C.f. The greatest
wealth is contentment with little,
(288) ٿوري گرهين گهڻو کائجي.
ننڍا ننڍا گرهه يا ٿورو ٿورو ڪري کائبو، ته گهڻو
وقت جيئبو، جنهن ڪري گهڻو کائبو. هٻڇ ڪبي، ته
بيمار پئبو يا مري وڃبو؛ جنهن ڪري ٿورو کائبو، هن
طرح به ڪم آڻبو:- گهوٽيتا يا رشوتخور وڏا چڪ
وجهندا ته اڳلا ڏيڻ جي نه ڪندا، پر جي ٿوري تي
راضي رهندا ته ائين گهڻو ملندن.
C.f. light
suppers make long life days.
(289) ٽٽوُنءَ کي ٽارو تازيءَ کي اشارو.
ٽٽوُن ٽاري(چهي يا لڪڻ) سان ۽ تازي گهوڙو اشاري
سان هلندو. مراد ته جو ڪم سياڻو اشاري سان ڪندو،
سو ڪم اياڻو يا ننڌڪ ڦٽ لعنت سان مس ڪندو.
ڀيٽيو- (290) انسان کي اکر بس.
(291) انسان اهو جو پنءَ مان پروڙي
C.f. A nod for a
wise man, and a rod for a fool.
(292) ٺڙڪجي ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي
ته پاڻ ڀڄجي
جهيڙي ٽارڻ لائين ٺڙ ۽ ٺڪاءُ يعني ٿورو گهڻو کڙڪو
دڙڪو ڪجي، پر جي وڙهندڙ ڌر نه هٽي، ته پاڻ هٽي
پاسو ڪجي (متان آبرو وڃي)
(293) ٺڪر وٺجي ته به ٺوڪي وٺجي.
ٺڪر جو ڪو ٿانءُ وٺجي ته اهو به کڙڪائي ڏسجي ته
ڀڳل ته ڪونهي. مطلب ته سودو پڪائيءَ سان
ڪجي.
C.f. Test and try
before you buy.
(294) ٺلهو چڙو وڄي گهڻو .
گهنگهڻي يا گهنڊڻي پوري آهي، تنهن ڪري وڏو آواز
ڪري ٿي. ڏسو ”سکڻي ڪني...“.
(295) ٺونٺ لڳي ساهيڙي ڀڳي-
جيڪي ٺونٺ لڳڻ يعني ٿوري ايذاءَ اچڻ يا جهڙي تهڙي
ڳالهه سبب دوستي ڇنن، تن لاءِ چئبو. ”ٻارن جي
ياراڻيءَ تي ڪهڙو اعتبار؟ ٺونٺ. ڀڳي“.
(296) پاپ جو گهڙو ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي
گناهه جهڙا ڪم ڪبا ته ڪي ڏينهن شايد ڦٻي ويندا، پر
نيٺ هڪ ڏينهن گڏي حساب ڏيڻو پوندو. “ گهڻا ڏينهن
رشوتون پي کاڌائين ۽ هاڻ مقدمو ٿو هليس. پاپ...
ڦاٽي“.
C.f. God’s mills
grind slow, but grind to powder.
(297) پاپ ڪي مايا پراڇت جائين.
پاپ جي ڪمائي پاپ جي پراچت يعني گهنگاريءَ بلي
ويندي. (ڏنڊ پوندو يا چور کڻي ويندا)
C.f. Ill got, ill
spent.
(298) پاڙو اَبو اَمان آهي.
پاڙيوارن کي پنهنجن وڏن مائٽن جهڙو ڪري ڄاڻجي.
(299) پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ؟
جڏهن ڏسبو ته اسين پنهنجي ڪنهن سيڻ سڄڻ يا ٻئي جي
هٿان مرون ٿا، تڏهن هن جو لحاظ نه ڪري، اول پنهنجي
سر بچائڻ جي ڪبي. ”هو جڏهن اسان جي برخلاف ڪمر ڪشي
بيٺا آهن، تڏهن اسين رک رکاڻي ڇو ڪريون؟
پاڻ..... سيڻ“؟ هاڻ هنن کي هٿن جي صفائي ڏيکاربي.
C.f. Self
preservation is the first law of nature.
(300) پاڻ نه پلي پوپڙي، لوڪان متيون ڏئي.
”پوپڙي“ زنانو نالو، اصل لفظ ”پوپٽي“ يعني پوپٽ
جهڙي. جيڪي ٻين کي ڪنهن ڪم کان جهلين، پر ساڳيو ڪم
پاڻ ڪن، تن لائين ائين چئبو.
ڀيٽيو- (301) لؤر اُپديسي آپ نه ڪري.
C.f.(1) practice
what you preach.
(2) physician,
heal thyself.
(302) پائجي ته وڏي ڍيران پائجي.
اکري معني موجب ته ڌوڙ نه پائجي، پر جي پائجي ته
ڪنهن وڏي ڍير (ڍڳَ) مان. مراد نه ڪنهن جو ٿورو. نه
کڻجي، پر جي کڻجي ته ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جو کڻجي (جو
نه اُن جو عيوضو گهري ۽ نه وقت تي مهڻو يا ڏوراپو
ڏئي)-
(303) ڇڪ منجهي، ته سج ڏي نهارجي.
(تڪليف پوي ته ڪنهن مڙس ماڻهوءَ جي مدد وٺجي)-
(304) پت نهن تي پاڻي آهي.
پاڻيءَ جو ڦڙو آڱر جي نهن تي رکيل هوندو، ته ڏاڍي
سنڀال ڪرڻي پوندي، نه ته ٿورو ئي لوڏو ايندس، ته
هارجي پوندو، ۽ وري هٿ نه ايندو. ڪارپت به ائين
آهي. هڪواريءَ پت ويئي، ته وري مشڪل هٿ ايندي،
تنهن ڪري ڪارپت رهائڻ يا آبرو بچائڻ جو گهڻو خيال
ڪجي.
C.f. Ingenuous
shame once lost is never regained.
(305) پٽ ٿي گذار، ته سگهوئي پيءُ ٿين.
جيئن پٽن کي ادب ۽ فضيلت سان هلڻ گهرجي، تيئن هل
ته سگهوئي ٻيا توکي ابو ڪري ليکيندا (مان ڏيندا).
ڀيٽيو- (306) ادب آهي ڇٽ صاحب سنديءَ ٻاجهه جو.
(307) پٽ پراڻو ته به ڪو جنڊ جو نائو.
ريشم پراڻو ٿي ويندو ته به نائو ( جنڊ اُگهڻ جي
اڳڙي) ڪري ڪم آڻبو ڇا؟ مراد ته ڪو وڏ گهراڻو جي
ڪنهن سقيم حالت کي وڃي رسندو، ته به هن جي بڻ
بنياد جو ويچار ڪري، مٿس ڪو نيچ ڪم (کٽولا ڇڪائڻ،
وغيره) نه رکبو.
(308) هيرو ڌوڙ ۾ ڪرندو ته به ملهه ڪين گهٽبس.
A diamond is
valuable, though it lie on a dung hill.
(309) پٽ پيٽون ناٺي اکيون.
پٽ پيٽ مان ٿو ڄڻجي ۽ ناٺي اکين مان يعني اکين جي
پريت مان پيدا ٿيل يا اکين جو آسابند آهي. مطلب ته
پٽ ناٺي ٻئي هڪجهڙا.
(310) پٽ ڪپٽ پينگهي ۾ پڌرو.
سپاٽ توڙي ڪپاٽ جي سڌ تڏهن ئي پوندي، جڏهن اڃا
پينگهي ۾ پيو نپبو هوندو. مطلب ته سلڇڻو توڙي
ڪلڇڻو ته سندس آريکڻ يعني چهن يا روش
features
پڌرا” ”تون جيڪو ڪل اُجاريندي، سو ڏيهه ڏسندو. اهي
پٽ ئي ٻيا. پٽ ..پڌرو“.
ڀيٽيو- (311) ”ٻار ٻار وتن ۾ پڌرو“. (ٻاروتا
=
ٻار جا ڪپڙا)
The child is
father of the man(wordsworth)
childhood shows
the man.(Milton)
(312) پڇڻا نه منجهڻا.
جيڪي پڇندا، سي نه منجهندا. مراد ته ڪجهه نه اچي
ته بلاشڪ پڇجي؛ سکبو ائين.
C.f. He that
nothing question nothing learneth.
(313) پرائي آس ڪني جي لاس.
ڪني ۾ رڌل تيوڻ جي رس جلد چڙهي ويندي آهي ۽ انهيءَ
سان ڍءَ تي ماني کائي نه سگهبي. پراون تي آسرو
رکبو يعني ٻين تي ڀاڙبو ته ڍءُ نه ٿيندو.
ڀيٽيو- (314) پرائي آس، اُپواس (=
بک)
(315) ڦٺ تنهن جي جيئڻ کي جو رکي پرائي آس.
(316) آهر جي آسري جهنگ نه چنائون،
ساوا گاهه پٽن تي بيٺي ڏٺائون.
]
وهٽن آهر مان کائڻ جي آسري تي ساوا گاهه جهنگ ۾ نه
چنا (چريا) جنهن ڪري بک مئا[
He who depends on
another dines ill and sups worse.
(317) پرائي بودون ڪاٺ ڪپهه ڪوُنئرو.
پراون بودن (اُٺن) تي ڪاٺ (سخت ۽ ڳرو مال) لڏبو،
ته به پنهنجي دل ڪري ڄاڻبو ته اهو ڪپهه کان به
ڪوُنئرو يا نرم آهي. ڪو بيقياسي ڪري ڌارئي ماڻهوءَ
تي جهجهي تڪليف وارو ڪم رکندو، ته ٽوڪڻ لائين ائين
چئبو.
C.f A hired horse
tired never.
(318) پرائي پلاهه کان پنهنجي پڇ به چڱي.
پرائي پلاه کان پنهنجي گهر ۾ چانورن جي پڇي پيئجي،
ته اُها چڱي. مطلب ته ” پنهنجي سهنجي“.
Dry breads at
home is better than roast meat aborad.
(319) پرائي دهلين احمق نچي
پرائي گهر دهل وڄن(شاد مانا ٿين) ۽ اُتي ڌاريو وڃي
نچندو، ته اهو بيوقوف چئبو. مراد ته پرائي مجلس يا
مهمانيءَ تي اڻ ڪوٺيو نه وڃجي. ”منهنجي هنن سان
مٽي ڪا مائٽي جو آءٌ واڌائيءَ تي وڃان. پرائي ...
نچي“.
C.f Go neither to
a wedding nor christening without invitation.
(320) پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي
مطلب ته وڏن ماڻهن سان ريس ڪري پنهنجو خانو خراب
نه ڪجي، پر هوند سارو هلجي. ”گهر ٻاري ڏياري نه
ڪجي“.
ڀيٽيو- (321) باز جي ريس ڪري اُڏاڻي چڙي (جهرڪي)
چڻو هوس چهنب ۾ سو به پيس ڪري.
Set not your
house on fire to be revenged of the moon.
(322) پرڻ چوي ڏونگهي کي هل ڙي ٽه ٽونگا!
پرڻ، جنهن سان ان ڇاڻجي، تنهن کي سوين ٽنگ ٿين ٿا.
ڏونگهو، جنهن سان پاڻي ڀرجي، تنهن کي ٽي ٽنگ ٿين
ٿا. جنهن ۾ سوين خاميون هجن، پر ٻئي جي ٿوري خامي
ڏسي، هن کي مهڻو ڏئي ته اهڙي کي ٽوڪڻ لاءِ ائين
چئبو.
ڀيٽيو –
(323) مينهن پنهنجي ڪارنهن نه
ڏسي.
C.f. The pot
calls the kettle black.
(324) پڙهي پاڻ نه ڄاڻي ماري کتابي
اُستاد پاڻ پڙهي ڪين ڄاڻي ۽ کتابي (ڪتابي) يعني
شاگرد ماري ٿو. جو اڻڄاڻ پنهنجي اڻڄاڻائيءَ لائين
پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ بدران ٻئي کي ڏوهه ڏئي، تنهن لاءِ
ائين چئبو.
(325) اُٿي پاڻ نه سگهي لک لعنت گوڏن کي.
C.f. A bad
workman quarrels with his tools.
(326) پڪيءَ ٻير ۾ سڀ ڪو ڀتر هڻندو.
پڪل ٻير جي وڻ ۾ هرڪو ڀتر هڻندو ته من ٻير ڇڻن ۽
آءٌ کڻان. مطلب ته فائدي واري هنڌان فائدي وٺڻ جي
هرڪو ڪوشش ڪندو. مثلاً ڪا نوڪري يا چڱي مائٽي
هوندي ته هرڪو پنهنجي لاءِ ڪوشش ڪندو.
C.f. When the
tree is fallen every one goeth to it with his
hatchet.
(327) پڳ کان بتانو وڏو.
بتانو، ڪپڙي ٽڪر جو پڳڙيءَ جي اندران پوي. ڏسو
بتانو ڪڍي وٺڻ“ (اصطلاح). ضروري ڳالهه کان ڪا غير
ضروري ڳالهه وڌيڪ ڏسي ائين چئبو. مثلاً ڪتاب ۾
مضمون ٽيهه صفحا ته ديباچو يا منڍ وغيره سؤ صفحا.
C.f. Make not thy
tail brender than thy wings.
(328) پلاءَ جهڙي پدمڻي جي هڪي حاضر هوئين،
ڊوُسي وجهجي پيٽ ۾ مر پيٽ ڦاٽي پوئين.
جيڪي هٻڇي پيٽ ڀريل هوندي په ڪا عمدي شيءِ ڏسن ته
کائي، تن لاءِ ائين چئبو.
C.f. Better belly
burst than good drink or meat lost.
(329) پنجئي آڱريون برابر نه آهن.
مطلب ته سڀ ماڻهو هڪ جهڙا نه آهن.
(330) پنڌ کان ڪتي جي وات ۾ چڱو.
پنڌ ڪجي تنهن کان جهڙو تهڙو وهٽ ملي ته اهو چڱو.
C.f. A tired
traveler must be glad of an ass. If he have a
not horse.
(331) پنهنجي پٺ ڪنهن ڪا نه ورائي ڏٺي آهي.
مطلب ته ڪنهن کي به خبر نه آهي ته هن کان پوءِ ڇا
ٿيڻو آهي. ” ڪو ڪنهن تان نه کلي. پنهنجي ... آهي“.
No one knows what
will happen to him before sunset.
(332) پنهنجي ڌنئري کي ڪير کٽو چوندو.
مراد ته پنهنجي اولاد يا شيءِ جي ڪو به گلا نه
ڪندو.
C.f.
Every cook praises his own borth.
(333) پنهنجي سهنجي.
زر، زمين يا ڪا به شيءِ جي پنهنجي آهي ته اُن ۾
وڏي سهوليت آهي. جيڪي ٻين تي مدار رکڻ نه چاهين سي
ائين چون.
ڀيٽيو- (334) پنهنجي ڪکين ڪوئي نه لکي.
(پنهنجي گهر ۾ ڪنهن جي غرض يا ڪاڻ نٿي رهي)-
(335) پنهنجو کائجي گوبند ڳائجي.
(336) جهڙو سمر آپنو تهڙو مٽ نه ڪوئين.
C.f. In one’s own
saddle one rides sfest.
(337) پنهنجي ڪئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب.
پنهنجي هٿان ڪا خطا ٿيندي ته اُن
جو علاج ڪير ڪندو؟ ”جاءِ وڪڻي
ڇڏيائين ته ڏکي به ڏاڍو ٿيو آهي. پر هاڻ ڇا ٿيندو؟
پنهنجي ... طبيب“.
ڀيٽيو- (338) هٿان پيئيءَ نانڪا در در ڌڪا کائين.
He that cuts
himself willfully deserves no balsam.
(339) پنهنجي گتيءَ پوءُ گڏه کي پيري.
احتياج مهل نالائق کي به نياز ڪبو.
(340) وقت ڪري واڪا ته گهوڙو گڏهه کي چوي ڪاڪا-
C.f. One must
fall down before a fax in season.
(341) پنهنجي گهر جهڙي به ڪا ٻي بادشاهي؟
پنهنجي گهر ۾ ماڻهو شاهه آهي، جيئن وڻيس تئين هلي-
ڪنهن
جي به ڪاڻ نٿي رهيس.
ڀيٽيو- (342) پنهنجو گهر ڪن سان ڪري ڀر،
پرائو گهر ٿڪ اُڇلي ڏر
(343) پنهنجو داتا جو در.
(344) جو سک اپني چوَ ٻاري ۾،
سو ناهين بلخ بخاري ۾.
(پنهنجي گهر جهڙو سک بلخ بخارا شهرن ۾ به ڪونهي).
C.f. East or
west, home is best
(345) پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن.
پنهنجي گهر ۾ دل ڀريل ٿئي ٿي. ٻار کي به رستي تي
ڪو ماريندو ته ڊڄندو، پر گهر وٽ ڪو ماريندس ته حال
ڌڪ ڌڪ جو وڄائي ڪڍندس، ( پنهنجي گهر جي ڏڍ اٿس)-
C.f. Every dog is
valiant at its own door.
(346) پنهنجي لاهي جنهن هٿ ۾ ڪئي
تنهن کي ٻئي جي لاهيندي ڪهڙو ڀوءُ؟
پنهنجي پڳ جنهن لاٿي يعني جنهن پنهنجو مان نه
رکيو، سو ٻئي جي پڳ لاهيندي (آبرو وٺندي) ڪين
ڊڄندو.
(347) لنگهي لاٿي لوئي، ڪيا ڪريگا ڪوئي.
(348)نانگو ننگان نڪتو، نانگي ڪهڙو ننگ.
(349) ميهار مينهن سان نڪتو ته وڇن ڪهڙي پارت.
C.f. Beware of
him who regards not his reputation.
(350) پوکين تانڪي پو که جيسي پاڻي اٿيئي پاڙ ۾.
پاڻي سڪي ويندو ته پوءِ پوک نه ٿيندي، تنهن ڪري
وقت جو فائدو وٺڻ واجب آهي. ”جوانيءَ ۾ جيڪو جس
کٽڻو هجئي سوکٽي وٺ متان پيريءَ ۾ پڇتائين. پوکين
..۾
C.f. Make hay
while the sun shines.
(351) پهير چور ٿئي ته واهي ڪيترو وهي.
پهير يعني لوڙهو، جو ٻنيءَ جي بچاءُ لاءِ آهي، سو
پاڻ جي چور ٿي ٻنيءَ کي لڳندو، ته واهي يا نگهبان
ڪيتري سنڀال ڪندو. گهر جي ڀاتين يا پوليس وارن مان
ڪو سنڀال ڪرڻ بدران چوريون ڪري، ته ائين چون.
(352) پئسي پلو مهانگو، رپئي پلو سهانگو.
پلو توڙي ڪا به شيئين کڻي سستي ملندي، پر جي کپ نه
هوندو ته پئسي به مهانگي. گهرج مهل اُها ساڳي شيءِ
رپئي به سهانگي ليکبي .
(353) پيٽ ٻه ٻاهين چنتا ناهين.
جنهن کي کائڻ لاءِ هڪ پيٽ ۽ ڪمائڻ لاءِ ٻه ٻانهون
تنهن کي ڳڻتي ڪهڙي؟ ”زال مري ويس باقي سکڻو سر، سو
پاڻيهي پيو کٽندو ۽ کائيندو. پيٽ ...ناهين“.
(354) پيٽ ڀريو ته منهن ڪارو سهي.
جيڪي اڻاسا ماڻهو پنهنجي پيٽ ڀرڻ خاطر پنهنجي منهن
ڪاري ٿيڻ (آبرو وڃڻ) جو سانگو نه ڪن، تن لاءِ ائين
چون.
ڀيٽيو- (355) ڦٺ بجو ڪج، پر گيهه ذرو ڏج.
(356) ناڪ ڪٽا تو ڪٽا، پر گيهه تو چٽا.
(357) پيٽ ڀر پيٺي لڏ.
(358) پٺي مار، پيٽ نه مار.
Give me roast
meat, and beat me with the spit.
(359) پيٽ نه هجي ته سونيون ڀتيون اَڏجن.
مطلب ته سڀ ڪشالا پيٽ لاءِ ڪجن ٿا.
ڀيٽيو (360) پيٽ بري بلا.
(361) پٽيندي پيٽ کي ويو ڄمار وڄٽ،
هو جو مٿي کٽ، سو پڻ پٽي پيٽ کي.
If it were not
for the belly the back might wear gold.
(362) پير کي ڪم ٺڪاءُ سان.
هڪڙي ماڻهوءَ تڪليف مهل پير تي سکا ڪئي. ته مراد
پوري ٿيڻ تي ناريل اچي ڀڃندس. مراد پنيس ته ناريل
بدران ڏوڏي ڀڃي، ائين چيائين. ڪنهن ڪم جي ڪو الهو
ٻلهو ڪري پورائي ڪري ته ائين چون.
ڀيٽيو- (363) وهي نه وهي وٺ رينگٽ کي.
(364) پيو پر، ويو گهر.
پراون يا ڌارين کي جيڪڏهن پنهجن گهروُ ڳالهين ۾ هٿ
وجهڻ ڏبو ته خانوئي خراب.
(365) پينچن ۾ پرميسر.
پئنچن ۾ ڄڻ تن ڌڻي پاڻ آهي. مراد ته پئنچ جيڪي
چون، سو ڌڻي جو حڪم ڄاڻي، ست ڪري مڃجي.
(366) بجا ڪهي جسي عالم اُسي بجا سمجهو،
آواز خلق ڪو نقاره خدا سمجهو.
The voice of the
people is the voice of God.
(368) پيئي ليئيءَ ڌيءُ ڪم اچي.
بيماري سيماري ۾ ڌيءُ ڪم اچي ٿي. ٻيءَ طرح به پٽن
کان وڌيڪ نياڻين جو مائٽن ڏي هڏ ڪرڪي ٿو.
My son is my son,
till he hath got him a wife; but my daughter is
my daughter all the days of her life.
(368) ڦاٽڙي نه سبي، سا راجا نه راڻي.
اها راجا جي راڻي ئي نه آهي، جا ڦاٽل ڪپڙو نٿي
سبي. مراد ته وڏ گهراڻين کي به کپي، ته ڦاٽل ڪپڙي
کي ٽوپو ٽاڪو ڏين. ان ۾ اٰهم ڪونهي. (تهه تي تهه
چاڙهبو ته اها اجائي وڏ ماڻهپي).
Patch by patch is
good house-wifery,but patch upon patch is plain
beggary.
(369) ڦڙي ڦڙي تلاءُ.
ٿورو ٿورو ڪري ميڙبو ته نيٺ تلاءُ (گهڻوئي)
ٿيندو.
Penny and penny
laid up will many.
(370) ڦورو نه ڦولهي شل سنئين پئي صراف کي.
ڌڻي کي شل چت ۾ چڱي پوي، جو اسان جا عيب نه
ويچاري. ”اسان جي هڏي هڏي پاپ سان ڀريل آهي، پر
مالڪ شل پنهنجي مهر ڪري.ڦوري...کي“!
(371) عدل ڇٽان آءُ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو !
(372) جا بندي کي بار سا صاحب کي سٿري.
جا ڳالهه انسان کي ڳري يا ڏکي لڳي ٿي. سا ڌڻي کي
سهنجي سولي آهي.مراد ته ڌڻي تي رکيو ته سڀ سڻائي.
C.f Hope well and
have well.
(373) جاڙي جڳ سنئَين.
جا ٻئي ٻار سان گڏ (جاڙي) ڄائي هوندي. سا به جهان
جي ٻين ماڻهن جهڙي. ”ٻين سان گڏ مونتي به جي اها
تڪليف آئي ته پوئين جاڙي جڳ سنئَين“. آءٌ به انهن
جهڙو.
(374) جاڻ ته جواڻ.
ٿڌ ٿيندي ۽ جاڻ مهٽبي ته جوان (نوَبنو) ٿي پئبو.
(375) جائين چوي جوڙائي ڏس، شادي چوي ڪري ڏس.
جاءِ ۽ شادي بلي تخميني کان وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو.
C.f Building and
marrying are grent wasters.
(376) جبل سان مٿو هنئين نيٺ مٿو ڀڄي،
جبل ( پاڻ کان ڏاڍي) سان وڙهبو ته پاڻ کي مارائبو.
(377) گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدري جوکو،
ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو.
(378) سر سندي آڪاس ڪون ڦر ماٿي آوي
(تير هڻبو اُڀ ۾ ته موٽي مٿان ايندو.)
C.f
An ass that kicketh against the wall, receives
the below
himself
(379) جتي اُٺ ترندو تتي پڇ به ترندو.
جتي گهڻو ڪم يا خرچ ٿيندو، تتي ٿورو به ٿي سگهندو.
”جاءِ جوڙائي ته اٿيئي، ته پوئين نل به وجهائين
جتي...ترندو“.
(380) جتي پاڙا تتي ڍيڍ واڙا.
جتي ماڻهو پاڙو ڪري ويٺا هوندا، اُتي ڍنڍن يا
چمارن (جهيڙا ڪارن) جا گهر به هوندا. مطلب ته پاڙن
۾ جهيڙا ٿين ٿا.
(381) جتي ويڙها تتي جهيڙا. (ويڙهو = محلو).
C.f Where a man
dwells, he shall be sure to have a thorn-bush
near his door.
(382) جتي پڄڻ نه آهي پهت، اُتي ڀڄڻ ڪم ڀلن جو.
جتي پڄي کائڻ يا برابري واجب نه آهي، تتان ٽري
پاسو ڪرڻ ڀلن(چڱن مڙسن) جو ڪم آهي.
(383) جتي پڄڻ نه آهي جائين، تتي ڀڄڻ ڪم وريام
جو.
C.f It is wiser
to run away when there is no remedy than to stay
and die in the field foolishly,
(384)
جتي روشني ۽ هوا تتي ڪانهي تانگهه طيب جي.
جا جاءِ کليل ۽ هوادار هوندي اُتي ڪو بيمار نه
پوندو، جنهن ڪري طبيب جي گهرج نه ٿيندي (سنڌي
پنجون ڪتاب)
C.f where light
and air enter the doctor doesn’t
(385) جتي لوڀي هجن تتي ٺوڳي بک نه مرن.
جتي لالچي ماڻهو هوندا، اُتي ٺگ جاوا ڪندا. ماڻهو
اولاد يا ڌن لاءِ پير فقير پڇن، ته هو سندين هڙ
ڦرين.
(386) ”ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين“.
C.f An easy fool
is a knaves’s tool.
(387) جتي ماني تتي ماڳ.
جتي روزگار تتي گهر ٻار.
(388) جتي، هر تتي گهر.(هر
plough)
(389) جتي وڻ نه آهي تتي ڪانڊيرو به درخت.
اڻ هوند ۾ خسيس شيئين جو به وڏو قدر ڪجي ٿو.121.
(390) جڏهوڪا مينهن تڏهوڪيون چڪيون.
جڏهن مينهن پوندا، گپون به ٿينديون. مطلب ته ڪنهن
تڪليف اچڻ جي اڳواٽ ڳڻتي نه ڪجي.
(391) اِڳي اِڳي گورک جاڳي (آئيندي جو الله)
(392) جئن چر تئن خير.(393) سڌ تي ٻڌ.
(1) Let your
trouble tarry till its own day comes.
(2) Sufficient
unto the day is the evil thereof.
(394) جر نئينس، جيڏي نه نئينس
ڪنهن مائي درياه جي ڀر تان مڇي جو ڏنڀرو لڌو. ٻي
چيو ته اهو منهنجو آهي، ته ماڳهين ڏنڀرو کڻي
درياهه ۾ اڇليو. اکري معني ته جل (پاڻي) ڀلي کڻي،
پر ڪا جيڏي سرتي نه کڻي. جي ڪجهه ٻڏو سهن، پر ڏنو
نه سهسائين، تن لاءِ ائين چئبو.(گلشڪر)
(395) جڙي کي جس.
ڌڻي جي پاران جيڪي جڙي(ٺهي) اچي، تنهن کي شابس چؤ
يعني شڪر ڪر. ” پنجاهه نه مليا، ٽيهه مليا. جڙي کي
جس.
(396) هڪڙي ڪپڙي کير ڀري، ٻي به ڏيندو الله،
C.f A contended
mind is a continual feast.
(397) جڳ مڙيو ئي جوا بازي، ڪن کٽي، ڪن هاري.
هيءُ سڄو جهان جوا بازي وانگر آهي. ڪن دنيا ۾ اچي
(چڱا ڪم ڪري) کٽيو ۽ ڪن (بڇڙا ڪم ڪري) هارايو.
مطلب ته جڳ ۾ رهي، جس کٽجي.
(398) ٻيو سڀ رهندو هت، نيڪي نيندين پاڻ سان.
The world is a
ladder for some to go up, and some down.
(399) جن آهرن ۾ کائي ڏٺو، سي توبرن ۾ ڪئن کائين؟
آهر، جنهن مان وهٽ کائين، تنهن ۾ گهڻو چارو پئي ٿو
۽ توبري ۾ ٿورو ان پئي ٿو. مراد ته جن جهجهيون
مؤجون ماڻي ڏٺيون، سي ٿوري يا پوري پني تي راضي نه
ٿين.
(400) جن کاڌا پلن جا پيٽارا ٽن جا هينئڙا ويچارا.
(401) جن جو هتي کپ تن جو اُتي به کپ.
جن جي دنيا ۾ گهرج، تن جي ڌڻي وٽ به گهرج. ”ساڌو
نولراءِ ۽ هيرانند جهڙا مڙس جي وڌيڪ جيئن ها، ته
ديس جي ڪي شيوا ڪن ها، پر جن جو.....کپ“
C.f Those whom
gods love, die young.
(402) جنڊ به وار، بٺ به وار.
وار معني ڏينهن يا وارو. جنڊ پيهڻ توڙي ڦلن ڀڳڙن
ڀڃڻ لاءِ بٺ (تئي يا چلهي) تپائڻ واسطي ڏينهن يا
وارا ٺهرايل آهن.( ڪن ڏينهن تي اهي ڪم ٿين ڪن تي
ڪو نه ٿين) مطلب ته ڀاڳ توڙي موت لائين ڏينهن يا
وارا ٺهرايل آهن،”نوڪري نه ملڻ ڪري دلگير نه
ٿيءُ.جنڊ ....وار. تنهنجي لاءِ به ڪو ڏينهن ٿيندو
يا تنهنجو به ڪڏهن وارو ورندو.“
جنڊ مان مراد ان ملڻ، روزگار ٿيڻ، ڀاڳ ورڻ.
بٺ مان مراد جلڻ يا سڙڻ، چکيا تي چڙهڻ، مرڻ.
ڀيٽيو- (403) وارا ڄمارا آهن.
(404) اڄ همان سڀان تمان.
(405) اڻٽيهه راتيون چور جون ته ٽيهين رات ساڌ جي.
(406) سس جا سؤ ڏينهن ته نهن جو به هڪڙو ڏينهن.
C.f Every dog has
his day.
(407) جنڊ کڻ ته جنڊ ڳورو، پڙ کڻ ته پڙ ڳورو.
ٻئي ڳالهيون مشڪل. ”پئسي جو زور ڪونهي، جو اهو خرچ
ڪريان ۽ جي نٿو ڪريان ته ڀائرن ۾ ڏٺو ٿو ٿيان.جنڊ.
(408)
جن کي ڏنيون ڄايون تن سان ڪهڙيون باهيون.
جي سيڻن کي پنهنجو ڌيئر ڏجن، تن سان ساڙ وير نه
رکجي.
”ڏني ڄائي، ڇٽي وائي“]سيڻن
سان ڏند نه ڏجي[.
(409) جنهن اُڀرندي تاءُ نه ڪيو سو اُلهندي ڇا
ڪندو؟
جنهن ننڍي هوندي يا وقت سر ٻُوٽو نه ٻاريو، سو
پوئين ڇا ڪهڙو سوجهرو ڪندو؟
(410) جنهن تن لڳي سو تن ڄاڻي.
جنهن جي تن سان ڪا تار لڳل هوندي، ڪل تنهن کي
پوندي.
(411) جتي باهه ٻري تتي سيڪ اچي.
(412) جتي باهه ٻري اتي جاءِ جلي، پاڙيوارن ڪهڙو
سيڪ؟
C.f. The wearer
knows where the shoe pinches bim.
(413) جنهنجو جو ڪم سوئي ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو
ڀري.
هڪڙي ڀٽ ڪنهن واپار ۾ سئو روپيا سيڙايا، ته ستر
رپين گهاٽو پيس، مراد ته جنهن ڪم جو جنهن کي
آزمودو هجي، سو ڀلي اهو ڪري، ٻيو نه ڪري.
(414) جسڪا ڪام تسڪو ساجي،
C.f. Every man to
his trade.
(415) جنهنجي واٽ نه وڃجي، تنهنجو پنڌ به نه پڇجي.
جنهن ڪم يا ماڻهوءَ سان واسطو نه رکڻو هجي، تنهنجو
ذڪر ]ساک
يا گلا[ به
نه ڪجي.
e.f. That which
will not be spun, let it not come between the
spindle and the distaff.
(416) جنهن جي وڃجي گهر، تنهن جي ڪجي پر.
جنهن جي گهر وڃجي، تنهن جي پر]ريت[
ڪجي يعني انهن جي دستور موجب هلجي. مطلب ته هنڌ
ڏسي هلت ڪجي.
(417) جهڙو ديس، تهڙو ويس.
(418) جهڙو راءُ، تهڙي رهت
]راءُ=راجا[.
(419) جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ.
(420) جهڙو سمر، تهڙي سامگري.
(421) ڌيئڙي سوڪر، جو ڏٺئين ماءُ گهر،
ننهڙي سوڪر، جو ڏٺءِ سس گهر.
]زنانو[.
(422) واءُ ڏسي گاهه به نمي.
(423) هڪ ٽنگي ملڪ ۾ وڃجي، ته ٻي ٽنگ کڻي لڪائجي.
C.f When you are
at Rome, do as Rome does.
(424) جنهن جي ويلا تنهن جي رکيا.
ويلا معنيٰ وقت. رکيا معنيٰ بچاءُ، سنڀال. مطلب ته
جنهن جي واري
]صاحبي يا حڪومت[
هجي، تنهن جو خير گهرجي.
(425) جنهن جي هيڪار ڪيائين ڪوڙي ٿئي، تنهين جي
ٻيهار، سچي ساک نه وسهان.
هڪواريءَ ڪنهن جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته ٻئي ڀيري
سندس سچي ڳالهه تي به اعتبار نه ايندو.
C.f. A liar is
not belived when he speaks the truth.
(426) جنهنجي هٿ ۾ ڏوئي، تنهنجو مٽ هر ڪوئي.
جنهن جي جي هٿ ۾ ڏوئي يا ڪيوي
]ديگ
ورهائڻ واسطي[
آهي، تنهن جو سڀ ڪو مائٽ آهي. سڀ ڪو اچي لڳندس ته
مون کي ديگ مان داڻا ڏي. مطلب ته؛
(427) بيٺل جو سڀڪو يار.
ڀيٽيو- (428)جتي ماکي تتي مک.
C.f. A full purse
never lacks friends.
(429) جنهن ساس ڏنو آهي، سو گراس به ڏيندو.
جنهن ڌڻيءَ ساهه ڏنو آهي، سو گرهه
]کاڌو[
به ڏيندو.
مطلب ته ڌڻي رازق يا روزي رسائڻ وارو آهي”نوڪري نه
ملڻ ڪري ارمان نه کاءُ. جنهن.... ڏيندو“.
(430) جني ڏاند نه ٻج، تني سندس آسرو
اول رسائي انهن کي پوئين اڀاري سج.
(431) سر سر رزق سنباهي ٺاڪر.
God never sends
mouths, but he sends meat with them.
(432) جني ڀوءُ تني ڍءُ.
يا چون” جيترو ڀوءُ تيترو ڍءُ“.
ڪي بي ڊپا ٿي، رشوتون وٺن ۽ ٻيا کوٽا ڪم ڪن، جنهن
ڪري پنهنجي نوڪري ۽ آبرو وڃائين، پر جي ڊڄي ڪنبي
بلڪل قاعدي موجب هلن، سي سکي روٽي کائي، پيٽ ڀرين
ٿا.
ڀيٽيو- (433) جيترو قاعدو تيترو فائدو.
Fear is one part
of prudence.(2) Fear
begets care.
(434) جني ڪاڻ ڪيم لائي چائي،
سي نه ٿيم سُورن ڀائي.
لائي چائي ڪرڻ يعني هڪڙي جي ڳالهه ٻئي کي ٻڌائي،
جهيڙو لڳائڻ. مطلب ته جن لاءِ لاين چاين کوٽا ڪم
ڪيم، تن جو اڄ اهو حال جو منهنجي سُورن ۾ ڀائيوار
يا ڏک ۾ مددگار نٿا ٿين، يا ڪم نٿا اچن، ناخلف پٽ
يا بيوفا دوست لاءِ ارمان ظاهر ڪندي ائين چون.
(435) جني ڪاتر ڪوڙ ڪمايم، ڪم نه ساڳيا سيئي آيم.
(436) جني ڪاڻ مياس، سي ڪلهي ڪانڌي نه ٿيا.
]جن
لاءِ مون پاڻ ماري وڌو يعني جنهن جون تڪليفون ڪيم،
سي اڄ منهنجا ڪلهي ڪانڌي يعني همراهه نٿا ٿين[.
(437) ڪني جي ڪاڻ، ڳئون چاريم ڳوٺ جون.
(438) ڪڏهن هاري هوس، اڄ ڀيچان ڀيچي ڪونه ٿئي.
]راند
۾ هڪڙو هاري ته ٻيا سندس ڀيچي، يعني ڪڏهن آءٌ سندن
اڳواڻ هوس پر اڄ همراهن مان ڪو به نه همراهه[.
(439) جني مٿي مامرا سي ڪئن ننڊون ڪن؟
جن جي مٿان معاملا
]وڏيون
جوابداري جون ڳالهيون[،
تن کي سک ٿي سمهڻ ]غلفت
ڪرڻ[ نه
گهرجي.
It is not for a
man in authority to sleep a whole night.
(440) جني منجهه مڻيا سي لڪا وتن لوڪ ۾.
جن منجهه مڻيا
]جوهر[
آهي يعني جي ڪامل درويش يا هر طرح لائق انسان آهن،
سي لوڪ کان لڪندا وتن يعني پنهنجي گڻ جي ڏيکاري
نٿا ڏين.
C.f. Full many a
flower is bron to blush unseen, and waste its
sweetness on the desert air(gray).
(441) جوا هارائڻ واري جو اڌ منهن ڪارو،
کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو.
هارائيندڙ وري سنڀالي راند ڪندو، جنهنڪري ان کي
ٿوري لعنت هنئين اٿن. کٽندڙ لالچ سببان وري وري
جوا ڪندو، تنهن ڪري هن کي گهڻي لعنت هنئين اٿن.
(442) جو ڊوڙندو سو ٿڪبو.
مطلب ته خرچ يا ڪم ۾ اُٻهرائي گهڻي تائين نه
هلندي.
C.f. He that runs
fast will not run long.
(443) جوءَ ڍيري، گڏه رکپال.
جوءَ ڍيري يا ڍڳي ڪري، گڏهه کي چئبو ته رکپال يا
نگهبان ٿي بيهه ته ڇا ڪندو؟ کائي ويندو. مطلب ته
امانت جهڙو ڪم ڪنهن خيانت واري]ٺڳي
ڪندڙ[ جي ذمي
ڇڏبو ته پئسا ئي پاڻيءَ ۾، هڙ ئي هلاک، رقم ئي
توبري ۾.
C.f. give the cat
the cream to keep.
(444) جهڙا رُوح تهڙا ختما.
ختمو معنيٰ پڇاڙيءَ جي دعا]مئل
ماڻهو لائين[
ڏسو ”ختمو ڏيڻ“ ڪو چڱو مڙس ٿي گذريو هوندو، ته
هينئر به وڏي دل سان دعا ڪبيس، نه ته سندس لائين
دل مان دعا به اهڙي نڪرندي.
(445) جهڙا ڪانگ تهڙا ٻچا.
مطلب ته بڇڙن جو اولاد به بڇڙو |