سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3

باب: --

صفحو :4

ميلارام واسواڻي

(ڪهاڻي)

سچائيءَ جو انعام

 

هڪ نامي گرامي چور هڪ ڏينهن ڪنهن درويش وٽ ويو ۽ هٿ جوڙي چوڻ لڳس ته” سائين مان وڏو گنهگار آهيان. اوهين مون کي دعا ڪريو ته خدا منهنجا ڏوهه بخشي.“ درويش چيس ” اي نادان، جيسين تون پنهنجون برايون نه ڇڏيندين، تيسين ڇوٽڪاري جي اميد رکن اجائي اٿيئي. بيس اڄ کان ئي پنهنجي خراب ڪمن کان توبهه ڪر ۽ سنئين رستي تي اچ ته ڌڻي توتي مهربان ٿيندو.“

چور جواب ڏنس:” سائين، چوري ڇڏڻ مون کان ڪين پڄندي. اها عادت هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي. باقي ٻيو ڪو ڪم چئو ته ڪريان.“

درويش چيس:”ڀلا ايترو ڪر ته آئيندي ڪوڙ ڪڏهن نه ڳالهاءِ.“

چور اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڪوڙ کان توبهه ڪيائين.

ٻئي ڏينهن چور ارادو ڪيو ته اڄ اڌ رات جو شاهي محل مان چوري ڪجي. جڏهن ٻه پهر رات جا گذريا، تڏهن سهي سنڀري نڪتو. اتفاق سان بادشاهه چمڙا پوش ڪري شهر جو سماءَ لهڻ نڪتو هو. چور کي ڏسي چيائينس:” ميان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“

چور، جنهن سدائين سچ ڳالهائڻ جو اقرار ڪيو هو. جهٽ پٽ جواب ڏنو،”شاهي محل ۾ چوري ڪرڻ ٿو وڃان.“

بدليل ويس ۾ بادشاهه چيس: ”مان به چور آهيان. مون کي پاڻ سان وٺي هل.“

چور قبول ڪيو ۽ ٻيئي گڏجي هليا. جنهن وقت بادشاهه ۽ چور شاهي محل جي دروازي وٽ پهتا، تنهن وقت بادشاهه چيس:”ميان تون اندر وڃ، مان ٻاهر ٿو بيهي نگهباني ڪريان ته ڪو سنتري ته ڪونه ٿو اچي.“ چور اها رٿ پسند ڪئي ۽ پاڻ هڪ دروازي جو ڪڙو ڀڃي اندر گهڙيو. هڪ ڪمري ۾ وڃي ڏس ته ٽي هيرا رکيا آهن. دل ۾ خيال ڪيائين ته هيرا آهن ٽي ۽ اسين ڀائيوار ٻه. ايمانداري انهيءَ ۾ آهي ته ٻنهي جا حصا هڪ جيترا هجن. انڪري اسين هڪ هڪ ورهائي ٻه هيرا ته کڻداسون، باقي ٽيون ڪيئن ورهائينداسون، انڪري بهتر آهي ته ٽيون اتي ئي پيو رهي ۽ ٻه هيرا کڻان.“ اهو فيصلو ڪري ٻه هيرا کيسي ۾ وجهي ٻاهر آيو ۽ هڪ هيرو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ رکيائين. بادشاهه کي ته محل جو سڀ حال معلوم هو. پڇيائينس،”ميان، فقط ٻه هيرا هٿ آيهءِ؟“

چور جواب ڏنو:” هيرا هئا ته ٽي، پر خيال ڪيم ته ٽيون ورهائبو وري ڪيئن؟ سو ميز تي ئي ڇڏي آيس.“

رستي ۾ بادشاهه چور کان موڪلائي موٽيو ۽ سڌو پنهنجي محلات ڏانهن وريو. بادشاهه کي چور تي شڪ ٿي پيو هو، انڪري هن پاڻ اندر وڃي ڏٺو ته برابر ٽيون هيرو ميز تي رکيو آهي. چور جي ايمانداريءَ تي خوش ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ سندس تعريف ڪرڻ لڳو.

پوءِ بادشاهه ٻاهر وڃي، وزير کي سڏي ڀڳل دروازو ڏيکاري چيو:”منهنجا وفادار وزير! ڏس، اڄ ڪنهن نابڪار چور دروازو ڀڳو آهي ۽ اندران ڪجهه نه ڪجهه چوري ڪري ويو آهي. تون اندر وڃي ڏس ته ڪو نقصان ته ڪونه ٿيو آهي. وزير اندر ويو ۽ هڪ هيرو ميز تي پيل ڏسي، اندرئين کيسي ۾ وجهي، ٻاهر اچي منهن ڦلڙو ڪري بادشاهه کي چيائين:”حضور! ميز وارا ٽي هيرا چور کڻي ويو!“ اهو ٻڌي بادشآهه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هيري وڃڻ جو ڏک ڪونه ٿيس، پر ارمان اهو ٿيس ته منهنجي وزير کان چور به وڌيڪ ايماندار آهي. وڌيڪ ڪي ڪين ڪڇيائين، وزير کي موڪل ڏنائين، پر صبح ٿيندي ئي وزير کي موقوف ڪري راتوڪي چور کي وزير مقرر ڪيائين. چور پوءِ چوري ڪرڻ کان ڇٽو ۽ چورن جي پاڙ به پٽي ڪڍيائين.

(ڪتاب”اخلاق سبق“ ڀاڱو پهريون، ڇپيل سال 1940ع، تان ورتل).

 

محمد اشرف مصراڻي

ٻاراڻا ٻول

 

ٻارڙن جا ٻول به انمول موتين جي مثال آهن، جيڪڏهن اُهي ماڻڪ ميڙي ڪٺا ڪبا، ته علم ۾ عاليشان اضافو ايندو ۽ اُجالو ايندو.

راند ۽ ٻار لازم ملزوم شيون آهن، هر هڪ بار جو راند ڏانهن لاڙو رهي ٿو. انهيءَ اصول تي اڄڪلهه تعليمي ادارن ۾ راند رچنا ۽ مانيٽسوري طريقا چالو ڪيا ويا آهن.

راند رچائڻ وقت هر ٻار، ٻين ٻارن کي ڪٺو ڪندو:

اچوڙي ٻارو راند جو سعيو

اُڪ جي ڪاٺي نم جو پايو

ڊوڙي اچي ڊڳڙ کائو

موٽي وڃي مار جهليو.

 

هن هوڪي جي هُل تي ٻار اچي مڙندا. اکٻوٽ راند ڪرڻي هوندن، ته هڪ ٻار کي ويهاري سندس مٿي تي مُٺيون رکي ٻول ٻوليندا. ڪنگري ڪي لوٽو، پاڻيءَ ڀريو ڦوٽو ڦوٽا ڦڪيندس لونگ لٽيندس هيٺئڙو يا مٿيئڙو.

ڇوڪريون چيڪلي راند کيڏندي هيئن چونديون:

چيڪلي پايان، پير گسايان

پير ۾ ڪڙي آ، لال سوناري گهڙي آ

پير ۾ ڪنڊو، صاحبلوڪ منڊو.

 

”صاحبلوڪ منڊو“ چئي گويا انگريز سان نفرت جو اظهار  ڪنديون آهن، ڇا ڪاڻ ته اُنهن اسان جي آزادي کسي هئي.س

ڇوڪريون هيئن به چونديون آهن:

پئسو لڌم پٽ تان پئسي ورتم گاهه گاهه ڏنم ڳئون کي، ڳئون ڏنو کير، کير ڏنم امان کي، امان ڏنو لولو لولو ڏنم ڪانءَ کي، ڪانءَ ڏنو کنڀ کنڀ ڏنم راجا کي، راجا ڏني بگي چڙهي گهمان، چڙهي گهمان!

 

پيءَ ماءُ کي پيار مان چون: ديڳڙو دم تي بابل ويو ڪم تي

بابو وٺو ماڙيءَ ۾

گل هڻانس ڏاڙهيءَ ۾

امان ويٺي ڪوٺيءَ ۾

گل وجهانس چوٽيءَ ۾.

 

ڪو اُٺ ڏاگهو ڏسن ته موج مان وٺي آلاپيندا:

اُ ماما گوگڙو

سائي لڪڻ پوئتون

منهنجا ماما ڪاٿي

جڙيا پنهنجي جاءَ تي.

 

سنڌ ۾ اونهاري جو گهڻي گرمي گُهٽ ۽ ٻُسٽ ٿئي، مڇر به اچي ماروڪن، ان وقت ٻهڳڻ ٻارڙا ٻول ٻڌائڻ شروع ڪندا:

الله الله الله_ آءُ ڏکڻ ڏيهي.

 ڀڃ مڇرن جي پيهي.

ڏکڻ آيو هل سان_ گهوڙو ٻڌي گل سان

ڏکڻ آيو ڇير سان_ گهوڙو ٻڌي ٻير سان

گهل ڙي ڏکڻ گهل.

 

مينهن نه وسندو ته پوءِ ڪارڙو ڪمارڙو ڪندا ۽ چوندا:

ڪارڙو ڪمارڙو _ الله جو پيارڙو کلي ڏيو خيراتون _ وسن برساتون  ڀت تي نوڙي _ مينهن اچي ڊوڙي، ڀت تي جهرڪي _ مينهن اچي ترڪي، اُکري ۾ ڪڪڙو _ مينهن اچي تڪڙو.

 

ڪي متفرقا ٻول:

حسبي ربي الاالله

مير محمد صلي الله

نور نبيءَ جو جل الله.

 

ارچڪ مرچڪ ڌاڻا ڌرچڪ اڳ پٽيهر_ ٽوئي ٽيهر نانگڻ جوڳڻ _ خيران کٽي ٻٽي ڇُٽي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com