(831) مڇ چو پئي پيٽ ڪو نه ڀربو.
مڇ
چوپڻ ڪري (خسيس رقمن ملڻ ڪري) ڍءُ نه ٿيندو.
”ڏڻ
جي رپئي ٻن لائين گهپي ڇو ڪجي؟ مچ... ڀربو“.
(832) مڌ پيوڻ ذات پرکڻ.
شراب
پيئبو ته پنهنجي ذات پرکائبي(وکا پڌرا ڪبا)، جو
نشي ۾ دل جون ڳالهيون ڪڍي ظاهر ڪبيون.
What
soberness conceals, drunkenness reveals.
(833) مرض اچي گهوڙي وانگيان وڃي جونءِ وانگيان.
مرض
اچي تڪڙو، پر وڃي جوُنءَ وانگر آهستي آهستي.
Agues
come on horse back, but go away on foot.
(834) مرسان مرسان ڊڀ نه چرسان.
هڪ
شينهن چيو ته مرڻ کي مرندس، پر ڊڀ (سلا) نه چرندس.
جو ڪم جنهن جي شان وٽا نه هوندو، سو نه ڪندو.
(835) مرڻ مهوُرت نه پڇي، پڇي تٿ نه وار.
موت
نڪي چڱي ويلا، نڪي تاريخ يا ڏينهن پڇي ايندو.
C.f.
Death keeps no calendar.
(836) مروان موت، ملوُڪان شڪار.
ملوڪ
چون شڪار ٿا ڪريون، پر سندن شڪار مرن لائين موت.
هڪڙي کي تڪليف، ٻين کي رؤنشو.
What is
sport to the cat is death to the mouse.
(837) ميان جي مڏي ٻه ڏندڻ ٽين تڏي.
مڏي
يا سامان ٿورو خسيس، پر ڏيکاري وڏي 648.
ڀيٽيو- (838) اسباب ۾ اسباب هڪ چنگ هڪ رباب.
C.f. A
rich rogue, two shirts and a rag!
(839) مينهن مچي هوريان هلي، رڍ مچي ٽپا ڏئي.
گنڀير مڙس جئن وڏي عهدي تي پهچندو تئن مينهن وانگر
هوريان يعني نياز سان هلندو، باقي ٽرڙي کي ڪا ٿوري
اختياري ملندي ته رڍ وانگر ٽپ ڇڏيندو. (ٽانءِ
ڪندو).
(840) ٻيو هرڪو هوريان هلي، ڍيڪڻ پائي ڊڪون.
(841) ڍءُ جهلي هڪ ڀاڀرو ٻي مينهن.
(ڀاڀرا، جين ڌر ۾ وارا، شاهوڪاريءَ جي ڏيکاري نه
ڏين).
(842) ماچي ته ناچي (ٽرڙو مچندو ته نچندو).
(843) نمي سو ڳؤرو (ساهميءَ جو پڙ جو ڳؤرو، سو
نمندو)
C.f.
The more noble, the more humble.
(844) مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو وسي ڇهه پهر.
برسات بس ٿي ويندي، ته به ڪکائون ڀونگو پيو ٽمندو.
معاملي بس ٿيڻ کان پوءِ به جو پيو روئي يا اُن جو
ذڪر ڪري تنهن لاءِ ائين چون.
(845) ناست کان آست ڀلي.
اَڻ
هوند کان هوند چڱي. 389.
C.f.
Half a loaf is better than no bread.
(846) نانءَ چڙهيو واپاري کٽي کائي، نانءَ چڙهيو
چور ڦاهي چڙهي.
ڪو
واپاري نانءَ چڙهيو (مشهور) هوندو، ته گراهڪي چڱي
ٿينديس، جنهن ڪري گهڻو ڪمائيندو. ڪو چور هاڪارو
هوندو ته ڦاهي چاڙهيندس، جو نالو وڄيل اٿس.
ڀيٽيو- (847) وڪئي چور جو نانءُ سڻائو.
(وڪيو، نالو مشهور چور جو). ڪا چوري نه ڪئي
هوندائين ته به هن جو نالو وٺڻ سولو ٿيندو.
Once a
merchant good name gets, more he earns and less
he sweats. (2) Give a dog a bad name and hang
him.
(848) نانءُ مردان، ڌن آوي جاوي.
مڙسن جو آهي نانءُ ناموس، باقي مايا ته اچڻي وڃڻي
آهي. پئسي کان وڌيڪ پنهنجي آبرو جو خيال ڪرڻ
گهرجي.
(849) ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان!
(850) لڄن تان لک قربان 354.
(851) مان جو بکيو سڀ ڪو، نان جو بکيو ڪو ڪو نه.
(852) مرد مري مان کي، گيدي مري نان کي.
(853) ناڻا گهوريا سرن تان، سر گهوريا شرمن تان.
C.f. A
good name is better than riches.
(854) ناڻو ڏجي آڪرو ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو.
ڳرو
ملهه ڏيئي ٻڪرين جو سادو گيهه ڇو وٺجي؟ مطلب ته
پئسا چڱا ڏجن، ته شيءِ سادي ڇو وٺجي؟
(855) ناڻو نانگي جو هٿون تو شاباس.
”اهڙو ڪپڙو مون کي به آڻي ڏي؛ پئسا بر وقت ڏيندو
سانءِ، ناڻو ..شاباس“. يعني پئسا پنهنجا ڏيندس، پر
توکي شاباس هن لاءِ، جو ڪم تنهن جي هٿان ٿيندو.
The
wine is the master’s, but the goodness of it is
the butler’s.
(856) نڙيءَ کان لنگهيو، نرڳ ٿيو.
جو
کاڌو نڙيءَ کان لنگي پيٽ ۾ ويو، سو دوزخ داخل
(وسريو). ”ڳڻچور کي ڪيترو به کاراءِ ته نڙي ...
ٿيو“.
(857) وات چوي مٺو مٺو، نڙي چوي مون نه ڏٺو.
C.f.
Eaten bread is forgotten.
(858) نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو پٽ
ڦاڙائجي.
ڪنهن
جي ٿوري چرچ ڪبي، ته وقتي وڏي خرابي رسندي.
He who
says what he likes, hears what he does not like.
(859) نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آهي، نه ڪنهن کي عقل
منجهايو آهي.
سڪبو
انهيءَ لائين، منجهائيندي به اها شيءِ، جا پاڻ وٽ
نه هوندي. هتي سونهن ۽ عقل ٻئي موجود. مطلب ته سڀ
ڪو چوي ته سهڻو به آءٌ ته سياڻو به آءٌ. 4.
C.f.
Every ass thinks himself worthy to stand with
the kings’s horses.
(860) نهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجهجي؟
ٿوري
ڳالهائڻ سان ڪم ڇٽي، ته زبردستي يا معاملو ڇو ڪجي؟
(861) ڳڙ سان مري، ته زهر ڇو ڏجيس ؟ (ڳڙ، مٺ محبت)
Take
not am musket to kill a butter-fly.
(862) ننءَ به تکي، ڳڙ به مٺو.
ندي
به زور پيئي وهي(لنگهڻ مشڪل)، اُن مان لنگهڻ ڪري
جو ڳڙ ملڻو هجي، سو به مٺو( ڇڏڻ مشڪل). ماڻهو ڏيتي
ليتيءَ جون دانهون به ڪن ۽ ڇڏين به ڪين. ننئين ...
مٺو.
(863) نئين ڪنئار نوَ ڏينهن.
نئين
ڪنئار (نئين شيءِ) ڏسڻ جو شوق ٿورا ڏينهن، پوئين
بس.
C.f.
Use lessens marvel.
(864) نيڪي برباد گناهه لازم.
چڱائي ڪر ته اها چٽ( وسري)، باقي ڪا خطا ٿئي ته
اها لاڳو ڪري چون ته تو هيءَ بڇڙائي ڪئي! ڳڻچور
لائين چئبو.
When I
did well, I heard it never; when I did ill, I
heard it ever.
(865) وات اَڌ حڪيم آهي.
وات
رکبو (ڪري ڪبي) ته اڌ بيماري ائين لهندي.
C.f.
Temperance is the best physic.
(866) وات جي پلاه کي گيهه جو ڪهڙو صرفو؟
وات
سان ڪو وڏي ڳالهه ڪندو( نڙٻاٽ يا ٻٽاڪ هڻندو)، ته
اُن ۾ رڳو زبان خرچ، تنهن ڪري سانگو نه ڪندو( جئن
ايندس تئن چوندو). (867) ڪوڙ ته ڪهڙو صرفو؟
(868) واتون خرار کاڄن، نڪون ڪڻو نه کاڄي.
وات
سان
] سهائيندي رستي[
گهڻو ئي کائي سگهبو؛ پر نڪ مان
]اڻ
سهائيندي رستي[ ٿورو به نه کائي سگهبو. مثلاً شريڪن جو کائبو، پر کارائبو نه، ته ائين
ڪيترو کائي سگهبو؟ تنهن ڪري چون ته :- (869) ”وات
کائي اکيون لڄائين“. يعني شريڪن جو کائبو وات سان،
پر لڄ اکين کي ايندي.
]
اکيون کڻي نه سگهبيون، جي نه کارائبو[.
ڀيٽيو- (870) نيڪيءَ جو بدلو نيڪي.
C.f.
One good turn deserves another.
(871) واڱڻ ڪن کي وائي، ڪن کي پيٽي.
واڱڻ
ڪن کي وائي سور پيدا ڪن ۽ ڪن کي پيٽ (ڀائين) پون.
مطلب
ته اُها ئي شيئين ڪنهن کي ڀائين پوي، ڪنهن کي نه
پوي.
C.f.
One man’s meat is another man’s poison.
(872) واڻيو پنج نه سهي، پنجاهه سهي.
اجائي پڪائي ڪندڙ وقت تي پنج روپيا (ٿورو ناڻو)
ڏيئي جند نه ڇڏائيندو، پر پوئين ڳري چٽي پونديس ته
ڀريندو.
ڀيٽيو- (873) پائيءَ تي پڪا ئي، نوٽن تي ناداني.
C.f.
Penny wise, pound foolish.
(874) وٿ نه کٽي، وٿ جو ويٺڻ کٽي.
شيئين پاڻ ملهه نه ڪندي، پر سندس ويٺڻ
]
ويڙهڻ جو ڪپڙو[ ملهه ڪندو. ڪتاب جهڙو تهڙو، پر جلد سهڻو ته ملهه ٿيندس.
C.f.
Fine feathers make fine birds.
(875) وڻو لهي وڃي، رڻو ڪين لهي.
ڦٽ
ڇٽي ويندو، پر اڍنگي ڳالهائڻ جو داغ دل تان نه
لهندو.
(876) ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇٽي.
(877) ترار جي گهاءَ کان، زبان جو گهاءُ بڇڙو.
An
acute word cuts deeper that a sharp weapon.
(878) وهي درياه جي ڀر تي، وجهي واگهوءَ سان وير.
ساڳي
آفيس يا ڪارخاني ۾ رهي، پاڻ کي ڏاڍي
]عملدار[
سان جو ساڙ وير رکندو، سو پاڻ کي نقصان پهچائيندو.
It is
hard to sit in Rome and fight with the pope.
(879) ويئي سڱن کي، ڪن به ڪپائي آئي.
ڪنهن
فائدي جي ڪوشش ڪندي مرڳو ڪو گهاٽو پوي، ته ائين
چون.”کٽيو تنهنجو گهوريو، وڃائج م مور“.
The
camel going to seek horns, lost his ears.
(880) ويئي هٿ جو قدر.
شيئين
ويندي ته پوئين اُن جو قدر پوندو.]ماڻهوءَ
جو قدر مرڻ کانپوءِ[
The
worth of a thing is best known by the want of
it.
(881) ويئيءَ وهاڻيءَ دودي ناناڻا آيا.
دودي
چنيسر جي لڙائيءَ ۾ دودي جي مارجي وڃڻ کان پوئين
سندس ناناڻي پهر جا سوُمرا سنس مدد لائين آيا هئا.
شاديءَ غميءَ وغيره ۾ ڪو وقت سر نه اچي، ته ائين
چون.
C.f.
You come a day after the fair.
(882) هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا.
جو
چوي هڪڙي ۽ ڪري ٻي، تنهن اندر ٻهرئي لائين چئبو.
(883) هارئي کان پيتو ڀلو.
ڪنهن
جو شربت ٿي هاريو، ته ماڳهين پي ڇڏيائين ۽ ائين
چيائين. ڪا شيئين مفت زيان ٿئي، تنهن کان ڪم آڻجي
ته بهتر.
(884) هارئي کير لائين ڪيترو روئبو.
کير
هاربو
]
ڳالهه هٿان ويئي[
ته پوئين ان لائين ارمان ڪرڻ اجايو.
”تب
پڇتائي ڪيا هوت، جب چڙيان چن گئي کيت“.
]ٻني
جهرڪيون کائي وڃن، پوئين پڇتائڻ مان ڇا ٿيندو؟[
C.f.
Do not cry over spilt milk.
(885) هاسي ڪرهن جي ماسي.
کل
مسخري جهيڙي جي ماسي آهي يعني اُن مان معاملا ٿين
ٿا.
A jest
driven too far brings home hate.
(886) هٿ جي ڪنگڻ کي آرسيءَ جو ڪهڙو کپ؟
پڌريءَ ڳالهه لائين ثابتي گهرڻ يا ٻئي کان پڇڻ جو
ڪهڙو ضرور؟
(887) هٺ مارائيندڙ آهي.
مطلب
ته هٺ ڪبو ته خطا کائبي
]عزازيل
وانگر[.
e.f.
Pride will have a fall.
(888) هر ڪنهن جو پنهنجو ڀاڳ.
سڀ
ڪنهن جو نصيب پنهنجو پنهنجو آهي 721.
ڀيٽيو- (889) ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪا ريس؟
(890) ماءُ ڄڻيندي، ڀاڳه نه ڳڻيندي.
(891) ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ (=
ورهائي)
(892) سج ايڪ پڇاوين (پاڇا) ڏون، پيءُ دا بخت نه
پٽان نوُن
]پيءُ
جو ڀاڳ پٽن کي نه ملي[.
e.f
Every man hath his lot.
(893) هرڻي اڳيئي نچڻي ويتر پيس گهنڊڻي.
بڇڙي
کي ڪا هشي ملي، ته هيڪاري وڌيڪ بڇڙائي ڪندو.
(894) هڙبه گاسو، لوڪ به تماشو.
هڙ
به گسي (خرچ به ٿئي) ۽ لوڪ به پاڻ تان کلائجي! 413
”ڀائر پاڻ ۾ وڙهي، ڪورٽ تائين ويا، هڙ... تماشو“.
(895) هڪڙي لٽي سهس پٽي.
ڌڻي
ڪنهن جي روزگار جي هڪواٽ بندي، ته ٻيون هزار کولي.
(896) هنڌ ڏسي هاسي ڪجي.
مهل
مهل ڏسي کل چرچو ڪجي 885.
C.f. An
ill- timed jest hath ruined many.
(897) هنر واري جو هنر، بي هنر جي جند.
هنر
وارو پنهنجو هنر هلائيندو
]ته
ڪم راس[،
باقي بي آزمودگار جي ڀلي ته جندڳري وڃي
]ته ڪم راس نه ٿيندو[.
(898) جي ڄڻين، سي نپائين.
(899) هنئڙا، گهر ته گهرانئين.
تون
مون کي پيار ڪر، ته آءٌ توکي پيار ڪريان. قرب سان
قرب.
C.f.
Love begets love.
(900) هڻ ڌيءَ کي ته سکي نهن.
هڪڙي
کي طعنو هڻبو ته ٻيو پاڻيهي سبق سکندو.
C.f. He
that chasiseth one amendeth many.
(901) هيانءَ تتي کان کڙي تتي چڱي.
مثلاً ڪو نقصان پهچائڻ تي هجي ته کڙي تپائي
]
پنڌ يا اُدم ڪري[
خرابيءَ کي وڃي روڪجي، رڳو من تپائبو ته ڇا ٿيندو؟
(902) هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڳي به نه رهي.
عادتيءَ جي عادت ٽنگ ڀڄڻ (نقصان پهچڻ) کان پوئين
به نه ويندي. “ جوا ڪري ڏنڊ پيس ته به جوا نٿو
ڇڏي. هيري...“
(903) پيو ڪرت ڪنهن جو نه مٽي (پيو ڪرت، پيل عادت)
(904) عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جائين،
اُٺ
پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.
(905) هير ڇني پير.
] چڻ چڻ =
چونڊي چونڊي[.
C.f.
Habit is second nature.
(906) يا ڏُنگهو ڏر ۾ يا ڪپو ڪڇ ۾.
پاڻي کڏ ۾ هيٺ هوندو ۽ ڏونگهو وجهبو ته هٿ مان
ڏونگهو يا ڇڏائي وڃي کڏ ۾ پوندو يا پاڻيءَ سان
ڀرجي ايندو؛ جنهن ڪري پاڻيءَ سان ڀريل ڪپڙو يا
دونگڙو ڪڇ ۾ کڻبو. جي دل ٻڌي ڪو ڪم ڪن ۽ نتيجي جي
پرواهه نه ڪن ته ائين چون.
ڀيٽيو- (907) ڪوُنڊي ڪي اِسطرف يا اُسطرف.
C.f. I
will either win the horse or lose the saddle.
(908) يار اهو جو اوَکيءَ ۾ ڪم اچي.
سچو
دوست اهو جو مشڪلات ۾ ڪتب اچي.
(909) يار سڏائي سڀ ڪو جاني زباني، آهي آساني، پر
ڪم پئي ڪل پوي. 749
A
friend in need is a friend indeed.
(910) يار جن کي ياد، سي ياد هميشه يار کي.
ڌڻيءَ کي جيڪي ياد ڪن، تن کي ڌڻي پاڻ به ياد ڪري
ٿو.
(911) تو جني جي تات، تن پڻ آهي تنهن جي(شاهه).
(912) پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار(شاهه).
C.f. As
you give love, so you will have love.
ڀاڱو
ٻيو اصطلاح يا
ورجيسون
(1)
آباد هجين!- وڌين ويجهين! ڀيٽيو- سائو هجين!
(2)
آبادي ٿي!- وڏي ڳالهه نه ٿي. ”ٽن مهنن ۾ سوَ رپيا
ڪمايائين ته ڏاڍي ڪا آبادي ٿي!
(3)
آبرو ڌوپي ويس-عزت بنهه ويس. ڀيٽيو- آبرو ئي خاڪ!
آبرو مٽيئين سان ملي ويس.
(4)
آڏو ڦرڻ- برخلاف يا اُبتڙ هلت ڪرڻ. ” مائٽن جي
مرضيءَ کي آڏو ڦرڻ نه گهرجي“. ڏسو ”اڳ ڦرڻ“.
(5)
آڏو وڏائي- آديا شروع کان وڏن جي ريت، اباڻو
دستور، ”غريبن جي سار لهڻ هنن جي آڏ وڏائي آهي“.
(6)
آر ڪم ڪرڻ- بيفائدا ڪم ڪرڻ. ” ڇوڪريون داڻا پوئن ۽
ٻيا آر ڪم ڪن، تنهن کان سبڻ ۽ رڌڻ سکن ته اهو
چڱو“.
(7)
آرو رکڻ- خوش ڪرڻ، مرضيءَ موجب هلت ڪرڻ، ”ٻار جو
جئن آر رکبو، تئن کربو“.To humour.
(8)
آسر پوٽاڻيون ڳالهيون- واحيات يا اجايون ڳالهيون.
”اهي آسر پوٽاڻيو ڳالهيون ڇڏي؛ ڪا عقل جي ڳالهه
ڪر“. (آسر پوٽا، هاڪارا بيعقل).
(9)
آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ يا چوٽي گسڻ- تمام اونچو يا
مٿي هئڻ. ” ڪي منارا اهڙا اونچا ٿين ٿا جو اُنهن
جي چوٽي آسمان سان پيئي گسي يا ڳالهيون ڪري“.
(10)
آسمان سان لاتائينس- گهڻو پڏايائينس.
(11)
آسمان يا اُڀ مان تارا لاهڻ- ڪهڙو به ڏکيو ڪم ڪرڻ.
”تو لائين جيڪر آسمان مان تارا به لاهي اچي“.
(12)
(فقير) آڪاسي ورت تي آهن- روزگار مقرر ٿيل ڪو نه
اٿن. جڏهن ڌڻي ڏيارين تڏهن کائين. ”ورت“ يا ”ورتي“
معني گزران، روزگار جو وسيلو.
(13)
آڪڙ ڪري- سوُر سببان. ”ڦرڙيءَ جي آڪڙ ڪري تپ ٿيس“.
آڪڙ
sympathy
(14)
آڪڙ- ”آ“ معني بلڪل ۽ ”ڪڙ“ ڦونڊ سنسڪرت- ”ڪڍ“
معنيٰ ڦوُنڊجڻ. آڪڙ ڪرڻ- هٺ يا بيپرواهي ڏيکارڻ.
آڪڙيو وتي- مغروري يا شوخي ٿو ڏيکاري.
(15)
آگ لاهڻ- بيدليو يا مٿاڇري طرح ڪم ڪرڻ.
(16)
آڳت يا جمع ڪرڻ- بنديءَ ۾ جمع واري پاسي
credit
side
۾ پئسا داخل ڪرڻ.
To
credit
”اها رقم آڳت ڪري ڇڏ“.
(17)
آڳو پيڇوڳڻڻ- ڳڻ ڳوت ڪرڻ، نفع نقصان جاچڻ.To
weigh pros and cons.
(18)
آلو نور- نڪمو ”نوڪر مليو اٿئون آلو نور“.
(19)
آما موڙهڻ- گتي هئڻ- ”الاجي ڪهڙا آما موڙها اٿس جو
هر هر ايڏانهين ڀڳو بيٺو آهي“.
(20)
آندي نيندي تي آهن- پوري پنيءَ حالت وارا آهن
جڏهين ڪجهه ڪمائي اچن تڏهين خرچ کائين.
(21)
آنڊا ڪڍي وجهندو سانءِ- ڏاڍي مار ڏيندو سانءِ
ڀيٽيو – جنا خون ڪڍڻ، اوجهه ڪڍڻ، اوجهه پٽي ڪڍڻ.
(22)
آنڊا ڪلوُس ڪلوُس ٿا ڪن- بک سببان بت پيو وسامي.
(24)
آنڊو – اولاد. ”آنڊو ڪتي ٻلي کي به پيارو آهي“.
(25)
آنڊي جي ڄر- اولاد جي وڇوڙي سببان مائٽ جي دل کي
جو سيڪ اچي يا درد پهچي (ڄر=
باهه جي لهس)
(26)
آنڊي ۾ ٽانڊو- پنهنجن ۾ ساڙ وير 769
(27)
آنڙيءَ مان ڪانڙي ڪيائين- خسيس يا ٿوري ڳالهه کي
وڌائي اهڙو ڪيائين جو معاملو ٿئي. آنڙي جا اک ۾
نڪري
A sty.
ڪانڙي=
ننڍڙو ڪان يا تير.
(27)
آڻڻ ۽ چاڙهڻ- سقيم حال وارو هئڻ.To
live From hand to mouth.
جڏهن چار پئسا ڪمائجن، تڏهن ديگڙو چلهه تي چاڙهي
کائجي. ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا“.
(28)
آهو کڻڻ- آسرو پلڻ. “ هو انهيءَ رقم تان آهو ڪين
کڻندو“.
(29)
آءٌ ۽ ڪانءُ – آءٌ اڪيلو يا هڪڙو ڄڻو. (ٻيو ڪانءُ
پيو ڪان ڪان ڪري). ”پليگ سببان پاڙيوارا لڏي ويا.
سڄي گهٽيءَ ۾ آءٌ ۽ ڪانءُ، ٻيو ڌڻيءَ جو نانءُ“.
(30)
آيو پايو- اڳو پوئين، هميشه لاءِ
For
good
”مون هن کي اهو ڪتاب آيو پايو ڏنو“.
(31)
اُبتا ٽوپا ڏيڻ- اڍنگي هلت ڪرڻ. ”هن اُبتا ٽوپا
ڏيئي رقم ئي پوري ڪئي“. ٽوپو
= سيبو.
(32)
اُبتو پير کڻڻ- اڍنگي هلت ڪرڻ (مٿين جهڙو)
(33)
(پاڻ ۾) اَبدو ابدو آهن-(پاڻ ۾) وڙهيل آهن.
(34)
اَبوبحر ۾ پيو - وڏي يا ڊگهي ڳالهه ڪيائين يا بڪ
۾ پيو .ابو بحر معني سمنڊ جي بابي(جيڏي ڳالهه)
(35)
اُٻاسيون ڏيڻ- نکمڻو وهڻ، سستيءَ ۾ ڪوقت وڃائڻ.
”نوڪري ڇڏي هاڻ گهر ويٺو اُٻاسيون ڏئي“
(36)
اُڀ اکيين پيو ڏسجي-ڳالهه پڌري پيئي آهي. ”هيءُ
هاڻ بيماريءَ مان نه چڙهندو. اُڀ اکيين پيو ڏسجي“.
(37)
اُڀ پيو گجي، سو نيٺ ڦاٽندو- بيمار هيڏي بيماري
پيو ڏسي، سو ڪين بچندو(مرندو).
(38)
اُڀ ڦاڙڻ-ٻٽاڪون يا يٽ (زٽ) هڻڻ.
(39)
اُڀ ۾ تراريون هڻڻ- ڦونڊجڻ، ٽانئين يا وڏائي ڪرڻ.
”پنجويهن رپين جي نوڪري ملي اٿس، ته وتي اُڀ ۾
تراريون هڻندو، ڀانئين ته ڪا وڏي کيپ کٽي اٿس“.
(40)
اُڀ ۾ ڪڪر ٿيڻ-اميد وري ٿيڻ.”مس مس اڀ ۾ ڪڪر ٿيو
آهي.ڌڻي شال ڪو مٺو مينهن وسائي!يعني پٽ ڏئي.”ڪڪر“
جي اصطلاحي معني ٻاجهه.
(41)
اُڀامنديون چٽڻ-ڪم کان نٽائي، گهڙيءَ ڪٿي گهڙي ڪٿي
بيهڻ. ڌيان ڏيئي ڪم نه ڪرڻ.
(42)
اُڀري وٺڻ-ڪنهن تي ڏوه رکڻ يا اوچتو اچي مٿان
پوڻ.(1) هن کي اُڀري ورتائين ته تو چوري ڪئي
آهي.(2) ڪتي اڀري ٽنگ کان ورتس.
(43)
اوتيتو يا اُتوتي-مٿان ڄاول، هڪ ڀاءَ کان پوءِ جو
ٻيو ڀاءُ ڄمي. اهي اڪثر پاڻ ۾ نه ٺهن، تنهنڪري
”اُتيتا آهن“. معني پاڻ ۾ نٿا ٺهن.
(44)
اَٿا مار تي هلڻ-مٿاڇري يا بيپرواهيءَ سان ڪم ڪرڻ
To do
things off hand. ”هيءُ نوڪر ته رڳو اُٿا مار تي ٿو هلي، ۽ اُڀامنديون پيو چٽي“.
(45)
اُٿلي پوڻ- (1) درياه اٿليو معني ٻوڏ ڪيائين.
(2) ڦٽ اٿليو معني کلي پيو، وهيو.
(3)هوُ اٿلي پيو آهي معني متو آهي.
(46)
اَٿو مٿو نه هئڻ-حد نه هئڻ-بيشمار هئڻ. ”منڇر ڍنڍ
تي ايترا پکي ٿا اچن، جنجو نڪو اٿو نڪو مٿو“.
(47)
اِٽ هڻي بيهڻ-اجائي هوڏ ٻڌڻ.”هلڻ لائين زور
ڪيائينس، پر اِٽ هڻي بهي رهيو“.
(48)
(ٽڪيوُن) اَٽو آٽڻ ٿيون-ڀري پييون، چور ٿيون
(49)
(پوليس) اٽو ٻڌي پٺيان پيس-بي اونو يا هڪ چتو ٿي
پٺيان پيس.( اٽو ٻڌل هوندو ته ماني جو اونو نه
رهندو).
(50)
بخت
کي اٽيون ٿو هڻي-ڌڪو ٿو ڏئي، ”نوڪري مليس ٿي ته
نٿو ڪري! بخت کي اٽيون ٿو هڻي“.(اِٽ
=گڏهه
جي لت، تنهنڪري ”اٽون هڻڻ“ آهي گڏهپائي( بيعقلي بي
قدري، بي شڪري).
(51)
اٽي پاءُ هرڪو ٿو کائي- رواجي سمجهه سڀ ڪنهنکي
آهي. تون سياڻو آحين ته اٽي پاءُ اسين به ٿا کائون
(رواجي سمجهه اٿئون)، تنهنجون اٽڪلون سمجهون ٿا.
(52)
اٽي جو ڏئو-ڊڄڻو. ٻهراڙيءَ جو واڻيو اٽي جو ڏئو،
سو پوليس کي ڪئَن سامهون ٿيو هوندو؟ ” اٽي جو ڏئو،
گهر ۾ کائينس ڪئا، ٻاهر کائينس ڪانءِ“ (پهاڪو)
ڀيٽيو- رڍ جهڙو مڙس، رليءَ جهڙو مڙس، چونڪي جو
ڦوسڻو=
ڊڄڻو (اکري معني رنڌڻي جو ٻلو)
(53)
اُٽي ڪرڻ- ياراڻي ڇنڻ-
(54)
اٽي ۾ لوڻ- بلڪل ٿورو انداز يا عدد، جنهنجي لک يا
ڄاڻ نه پوي (1) ”رقمون اٽي ۾ لوڻ ڪري کاڌائين“.
(2) ميلي تي ماڻهو آيا اٽي ۾ لوڻ يعني ٿورا.
(55)
اُٺ تي بلا کاڌس-نه ٿيڻ جهڙي ڳالهه ساڻس ٿي، کٽي
کينس ” ڏس جو اُٺ تي ٿي بلا کائيس جو هلندي گاڏي ۾
ٿي چڙهيو ته اونڌو ڪريو“ اشارو- ”اُٺ چڙهئي به
ڪڏهن نانگ کائي“؟ پهاڪو.
(56)
اَٺڙيو- تريناڪ يا اٽڪلي (اٺڙيو=
اٺين معني ڄاول)
(57)
اَٺڪاٺيو ڪم- تمام ڏکيو ڪم، جو گهڻي محنت پڇي
Herculean task
ڊڪشنري ٺاهڻ اٺڪاٺيو ڪم آهي.
(58)
اُڦٽ ماري وجهڻ- (1) ڏاڍي مار ڏيڻ (2) صفا ماري
ڪهي ڇڏڻ
To
kill outright
(اُڦٽ=
اُتي جو اُتي)
(59)
اڄ اچي ته سڀان ٻيو ڏينهن ٿئي-هن جي اچڻ لاءِ آتو
آهيان.
(60)
اڄ سڀان - اڄوڪي ڏينهن يا سڀاڻي، ڏينهن ٻن ۾، جلد.
(61)
اڄ سڀان ڪرڻ-ڍل يا دير وجهڻ
To procrastinate
(62)
اڄ ڪلهه - هاڻي، هن زماني ۾
Now a
days
”اڄ ڪلهه ڪنهن سانڀ ڳالهائڻ ڪونهي“.
(63)
اِجها ڪي ڪجها- هنئر يا ٿورو پوئين. سگهوئي
(64)
اُچائي کنيو اٿس- ستايو يا آزاريو اٿس.
(65)
اڇ - اصل معني اڇاڻ پوءِ معنيٰ
]1[
پاڻيءَ جي لس، درياهه .[21] سڃ. ”هتي اڇ لڳي پيئي
آهي“ (3) لسي.
(66)
اُڇ ڪرائين- لسي يا جهڻ پيار. (ٻهراڙيءَ جو رواج).
(67)
اڇا- اڇا وار. ”اڇا اچي کريا آهن“.
(68)
اڇا ڪڍڻ – مٿي ۾ اڇا وار ڄمڻ، پوڙهو ٿيڻ.
(69)
اڇا به تانهري اٿيئي- نه ڪئي به ناموس ٿي پويئي.
]تنهنجا
اڇا چانور (بنا کنڊ) به تانهري ليکجن ٿا[
(70)
اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ- سچي ڳالهه ظاهر ٿيڻ.
(71)
اُڇل – (ا) ٽپو. مثلاً من اُڇل
=
دل جي اُڇل.
An
impulse of the mind.
(2) ٻانهن جي لوڏ. ” هن مڙس جي اُڇل ته ڏسو“. (3)
هٺ. وڏائي. ”ٻاهر اُڇلون اهڙيون ٿو ڏئي جوگهر ۾ ڄڻ
ته لک کيا اٿس“.
(72)
اڇن ڏي ڏس- اڇن وارن (پيريءَ) کي مان ڏي.”منهنجن
اڇن ڏي ڏسي، اهو ڪم ڪري ڏي“.
(73)
اڇو ڏجي اڇو وٺجي- (1) وهنوار يا ڀائيواري ۾ ٺڳي
نه ڪجي. (2) چڱي شيءِ ڏجي، چڱا پئسا وٺجن.
(74)
اڇي تي ڪارو لکجي ويو- داخلا ٿي ويئي. ڪا داخلا ڪو
ڪوڙي سمجهي ته چون ”ائين اڇي تي ڪارو ڪير لکندو؟
يعني ائين ڪوڙيون داخلائون ڪير ڪندو؟
(75)
اَڇي ڪڇي ڇٽي آيو- بنا ڏوهه ثابت ٿيڻ جي ڇٽي آيو.
(76)
اڌ ڳالهايو ڪم ڪيائين- ٿوري چوڻ سان ڪم ڪيائين.
(77)
اڌهيون ڪيائون – (ڀائر پاڻ ۾) وڙهي، ڌار ٿيا.
(78)
اڏ تي بيهي رهڻ- ٿوري خرچ يا ڪم ۾ منجهي بيهڻ. ”يا
ته تري درياهه يا ته اڏ تي بيهي رهي“. (پهاڪو)
(79)
اڍائي – سڀ. سنڌ ۾ هڪ گهر مسلمان جو، هڪ هندوءَ جو
۽ اڌ گهر ٻاليشاهيءَ جو ليکين، تنهن ڪري ”اڍائي“
معني سڀ. ”گهر ۾ ماءُ ڌيءَ اڍائي ڄڻيون“. يعني ڪل
آڪهه ايتري. ننڍي آڪهه لاءِ ائين چون.
(80)
اڍائي گهرن جو زيانخور – جهيڙا لڳائيندڙ (جو سڀني
گهرن کي نقصان پهچائي). ” ڇيڻا ڀور ٻه گهر ٻاروُ“.
(81)
اَڍ ڇڪڻ – مائٽاڻي عادت يا ڪا بيماري ورثي ۾ ملڻ
To inherit a trait of character.
” ماءُ کي سلهه هوندي ته اولاد به اڍ ڇڪيندو. ساڳي
بيماري ٿينديس.
(82)
(مائٽن جي) اَڍ ڪڍ تي هلجي- (مائٽن جي) حال يا
پڄنديءَ سارو خرچ ڪجي؛ يا جئن پاڻ نيتائتو هلندا
هجن، تئن هلجي. (اَڍ=بڻ،
بنياد. ڪڍ=ڇڪ).
(83)
اربه خطا – ڳرو يا وڏو ڏوهه. ” تنهنجي چوڪ توکي
ٻڌايم، ته انهيءَ ۾ ڪهڙي اربع خطا ڪيم“؟
(84)
اُس ۾ اَڇا ڪين ڪڍيا اٿم- آزمودو اٿم.
(ماڻهو جئن پوڙهو ٿئي تئن آزمودو پرائي) 47.
(85)
(پڙهي) اڪ ڪارا ڪيائين، ڪين (پڙهيائين). اڪ ڪري
”نه“ يا ”ڪين“ جي معني نڪري ٿي.
(86)
اک – اصطلاحي معنيٰ نظر، ڌيان، نظرداري يا سنڀال
مثلاً (1) اک ۾ رکڻ معنيٰ نظر يا ڌيان ۾ رکڻ.
To
have in view(2)
ٻار اک کان ٻاهر نه ڪڍجي يعني نظرداريءَ يا سنڀال
کان ٻاهر نه ڪڍجي.
(87)
اک ڇنڀ ۾ - جهٽ پٽ
In the
twinkling of an eye.
(88)
اک ڏيکارڻ – تاب دڙڪو ڪرڻ، ڇينڀڻ.
(89)
اک ڊيگهه يا اک ٽيٽ ڪرڻ – اڻ لکو نهارڻ.
(90)
اک ڪڍڻ – (1) اُڀرڻ، جئن سج اک ڪڍي. (2) مکڙي ڄمڻ
(ٻوٽي اک ڪڍي). (3) اک ڪڍڻ سولي پر وجهڻ اولي
]پهاڪو[
يعني ڪنهن کي نقصان پهچڻ سهنجو، پر فائدو پهچائڻ
ڏکيو.
(91)
اک لائڻ يا لڳائڻ- ننڊ ڪرڻ. اک نه لڳي
=
ننڊ نه آئي.
(92)
اک نه اُٿنديءِ – ٿوري به بيماري يا تڪليف نه
ڏسندين !
(93)
اک نه ٻڏڻ- نه ليکڻ، ڌيان ۾ نه آڻڻ، پرواهه نه
ڪرڻ. هن پهلوان جي ٻن ٽن مڙسن ۾ اک به نٿي ٻڏي“.
(94)
اک نه ڏسي مڇ کي- هوش جائين نه هئڻ
]نشي
سببان[
”ايترو شراب پيتائين، جو اک نه ڏسي مڇ کي“. اشارو-
پنهنجون مڇون پنهنجن اکين سان تڏهن ڏسي سگهبيون
جڏهن هوش جاءِ هوندو، نه ته نه.
(95)
اکين اڳيان انڌيون آيس- حيران ٿيو، مونجهاري ۾
پيو. ”پٽ گم ٿي ويس ته اکين اڳيان انڌيون آيس“.
(96)
اکين اڳيان ڦرڻ- سمجهڻ يا ياد پوڻ. ڪو ماڻهو مري
يا ڪا شيءِ وڃي ته چئبو ” اکين اڳيان پيو
]پيئي[
ڦري يعني ائين پيو سمجهان ته اکين اڳيان اٿم.
(97)
اکين تي پردا چڙهيا اٿس- ڏسو ”انڌو ٿيو آهي“.
(98)
اکين تي رکڻ- خوشيءَ سان قبولڻ. هن کي جيڪي پٽ
ساهرو ملي، سو وٺي اکين تي رکي“.
(99)
اکين تي هلڪو آهينم- تنهنجي ڪري ڪا به تڪليف نه
ٿيندي.
]ڪنهن
کي کارائڻ يا ٽڪائڻ لائين خوشي يا راضپي ظاهري ڪرڻ
مهل ائين چون[.
(100) اکين جو آسا بند- اکين جو آسرو؛ پيارو پٽ،
جنهن بنا جيڪر اکين اڳيان انڌيون اچن.
(101) اکين جو ڍءُ- ٿورو آٿت يا آسرو
]پي
جنهنڪري رڳو دل خوش ٿئي، پر پيٽ نه ڀرجي
[.
(1)
”سيڻڪو پئسو اکين جو ڍءُ آهي؛ آيو کاڌو“.
(2)
” گود ۾ پٽ وٺبو، ته رڳو اکين جو ڍءُ ٿيندو“
(102) اکين سان! گهڻي خوشيءَ سان ڀيٽيو-چشمن سان،
مٺي
نور سان، دل جان سان.
(103) اکين کان وڏو-انڌو]مانائتو ڳالهاءِ
[.
(104) اکين ۾ ٿيڻ- نظر يا ڌيان ۾ هئڻ، تڪڻ. ”مون
وٽ جيڪا شيءِ ڏسي، سا اکين ۾ ٿيئَس“.
(105) اکين ۾ ديد ڪونهيس-ساڃهه ڪانهيس، بي حيا
آهي،
(106) اکين ۾ سرمو پائي وڃڻ- ڪا به شيءِ اهڙي طرح
تڳائي کڻي وڃڻ، جو ڪنهن کي پتو نه پوي.
(107) اکيون آهوُءَ جهڙيون، نڪ آمي جي ڦار-هرڻ
جهڙيون اکيون
]وڏيون
۽ ڊوَلائتو
[.
سهڻي شڪل واري لاءِ چئبو.
(108)
]منهنجون
[
اکيون ٿڌيون- آءٌ راضي آهيان؛ رنج نه ٿيندس.”اها
شيءِ توکي ملي ته به منهنجون اکيون ٿڌيون“.
(109) اکيون پائي وهڻ-ڪنهنجي اوسيڙي يا انتظار ۾
وهڻ.”آءٌ
اکيون پائي ويٺس، ته اجهو ٿو اچين“.
(110) اکيون پٽ يا جاءِ ڪر-سنڀال، خبردار ٿيءُ.
(111) اکيون پوري ڪم ڪرڻ-بنا ويچار يا ڳڻتيءَ جي
ڪم ڪرڻ ”اها مائٽي اکيون پوري ڪريو“.
(112) اکيون چرخ ٿيڻ-حيرت ياعجب ۾ پوڻ.
(113) اکيون ڏرا ڏيئي آيون اٿس- هيڻو ٿيو آهي.
(114) اکيون رت ڇڏڻ-گهڻي ڪاوڙ لڳڻ،جوش ۾ ڀرجڻ.
”هن پليت کي ٿو ڏسان ته اکيون ٿيون رت ڇڏين“.
(115) اکيون ڪاپار ۾ اٿس-هٺيلو يا بي خيال آهي.
(116) اکيون ڪڍي ٿو نهاري-شوُڪي ٿو.
(117) اکيون وٺي ويٺو-انڌو ٿي پيو.
(118) اکيون هيٺ ڪيائين-لڄ آيس،شرمندو ٿيو.
(119) اکيون هيٺ ڪري هل-ڌيان يا ويچار سان هل.
(120) (رقم)اکو ڦلو ڪيائين-وڃائي پوري ڪيائين.
(121) اگر نگر چٽ-سڀ ملڪيت ناس، پئسا خلاص.
(”اگر“ جنهن ۾ دڪاندار وڪري جا پئسا رکن.)
ڀيٽيو(122) الو تلو چٽ.(123) جهڳوئي چؤر.
(124) ڀنگوئي ڀينگ.ڀنگو يا ڀونگو
=
جهڳو، گهر.
(125) اڳ ڦرڻ-رنڊڪ يا اٽڪ وجهڻ.” سڀ ڪنهن ڳالهه ۾
تون ٿو مون کي اڳ ڦرين“. (آڏو اچين).
(126) اڳرائي ڪرڻ-معاملي لاءِ پهريائين سبب ڏيڻ.
”اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي“. (شاهه).
(127) اُگهاڙو-ننگو، بيشرم. اُگهاڙا لفظ=
گندا لفظ.
(128) اگهامڻ يا اگهه پوڻ – قدر يا ملهه ٿيڻ،
مائٽي ٿيڻ.
”هڪڙو ڪاڻو ڪٿي نٿي اگهاڻو؛ نيٺ اگهه پيس“.
(129) اَگهه مدا پائڻ- بيحياءُ ٿي سوال پڇڻ (دلالن
وانگر ٻول ڪرڻ). مثلاً مائٽي ڪندي ڪو پڇي ته ڪيترا
پئسا ڏيندا؟ ته اهي آهن اگهه مدا.
(130) اُگهي آگهاري ڪڍڻ - سڃو ڪري ڪڍڻ.
(131) الوليون ماڻڻ – موجون ڪرڻ. ”جتي پوليس ننڊ ۾
آهي، تتي چور وتن الوليون ماڻيندا“. |