سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

باب: -

صفحو:6

 4 - راجبالا

راجبالا ويشلپور جي هڪ ٺڪر، پرتابسنگ جي ڌيءَ هئي ۽ ساري ملڪ ۾، سونهن سوڀيا، عقل ۽ سمجهه ۽ جرئت ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هئي. اڃا ننڍڙي ٻار هئي، جو سندس پيءُ  هن جو مڱڻو سوڍي راجپوت، انارسنگ جي پٽ اجيتسنگ  سان ڪري ڇڏيو هو. هي انار سنگ امرڪوٽ تي راڄ ڪندو هو.

انارسنگ هڪ ننڍڙي ملڪ جو راجا هو ۽ جيئن ته هن پاڻ وٽ گهوڙيسوارن جو هڪ لشڪر رکيو هو ۽ انهن جي خرچ  جي پورائي لاءِ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي ڳوٺن  تي ڦرلٽ ڪرائيندو رهندو هو. هڪ ڏينهن سنڌ جي راجا، پنهنجو خزانو هڪ پيدل قافلي  سان ڪنهن طرف روانو ڪيو. اها خبر انارسنگ جي ڪن تي وڃي پئي، جنهن فيصلو ڪيو  ته انهيءَ خزاني کي ضرور لٽجي . ان نيت سان پنهنجي گهوڙيسوارن سان قافلي کي گهيرو ڪري انهن تي حملو ڪيائين، مگر خزاني  جي حفاظت وارا وڏا بهادر ۽ فرض شناس  هئا، ان ڪري وڏيءَ  مردانگيءَ سان مقابلو ڪيائون. انارسنگ جا گهوڙيسوار  ڪي ڀڳا ۽ ڪيترا قيد ٿيا. سنڌ جي راجا کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن انارسنگ کي سيکت ڏيڻ لاءِ، سندس سموري جائداد ضبط ڪري، کيس سندس ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين. بدنصيب انار سنگ ڀڄي  وڃي ڪنهن هنڌ پناهه ورتي، جتي آخرڪار غربت ۽ گمناميءَ ۾ مري ويو.

انارسنگ جي موت کان پوءِ هن جي بيوه زال، پنهنجو سارو تن من پنهنجي پٽ اجيتسنگ، جي سنڀال لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. آخرڪار جنهن وقت سندس پٽ ڦوهه جوانيءَ ۾ قدم رکيو، انهي وقت هوءَ گذاري ويئي.  اجيتسنگ پنهنجي مٿي اڪيلو رهجي ويو. پهريائين سنڌ  جي راجا کي منت ڪيائين ته سندس ملڪ موٽائي ڏئي، پر راجا انڪار ڪري ڇڏيو . تنهن کان پوءِ هن کي پنهنجي مڱيندي، راجبالا، جو خيال آيو ۽ هڪ عزيز کي ٺاڪر پرتابسنگ ڏانهن موڪليائين ته  وڃي هن کي چوي ته پنهنجو وعدو پورو ڪري ۽ پنهنجي ڌيءَ هن کي پرڻائي ڏئي.

جڏهن اجيتسنگ  جو ماڻهو، ويشلپور پهتو، انهيءَ وقت راجبلا سورهن سالن جي هئي ۽ هوءَ پنهنجي ننڍيءَ عمر ۾ ٿيل مڱڻي بابت پئي سوچيندي هئي. جڏهن خبر پيس ته هو هينئر هڪ وڏو بهادر  ۽ سهڻو جوان آهي، تڏهن هن کي انهيءَ  ڳالهه جي ڪابه پرواهه نه رهي ته هو هينئر دنيا ۾ سڀڪجهه  وڃائي ويٺو آهي. راجپوت لاءِ تلوار کان وڌيڪ ٻي ڪا به دولت ڪانه ٿي ٿي سگهي، سو جڏهن اجيتسنگ  جو قاصد ويشلپور آيو، تڏهن راجبالا کيس چوائي موڪليو ته آءُ هر حالت ۾ تنهنجي  آهيان،  پوءِ ڇا به ٿئي ۽ جيڪڏهن  منهنجي پيءُ  شاديءَ کان انڪار ڪيو ته آءُ ٻئي ڪنهن سان به شادي  ڪانه ڪنديس.

ٺاڪر پرتابسنگ  جواب ۾ چيو ته” مان راجبالا جو سڱ  ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مگر مون کي اها پڪ ڏئي ته هو مون تي ڪين ڀاڙيندو ۽ ٻيو شرط هيءُ آهي ته پاڻ سان 20 هزار رپيا کڻي اچي ته راجبالا جو سنڱ کيس ڏيندس“.

قاصد  ٻئي نياپا کڻي  اچي اجيتسنگ  کي پهچايا. هو راجبالا جو نياپو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، مگر ٺاڪر  جو شرط ٻڌي پريشان ٿيو. 20 هزار  ته ٺهيو، پر 20 رپيا به هن وٽ  پونجي ڪانه هئي ۽ انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ڪجهه عرصو غلطان رهيو. پر آخر هن کي جيسلمير  جي هڪ شاهوڪار صراف  جي يادگيري آئي، جنهن سان هن جو پيءُ اڪثر وهنوار رکندو هو. هو جيسلمير ويو ۽ صراف کي پنهنجي ڪهاڻي  ٻڌائي، هن کان 20 هزار رپيا اُڌارا گهريائين. ٻڍو صراف ڳچ دير تائين اجيتسنگ  ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ آخر جواب ڏنو ته 20 هزار توکي ڏيندس، مگر شرط هيءُ آهي ته زال کي تيستائين پنهنجو نه ڪري سمجهندين، جيستائين اهو قرض  وياج سميت مون کي ادا نه ڪندين. بدنصيب اجيتسنگ پهريائين خيال ڪيو ته اهو شرط  قبول نه ڪري، مگر ٻيو ڪو به وسيلو پئسن هٿ ڪرڻ جو نه ڏسي، آخرڪار راضي ٿيو ۽ 20 هزار رپيا وٺي ويشلپور روانو ٿيو.

ٻُڍي ٺَڪر ، جنهن سمجهيو هو ته انهيءَ شرط سببان آجيتسنگ  مان جند آزاد  ٿيندي، تنهن جو اجيتسنگ  کي محلات  جي دريءَ مان ايندي ڏٺو، سو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. هو وچن ڏئي ويٺو هو، سو ناڪار نٿي ڪري سگهيو. آخر راجبالا کي اجيتسنگ  سان مناسب  رسمن رواجن  جي ادائگيءَ سان پرڻايائين ۽ کين رهڻ لاءِ پنهنجو هڪ محلات ڏنائين.

جڏهن هيءُ جوان جوڙو رات جو آرامي ٿيو، تڏهن راجبالا کي هي ڏسي حيرت لڳي ته مڙسس تلوار  مياڻ مان ڪڍي،  ٻنهي  جي وچ تي رکي ڇڏي. شرميلي راجبالا  کان اهو نٿي پُڳو جو مڙس  کان ان ڳالهه جو سبب معلوم ڪري. ڪيترائي  ڏينهن ائين گذري ويا. آخرڪار  همت کي هٿ ۾ جهلي، هن وٽو يئي ۽ چيائينس: ” منهنجي  دل جا راجا! مان اڪثر توهان کي ٿڌو ساهه کڻندو ڏسندي آهيان، ڄڻ ڪنهن وڏي غم جو شڪار آهيو. مان توهان کي منٿ ٿي ڪريان ته مون کي ٻڌايو ته ماجرا ڪهڙي آهي؟ مان توهان  جي ٻانهي آهيان، اوهان جيئن به چوندو، مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ويندي پنهنجي جان به توهان لاءِ ڏيڻ کان نه ڪيٻائينديس. هر تڪليف جو ڪونه ڪو علاج ضرور آهي، مگر غم لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به موثر ڏسُ  ڪونهي ته پنهنجي دل جي دوست سان حال اورجي.“

پهريائين ته اجيتسنگ ڪي ڪين ڪڇيو، پر پوءِ اکيون مٿي ڪيائين ۽ راجبالا جي سندر ۽ سهڻيءَ صورت ۽ سادي ٻوليءَ هن کي موهي وڌو ۽ هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ساري ڪهاڻي  کيس ٻڌايائين.

راجبالا  ڪهاڻي ٻڌي، رڙ ڪري چيو ته سائين! تو مون کي منهنجي لائقيءَ کان بيحد وڌيڪ ملهه ڏئي ورتو آهي،  مگر هاڻي هتي ترسڻ سان توکان ويهه هزار ڪٿان گڏ ٿيندا.  اسان کي هتان ڀڄي هلڻ گهرجي. مان ڇوڪراڻو ويس ڪنديس ۽ اسين ائين ڏيکارينداسين ته پاڻ ۾ سنڍو آهيون. اسان کي جلد کان جلد هتان نڪرڻ گهرجي. اسين جيترو جلدي ڪنداسون، اوتروئي ترت انهيءَ منحوس صراف کي ويهه هزار  موٽائي ڏيئي سگهنداسون.“

انهيءَ ئي رات راجبالا مردانو ويس ڪيو ۽ جڏهن محلات  ۾ سڀئي سمهي  پيا هئا، تڏهن اجيتسنگ ۽ راجبالا ٻئي گڏجي محلات کان ٻاهر نڪتا.  گهوڙن کي خرزين چاڙهيائون ۽ سوار  ٿي ويشلپور  کان نڪري روانا ٿيا.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، اڌيپور جي راڻي، جڳتسنگ جيئن پنهنجي گهر جي کُڏ تي ويٺي  پنهنجي شهر کي ڏٺو ته اوچتو هن هڪڙا ٻه جوان گهوڙن تي سوار شهر جي دروازي  ڏانهن ايندا ڏٺا. هنن جو ڊيل ڊول اڻ ڏٺل هو، ان ڪري ماڻهو موڪلي کين پاڻ وٽ گهرايائين. هنن جوانن راڻي کي سلام ڪيو ۽ منجهانئن  وڌي ٻڌايو ته:” اسين راجپوت آهيون، منهنجو نالو اجيتسنگ  آهي ۽ منهنجي سالي جو نالو گلابسنگ. اسين نوڪريءَ جي تلاش ۾ نڪتا آهيون ۽ قدرت اسان کي توهان جي درٻار ڏانهن وٺي آئي آهي.“

راڻو نوجوان راجپوت جي ساديءَ گفتار مان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هنن ٻنهي جوانن کي پاڻ وٽ اجهو ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته روزانو هنن کي پنج رپيا کاڌي خرچ لاءِ ڏنا وڃن. شروع ۾ اجيتسنگ ۽ راجبالا آدر ڀاءُ  تي ڏاڍا  سرها ٿيا، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ته هنن ڏٺو ته صراف جي قرض کان نجات جا آثار نظر ڪين ٿا اچن . هو اڌيپور ۾ سانوڻ کان ٿورو اڳ پهتا. مينهن جي مند جلد گذري وئي ۽ دسهڙو اچي پهتو، مگر هو پنهنجي روزانه جي ڀتي مان ڪجهه به نه بچائي سگهيا هئا، ڇاڪاڻ ته اها رقم کاڌي ۽ ڪپڙي لاءِ مس پوري هئي.

هڪ ڏينهن راڻي جڳتسنگ، هميشه جي دستور موجب دسهڙي جي شڪار جي تياري ڪئي ۽ دسهڙي واري ڏينهن شڪار تي نڪتو. ان سان گڏ گلابسنگ ۽ اجيتسنگ به ويا. هو جيئن رستي سان ويا پئي ته هڪ پيادو  شخص ڊوڙندو وٽن آيو ۽ اچي خبر ڏنائين ته هڪ شينهن ۽ ڪجهه هرڻ پريان  ڏسجن پيا. راڻي هڪدم ويچاريو ته ڇو نه شينهن جو شڪار  ڪجي ۽ پوءِ هڪل ڪري چيائين ته” دسهڙي جي ڏينهن شينهن جو شڪار بلڪل موزون آهي“. ۽ پوءِ هاٿيءَ  تي سوار  ٿي ۽ پنهنجن اميرن سان انهيءَ هنڌ پهتو. شڪار تي ٽن پاسن کان گهيرو  ڪيو ويو ۽ شينهن کي سوڙه مان ڌڪيلي، جتي راڻو جڳتسنگ انتظار ۾ بيٺو هو، اتي آندائون  اميرن ٻين پاسن کان گهيرو  ڪيو. هڪ هيبتناڪ شينهن هڪدم راڻي تي حملو ڪيو ۽ راڻي جي هاٿي تي ڪاهه ڪيائين ۽ اهڙو ته خوفناڪ منظر هو جو راڻي جو خوف ۽ هراس وچان تير ۽ ڪمال پٽ تي ڪري پيا. وحشي درندي، هاٿيءَ جي سونڊ تي ڇال ماري ڳپل ماس جو پٽي ورتو، ۽ وري ٻيو حملو ڪيو. هاٿي سور ۽ زخم کان بيحال ٿي ڪرڻ تي هو ته گلابسنگ، اجيتسنگ کي، راڻي جي مدد لاءِ رڙ ڪئي. فقط آواز جي دير هئي. اجيتسنگ  هڪدم گهوڙي تي سوار ٿي تيز رفتاريءَ سان شينهن کي تيز ڀالو آرپار لنگهائي وڌو ۽ شينهن زمين تي ڪري پيو. انهيءَ کان اڳ جو هو ساهه کڻي وري اٿي، گلاب سنگ پنهنجي تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان هن جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. اُنهيءَ کانپوءِ گهوڙي تان هيٺ لهي، شينهن جا ڪن ۽ چنبا ڪپي خرزين ۾ وجهي تيز رفتاريءَ  سان گهوڙي کي هڪليندو پنهنجي مڪان تي اچي پهتو.

راڻي جو موت جي منهن مان هن طرح بچڻ ڄڻ ته هڪ معجزو هو. هو پوءِ ٻئي هاٿيءَ تي سوار ٿيو، ۽ پنهنجي اميرن کي چوڌاري بيهاري پڇيائين  ته اهو ڪير هو، جنهن شينهن  کي ماريو؟  ڇو ته گلاب سنگ جو اچڻ ۽ موٽڻ جهٽ  پٽ ٿيو هو ۽ راڻو هن کي سڃائي نه سگهيو هو. هر هڪ امير  اهوئي رايو ڏيکاريو  ته مون ئي اهو سورهائيءَ  جو ڪم ڪيو آهي.“ مگر راڻو ڪنڌ ڌوڻي، پنهنجي هاٿيءَ تي چڙهي اچي محلات ۾ پهتو.

محلات جي در وٽ  پهچي، پنهنجي اميرن کي حڪم ڪيائين ته سڀ سندس ڀر وٽان لنگهن، جو هن جو خيال هو ته پنهنجي بچائيندڙ کي ڏسندو ته ضرور سڃاڻي  وٺندو. جڏهن گلاب سنگ  هن جي سامهون لنگهيو، تڏهن راڻي هن کي سڃاڻي  ورتو ۽ سڏ ڪري چيائين ته، ”اهو راجپوت  تون آهين، جنهن شينهن کي ماري منهنجي جان بچائي.“  گلاب سنگ ادب سان جواب ڏنو: ”جيئندا قبلا! جيئن توهان سمجهو ٿا، تنهن ئي شينهن کي ماريو آهي.“ راڻو اهو ٻُڌي منجهي پيو ۽ پڪ ڪانه ٿيس ته ڪو منهنجو گمان ٺيڪ آهي. مگر اجيتسنگ اچي کليو ۽ چوڻ لڳو ته: ”غريب پرور! جنهن به شينهن کي ماريو هوندو تنهن ضرور ان جا چنبا ۽ ڪَن پاڻ وٽ شاهدي لاءِ رکيا هوندا.“ راڻي ڪاوڙ مان هن جي طرف نهاريو۽ چيائين ته:”ڪن هجنس يا نه، چنبا هجنس يا نه، مگر تو ته شينهن نه ماريو آهي.“ اجيت سنگ لڄي  ٿيو ۽ چيائين ته: ”مون ته ڪو نه ماريو آهي. مگر جنهن به ماريو آهي، تنهن وٽ ان جا چنبا ۽ ڪن ضرور هوندا.“

انهيءَ کانپوءِ راڻي کي يادگيري آئي ته اجيت سنگ ۽ گلاب سنگ پاڻ ۾ سالا ڀيڻيويا  آهن، تنهنڪري گلاب سنگ  کي حڪم ڪيائين ته: ”جيڪڏهن هن وٽ  ڪن ۽ چنبا آهن ته ظاهر ڪري.“ گلاب سنگ  گهوڙي تان هيٺ لٿو ۽ پنهنجي خرزين مان شينهن جا چنبا ۽ ڪن ڪڍيائين  ۽ ادب سان راڻي جي سامهون رکيائين. راڻي خوشيءَ وچان گلاب سنگ  جي سور هيائي ۽ حياءَ جي تعريف  ڪئي ۽ هن کي سندس بهادريءَ جي عيوض هڪ چوغو عطا ڪيائين. اجيت سنگ کي پنهنجي دربانن جو مهندار  مقرر ڪيائين ۽ گلاب  سنگ کي پنهنجي شاهي محلات جي چارج ڏنائين.  هنن کي شاهي بخشش کي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو چارو ڪونه هو، مگر هنن ٻنهي کي هن قسم جي مستقل جدائي تي بيحد صدمو رسيو.

سانوڻ گذريو سيارو آيو، پر صراف وارن ويهن هزارن جي ادائگيءَ جو ڪو به امڪان نظر نه ٿي آيو. هڪ ڏينهن شام جو هڪ زبردست طوفان لڳو. گلابسنگ  ان وقت راجائي محلات  جي حاضريءَ تي هو ۽ اجيتسنگ راجا سان گڏ هو. راجا اجيتسنگ کي آرام ڪرڻ جي اجازت  ڏني ۽ پاڻ راڻيءَ  وٽ وڃي آرامي ٿيو. انهيءَ وقت ويچارو  گلابسنگ، جو محلات جي ڊيوٽيءَ تي هو، مينهن جي پاڻيءَ ۾ پسيل ، ٿڌ ۾ پريشان  ۽ اٻاڻڪو هو. هو ان وقت پاڻ کي وندرائڻ لاءِ هيءَ مصرع ڳائي رهيو هو:

”لٿو آهي مينهن، ڏاڍا اوهيرا ڪري،

دريا جو ڌمچر! ٻڌجي پيو پري،

کِوڻيون خوب کيون ٿيون، طوفان زور ڀري،

 اندر باهه ٻري، جدائي جانب کان.“

اجتسنگ گلاب سنگ جو راڳ ٻُڌي ورتو ۽ جيئن هو گهر ڏانهن پئي ويو، تيئن هن جا لفظ پڙاڏي وانگر هن  جي دل تي پئي ٻُريا ۽ پل کن ۾ هن به وراڻيءَ ۾ هيءُ راڳ آلاپيو:

”منصب آهي مالڪ، بيشڪ پاڻ خدا،

توڙي ڌاٿي ننڊ ۾، جاچي پاڻ سدا،

شايد اڳ جنم ۾، ڪيم ڪم ڪُڌا،

جنهنڪري جُدا گهارڻ پيون هي گهڙيون.“

گلاب سنگ جڏهن اهو جواب ٻڌو، تڏهن ساهه ڀري جهونگاريائين ته:

”قسمت  پنهنجيءَ ۾ آ، قصو هي سارو،

ڪونهي ڪو چارو سوا ڀوڳڻ ان جي.“

هاڻي ڇا ٿيو جو راڻي، جيڪا تمام چالالڪ ۽ هشيار هئي، تنهن جڏهن اهي ٻئي مصرائون ٻڌيون، تڏهن بادشاهه کي چيائين ته اهي توهان جي دربانن جا مهندار  پاڻ ۾ زال مڙس آهن ۽ جيڪو توهان جي محلات جي مٿان چوبدار آهي اُها يقيناََ  عورت آهي. راڻي کلي  ڪنڌ ڌوڻندي  چيو:” نه نه هو پاڻ ۾ سالو ڀيڻيويا آهن.“ راڻيءَ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته توهان صحيح هجو، مگر اسان کي آزمائڻ گهرجي ته توهان جي خيال مطابق مرد آهي يا منهنجيءَ راءِ موجب زال آهي.“

راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ راجا قاصد موڪلي ٻنهي راجپوتن کي گهرايو، پر جڏهن هو آيا ۽ نمسڪار  ڪري بيٺا، تڏهن راجا ڏانهن گهوري  چيو: ”گلاب ۾ لجيت، مون کي هڪدم ٻڌايو ته توهان مان هڪ عورت ته ناهي؟“ هيءُ ڳالهه ٻڌي ٻئي ڊڄي ويا ۽ اکر به ڪونه ڪڇائون. انهيءَ تي راجا وڌيڪ تکو ٿي پڇين ته:”جواب ڇو نه ٿا ڏيو؟“ هنن جو منهن لٿل ڏسي، وري نرم لهجي ۾ چوڻ لڳو: پنهنجي اصليت ٻڌائن ۾ نه ڊڄو. جنهن منهنجي جان بچائي آهي، انهيءَ لاءِ مان  خوشيءَ سان پنهنجي وس  آهر مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ اها ڳالهه ٻڌي، اجيتسنگ ۾ ٿوري  جرئت آئي ۽ راڻي کي شروع کان وٺي آخر تائين سڄي ڪهاڻي ٻڌايائين.

راڻي جواب ۾ ڪي ڪين ڪڇيو ۽ هڪ ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو ته گلاب سنگ کي ڇوڪريءَ جا ڪپڙا پهرائي  آڻي. ٻئي ڏينهن هن پنهنجي خزانچيءَ کي حڪم ڪيو ته اجيتسنگ کي 20 هزار روپيه  ۽ جيڪي ان تي وياج ٿيو هجي، انهيءَ سميت رقم ڏني وڃي. جوان  کي اڃا مس رقم ملي  ته هو پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي فوراََ  جيسلمير پهتو. اُتي پهچڻ کان پوءِ، هو صراف وٽ ويو ۽ وڃي هن کي قرض ادا ڪيائين، جنهن کي ورتي پورو هڪ سال ٿي ويو هو ۽ جنهن جو ٻُڌي صراف ڪجهه ڏينهن کان آسرو لاهي ڇڏيو هو. هو پنهنجي دل کي اها تسلي ڏيندو ٿي رهيو ته انهيءَ رقم کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ اجيتسنگ جي پيءُ سان جيڪو هن جو وهنوار  هوندو هو، انهيءَ مان حاصل ڪري چڪو هو. مگر جڏهن اجيتسنگ کان وڃايل رقم موٽي مليس، تڏهن بيحد  گهڻو خوش ٿيو.

صراف کي پئسا ڏيئي، اجيتسنگ هوا وانگر تکو  موٽي اڌيپور پهتو ۽ ان لاءِ ٿورو مڃيندي راڻي جي پيرن تي ڪري پيو. ان کان پوءِ راجا راجبالا کي سڏايو ۽ رسمن موافق هن کي ؟ پرن رڪشا“ يا حياتي بچائيندڙ ديويءَ جو لقب ڏنائين، جنهن نالي سان هوءَ ساري اڌيپور ۾ مشهور ٿي وئي. ان کان سواءِ کيس هڪ وڏي جاگير ۽ هڪ رهڻ لاءِ عاليشان محلات ڏنائين. انهيءَ ڏينهن کان جيتسنگ  ۾ راجبالا انهيءَ ۾ رهڻ لڳا. ليڪن هاڻي راڻي جي تلوار مياڻ اندر هئي ۽ اڳي وانگر مياڻ مان ڪڍي پاسي ۾ رکڻ بند ڪيائين، جا ٻنهي محبت جي متوالن کي هڪ ٻئي کان الڳ رکندي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org