11- سيف الملوڪ
ڪنهن زماني ۾، هاشم شاهه نالي هڪ بادشاهه، مصر ۾
راڄ ڪندو هو هن جي پيءُ جو نالو شاهه سفيان هو، جو
گذر ڪري چڪو هو. هاشم شاهه وڏو درلتمند ۽ طاقت
وارو بادشاهه هو ۽ سندس رعت ڏاڍي آسودي هئي. قدرت
خدا جي اهڙي جو کيس پٽ جو اولاد ڪونه هو، باقي
دنيا جا ٻيا سڀ سک ۽ سهنج نصيب هئس. جوانيءَ
واري عرصي ۾ ته بادشاهه کي پٽ جي ضرورت گهڻي
محسوس ڪانه ٿي، پر جڏهن ستر ورهين جو پوڙهو ٿي
چڪو، تڏهن انهيءَ حقيقت کيس ڏاڍو ملول ڪيو ۽ ان
غم ۽ اندوهه ۾ هڪڙي ڏينهن اوچتوئي اوچتو پاڻ کي
محلات جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ۽ وزيرن ۽ اميرن سان
ملڻ کان منهن موڙي ڇڏيو . بادشاهه جي هن هلت ڪري،
آخرڪار حڪومت جو چرخو بيهجي ويو، ڇو ته ڌنار کان
سواءِ ڌڻ ڪيئن سلامت رهي؟ ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن
بدامين ڦهلجي ويئي، آخر انهيءَ صورتحال بادشاهه جي
وزير صالح کي ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ هڪ ڏينهن
بادشاهه جي مرضيءَ خلاف زبردستيءَ سان محلات ۾
داخل ٿيو ۽ بادشاهه جي آڏو نهايت ادب ۽ احترام
سان چوڻ لڳو ته : ”جيئندا قبلا! آءُ توهان جي غم
جو سبب پڇي سگهان ٿو؟ مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن
بادشاهه سلامت مون کي ان کان واقف ڪرڻ فرمائيندو
ته مان ان کي دور ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندس.“
بادشاهه ورندي ڏني ته: ”اي وزير، منهنجو غم معمولي
قسم جو نه آهي، توکي خبر آهي ته مون وٽ دنيا جي
هر نعمت موجود آهي، دولت جا بي انداز خزانا آهن ۽
طاقتور فوج آهي، ليڪن پٽ جي اولاد کان محروم
آهيان. هينئر منهنجي موت کان پوءِ منهنجو تخت ڪير
سنڀاليندو؟ مصر ملڪ جي حڪومت جو ڪير وارث بڻبو.“
هيءَ ڳالهه ٻڌي، وزير عرض ڪيو ته: ”بادشاهه سلامت،
منهنجو خيال آهي ته نجومين کي گهرايو وڃي، مون کي
اميد آهي ته هو پنهنجي علم ۽ نجوم جي وسيلي اوهان
جي ان غم جو ڪو نه ڪو علاج ضرور ڳولي ڪڍندا.“
بادشاهه کي وزير جي صلاح دل سان آئڙي ۽ نجومين کي
پاڻ وٽ گهرايو ۽ کين حڪم ڪيو ته هو حساب ڪري کيس
پنهنجي غم جي علاج جي ڪا ترڪيب ٻڌائين. نجومين ٽن
ڏينهن جي مهلت گهري، هنن انهيءَ عرصي ۾ آسماني
لنکيترن ۽ سيارن کي خوب جاچيو ۽ ان کان پوءِ چوٿين
ڏينهن درٻار ۾ اچي، بادشاهه کي عرض ڪيائون ته :
”بادشاهه سلامت، اسان کي نجوم جي حساب مان معلوم
ٿو ٿئي ته جيڪڏهن توهان يمن جي بادشاهه شرف شاهه
جي شهزاديءَ سان شادي ڪندو ته توهان کي ان مان
ضرور پٽ جو اولاد ٿيندو.
نجومين جي اها ڳالهه ٻڌي بادشاهه حڪم ڪيو ته:
”هڪدم يمن جي بادشاهه لاءِ سوکڙيون ۽ سوغاتون
تيار ڪيون وڃن، انهن ۾ پنجاهه اُٺ موتين سان ڀريل
هجن، چار سئو سهڻيون ٻانهيون هجن ۽ چار سئو بهترين
گهوڙا قيمتي سنجن سميت موجود هجن، اهي سموريون
شيون تحفي طور يمن جي بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيون
وڃن ۽ ان کان پوءِ اسان جي لاءِ سندس شهزاديءَ جو
سڱ گهريو وڃي.“ ٻن چئن ڏينهن بعد، بادشاهه جي حڪم
مطابق اهو سمورو سامان، جنهن چڱي خاصي لشڪر جو
ڏيک پئي ڏنو، سو جڏهن يمن جي بادشاهه جي سرحد تي
وڃي پهتو، تڏهن يمن جي بادشاهه جي ماڻهن کي شڪ
پيو. هنن شڪ دور ڪرڻ لاءِ هاشم شاهه بادشاهه جي
ماڻهن کان پڇيو ته: ”ڇا توهان جنگ ڪرڻ جي نيت سان
آيا آهيو؟“ هنن جواب ڏنو ته: ”نه، اسان جنگ ڪرڻ
نه آيا آهيون، پر اسان اوهان جي بادشاهه کان سندس
شهزاديءَ جو سڱ ڇڪائڻ آيا آهيون.“ اهو جواب ٻڌي،
هنن کي دلجاءِ ٿي ۽ پوءِ هو هلندا اچي يمن جي
بادشاهه جي درٻار ۾ پهتا. درٻار ۾ پهچي، وڏي ادب ۽
نياز سان، هاشم شاهه بادشاه جي ماڻهن پنهنجو
تعارف يمن جي بادشاهه سان ڪرايو، ۽ کيس پنهنجي
بادشاهه جو خط ڏنو. خط پڙهڻ کان پوءِ، يمن جي
بادشاهه وڏي خوشيءَ مان ورندي ڏني ۽ چيو ته:
”هيءَ ته هڪ نياڻي آهي، پر جيڪڏهن مون کي ست
نياڻيون هجن ها ته اهي به جيڪر اوهان جي بادشاهه
جي مرضيءَ مطابق ڏيڻ ۾ مون کي بيحد خوشي ٿئي
ها.“ ان کان پوءِ هن پنهنجي ڌيءَ کي گهرايو ۽
پنهنجي خاندان جي رسم مطابق سندس تلوار ۽ پٽڪي سان
شادي ڪرائي ويئي.
هن طرح شادماني ٿيڻ کان پوءِ، مهمانن موڪلايو ۽
شهزاديءَ کي ساڻ ڪري، يمن مان روانا ٿيا .
شهزاديءَ پنهنجي وندر لاءِ پيءُ جي وزير جي ڌيءُ،
پاڻ سان کنئي، جنهن سان سندس ننڍپڻ کان ساهيڙپ
هئي. مصر ۾ پهچڻ تي، هاشم شاهه بادشاهه ڏاڍي ڌام
ڌوم سان شهزاديءَ سان شادي ڪئي ۽ سندس ساهيڙيءَ جي
شادي پنهنجي وزير صالح سان ڪرائي. خدا جي
مهربانيءَ سان هڪ سال بعد بادشاهه هاشم شاهه ۽
صالح وزير کي هنن زالن مان پُٽ پيدا ٿيا. هاشم
شاهه بادشاهه پنهنجي پُٽ جو نالو سيف الملوڪ رکيو
۽ وزير پنهنجي پُٽ جو نالو صياد رکيو. هنن ٻنهي
نينگرن کي نپائڻ لاءِ هڪ دائي رکي وئي ۽ اهڙيءَ
طرح هو ٻئي سڳن ڀائرن وانگر پلجڻ لڳا.
اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، وقت گذرندو رهيو ۽ هي ٻالڪ به
وڏا ٿيندا ويا. اهڙيءَ طرح چوڏهن سال گذري ويا.
هڪڙي ڏينهن بادشاهه ٻنهي ڇوڪرن کي پنهنجيءَ درٻار
۾ گهرايو ۽ پنهنجي پٽ کي هڪ منڊي ۽ هڪ چوغو ڏنو،
جيڪي کيس ڪنهن وقت بادشاهه سليمان کان مليا هئا ۽
صالح وزير جي پٽ کي وري هڪ گهوڙو ۽ هڪ ڪُڙتو عطا
ڪيو. ان رات شهزادي سيف الملوڪ هڪ عجيب اسرار ڏٺو.
هو ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ شرط پيءُ وٽان مليل چوغي کي
کولي حيرت سان ڏسڻ لڳو. اوچتو سندس نظر وڃي هڪ
نهايت حسين ڇوڪريءَ تي پئي، جا کيس ڀرسان بيٺل
ڏسڻ ۾ آئي. پر جڏهن هن ٻنهي هٿن سان ان کي وٺڻ جي
ڪوشش ڪئي ته هوءَ نظر کان گم ٿي ويئي، وري جڏهن هن
پنهنجا هٿ هيٺ ڪيا ته ڇوڪري سامهون بيٺل نظر آيس.
آخر ڪار هن چوغو ويڙهي رکي ڇڏيو ۽ پاڻ سمهي پيو،
پر کيس سڄي رات ننڊ نه آئي ڇو ته هو ان سهڻيءَ
ڇوڪريءَ جي حسن تي موهجي پيو هو ٻئي ڏينهن صبح جو
جڏهن بادشاهه ڏٺو ته سندس پٽ روزاني دستور مطابق
شڪار تي نه ويو آهي، تڏهن کيس پاڻ وٽ گهرايائين.
بادشاهه کانئس ان جو سبب پڇيو، پر شهزادي ڪنهن به
سوال جو جواب ڪونه پئي ڏنو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه
۾ نه پئي آئي، سندس ذهن ۽ دماغ ۾ انهيءَ حسين
ڇوڪريءَ جو تصور هو، جنهن کي هن رات جو ڏٺو هو.
پيءُ جي سوالن تي فقط ڪنڌ ڌوڻي رهيو هو ۽ زارزار
روئي رهيو هو بادشاهه پٽ جو هيءَ حال ڏسي ڏاڍو
غمگين ٿيو. هڪدم هن جي علاج لاءِ حڪيم ۽ طبيب
گهرايائين، جيڪي پڻ ڪافي ڪوشش جي باوجود شهزادي جي
بيماريءَ کي سمجهي ڪين سگهيا. آخر ڪار، هاشم شاهه
جي وزير عرض ڪيو ته:”جيئندا قبلا، منهنجي پٽ کي
اجازت ڏيو، شايد هو سيف الملوڪ جي بيماريءَ کي
سمجهي کانئس پڇي ۽ پروڙي سگهي. آخر وزير زادي کي
اجازت ڏني ويئي ته هو اڪيلائي ۾ شهزادي سان وڃي
ڳالهائي ۽ جيڪڏهن ضرورت سمجهي ته کيس اها ڌمڪي به
ڏئي ته جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي بيماريءَ جو سبب
نه ٻڌائيندين ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندس.“
بادشاهه، وزير جو اهو مشورو مڃيو ۽ وزير زادي کي
شهزادي وٽ سندس دلي راز پروڙڻ جي اجازت ڏني.
صياد کي ڏسندي ئي ، شهزادي کي معصوميت ۽ ننڍپڻ
وارو زمانو ياد اچي ويو، جنهن ۾ هنن سڳن ڀائرن
وانگر کيڏيو ۽ ڊوڙيو هو. ان تصور سندس دل کي نرم
ڪري وڌو ۽ شهزادي پنهنجي زبان کولي. شهزادي رات جو
ڏٺل سمورو واقعو ۽ حسين ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پوڻ
وارو سمورو قصو، هن کي دل کولي ٻڌايو. صياد هي حال
معلوم ڪري سڄي ڳالهه بادشاهه کي ڪري ٻڌائي.
بادشاهه هي قصو ٻڌي عجب مان چوڻ لڳو ته: ”ننڍپڻ
واري زماني ۾ هڪ ڏينهن مان تخت تي ويٺو هوس ته
اوچتو هڪ روشنيءَ جو چمڪاٽ ٿيو ۽ گجگوڙ ٿي، ان
کان پوءِ مون پنهنجي پيرن جي ڀرسان ست پريون
لهنديون ڏٺيون. لهڻ کان پوءِ هنن مون کي هڪ منڊي
۽ هڪ چوغو ڏنو، جيڪي ٻئي چيزون مون سيف الملوڪ جي
حوالي ڪيون. هنن مون کي ٻڌايو ته اهي ٻئي چيزون
حضرت سليمان جون آهن. پوءِ جڏهن مون چوغي کي
کوليو، تڏهن منهنجي اڳيان هڪ نهايت جميل ڇوڪري
اچي بيٺي. ان ڇوڪريءَ کي جهلڻ لاءِ مون پنهنجون
ٻانهون وڌايون ته هوءَ نظر کان غائب ٿي وئي. ان تي
مون پرين کان پڇيو ته هيءَ ڪير هئي. پرين جواب
ڏنو ته: ”هوءَ اسان جي بادشاهه شهوال جي ڌيءُ،
بديع الجمال آهي ۽ اسان جو بادشاهه گلستان ارن شهر
۾ رهي ٿو، . ان کان پوءِ مون گلستان ارن شهر ڳولڻ
لاءِ هر طرف ماڻهو موڪليا، پر ڪنهن کي به ڪو پتو
ڪونه پيو. هن جي محبت مون کي چوڏهن سال پريشان
ڪندي رهي ۽ هاڻي وري ان منهنجي پٽ کي ساڳيو اثر
ڏيکاريو آهي. هينئر آءُ انهيءَ ڇوڪريءَ جي تلاش ۾
چئني طرفين پنهنجا ماڻهو روانا ڪريان ٿو.“ بادشاهه
اها حقيقت بيان ڪري، وڏي غم ۽ پريشانيءَ ۾ اچي
ويو.
ان چئن ڏينهن بعد بادشاهه پنهنجا امير امراءَ ۽
ٻيا ڪيئي ماڻهو آسپاس جي ملڪن ڏانهن روانا ڪيا: ڪي
ايران ويا، ڪي هندستان اسهيا، ڪن عربستان ۽
افغانستان ڏانهن منهن ڪيو، ۽ برڪستان روانا ٿيا،
ليڪن ڪٿي به گلستان ارن شهر جو ڪو پتو ڪونه پيو.
اميرن جي رواني ٿيڻ وقت شهزادي ڪجهه پاڻ سنڀالي
ورتو، مگر جڏهن اهي ناڪامياب موٽيا، تڏهن هن تي
وري ساڳي حالت طاري ٿي وئي. بادشاهه محسوس ڪيو ته
جيڪڏهن شهزادي کي موت کان بچائڻو آهي ته ان لاءِ
فقط هڪ ئي رستو آهي، اُهو هيءُ ته شهزادي کي اجازت
ڏجي ته هو پاڻ به ان ٻريءَ جي تلاش ۾ نڪري. ان
لاءِ بادشاهه وڏيون تياريون ڪرايون ۽ سامونڊي
ٻيڙا ٺهرايا، جن ۾ پنجن سالن جي ضرورتن جو کاڌو ۽
ٻيون شيون رکايون ويون. شهزادي ۽ صياد لاءِ هڪ جدا
ٻيڙو تيار ڪرايو ويو ۽ ٻين ٻيڙن ۾ سٺ اميرن جي
رهائش جو بندوبست ڪيو ويو، جن کي شهزادي سان گڏ
وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو.
چاليهن ڏينهن جي سامونڊي سفر کان پوءِ هڪ ڏينهن
شهزادي پنهنجي اميرن سان گڏ چين ملڪ جي ڪناري سان
اچي لنگر هنيو. جڏهن چين جي بادشاهه ناذفر کي
هيءَ خبر پهتي، تڏهن هن پنهنجو نمائندو موڪليو ته
هنن جي اچڻ جو سبب معلوم ڪري، کيس اچي ٻڌائي.
شهزادي سيف الملوڪ ٻڌايو ته آءُ گلستان ارن شهر
جي تلاش ۾ نڪتو آهيان. جڏهن شهزادي جو مقصد چين
جي بادشاه کي ٻڌايو ويو، تڏهن شهزادي سيف الملوڪ
جو وڏو آدرڀاءُ ڪيو ۽ سندس مقصد جي تلاش ۾ مدد ڪرڻ
جو پاڻان وعدو ڪيو. پوءِ گلستان ارن شهر متعلق
معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ذريعا استعمال ڪيا ويا.
هر عرف ماڻهو ڊوڙايا ويا ۽ ملڪ جي سڀني وڏيءَ عمر
وارن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي. آخرڪار هي
محنتون رائگان نه ويون: چين ملڪ ۾ هڪ تمام وڏي
عمر وارو ماڻهو ملي ويو جنهن ٻڌايو ته ننڍپڻ ۾ کيس
ٻڌايو ويو هو ته گلستان ارن جي ولايت، اسان جي ملڪ
کان هڪ مهيني جي سفر جي دوريءَ تي آهي.
هي خبر ٻڌي، شهزادي سيف الملوڪ، چين جي بادشاهه جو
شڪريو بجاءِ آندو ٻڌايل طرف جا وڌڻ لاءِ پنهنجي
جهازن جا سڙهه سنوان ڪيا. جڏهن هي سفر ختم ٿيڻ
وارو هو ته ان وقت هڪ اهڙو سخت طوفان لڳو جو
شهزادي جا سمورا ٻيڙا ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيا ۽
سندس ساٿي ٻڏي مري ويا، ۽ شهزادو پاڻ وڏي تڪليف
کانپوءِ فقط ٻن چئن ساٿين سان هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار
ٿي ڪناري تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
ٽن ڏينهن ۽ راتين جي رولاڪي ۾ هنن کي ڪو ماڻهو
ڇيڻو نظر نه آيو. آخر چوٿين ڏينهن هنن کي پري کان
هڪ ڳوٺ نظر آيو، جنهن طرف هلڻ لڳا. پر پوءِ جلدئي
هنن ڏٺو ته ان ڳوٺ جا رهاڪو آدم خور ۽ راڪاس آهن.
چند منٽن ۾، هنن کي پڪڙيو ويو ۽ آدمخورن جي
بادشاهه جي اڳيان آندو ويو.
چوندا آهن ته” مارڻ واري کان جيارڻ وارو ويجهو
آهي.“ قدر ت الله جي اهڙي ٿي جو اُتي جي بادشاهه
جيئن ئي هنن انسانن کي کائڻ جي ڪوشش ڪئي، تيئن
سندس ڌيءُ، اربال کيس انهيءَ ارادي کان روڪڻ جو
سبب بڻي. دراصل هو سيف الملوڪ کي ڏسندي ئي پنهنجي
دل وڃائي ويٺي هئي ۽ دل جي محبت کيس شهزادي جي
حفاظت تي مجبور ڪيو. اربال، شهزادي ۽ سندس ساٿين
جي سلامتيءَ لاءِ پيءُ کي وينتي ڪئي، جنهن
پهريائين ته انڪار ڪيو، پر پوءِ آخر ڌيءُ جي منٿن
کي مڃڻو پيس.
بادشاهه، پنهنجي ڌيءَ جي دل جي ڪيفيت معلوم ڪري
ورتي هئي، تنهنڪري حڪم ڪيائين ته: ”شهزادي کي آزاد
ڪيو وڃي، ڇو ته کيس شهزاديءَ اربال سان شادي ڪرائي
ويندي.“
هي خبر ٻُڌي، شهزادو ڍڪرن ۾ پئجي ويو ڇاڪاڻ ته
اربال جيتوڻيڪ توڙي جو جوانيءَ جي ڦوهه ۾ هئي،
ليڪن حد درجي جي بدشڪل هئي، سندس مٿو مسجد جي
گنبذ جيڏو وڏو هو، سندس آواز ڪتي جي ڀونڪڻ جهڙو
هو، ساري جسم تي وڏا وار هئس، ڪن گلن جي ڪونڊين
جيڏا هئس، هيٺيون چپ اُٺ جي چپ وانگر لڙڪيل هوس ۽
سندس کل اڱرن جهڙي ڪاري هئي. اربال پهرئين رات
شهزادي کي پاڻ وٽ گهرايو، ليڪن شهزادي جي هن جي
ويجهو وڃڻ تي دل نه ٻڌي. سيف الملوڪ جي انڪار
اربال کي ڏاڍو ڪاوڙايو، جنهن آخر کيس توڙي سندس
ساٿين کي زنجيرن ۾ جڪڙايو. مطلب ته هاڻ سيف الملوڪ
۽ سندس ساٿي، قيد خاني ۾ بادشاهه جو انتظار ڪندا
رهيا ته ڪڏهن ٿو کين کائي کپائي، ناس ڪري.
شهزادي پنهنجي ساٿين کي ايندڙ مصيبت کان آگاهه
ڪيو، جن موت کان بچڻ لاءِ ترڪيبون سٽڻ شروع ڪيون.
هڪڙي ڏينهن وجهه وٺي، زنجير ٽوڙي، ٻيڙي هٿ ڪري،
سمنڊ ۾ لنگهي ويا ڪجهه وقت کانپوءِ هي سڀئي هڪ
ننڍڙي ٻيٽ تي اچي لٿا، جيڪو ميوي جي وڻن سان ڀريو
پيو هو. انهن ميون جي خوشبوءِ عجيب هئي. مسافرن
کي بُک به ڏاڍي هئي، تنهنڪري ميوو جام کاڌائون .
پر قدرت خدا جي جو هڪ مصيبت مان نڪتا، ته وري ٻيءَ
۾ وڃي ڦاٿا، اهو ميوو زهر وارو هو جنهنڪري ان رات
سيف الملوڪ کان سواءِ ٻيا سڀ اتي جو اتي ڦٿڪي
ڦٿڪي مري ويا. سيف الملوڪ، جنهن ٻين کان نسبتا
ٿورو کاڌو هو، سو مرڻ کان بچي ويو، ليڪن سخت بيمار
ٿي پيو. آهستي آهستي ان بيماريءَ مان چڙهيو.
ٿورن ڏينهن کانپوءِ جان ۾ طاقت واپس آيس ۽ پنهنجي
مئل سنگتين کي دفن ڪيائين. ان کان پوءِ، سيف
الملوڪ ٻيٽ کي جاچڻ لڳو. اوچتو هن پنهنجي پٺيان
ڪنهن پکيءَ جي پرن جو آواز ٻُڌو ۽ جيسين پاڻ ڀڄي
وڃي ڪٿي پنهنجو پاڻ لڪائي، هڪ گرڙ پکي هن کي چنبن
۾ اُڏائي کڻي ويو ۽ وڃي پنهنجي ٻچن جي کاڌي لاءِ
کيس پنهنجي آکيري ۾ ڇڏيائين.
هينئر سيف الملوڪ پنهنجي بچڻ جي اميد بلڪل لاهي
ويٺو ۽ پاڻ کي الله جي حوالي ڪري ڇڏيائين. عين ان
وقت سيف الملوڪ هيٺ ڏٺو ته هڪڙو وڏو نانگ ان وڻ تي
چڙهي رهيو آهي، جنهن تي اهو آکيرو هو. شڪار جي
خوشيءَ ۾، گرڙپکي واسينگ نانگ جي چرپر کان بلڪل
غير واقف ويٺو رهيو ۽ پنهنجي ظالم چهنب سان سيف
الملوڪ کي ڦاڙڻ وارو ئي هو ته پاڻ واسينگ نانگ جي
ور چڙهي ويو. گرڙ پکي گهڻو ئي دانهون ڪيون ۽ پاڻ
پتوڙيو پر واسينگ نانگ کان جند نه ڇڏائي سگهيو.
نانگ وڏو طاقتور پئي ڏٺو، تنهن پنهنجي ڊگهي جسم
سان گرڙ پکيءَ کي جهٽ ڏيئي کڻي قابو ڪيو. سيف
الملوڪ بيوس بت بڻيو ويٺو رهيو ۽ گرڙ پکيءَ جي هڏن
جي ڀڄن جو آواز ٻڌي رهيو هو. ان کانپوءِ واسينگ
نانگ، گرڙ پکي کي کائي ختم ڪري هيٺ لهي ويو.
نانگ جي لهڻ کان پوءِ به ڪافي دير تائين شهزادي تي
خوف طاري هو ليڪن جان سڀ ڪنهن کي پياري آهي.ڪجهه
وقت کان پوءِ جڏهن شهزادي جي نظر کان نانگ غائب ٿي
ويو، تڏهن هيءُ هيٺ لٿو ۽ هڪ طرف منهن ڪري وٺي
ڀڳو. آخرڪار ڀڄندي ڀڄندي شهزادو ٿڪجي پيو ۽
پنهنجي سامهون هڪ وڏو محلات ڏٺائين. ان محلات جي
کليل دروازي وٽ، شهزادي هڪ ستل شينهن ڏٺو. سيف
الملوڪ پنهنجي تيز تلوار، ستل شينهن جي پيٽ ۾
لنگهائي وڌي. ان کان پوءِ، اُن مئل شينهن کي
اورانگي، محلات ۾ اندر داخل ٿيو. اندر اچي، شهزادو
ٽن سينگاريل ڪمرن ۾ پهتو، جن ۾ عجيب و غريب زيورات
۽ ٻيو سامان پيو هو. شهزادي چوٿين ڪمري ۾ هڪ نهايت
قيمتي تخت ڏٺو، جيڪو هيرن ۽ موتين سان ڀريل هو ۽
ان ۾ هڪ حسين نوجوان عورت ننڊ ۾ سمهي پيئي هئي.
جڏهن شهزادو ويجهو ويو، تڏهن ڏٺائين ته اها نوجوان
عورت ساڳي اها حسين جميل ڇوڪري هئي، جنهن کي چوغي
کولڻ وقت ڏسي، مٿس موهت ٿي پيو هو. پنهنجي محبوب
کي ڏسي، شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ جرئت ڪري، ڀرسان
وڃي انهيءَ ننڊ پيل سهڻيءَ صورت کي هڪ چمي ڏنائين.
ان تي اها نوجوان حسين ڇوڪري جاڳي پئي ۽ ٿورو
مشڪي چوڻ لڳي ته: ”اي نوجوان، تون ڪير آهين؟ توکي
ايتري جرئت ڪيئن ٿي، جو ديون جي ملڪ ۾ لنگهي آيو
آهين؟
شهزادي هڪدم پنهنجو ڪنڌ ڌوڻيو ۽ نهايت پيار ۽
پاٻوهه مان ورندي ڏنائين ته: ”منهنجو داستان بيان
ڪرڻ کان گهڻو ڊگهو آهي، پر في الحال ته تون مون کي
ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟ ۽ هيتري سج چڙهي اچڻ کان
پوءِ به تون هن وقت تائين ڇو ستي پئي آهين؟“
خوبصورت ڇوڪريءَ جواب ۾ چيو ته ”منهنجو نالو ملڪان
آهي ۽ مان هڪ بادشاهه جي ڌيءُ آهيان. هڪڙي ڏينهن
مان پنهنجي سهيلين سان گڏجي، پنهنجي پيءُ جي باغ ۾
گهمڻ ويس ۽ اُتي تلاءَ ۾ گهڙي و هنتس ان وقت اوچتو
اهڙي تيز هوا لڳي، جنهن مون کي ان تلاءَ جي ڪناري
تان کڻي هن ٻيٽ تي آڻي ڇڏيو مون جڏهن زمين تي پير
رکيو ۽ اک پٽي نهاريو ته پاڻ کي هن محلات جي
سامهون بيٺل ڏٺم. هن محلات ۾ هن ٻيٽ جو ديو
بادشاهه رهي ٿو. پوءِ گهڙ پيلڪ گذرندي منهنجي
اڳيان اهو ديو آيو، جنهن سان گڏ ٻيا به ڪيترائي
ديو هئا. هي ديو هڪدم مون کي چوڻ لڳو ته: ”مان
توکي هتي انهيءَ لاءِ کڻي آيو، آهيان، جو آءُ
توتي عاشق آهيان ۽ هاڻي مون سان ناراض ٿيڻ يا
مخالفت ڪرڻ بيسود آهي، ڇو ته تنهنجو هتي ڪو واهرو
ڪونهي، تنهنجو ملڪ هتان ايترو دور آهي جو اتان جو
ماڻهو ته ڇا، پر ڪو جانور ۽ کپي به هتي نٿو پهچي
سگهي. ان کان پوءِ مون کي وٺي اچي هن تخت تي
وهاريائين، جتي ويهڻ سان هڪدم ننڊ وٺيو ٿي وڃي.
هاڻي هر صبح جو هو هتي اچي مون کي اٿاريندو آهي ۽
کاڌو کارائيندو آهي ۽ مون سان ڳالهائيندو آهي، ان
کان پوءِ هو ٻين ديون سان گڏجي ٻاهر هليو ويندو
آهي ۽ مون کي ننڊ وٺي ويندي آهي. وري ٻئي ڏينهن
صبح جو هو موٽندو آهي ۽ اچي مون کي اٿاريندو
آهي، مان تيستائين ننڊ پئي هوندي آهيان. اهڙيءَ
طرح سان مون هتي مهيني کان به زياده وقت گذاريو
آهي. منهنجو اهو احوال آهي جو توکي ٻڌايم، هاڻي
تون مون کي ٻڌاءِ ته ڪير آهين؟ ڪٿان آيو آهين؟
بيان ڪرڻ لاءِ وقت گهڻو آهي، ڳالهه ڪيڏي به ڊگهي
هجي، تون ٻڌائي سگهين ٿو ۽ مان ٻڌي سگهان ٿي. ديو
سڀاڻي صبح کان اڳ هتي ڪين ايندو.“
شهزادي سيف الملوڪ، بديع الجحال کي ڳولڻ، رستي ۾
تڪليفن ۽ دشوارين سان منهن ڏيڻ جو بيان ۽ پيءُ کان
الڳ ٿيڻ واري وقت کان وٺي ان وقت تائين، جيڪي ڪجهه
ساڻس وهيو واپريو هو، سو داستان بيان ڪري ٻڌايو.
شهزادي ملڪان اهو احوال ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ته
شهزادو سيف الملوڪ سندس ڀيڻ بديع الجمال تي عاشق
آهي ۽ ان جي ئي ڳولا ۾ نڪتو آهي. پوءِ کيس چوڻ لڳي
ته” هوءَ ته منهنجي ڀيڻ آهي ۽ جيڪڏهن تون مون کي
هن نفرت جهڙي ديو کان آزاد ڪندين ته منهنجا والدين
بديع الجمال جو سڱ توکي وڏي خوشيءَ سان ڏيندا.“
شهزادو ۽ شهزادي ملڪان اُها ساري رات پاڻ ۾
ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ شهزاديءَ جي آزاديءَ لاءِ
راهون سوچيندا رهيا، شهزادي سيف الملوڪ کي هڪ
ترڪيب سُجهي آئي. هن چيو ته” تون اٽڪل ڪري ديو
بادشاهه کان اهو ڳجهه ڪنهن طرح معلوم ڪر ته هو
پنهنجو ساهه ڪٿي رکي ٿو، ڇو ته ديو اسان وانگر
پنهنجو ساهه پنهنجي جسم ۾ ڪونه رکندا آهن. تون
جيڪڏهن مون کي ان جڳهه متعلق صحيح معلومات هٿ ڪري
ڏيندينءَ ته مان هن جو آسانيءَ سان خاتمو آڻي
سگهان ٿو.“
شهزاديءَ اها صلاح قبول ڪئي ۽ پوءِ آسمان ڏانهن
نهاريندي شهزاديءَ چيو ته. ”منهنجا ڀاءُ! اوڀر طرف
پيلاڻ شروع ٿي رهي آهي ۽ ٿوري وقت کان پوءِ ديو
اچي ويندو، تنهنڪري هينئر تون هليو وڃ ۽ وري شام
جو اچجانءِ.“ شهزادي موڪلايو ۽ شهزاديءَ کي ننڊ
وٺي وئي.
شهزادو شام جو موٽي آيو ۽ ساڳئي نموني شهزاديءَ کي
سونهري تخت تي سمهيل ڏٺائين. هن، شهزاديءَ جي ڳل
تي چُمي ڏني ۽ شهزادي جاڳي پيئ. سيف الملوڪ کي
واپس ڏسي، شهزادي خوشيءَ ۾ ڪانه پئي ماپي ۽ چوڻ
لڳي ته: ”مون اُها جڳهه معلوم ڪري ورتي آهي، جتي
ديو پنهنجو ساهه لڪايو آهي. پهريائين ته منهنجي
پڇڻ تي ديو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، پر پوءِ جڏهن مون
نرمي اختيار ڪئي ۽ کيس ٺارڻ جي ڪوشش ڪيم ۽
چاپلوسي ڪرڻ لڳيس، تڏهن هو راضي ٿيو ۽ ٻڌايائين ته
سندس ساهه هڪ پيتيءَ ۾ بند آهي، جا هڪ وڻ جي پاڙ ۾
پوريل آهي ۽ وڻ درياءَ جي کاٻي ڪناري تي آهي. پر
افسوس اهو آهي ته هن ائين به چيو ته جنهن وٽ حضرت
سليمان جي مُنڊي هوندي، ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن به
ساهه واري کي اُها پيتي نه ملي سگهندي. هاڻي مون
کي ته مايوسي آهي ته تون اُها پيتي ڪيئن ڳولي
سگهندين؟“
اهو ٻڌي شهزادي چيوته: ”مون وٽ حضرت سليمان جي
منڊي موجود آهي، تون ڪو به خيال نه ڪر.“ ان کان
پوءِ شهزاديءَ کي منڊيءَ جي هٿ اچڻ جو سمورو
احوال بيان ڪري ٻڌايائين . اُن کان پوءِ شهزادو
تيزيءَ سان محلات کان ٻاهر نڪري ويو ۽ سڌو وڃي اُن
وڻ هيٺان اُها پيتي ڪڍيائين، جنهن ۾ هڪ ڳيرو ويٺو
هو ۽ ڪجهه قيمتي پٿر پيا هئا. ڳيري کي ڏسي، شهزادو
سمجهي ويو ته ان ۾ ئي ديو جي جان هوندي. سو ڪپ
ڪڍي، ان کي اتي جو اتي پورو ڪيائين. ان کان پوءِ
قيمتي پٿر پاڻ سان کڻي، ڊوڙي اچي محلات ۾
شهزاديءَ کي سربستو احوال ڪيائين هڪدم شهزاديءَ کي
پاڻ سان وٺي، درياءَ ۾ ديو جي بيٺل ٻيڙيءَ ۾ سوار
ٿي، روانو ٿيو.
رستي ۾ بي انداز ڏکن ڏاکڙن ڏسڻ کان پوءِ، شهزادو
سيف الملوڪ، شهزاديءَ سميت پنهنجي ٻيڙي کي گلستان
ارن جي ڪناري تي اچي پهچايو. شهزاديءَ کي ٻيڙيءَ ۾
ڇڏي، پاڻ هيٺ لهي آيو ۽ واءُ سواءُ لهڻ لڳو. اوچتو
سندس نظر وڃي هڪ ماڻهوءَ تي پيئي، ان کان اتي هجڻ
جو سبب پڇيائين. هن جواب ڏنس ته ڇهه مهينا
ٿيندا جو هتان جي بادشاهه جي ڌيءُ ملڪان، کي هڪ
واچوڙو کڻي ويو هو ۽ هو ٻين ڪيترن ماڻهن وانگر ان
جي تلاش ۾ آهي.
شهزادو اها حقيقت ٻڌي، خاموش رهيو جلد ئي ملڪان
وٽ موٽي آيو ۽ اچي کيس سمورو قصو سڻايائين .
شهزاديءَ خوشيءَ وچان رڙ ڪري چيو ته: ”پروردگار
جا لک احسان آهن! هيءُ ملڪ منهنجو ملڪ ٿو ڏسجي.
هاڻي جلدي ڪر ته هلي ڪنهن ڀرواري ڳوٺ مان بابي
متعلق ڪا خبر چار معلوم ڪريون.“
ائين چئي، شهزادي ملڪان، ٻيڙيءَ مان هيٺ لٿي ۽
شهزادي سيف الملوڪ سان گڏجي پنڌ پيئي . ٿوري پنڌ
ڪرڻ کان پوءِ ، هڪ شهر ۾ اچي پهتا، جتي سندس پيءُ
جي پاران هڪ نواب مقرر ڪيل هو. هنن، شهر ۾ داخل
ٿي، نواب سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ليڪن سندن
ڪپڙا ايترو ته اٽل هئا ۽ سندن ظاهري حالت ايتري
ته ڪريل هئي، جو هنن کي نواب سان ملاقات ڪرائڻ
لاءِ ڪو به ماڻهو تيار نه پئي ٿيو. دنيا به عجيب
شيءِ آهي ماڻهو فقط ڪنهن جي ظاهري جوڙجڪ ۽ هار
سينگار ڏسن ٿا ۽ ان جي لڪل خصوصيتن معلوم ڪرڻ جي
تڪليف ڪو به نٿو ڪري. ماڻهن جي هن هلت تي شهزادي
سيف الملوڪ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر ڪري به ڇا ٿي
سگهيو؟ پوءِ شهزادي ملڪان، هڪ ڪاغذ تي هي الفاظ
لکي، نواب ڏانهن موڪليا:
”اُڏندڙ پکيءَ وانگر، آءُ هڪ عجيب ملڪ کانپنهنجي
مُلڪ ۾ واپس آئي آهيان، ليڪن دل غمگين آهي.“
شهر جي نواب هيءَ چٺي کولي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر
مفهوم سمجهي ڪين سگهيو. تنهن هوندي به نوڪرن کي
شهزادي کي اندر آڻڻ جو حڪم ڏنائين. شهزادو سيف
الملوڪ اندر آيو ۽ نواب کانئس حال احوال پڇيو.
شهزادي جواب ۾ عرض ڪيو ته هو پاڻ هڪ بادشاهه جو پٽ
آهي، ليڪن سفر جي تڪليفن ۽ غير رواجي حادثن کيس
فقير بڻائي ڇڏيو آهي. نواب، جي سونهن ۽ منهن
مهانڊي مان اندازو لڳايو ته هن جي بيان ۾ واقعي
صداقت آهي. نواب جي زور ڀرڻ تي، شهزادي سيف الملوڪ
پنهنجي سفر جو سمورو قصو ٻڌايو ۽ آخر ۾ چيو ته مون
توهان جي بادشاهه جي وڃايل ڌيءُ پاڻ سان آندي آهي.
هيءَ خبر ٻڌي، نواب خوشيءَ ۾ مدهوش ٿي ويو، ڇو ته
هو بادشاهه جو عزيز پڻ هو. پوءِ ته نواب حڪم ڪيو
ته شهزاديءَ ملڪان کي هڪدم پالڪيءَ ۾ ويهاري، عزت
۽ احترام سان محلات ۾ آندو وڃي. ان کان پوءِ انهي
خوشيءَ جي موقعي ملهائڻ جا پروگرام رٿجي ويا ۽
ڪيترا ڏينهن شهزاديءَ جي واپسيءَ تي خوشين جا
شادمانا ٿيندا رهيا.
آخر هڪ ڏينهن نواب، شهزادي سيف الملوڪ جي دعوت ۾
شڪار جو پروگرام رکيو. ان سلسلي ۾ شهزادو سڄو
ڏينهن جهنگ ۾، شڪار ۾ مصروف رهيو. واپسيءَ وقت
سيف الملوڪ هڪ ماڻهوءَ کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو،
جنهن جي شڪل سندس پراڻي دوست صياد سان ڪافي ٺهڪي
پئي آئي اهو ماڻهو ايترو ڪمزرو ۽ پريشان پئي ڏٺو،
جو شهزادي کي يقين ئي نه پئي ٿيو ته ڪو هيءُ صياد
هوندو. تنهنڪري نوڪرن کي ان ماڻهوءَ کي آڻڻ
لاءِ حڪم ڏنائين. نوڪرن وري ائين سمجهيو ته شايد
شڪار ڪرڻ وقت ان ماڻهوءَ شهزادي کي شڪايت جو
موقعو ڏنو آهي ۽ سزا ڏيڻ لاءِ کيس پاڻ وٽ گهرائي
ٿو، تنهنڪري ان سان شوخيءَ سان پيش آيا ۽ ساڻس
سختيءَ سان گڏ مارڪٽ به ڪيائونس.
ان ماڻهوءَ کي جڏهن شهزادي آڏو آندو ويو، تڏهن ان
کان پڇيو ويو ته: ”تون ڪير آهين؟“ صياد سخت
پريشانيءَ جي حالت ۾، شهزادي جي پيرن تي ڪري پيو
۽چوڻ لڳو ته: ”سائين منهنجا! منهنجو نالو صياد
آهي. سج کي ٻه پاڇا آهن، ڪنهن وقت ته مان به مصر
جي بادشاهه جي وزير جو پٽ ۽ بادشاهه جي پٽ جو
دوست هوس، پر اڄ زماني مون کي هن حال تي آڻي
پهچايو آهي.“ هي احوال ٻُڌي، شهزادي کي يقين ٿيو
ته سندس پراڻو ساٿي آهي ۽ خوشيءَ وچان هن کي ڀاڪر
پائي مليو ۽ کيس پنهنجي قصي ٻڌائڻ لاءِ چيائينس.
ٻئي وڇڙيل دوست پاڻ ۾ مليا ۽ پراڻيون يادگيريون
سندس دلين تي تري آيون شهزادي جي زور ڀرڻ تي، صياد
پنهنجو قصو هن طرح شروع ڪيو: ”طوفان ۾ اسان جو
جهاز ڀڄي پيو. ان کان پوءِ هرڪو پنهنجي جان بچائڻ
۾ لڳي ويو. مون کي به هڪ ڪاٺ جو تختو هٿ اچي ويو،
جنهن جي اڌار تي ڇولين ۽ موجن سان مقابلو ڪندو
رهيس. گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ ان تختي وڃي مون کي
ڪناري تي ڇڏيو. اتان مون کي آدمخورن پڪڙيو ۽ کائڻ
چاهيو، ليڪن بعد ۾ هنن اهو فيصلو ڪيو ته مون کي
کارائي ٿلهو متارو ڪري پنهنجي بادشاهه کي سوکڙيءَ
طور ڏين. ان کان پوءِ مون کي ڪيترا ڏينهن خوب
کارايو ويو ۽ جڏهن آمدمخورن ڏٺو ته هاڻي بادشاهه
کي پيش ڪرڻ جهڙو ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي بادشاهه
ڏانهن وٺي هليا. خوشنصيبيءَ جي ڳالهه اهڙي ٿي جو
آدمخور مون کي درياءَ جي ڪناري سان وٺي هلڻ لڳا.
مون موقعي کي غنيمت ڄاڻندي، درياءَ ۾ ٽپو ڏنو.
آدمخور ترڻ ڪونه ڄاڻندا هئا. سو پنهنجو پاڻ تي
افسوس ڪندا ۽ ڏسندا رهيا ۽ مان تري وڃي ٻئي
ڪناري تي پهتس. ان کان پوءِ مان سر بچائڻ لاءِ
پنڌ پيس ته اچي هن ملڪ ۾ نڪتس. ٻيو ڪو ذريعو نه
ڏسي، پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪاٺين جي مزوري کي
پنهنجو پيشو بڻايم. هينئر ڪاٺيون ڪري شهر ۾
وڪڻندو آهيان ۽ انهن پئسن مان پنهنجو روزگار ڪندو
آهيان.“
ان کان پوءِ، شهزادي پنهنجي تڪليفن ۽ سفر جي
سُورن جو بيان ڪيو ۽ هڪ دفعو وري هڪٻئي کي ڀاڪر
پاتائون ۽ الله تعاليٰ جا شڪرنا بجا آندائون ،
جنهن معجزي سان ٻنهي دوستن کي بچايو ۽ صحيح
سلامت پاڻ ۾ ملايو.
ان وچ ۾، شهزادي ملڪان جي ماءُ پنهنجي نوڪرياڻين
سان ان شهر ۾ اچي نڪتي. دراصل ملڪان جي واپسيءَ
واري خبر هر هنڌ پهچي چڪي هئي ۽ شهزاديءَ جي ماءُ
کي جدائيءَ ۾ هڪ ڏينهن به وڌيڪ گهارڻ مشڪل نظر
آيو ۽ هڪدم خبر ٻڌڻ سان پنهنجي ڌيءَ کي ملڻ لاءِ
اچي سهڙي. ڌيءُ کان شهزادي سيف الملوڪ جي
بهادريءَ ۽ جرئت جون ڳالهيون معلوم ڪري، ملڪان
جي ماءُ پنهنجي سموري اٽالي سان شهزادي سيف الملوڪ
کي ڏسڻ جي لاءِ آئي. شهزادي جنهن وقت پنهنجي دوست
صياد کي پنهنجو سفر نامو ٻڌائي ختم ڪيو ته ان وقت
شهزادي ملڪان جي ماءُ پنهنجي ساهڙين سان سندس
رهائش گاهه تي اچي نڪتي. شهزادي سيف الملوڪ جي
سونهن سوڀيا ڏسي، شهزادي ملڪان جي ڀيڻ شهزادي
بديع الجمال مٿس موهت ٿي پيئي. هيءَ اها ساڳي پري
هئي، جنهن شهزادي سيف الملوڪ جي دل پهرئين ئي
ديدار ۾ کسي ورتي هئي ۽ جنهن لاءِ هن ايڏا ڏک
ڏاکڙا ۽ مصيبتون ڀوڳيون هيون. پنهنجيءَ دل جي
اهڙي بيوس حالت هوندي به شهزادي بديع الجمال اُتي
ڪجهه به ڪين ڪڇيو، ليڪن رات جو ”سڪ سمهڻ نه ڏئي،
تنهنجي آهي تات“ واريءَ چوڻي مطابق شهزاديءَ کي
آرام ڪين آيو، آخر سڀني کي ستل ڏسي، خاموشيءَ سان
شهزادي سيف الملوڪ جي ڪمري ۾ داخل ٿي. اُتي ڪمري ۾
ستل شهزادي جي ڳل تي منهن رکي چُمي ڏنائين، جنهن
تي شهزادو جاڳي پيو. سيف الملوڪ، بديع الجمال کي
ڏسندي ئي خوشيءَ ۾ ڀرجي ويو ۽ کيس ٻٽا ڀاڪر
پاتائين ۽ چاهه مان چُميون ڏنائين. ٿورو ڳالهائڻ
ٻولهائڻ کان پوءِ، بديع الجمال چون لڳي ته: ”مون
کي اها ڳالهه وڏي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ٿي ته مان پري
آهيان ۽ تون انسان آهين. مان هن ملڪ جي رهاڪو ۽
تنهنجو وطن دور مون کي خطرو اهو آهي ته شاديءَ
کان پوءِ ڪٿي تون وطن جي وڇوڙي کان مجبور ٿي، مون
کي جدائيءَ جو داغ نه ڏين.“ اها ڳالهه ٻڌي، شهزادي
سيف الملوڪ وعدو ڪيو ته مان توکي ڪڏهن به ڪين ڇڏي
ويندس. آخر شهزادي جي وعدي تي شهزاديءَ کي مس مس
يقين آيو.
ٻئي ڏينهن شهزادو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال،
شهزادي ملڪان ۽ شهر جي نواب سان مليا ۽ پنهنجي
شاديءَ لاءِ اجازت گهريائون، ليڪن نواب اجازت ڏيڻ
کان انڪار ڪيو. هن چيو ته اها شادي تيستائين
ناممڪن آهي جيستائين بادشاهه شهوال اجازت ڏئي يا
سندس ڀيڻ شهزادي سرو بانو اجازت ڏئي، جيئن ته
بادشاهه کان شهزادي سرو بانو قريب هئي، تنهنڪري
نواب اها رٿ ڪئي ته ان ڏانهن خط موڪليو وڃي. آخر
هڪ آفريد کي حڪم ڪيائين ته هو اهوخط ۽ شهزادي سيف
الملوڪ جي ٻانهن هن وٽ پهچائي.
نواب اها گفتگو ئي مس ختم ڪئي ته شهزادي سيف
الملوڪ پاڻ کي آفريد جي ٻانهن ۾ محسوس ڪيو جو کيس
هوا وانگر جبلن، جهنگن، دريائن ۽ ميدانن مٿان
اڏائيندو کڻي هليو ويو. انهيءَ گهڙيءَ ۾ آفريد
شهزادي سيف الملوڪ کي هيٺ لاهڻ لڳو ۽ شهزادي
سروبانو جي محلات جي دروازي وٽ وڃي بيهاريو. پوءِ
آفريد، نواب جو خط هڪ دربان جي هٿان شهزاديءَ کي
پهچائڻ لاءِ ڏنو جنهن اهو خط اندر وڃي پهچايو. خط
پڙهڻ شرط شهزاديءَ سيف الملوڪ کي اندر گهرايو ۽
سندس پر لطف ۽ عجيب سفر جو بيان ٻڌو. آخر ۾
شهزادي سيف الملوڪ جي رهائش جو محلات اندر انتظام
ڪرايو ۽ هن جي لاءِ شاهاڻي نموني دعوتن جو سلسلو
شروع ٿيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادو سيف الملوڪ ٿورو پرڀرو
هڪ ٿڌي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ غسل ڪرڻ ويو، انهيءَ
پاڻيءَ ۾گلاب جي خوشبوءِ هئي، غسل ڪرڻ کان پوءِ،
شهزادي ٻاهر نڪري ڪپڙا پهريا ۽ ڪناري تي بيٺل وڻ
جي ٿڌي ڇانو هيٺ ليٽي پيو. اُتي هن کي ننڊ اچي
ويئي. شهزادو اڃا ننڊ ۾ ئي هو ته مٿان هڪڙو ديو
اڏامندو آيو ۽ هن کي چنبن ۾ کڻي پنهنجي ولايت
ڏانهن روانو ٿيو. شهزادي کي ديون جي بادشاهه وٽ
آندو ويو، جنهن کي ٻڌايو ويو ته هيءُ اهو ماڻهو
آهي، جنهن شهزادي ملڪان کي قبضي ۾ رکندڙ ديو کي
ماريو هو. هيءَ خبر ٻڌي، ديون جي بادشاهه کي ڏاڍو
غصو آيو ۽ حڪم ڪيائين ته شهزادي کي زنجيرن ۾جڪڙي
اونهي غار ۾ رکيو وڃي. هوڏانهن شهزادي سروبانو،
شهزادي سيف الملوڪ جو انتظار ڪندي رهي، ليڪن جڏهن
هو ڪافي دير تائين به نه موٽيو، تڏهن ان جي تلاش ۾
آفريد موڪليائين، جنهن پوري ڪائنات ۾ شهزادي جي
تلاش ڪئي ۽ آخر شهزادي جي ديون جي قبضي ۾ اچڻ جي
حقيقت شهزاديءَ کي ڏني.
ان کان پوءِ، شهزادي سروبانو، آفريد کي حڪم ڪيو ته
مون کي اڏائي پرين جي بادشاهه شهوال وٽ پهچاءِ.
چوڻ جي دير هئي، گهڙيءَ ۾ شهزادي، بادشاهه شهوال
جي درٻار ۾ اچي لٿي ۽ شهزادي سيف الملوڪ جي سفر جو
احوال، سندس ڌيءَ ملڪان کي آزاد ڪرڻ جو بيان، بديع
الجمال تي عاشق ٿيڻ جي حقيقت ۽ سندس باغ مان
شهزادي کي ديو جي کڻي وڃڻ جو قصو سربستو ڪري
ٻڌايو.
بادشاهه شهوال، ديون سان جنگ ڪانه ٿي ڪرڻ گهري، ڇو
ته ديون ۽ پرين جا تعلقات دوستانه هئا ۽ سندن
درميان ڪا به دشمني ڪانه هئي ۽ وڏي ڳالهه اها هئي
ته بادشاهه سيف الملوڪ کي ڏٺو به ڪونه هو، رڳو ان
متعلق ڳالهيون ٻڌيون هئائين. ليڪن بادشاهه جي ان
روش تي شهزادي سيرو بانوءَ کي ڏاڍي چڙ آئي، جنهن
گهڻو ئي بادشاهه کي جوش ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو
فائدو ڪونه ٿيو. ان کان پوءِ شهزاديءَ آفريد کي
حڪم ڪيو ته تون شهزادي بديع الجمال کي اُڏائي هتي
کڻي اچ. شهزاديءَ جي اچڻ تي سيرو بانو ۽ بديع
الجمال ٻنهي گڏجي، بادشاهه کي قدم کڻڻ لاءِ منٿون
ڪيون.
پهريائين ته بادشاهه شهوال ٻنهي جي منٿن کي ٺڪرائي
ڇڏيو، پر بعد ۾ جڏهن ڏٺائين ته سندس ڌيءُ بديع
الجمال جو کاڌو پيتو حرام آهي ۽ هوءَ شهزادي سيف
الملوڪ جي جدائي برداشت نه پئي ڪري سگهي، تڏهن
مجبوراََ ديون جي خلاف پرين جو لشڪر تيار ڪيائين.
پريون تمام تيزيءَ سان، ديون جي ملڪ ۾ داخل ٿيون
۽ اهڙو ته اوچتو حملو ڪيائون جو ديو ڪو به مقابلو
ڪري نه سگهيا، ۽ هڪدم ديون جي بادشاهه کي گرفتار
ڪري بادشاهه شهوال جي حضور ۾ آندو ويو.
جڏهن ديون جي بادشاهه کي قيد ڪري، شهوال بادشاهه
جي اڳيان آندو ويو، تڏهن شهوال بادشاهه ديو کي سيف
الملوڪ متعلق معلومات ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن کان هن
بلڪل نابري واري، پر پوءِ جڏهن بادشاهه شهوال جوش
۾ ديو جي سر ڪپڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن ديو، شهوال کي
ان قيد خاني ڏانهن وٺي هليو جنهن جي هڪ غار ۾، سيف
الملوڪ کي چار مهينا بند ۾ گذري چڪا هئا.
چوڻي آهي ته ڏکن پٺيان سک آهن، تنهن جيان هاڻ سيف
الملوڪ جي سکن جا ڏينهن اچي چڪا هئا. آخر سيف
الملوڪ کي صحيح سلامت انهيءَ غار مان ڪڍي پرين جي
ملڪ ۾ آندو ويو، ان خوشيءَ ۾ ڪيترائي ڏينهن شادمان
ٿيندا رهيا ۽ رنگين مفلون ٿينديون رهيون. ان کان
پوءِ پرين جي بادشاهه شهوال، شهزادي سيف الملوڪ کي
بديع الجمال سان پرڻايو. ڪجهه ڏينهن خوشين ۾ رهڻ
کان پوءِ شهزادي سيف الملوڪ بادشاهه کي عرض ڪيو
ته:”گهڻو عرصو گذريو آهي جو آءُ پنهنجي وطن ۽
والدين کان وڇڙيل رهيو آهيان منهنجو پيءُ مصر
ولايت جو بادشاهه آهي، مون کي اجازت ڏيو ته مان
بديع الجمال کي پاڻ سان وٺي مصر وڃان.“ بادشاهه
شهوال هن کي اجازت ڏني ۽ شهزاديءَ کي گهڻو خزانو
ڏيئي، آفريد کي حڪم ڪيائين ته هنن کي سلامتيءَ
سان اُڏامي مصر ملڪ ۾ ڇڏي اچ.
شهوال بادشاهه کان موڪلائي، شهزادو سيف الملوڪ ۽
پري بديع الجمال، آفريد تي چڙهي ويٺا جو هنن کي
هوا ۾ کڻي اڏاريو ۽ مصر ملڪ طرف هلڻ لڳو، رستي ۾
شهزادي سيف الملوڪ کي شهزادي ملڪان سان ملاقات ڪرڻ
جي خواهش ٿي. آفريد گهڙيءَ پلڪ ۾ ٻنهي کي ملڪان
جي باغ ۾ آڻي لاٿو، سڀئي هڪٻئي سان مليا ۽ شهزادي
سيف الملوڪ جي خوشيءَ جي حد نه رهي، جڏهن کيس
معلوم ٿيو ته صياد ۽ شهزادي ملڪان هڪٻئي سان پيار
جي رشتي ۾ جڪڙجي چڪا آهن ۽ شادي فقط ان ڪري روڪيل
هئي، جو سيف الموڪ جي غير موجودگيءَ ۾سندس پراڻي
ساٿي صياد، شادي ڪرڻ پسند ڪانه ٿي ڪئي. بس، پوءِ
ته هنن جي اچڻ سان ٻنهي جي شادي بنان ڪنهن دير جي
ڪرائي ويئي.
شادي جي خوشين کان پوءِ، ٻنهي جوڙن پنهنجو پاڻ
آفريد جي حوالي ڪيو، جو چئني کي ساڳيءَ سولائيءَ
سان مصر ملڪ ڏانهن کڻي اڏريو. جڏهن هي سڀئي سلامت
مصر ڏيهه ۾ لٿا، تڏهن معلوم ٿين ته سندن والدين
پنهنجن پٽن کي مئل سمجهي، آسرو لاهي ويٺا آهن. پر
پوءِ جڏهن هنن جي آمد جو بادشاهه هاشم ۽ وزير
صالح کي پتو پيو، تڏهن بيحد خوشي ٿين. نهايت وڏي
پيماني تي هنن جو خير مقدم ڪيو ويو، سمورو گڏ ڪيل
خزانو غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهايو ويو ۽ هڪ سال جون
ڍلون پڻ معاف ڪيون ويون. ان کان پوءِ شهزادو ۽
سندس وفادار ساٿي، پنهنجي ڪنوارين سان حياتيءَ
جا باقي ڏينهن عيش،خوشي ۽ آرام سان گذاريا. |