نور پيو بکندو هوس.سڄو ڳوٺ هن جي
عزت ڪندو هو. ڪنهن کي به ڪو اهنج ايذاءُ رسندو هو
يا ڪا مشڪل پيدا ٿيندي هئي، ته هن کان صلاح وٺڻ
ايندو هو. وڏي ڀيڻ جنهن وقت درويش بابا وٽ وئي، ته
هو ڪکن جا سينڊل ٺاهي رهيو هو. وڏيءَ هن کي چيو:
”درويش بابا! مان چاهيان ٿي ته منهنجو منهن به
منهنجي ننڍي ڀيڻ جي منهن وانگر گلاب جيان ٻهڪندڙ
ٿئي. پر نه نه، منهنجي منهن جو رنگ هن کان به وڌيڪ
سهڻو ۽ ٻهڪندڙ هجي. مون کي ٻڌاءَ، ته آءُ ڇا
ڪريان؟“
”اها ڪهڙي ڏکي ڳالهه آهي“، درويش بابا هن جي ڳالهه
ٻڌي چيو:” تون هي سينڊل ٺاهي، تيستائين آءٌ ڪجهه
آرام ڪري وٺان ۽ ڪا اٽڪل سوچيان.“ هن اُٿي وڏي ڀيڻ
کي جاءِ ڏني، ته جيئن هوءَ سندس ڪم شروع ڪري.
”ڪير ٿو اهڙا ڪِنا سينڊل ٺاهي؟ تون پاڻ سينڊل ٺاهي
۽ اٽڪل به سوچ.“ وڏي ڀيڻ منهن ڦٽائي چيو.
”چڱو چڱو... ها، مون کي خبر آهي ته ان لاءِ توکي
ڇا ڪرڻ گهرجي تون هيئن ڪر جو هڪدم ٻنيءَ تي وڃي
پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي ڪم ۾ مدد ڪر. ڪجهه ڏينهن اندر
تنهنجي منهن تي لالاڻ اچي ويندي.“ درويشن هٿن سان
سينڊل ٺاهي وڏي ڀيڻ کي صلاح ڏني.
وڏي ڀيڻ هن جي ٿوري مڃڻ کان سواءِ موٽي آئي. هوءَ
ڍرا ڍرا قدم کڻندي، گهر پهتي. سندس ننڍي ڀيڻ به ان
وقت ٻنيءَ تام ڪم ڪري گهر آئي هئي ۽ هينئر هوءَ
کاڌو رڌي رهي هئي. گهر ۾ کاڌي جي نهايت وڻندڙ
خوشبو هئي.
وڏي ڀيڻ چيو: ”جهٽ ڪري مون کي ماني ڏي. آءُ ماني
کائي ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ وينديس.“
ننڍي ڀيڻ هن جي اها ڳالهه ٻڌي عجب ۾ پئجي وئي، ڇو
ته هوءَ ڪڏهن به ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ ڪانه وئي هئي. هن
حيرت وچان چيو:”تون ٻنيءَ جي ڪا ڳڻني نه ڪر. مون
سمورو ڪم ڪري ڇڏيو آهي. تون آرام ڪر.“
وڏي ڀيڻ ڪاوڙ مان چيس:”تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ تون ڪيئن
چاهيندينءَ ته منهنجو منهن گلاب جي گل جهڙو ٿئي!
تون مون کان سڙين ٿي.“
ننڍي ڀيڻ ويچاري روئڻهارڪي ٿي وئي. هن چپ چاپ،
ماني کڻي وڏي ڀيڻ جي اڳيان آڻي رکي. ماني کائڻ کان
پوءِ وڏي ڀيڻ بيد جي ڪوچ تي وڃي ليٽي سمهي پيئي،
هوءَ اهڙيءَ طرح ٽي ڏينهن ڪم ڪندي رهي ۽ روز
آرسيءَ ۾ ڏسندي هئي، ته سندس منهن تي اڃا لالاڻ
پيدا ٿي آهي يا نه. پر سندس منهن ته اهڙو ئي پيلو
هو، جهڙو اڳي هو.
چوٿون ڏينهن آيو، ته ٻنيءَ تي وڃڻ جي لاءَ سندس دل
ڪانه ٿي. هوءَ هاڻي بيزار ٿي پئي هئي. انڪري ٻنيءَ
تي وڃڻ جي بدران هوءِ درويش بابا وٽ وئي. هن کي
درويش بابا تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. جنهن جي صلاح سان ڪو
فائدو ڪونه ٿيو هو. هوءَ جڏهن درويش بابا جي گهر
وئي، ته ڏٺائين: هو ننڍڙي باغ ۾ گُڏ ڪري رهيو هو.
هن جي پيشانيءَ تي پگهر جون بوندون هيون ۽ منهن
لالاڻ سبب ٻهڪي رهيو هو.
”او پوڙها! تنهنجي صلاح مان ڪو به فائدو ڪونه ٿيو.
منهنجو منهن اڃان اهڙي جو اهڙو آهي. تو چيو هو ته
ٻنيءَ تي ڪم ڪر ته منهن گلاب جي گل وانگر ٻهڪندو،
پر هي ڇا آهي؟“ وڏي ڀيڻ ڏاڍيان ڄڻ رڙيون ڪري، ڪاوڙ
وچان اشارو ڪري چوڻ لڳي.
درويش بابا هن جي ڳالهه ٻڌي زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ
لڳو، هن جون اکيون پٽجي پورجي رهيون هيون ۽ اڇي
ڏاڙهي لڏي رهي هئي. هن تاڙي وڄائي چيو:”بس بس...
منهنجي ڳالهه ٻڌ. تو کي خبر ڪانهي ته تنهنجو رنگ
تنهنجي ڀيڻ کان به وڌيڪ بهڪندڙ بنجي ويو آهي.
هينئر جو هينئر وڃي آرسيءَ ۾ ڏس.“
”مون کي بيوقوف ته ڪونه ٿو بنائين؟“
وڏي ڀيڻ خوشيءَ وچان نچڻ لڳي. هوءَ هڪدم گهر ڏانهن
ڀڳي، ڀت تان آرسي لاهي، ان ۾ پنهنجو منهن ڏٺائين.
ڏسڻ شرط هن کي ڍڪر وٺي ويا ۽ آرسي هٿن مان ڪري
پيس. آرسي ٽڪر ٽڪر ٿي وئي. هوءَ روئڻ پٽڻ ۽ واويلا
ڪرڻ لڳي. جڏهن سندس ننڍي ڀيڻ ٻنيءَ تان ڪم ڪري
موٽي آئي، تڏهن به هوءَ رڙيون ڪري رهي هئي. نيٺ
پاڙي جا ماڻهو اچي مڙيا ۽ کانئس روئڻ رڙڻ جو سبب
پڇڻ لڳا.
هوءَ تيئن ويتر وڌيڪ روئڻ لڳي. جڏهن هن پنهنجي
منهن تان هٿ هٽايا، ته اوچتو ماڻهن جي نظر سندس
منهن تي وڃي پئي. هن جي منهن ۾ عجيب ڦيرو ڏسي
ماڻهن کي کل اچي ورايو. پر هو سڀ رحمدل مانهو هئا.
انڪري هنن پنهنجي کل کي روڪي ورتو.
هن جي منهن ۾ کل جي ڳالهه ڪهڙي هئي؟
درويش بابا جي اها ڳالهه سچي هئي، ته وڏي ڀيڻ جي
جو رنگ ننڍي ڀين کان وڌيڪ ڳاڙهو هو، پر اهو رنگ
منهن جي رڳو هڪڙي حصي ۾ اچي گڏ ٿيو هو، اهو هو
سندس نڪ. وڏي ڀيڻ جو نڪ اهڙو ڳاڙهو هو. جهڙوڪر
گجر.
ان ڏينهن کان وٺي، وڏي ڀيڻ تي پري پري تائين نالو
ئي اهو بڻجي ويو:”ڳاڙهي نڪ واري ڇوڪري.“
(اصل ليکڪ:هوبي)
ادارو
بدڪن جي کنڀن تان پاڻي ڇو وهيو وڃي؟
اوهان ڪڏهن ان ڳالهه تي سوچيو آهي، ته بدڪن جا کنڀ
پاڻي4 ۾ ڪونه پُسندا آهن! بدڪ جي مٿان پاڻي هاربو،
ته اهو وهي هليو ويندو ۽ کنڀ اهڙي جا اهڙا هوندا.
پاڻي بدڪ جي پٺيءَ تي ٽڪي ئي ڪونه، ڀلي کڻي ڪيترو
به هارجي.
منهن پوڻ کان پوءِ ته بدڪن جي لاءِ هيڪاري مزو مچي
ويندو آهي. بدڪون رڙيون ڪري، ڪنڌ کي لوڏي، پاڻيءَ
پاڻي واري گاهه منجهان جيت ڳولينديون آهن ۽ انهن
کي کڻي ٻاهر اينديون آهن. ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ سندن
پک اهڙا خشڪ ۽ گرم ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جهڙوڪر کين
گرم ڪپڙن جي مٿان واٽر پروف ڪوٽ پاتل هو.اصل ۾
سندن پک ئي واٽر پروف آهن. واٽر پروف جي معنيٰ:
جنهن اندر پاڻي نه وڃي سگهي. بدڪن جا پک سندن
سموري بت جو ڍڪ آهن.
هر هڪ پک تي، مٿي کان وٺي پڇ تائين، تيل مکيل
هوندو آهي، انڪري مينهن جو هر ڦڙو ان تان ترڪيو
لهيو وڃي. بدڪن جي کل جي هيٺان اهو قدرتي تيل
ايترو ته هوندو آهي، جيڪو کين هميشه گرم رکندو آهي
۽ پک تيلاڻا رهندا آهن. بدڪن کي سياري جي پرواهه
ڪانه هوندي آهي. کين سيءَ ڪڏهن به ڪونه ستائي. پک
ئي بدڪن جا گرم ڪپڙا آهن.اوهان اڪثر بدڪن کي
پاڻيءَ ۾ ڇنڊا اُڏائيندي ۽ وهنجندي ڏٺو هوندو. هو
ته سياري ۾ به وهنجڻ جو ايترو مزو ماڻينديون آهن،
جيترو اونهاري ۾.
ادارو
زراف
دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو جانور
عام طور زراف جو قد پندرهن فوٽ ڊگهو هوندو آهي ۽
ڪن جو قد ارڙهن فوٽ پڻ هوندو آهي، جيڪو ٻه ماڙ
جاءِ جي برابر اهي. ان لحاظ سان زراف دنيا جو ڊگهي
۾ ڊگهو جانور آهي. زراف جي ڊيگهه جو اڌ سندس ڊگهي
ڳچيءَ جي ڪري آهي. حقيقت ۾ زراف جي ڳچيءَ جا هڏا
اهڙا آهن، جهڙا انساني ڳچيءَ جا، پر زراف جي ڳچيءَ
جا هڏا تمام ڊگها هوندا آهن. زراف کي سندس ڳچيءَ
مان هڪ اهو به فائدو آهي ته سندس مٿو ايڏو اوچو
هوندو آهي جيڏو ٻه ماڙ واري جاءَ جو ڇڄهرو، انڪري
هو تمام پري تائين ڏسي سگهندو آهي ۽ هو پري کان ئي
پنهنجو دشمن ڏسي ڀڄي وڃي سگهي ٿو.
زراف ٻڪرين، هرڻن ۽ سامبرن جيان وڻن جي تارين ۽
ٻُوڙن جي پنن کي چرندو آهي. زراف تمام اوچين ٽارين
کي جهلي کائي سگهي ٿو، اوستائين ٻيو ڪو به جانور
نٿو پهچي سگهي. خود هاٿيءَ لاءِ به انهن ٽارين
تائين پهچڻ مشڪل آهي، جن تائين زراف پهچي ويندو
آهي. زراف زمين کان ارڙهن فوٽ مٿي، پنهنجي ڪمائتي
زبان وسيلي ٽاريون ڀڃي کائيندو آهي. ڳئون زبان جي
وسيلي گاهه کائيندي آهي، زراف جي زبان ڳئون جي
زبان کان وڌيڪ بهتر آهي. زراف ٽاريءَ جي چوڌاري
زبان کي ويڙهي، ان کي ڀڃي وٺندو آهي. زراف جي
زبان تمام ڊگهي ۽ لچڪيدار هوندي آهي. اها ڪنڊن کي
مڇيءَ مارڻ جي ڪُنڍي يا ڪليءَ وانگر سوگهو جهليندي
آهي.
زراف جي رهڻ جو هنڌ آفريڪا ۾ صحرا جو ڏاکڻيون رڻپٽ
آهي. زراف جي کل جو رنگ واريءَ جهڙو هوندو آهي ۽
ان تي گهرا خاڪي چٽا هوندا آهن. زراف کي چئن يا
پنجن انچن جا ننڍڙا سڱ، کل ۽ وارن ۾ ڍڪيل هوندا
آهن. انهن جو ڪو خاص ڪارج ڪونهي. زراف پنهنجن
دشمنن سان وڙهڻ وقت انهن کي پنهنجن اڳين ڊگهين ۽
سنهين ٽنگن سان زور دار ڌڪ هڻندو آهي. زراف جو
زوردار ڌڪ هڪ شينهن کي به ساڻو ڪري ڇڏيندو
آهي.زراف ايترو تکو ڊوڙي سگهندو آهي، جو ان کي رڳو
هڪ تيز رفتار گهوڙو ئي پُڄي سگهي ٿو.
زراف جي نسل کي بچائڻ جي لاءِ ان جي شڪار ڪرڻ تي
بندش پيل آهي.
|