سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

باب: -

صفحو:5

ان رات راڻو پنهنجي دستور خلاف مومل وٽ ساري رات ڪين ترسيو، بلڪ صبح کان اڳ گهر موٽي آيو ۽ ڪپڙا  صاف ڪري اچي زال وٽ حاضر  ٿيو ته جيئن هن کي شڪ نه پوي. راڻي کي صبح جو گهر ۾ ڏسي جوڻس ۽ سندس پيءُ سمجهيو ته راڻو هاڻي مومل وٽ ڪونه ٿو وڃي.

بدقسمتيءَ  سان مومل ۽ راڻي جي محبت جو قصو مومل جي ماءُ جي ڪَنن تائين  پهتو ۽ مومل جي ڀيڻ سومل  کي به اها خبر پئجي ويئي. ماءُ کي پنهنجي ڌيءَ  جي بدناموسيءَ جو گهڻو ارمان ٿيو، مگر سومل کي پنهنجيءَ ڀيڻ مومل جو راڻي سان عشق ۾ آڙجڻ ۽ پنهنجي ڪاروبار (شهزادن کي ڦاسائڻ ۽ دولت  حاصل ڪرڻ) کي ترڪ ڪرڻ جو وڏو افسوس ٿيو . هن سوچيو ته هاڻي پيءُ جي وڃايل خزاني جو پورائو نه ڪري سگهبو. آخر مومل  جي محلات ۾ ويئي ۽ هن کي  مڪريلي نموني جو پيار ڏيکاري ساڻس  گڏ سمهي پئي، رات جو جڏهن مومل کي ننڊ کڻي ويئي، تڏهن سومل پلنگ تان اُٿي، مرداڻه ڪپڙا پهري وري اچي هن جي پاسي ۾ ليٽي پئي.

هوڏانهن راڻو پنهنجي تيز اُٺ تي اونداهي رات ۾ پنهنجي محبوب  ڏانهن پئي ويو. واٽ تي هن کان رستو وڃائجي ويو. اوچتو هڪ اوٺيءَ تي نظر پوندي کانئس مومل جي محلات جو ڏس پڇيائين. حقيقت هيءَ هئي  ته اُهو اوٺي خود سومل جو موڪليل هو ۽ راڻي جو انتظار ڪري رهيو هو. هو چوڻ لڳو ”اُها  مومل،  جا راجا نند جي ڌيءَ  آهي ۽ سيتل جي ساهيڙي آهي؟“  ائين چوندي، راڻي کي رستو ڏيکاريائين. راڻي اِهي لفظ هڪ ڪَن کان ٻُڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيا، ڇو ته کيس  مومل جي محبت ۽ وفاداريءَ تي يقين هو. راڻو محلات ۾ پهچي ويو ۽ ماڙيءَ تي چڙهي، مومل جي ڪمري جي در کوليائين. ڇا ڏسي ته هن جي ڀر ۾ هڪ مرد سُتو  پيو آهي. اوڏيءَ مهل واٽ تي گڏجندڙ اوٺيءَ واري ڳالهه ذهن تي تري آيس.

راڻي کي اول ته اهڙو جوش آيو، جو چاهيائين ته تلوار  جي هڪ ئي ڌڪ سان ٻنهي کي اُتي  جو اتي چورو ڪري ڇڏي،  پر پوءِ جڏهن مومل جي من موهيندڙ پيشانيءَ  تي نظر پيس، تڏهن ٿڌو ٿي ويو. هن پنهنجي اُٺ کي هڪلڻ وارو لڪڻ مومل جي پاسي ۾ رکيو ۽ ڏاڪڻ تان آهستي آهستي لهي، اُٺ تي سوار  ٿي عمر ڪوٽ واپس پهتو.

صبح جو مومل جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿي، تڏهن پنهنجي پاسي ۾ راڻي جو لڪڻ پيل ڏٺائين. ٻاهر نڪري ڏٺائين  ته اُٺ جي اچڻ ۽ وڃڻ جا پيرا به موجود هئا. سمجهي وئي ته راڻو رات آيو هو ۽ مومل کي منهنجي پاسي ۾ ستل ڏسي، بيوفا  سمجهي موٽي هليو ويو. سڄي ڏينهن جي انتظار کان پوءِ  مومل هن ڏانهن ليلائي نياپو ڏياري موڪليو ته ”ڀلائي ڪري موٽي مون وٽ آءُ. تو جنهن ماڻهوءَ کي مون سان گڏ ستل ڏٺو هو، اُهو ڪو مرد ڪونه هو، پر منهنجي ڀيڻ سومل هئي،“ راڻي انهيءَ قاصد هٿان جواب موڪليو ته : ”مون جيڪي اکين  سان ڏٺو، تنهن تي ڪيئن نه  ويساهه ڪريان؟ ڪا به عورت  مرد جا ڪپڙا پائي ڪانه سمهندي آهي.“ انهيءَ جواب کان پوءِ مومل هڪٻئي پٺيان ڪيئي قاصد موڪليا ته راڻي سان ملي کيس اصلي حقيقت  کان آگاهه ڪريان، مگر راڻي کي ويساهه  نه آيو، سو نه آيو. آخر راڻي قاصد هٿان  اهو جواب ڏياري موڪليو ته ” مومل کي وڃي چئو ته مان توکي هرگز معاف نه ڪندس، توڙي کڻي تون منهنجي در تي ڪيترو به ليلائي اچي معافي گهرين.“

جڏهن قاصد اهو نياپو مومل کي اچي ڏنو، تڏهن ٻڌڻ شرط مومل جي دل کي سخت صدمو رسيو، پر پوءِ همت ڪري، مرداڻا گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائي ۽ ڪشتو هٿ ۾ کڻي در در سئن هڻندي اچي عمر ڪوٽ پهتي. انهيءَ ئي  ڏينهن  پتا پار پڇي اچي  راڻي جي دروازي تي سئن هنيائين. هڪ درد يلي آواز واري سئن ٻڌي، راڻو ٻاهر نڪتو. فقير کي مرداڻا ڪپڙا ڏسي سڃاڻي ڪونه سگهيو، پر هن جي موهيندڙ مهانڊي تي موهت ٿي پڇيائين ته” فقير! توهان ڪٿان آيا آهيو؟ ڪڏهن کان سنياسيءَ  ٿيا آهيو؟ اصل کان انهيءَ حالت ۾ هئا يا دنيا  کان بيزار ٿي ڪنهن ساڌوءَ  جي سنگت  ۾ هيءَ روپ ورتو اٿو؟“ سنياسيءَ 
 

Text Box: مومل

 

جواب ڏنو ته” ڪنهن ساڌوءَ جي سنگت   ۾ هيءَ روپ ڪين ورتو اٿم، پر دُکي سنسار جا ئي ڪرشما آهن، جنهن هيءَ ماڳ ڏيکاريو آهي.“ راڻو هن جي جواب کان تمام گهڻو  متاثر  ٿيو ۽ نهايت دل جي محبت سان چيائين ته ”سيلاني، ٻه چار ڏينهن اسان  کي پنهنجيءَ خدمت جو جيڪر  موقعو ڏين ته تنهنجا وڏا لائق ٿيندا.“ مومل ته پنهنجي دل ۾ ڌڻيءَ کان اهوئي سوال ٿي گهريو، سو سواءِ ڪنهن رد ڪد جي هڪدم ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪيائين.

ٻن چئن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن راڻي سنياسيءَ  کي ڍاري راند جي آڇ ڪئي ۽ کانئس راند جي هارجيت جا شرط پڇيائينس . سنياسيءَ وراڻي ڏني ته: ” جيڪڏهن مون کٽيو ته مان توهان وٽ هميشه لاءِ ترسي پوندس، پر جي هاريم ته سڀاڻي هتان هليو  ويندس.“ راڻي کلندي جواب ڏنو ته: ”جيئن توهان جي مرضي.“ ائين چئي ٻئي ڄڻا راند تي ويهي رهيا. راڻو پنهنجو وارو هليو ۽ جيئن ئي مومل جو وارو آيو ۽ ڍاري کڻڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيريائين، تيئن هن جي ٻانهن اگهاڙي ٿي پيئي ۽ بدقسمتيءَ  سان ٻانهن وارو تر، جو راڻي جو ڏٺو هو، ظاهر ٿي پيو. اتي کڙو ٿيو. مومل ڄاڻي ويئي ته راز ظاهر ٿي پيو. پوءِ ته مومل راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ آزين ۽ نيزارين ۾ ڪا به ڪوتاهي ڪانه ڪئي، پر راڻي جي دل تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو، ۽ هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو.

مومل دل شڪسته ٿي شهر کان ٻاهر نڪتي، هن سوچيو ته هاڻ هن زندگيءَ کان مرڻ بهتر آهي. اهو فيصلو ڪري هڪ چکيا تيار ڪرايائين. اها خبر راڻي جي ڪنن تائين وڃي پهتي ته هڪ سَتي  پاڻ کي شهر  کان ٻاهر چکيا  تي چاڙهي رهي آهي. هن کي يقين ٿيو ته شايد اها مومل هجي، جنهن نااميد ٿي، اهو قدم محبت جي ناڪاميءَ  سببان کنيو آهي. اهو سوچي هن کي سخت ارمان ٿيو ۽ بي اختيار  ٿي دانهن ڪري چيائين ته: ”او مومل! مون توکي معاف ڪيو، آءُ غلطيءَ  تي هوس. مان تنهنجي محبت کي سچو سمجهان ٿو.“ پر هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو. محبت پنهنجي آخري انجام جو فيصلو ڪري چڪي هئي. مومل وراڻيو: ”تنهنجي انهيءَ اقرار کان پوءِ  مون لاءِ هاڻي وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي.“ ائين چئي، هن هڪدم پنهنجو پاڻ مچ ۾ اڇلي وڌو. باهه جو وڏو ڀنڀٽ آسمان کي ڇهي رهيو هو. مومل جو هيءُ انجام ڏسندي، راڻي جو هوش حواس گم ٿي ويو. هن بي اختيار بنجي ڊوڙي وڃي باهه ۾ ٽپ ڏنو. اهڙيءَ  ريت هي ٻيئي عاشق ۽ معشوق، محبت جي آخري امتحان ۾ پنهنجو پاڻ سچو ثابت ڪري، هميشه لاءِ جاودان بنجي ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org