(1165) (سٽ) ڳوڙها يا ڳنڍيون ڳوڙها ٿيو- منجهو-
(1166) ڳوڙهو ٿي پيو آهين- متو آهين، ٿلهو ٿيو
آهين.
(1167) ڳوڙهو ڳيهڻ- ڪجهه باسي پوئين نه ڏيڻ يا اُن
جي پوُرائي نه ڪرڻ. مثلاً مائٽيءَ جي پڪ ڏيئي
پوئين ڦرڻ.
(1168) ڳيتون ڏيئي قرض لاٿائين- قسطون ڪري يا
تڪليفون سهي قرض لاٿائين.
(1169) گهاٽ جو سون- مٺو يا هلڪو سون.
(1170) گهاٽ يا گهاءُ گسايائين- ڪاوڙ جو وقت
ٽاريائين.
(1171) گهاٽ گهڙڻ- (1) رٿوُن رٿڻ. ” هن دل ۾ گهڻي
گهاٽ گهڙيا (2) ڪاريگريء جو ڊؤل يا نمونو بيهارڻ.
(1172) گهاٽي گهڙي پيس- مرڻ مهل گهڻي سختي ڏٺائين.
(1173) گهانگهو ڳچي پيس- ڦاٽو، وڏو بار سر تي
کنيائين، پرڻيو. ”(ڳٽ ڳچي پيس)“. گلا جو گهانگهو
کنيائين= گلا پنهنجي گردن ۾ وڌائين يعني پاڻ تي گلا سٺائين.
]
گهانگهو=
ڳچي، ڀڳل مٽ يا ڪني وغيره جي[.
(1174) گهاءَ وڌائين- وڍ وڌائين، دل ڏکويائين.
(1175) (دهلارين) گهايوُن ڏنيون- دهل تڪڙا
وڄايائون.
(1176) (سج) گهٽ به گهتان هو- لهڻ تي هو.
(1177) گهٽ ٻوُساٽ- زبردستي (ڪڇڻ نه ملي).
(1178) گهٽ گهٽيا اٿس- ڳالهائڻ بند ٿيو اٿس، ڪڇي
نٿو.
(1179) گهچا ڪڍيائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس.
(1180) گهر- زال (1) ٻيو گهر پرڻيو آهي=
ٻي شادي ڪئي اٿس.
(2)
گهر ڊهي پيس وري جڏهن ڪي گهر ڪري يعني زال مري ويس
وري جڏهن پرڻجي.
(1181) گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ- ٿوري ساک يا ڏيکاءَ
لائين پنهنجو گهڻو نقصان ڪرڻ 220.
(1182) گهر ٻڌو- پاڻ ۾ ٺهو يا ميلاپ ڪريو- يڪمشت
ٿيو.
(1183) گهر جي گهريتڙي آهي- گهر کان ٻاهر نه
اڪرندو آهي.
(1184) گهر جهلڻ واري- جا گهر هلائي سگهي.
(1185) گهر ڪرڻ- (1) ٺهي وهڻ.To
marry and settle
(2) ٺهي وهڻ.” هن ڇوڪري کي ساهرا گهر ڪرڻ نه ڏيندا
يعني پنهنجي گهر ۾ ٺهي وهڻ نه ڏيندس (سندس افعالن
يا پنهنجي بڇڙي سڀاءَ ڪري).
(1186) مرض گهر ڪري ويو يا ويٺو- پڪو ٿيو.
(1187) گهر کي سولو ٿو وڃي- پنهنجو سهنج
ڳولي ٿو.
(1881)
گهر گهاٽ ڪونهيس- نڌڻڪو آهي. ”رلي مئو آهي“
(1189) گهر گهلو پير کڻڻ- (1) گهر کان جلد ٻاهر
وڃڻ (پراون گهرن ۾) 242. ڌيءُ توڙي زال کي گهر
گهلو پير کڻڻ نه گهرجي.
(2)
اُٻهرو ٿي ڪو ڪم ڪرڻ.
(1190) گهر مان پيئي يا لڳي اٿن- پاڻ ۾ دشمني ٿي
اٿن.
(1191) (ٻارن) گهر مٿي کڻي ڏنو- گهڻو گوڙ ڪيائون.
(1192) گهرءُ ۾ گهارجي- رضا تي راضي رهجي.
(1193) گهڙا ڀرڻ- خدمت يا شيوا ڪرڻ (ديس جا گهڙا).
(1194) گهڙي ماٽي جي سڌ ڪانهيس- اَلڙ يا بي
آزمودگار آهي.
]
دلي ۽ ماٽي (مٽ يا چاڏي) جي تفاوت جي سڌ ڪانهيس[.
(1195) گهڙي جا گهڙيال- وقت جون حالتون ” گهڙيءَ
جا گهڙيال آهن؛ ڪڏهن سکه ڪڏهن دکه.627
(1197) ٻار گهنڊڻي ٿي لڳو – پٺيان ڪاهي پيو (ڇڏيئي
نه).
(1198) گهڻو- ڪجهه نه (اُلٽي معني سان) ” تو مان
ٿيو ئي گهڻو“.
(1199) گهوٽ پيءُ ٿي ويٺو هج- بيپرواهه يا بنا
اُلڪي ويٺو هج
(1200) گهوڙا يا گهوڙا ! هائين هائين ! گهوڙا
گهوڙا ڪيائين
=
دانهون ڪيائين. (ڦريل ماڻهوءَ وانگر). گهوڙو پويس-
مصيبت پويس. اشارو- چون ته اڳي ڌاڙيلا گهوڙن تي
چڙهي ايندا هئا ته ماڻهو پريائين ”گهوڙا گهوڙا“
ڪري پڪاريندا هئا هن معني سان ته ڦرياسون.
(1201) گهوڙي تي چڙهي آيو آهي- گهڻي تڪڙ ڪري ٿو.
(1202) گهوڙي ڪن برابر- ڀائپي ۾ سڀ هڪ جهڙا. 614
(1203) گهيرو ڪرڻ- ويڙهي وڃڻ.To
besiege
(1204) (پکي) لاتيون لنوين ٿو- ٻوليون ڪري ٿو.
(1205) لاٽوري ڏيئي ويس- (ڪجهه) چوري ڪري ويس.
(1206) لاشو به ڪونه لڀندس- بنهه چٽ ٿي ويندو.
(1207) – لاک لاٿائينس- سيکت ڏنائينس، جٺ ڪيائينس.
(1208) لاکي جي مهل- سوير صبوح جو يا سج اُڀرڻ
مهل.
(1209) لالا نگهري لڳڻ- ڪنهن تي آسرو رکڻ.
هنجي لالا نگهري لڳندين ته ڪم نه ٿيندئين“.
(1210) لانگ ورايائين- چڙهيو( وهٽ تي، ٽنگ ورائي).
(1211) لاڻ نه لائينس- عيب نه لڳائينس، گلارو نه
ڪرينس.
(1212) لاهه پاهه ڪيائين- (شي) هڪ باسڻ مان لاهي
ٻئي ۾ وڌائين
(1213) لاهه لنگهايائين مٿاڇرو ڪم ڪري پوُرائو
ڪيائين.
(1214) لاهڻي نه لاهينس- آبروُ نه وٺينس.
(1215) لاهي پاهي بيٺو – لوٺيو يا بي حيا ٿي بيٺو
346.
(1216) ڪنهن لائقي لڳو –ڪنهن چڱي عهدي تي پهتو.
(1217) لائوُن- سنسڪرت” نمن“
=
نمائڻ ( گهوٽ ۽ ڪنئَار مٿا- وهانءَ مهل). لائوُن
لڌائون
=
پرڻيا. پاڻ ۾ لائون اٿن= گهڻي محبت اٿن (زال مڙس جهيڙي).
(1218) لائي چائي ڪرڻ- چغلي هڻي جهيڙو ڪرائڻ.434
(1219) (توکي) لائي ڳالهايائين- ٻين جي ڳالهه ڪندي
(توکي) اَڻ سڌي طرح ٽوڪيائين.
(1220) (تيوڻ) لائي لائي کاءُ- ٿورو ٿورو ڪري
کاءُ.
(1221) لايو سجايو ٿيو- ڪيل خرچ يا پورهيو سڦلو
ٿيو.
(1222) لباس ٿو ٻڌي- ڳالهين ۾ ريبي يا ٺڳي ٿو.
(1223) لبيس- لباس زبان ۾ لبيس اٿس=
مٺو ٿو ڳالهائي.
(1224) لٻ لٻ ڪرڻ يا لٻڻ- ڇڙٻون ڏيڻ، ستائڻ.
(1225) لٻي ٿٻي تي هليو-ترڪتال تي يا مفت ۾ پورائي
ڪيائين.
(1226) لت ڳري ٿيس- تنهنجو بار پيس يا زور لڳس.
(1227) لتل ڦٽ اُکليا- دکن جي نئين سر يادگيري
پيئي.
(1228) لٺ لڳي- لٺين سان مارا ماري ٿي، جهيڙو ٿيو.
(1229) لٽاڪو لٿو- مونجهاري جو يا ڏکيو ڪم پوُرو
ٿيو.
(1230) اکين تي لٽ چڙهيو اٿس- ساڃهه ويئي اٿس.
(1231) لپو هڻڻ- ڪوڏر سان ڌڪ هڻي زمين کوٽڻ. کوهه
جو لپو لڳو- کوهه کڻڻ جو ڪم شروع ٿيو- چڱو لپو لڳي
ويس- چڱو وجهه مليس. لپا لائي ٿو کائي=
وڏا وڏا گرهه ٿو کائي.
]
لپو
A
spadeful
[
(1232) لڄ آيس- لڄي ٿيو. لڄ ۾ پئي لڪو- شرمندو پئي
ٿيو.
(1233) لڄ پت سان رهجي آئي
-
عزت
آبروُ سان ڪم پوُرو ٿيو.
(1234) لڇ ڳنڍيل اٿن- پاڻ ۾ ٿورو ناتو اٿن. لڇ
=
ذرو.
(1235) پنهنجون لڏوُن ڀوري پنهنجي ٿالهيء ۾
کاڌائين- ڪنهن شريڪ کي ڪجهه سوکڙي طرح ڏنائين ته
اُن جي موٽ مليس.
(1236) لڙڪ لڙي پيس- اکين مان ڳوڙها ڳڙيس، رئڻ
آيس.
(1237) لڙهه لڳڻ- آڌار يا اجهو وٺڻ. ( لڙه=
لٺ، آڌار).
(1238) (برسات) لڙهي لاتي- (مينهن) سانده ۽ گهڻو
پيو.
(1239) لڪ لانچڻ- ڪمر ڪشڻ.(لڪ
=
چيلهه. لانچڻ=
ڪشڻ)
(1240) لقب لاتائينس- تعديون يا جٺيون ڪيائينس.
(1241) لڪ لنگهايائين- تڪليف يا بيماري ڀوڳي
چڙهيو.
(1242) لڪڙا ڏيڻ- مردو ساڙڻ. ( هندڪو رواج).
(1243) لک تي ڏئو ٿو ٻريس- وڏو شاهوڪار آهي.
(1244) لڳڻي ٻيڙي آهي- جتي اچيس تتي بيهو رهي.
(1245) لڱ ٿا مڙن- تپ ٿو اچي.
(1246) لل پيو مئَي- بڪي پيو، بيهودو ٿو ڳالهائي.
(1247) للي چپي ڪرڻ- ڪنهن جي لحاظ ڪري سموري سچي
ڳالهه نه ڪرڻ، ڳالهائڻ ۾ خوشامد ڪرڻ.
(1248) لنبا ڏيڻ- ٻرندڙ ننڍين ڪاٺين سان چکيا کي
باهه ڏيڻ
(1249) لنڊي خوشامد- بيهودي يا اجائي خوشامد.
(1250) لنگهڻ ڪڍيائين- کاڌي کان سوائين گذاريائين.
(1251) (اسانوٽ) لنوندي نه جهوندي- گوڙيا گهپي
ناهي.
]
نڪو زبان سان ڪو لنوين (ٻولي) ۽ نه لڱ جهنون .
(1252) لنءَ لنءَ ٺريس- رڳ رڳ ٺريس، گهڻو خوش ٿيو.
(1253) لنءَ لنءَ ڪانڊاري – بت جو هڪ هڪ وارکڙو ٿي
بيٺو.
(1254) لوڏ ئي لک لهيس- هن جي رڳو ٻانهن جي لوڏ جو
ملهه لک رپيا آهي يعني نهايت شاندار ۽ وڻندڙ هلت
اٿس.
(1255) لوڪ آهي ٻوڪ- ماڻهن کي جيڪي اچي سو پيا
چون. ٻوڪ ڏيڻ- بڪڻ- ” وچ ۾ ٻوڪ نه ڏي“.
(1256) لولا لولا ٿيو- پريشان ٿيو( ڪنهن
منجهائيندڙ ڳالهه سبب)
(1257) (ڀرت) لولا مانيون ڪيائين- بگاڙي يا کاري
ڇڏيائين.
(1258) لولي جو لوڻ- نڪمو ماڻهو.
(1259) (هن مان) لولي جو لوڻ به نه ٿيندو- ڪجهه نه
ٿيندو.
(1260) (مائٽي) لوڻ جي سمجهي ڪر ته کنڊ جي ٿي
پوندي- حال ائين ئي سمجهه ته خراب آهي پر پوئين
پاڻيهي ڏسندين ته سٺي آهي.
(1261) لوڻ وجهي ڀت ۾ ڀائيوار ٿو ٿئي! ڪين جهڙي
مدد ڏيئي ڀائيوارن جهڙو حصو ٿو گهري !
ڀيٽيو-”دال گيهه تيرا آگ ڦوُڪ ميرا“ (پهاڪو).
(1262) لوُڻي لڳي اٿس- فڪرات اٿس. ”لوُڻاٽيو پيو
آهي“.
(1263) لوهه ٿيو ويٺو هج- دل جو ڏاڍو ٿيو ويٺو هج.
(1264) لئا لائڻ- جهيڙو ڪرائڻ ڏسو ”ڇيڻا ڀورڻ“.
(1265) ليڙو لهي پيو اٿس- وات کي ڏنل ڏٽو لٿو اٿس
يعني بيشرمن وانگر ٿو ڳالهائي.
ڀيٽيو- ” ڏگهري“ ۽ ” کڙه“.
(1266) ليڪو لنگهي ويو آهي – حد لنگهي ويو آهي
(حياءَ جي)
(1267) لينگها چٽي ٿو- پن مڱ تي گذاري ٿو.
(1268) ليوُن ٻوُڙن سان ٻوُڙا لين سان لاتائين-
جهيڙا ڪرايائين
(1269) (ڳالهه) ليءُ مٽي ٿي- ڍڪجي ويئي (ليپو
آيس).
(1270) ماڪ تي موريو آهي- ڪوُڙي دلاسي تي خوش ٿيو
آهي
]
ماڪ تي وڻ ٽڻ مورجن يعني ساوا ٿين[
(1271) ماناکائي مٿي ٿيو آهي- ٻڍو ٿيو آهي. مانا=
مانيون.
(1272) حياتي جو ماڻ ڀرجي آيو- حياتي يا عمر پوري
ٿي.
(1273) مٿا موُنا هنيائين- گهڻا ڪشالا ڪيائين
(موُنا=
گوڏا).
(1274) مٿو تتس- اونو ٿيس.
(1275) مٿو يا منهن ڏيڻ- پڄڻ، تڪليف وٺڻ. ”ڳن
ڏيڻ“.
(1276) مٿو ڪوُڙائي ساک نه ڪڍجي- (ٿوري ناموس
لائين اجايا خرچ نه ڪجن.
(1277) مٿي تي هٿ پنس- پڄنديء وارو ٿيو.
(1278) مٿي چڙهي ويو آهي- ڦوُنڊ ۾ ڀريو آهي.
(1279) مٽ پوڻ- برابر ٿيڻ شاعري ۾ شاه سان ڪير مٽ
پوندو؟
(1280) مٽوُن ڦوُڪيائين- شوخي ڏيکاريائين، ڪاوڙيو.
(1281) مٽي ڏيڻ ويا- مردو پوُرڻ ويا. (مسلماني
رواج).
(1282) (ٻڪري) مٽي ڪيائون- پاتائؤن، ڪٺائوُن،.
(1283) مٽيءَ پنوڙو هئڻ- موت لکيل هئڻ. ” ڪئَمبيل
صاحب جو حيدرآباد ۾ مٽي پنوڙو، سو ويچارو ولايت
مان اچي 1892ع ۾ ڦليلي ۾ ٻڏو“.
(1284) مٺو ڪري ڀوڳيائين- صبر سان سٺائين.
(1285) مٺيون ڀڪوڙيائين يا پيٽ ۾ پاتائين - سور
صبر سان سٺائين.
(1286) مچ مچايائين- خرابي ڪيائين، جهيڙو
ڪرايائين.
(1287) مچي مڪر ٿيو آهي- ٿلهو ٿيو آهي. (مڪر، مڇي)
(1288) مڇي مانيءَ وارو آهي- چڱيءَ هوند وارو
آهي.
(1289) مڇي بازار لاتي اٿن- کچر کلو يا گهڻو گوڙ
ڪيو اٿن.
(1290) مڇيء، مان ڪنڊا ٿو ڪڍي- اجايوُن ويڪوُن ٿو
ڪڍي.
(1291) مدد جو هٿ ڊگهيريائين- مدد ڪيائين.
(1292) مدو اچي ڀريو- ٺهرايل وقت پوُري ٿيڻ تي
آيو.
(1293) (ڳالهه ۾) مرچ مصالح گڏيائين- ڪوڙ سچ
گڏيائين.
(1294) مرچ لڳس- ڳالهه نه وڻيس؛ ڪاوڙيو.
(1295) مڙس ٿيءُ- همت ڌار مڙسي
=
همت.
(1296) مڙهه مقام- گهر گهاٽ، رهڻ لائين ٺهرايل
هنڌ.
(1297) مڪو متس- چڱو فائدو ٿيس.(مڪو=
فائدو)
(1298) مکڻ- نرم دل. مکڻ جو گهڙو=
رڄ چڱو مڙس.
(1299) مکڻ جي سيخ پچائڻ- ڏسو ” پاڻ پچائڻ“.
(1300) مکڻ مان وار ڪڍيائين- بلڪل چڱي طرح جا چي
(ڪتاب وغيره) اهڙيون خاميون ڪڍيائين جن جو رواجي
طرح جيڪر ڪنهن کي پتو به نه پوي.
(1301) ممڻ مچڻ- معاملو ٿيڻ. ” اکر ڪڇائين ته ممڻ
متو“.
(1302) ممڻي سپ آهي- ڏسڻيء ماٺيڻو پر اندر جو
نانگ.
(1303) من ڀرجي آيس- رئڻهارڪو ٿيو. من ڇنس
=
رٺائين.
(1304) منڊا چڙهيا اٿس- ڳالهائي نٿو سگهي (ڦيڻو
لڳس).
(1305) منگوچا ماڻيائون- مؤجون ڪيائون
(1306) من متي آهي- پنهنجي مت تي هلندوآهي. ”
پاڻهرتو“.
(1307) من ۾ ڀرجي ويو- هٺ ٿيس ( اختياري ملڻ ڪري)
(1308) من ۾ چور ويٺس- ڪٻڌيا يا دل ۾ دغا پيس.
(1309) منهان پئجي ويو آهي- ڏٺو نٿو وڻي
(1310) منهن اونڌائي يا منهن ميرائي- سج لٿي جي
مهل
(1311) منهن ٻريس پيو- منهن ۾ تجلو اٿس.
(1312) منهن ڀت سان لڳس- پشيمان ٿيو، پڇتايائين.
(1313) منهن تي نٿو پوي- سونهين يا ٺهي نٿو.
(1314) منهن جو پنو لهي ويس- منهن جي جوت گهٽيس.
]
زيور تان پنو (ياقوت) لهندو ته سونهن وينديس[.
(1315) منهن ڏسي ٽڪڙو ڏنائين- جهڙو ماڻهو ڏٺائين
تهڙي خوشامد ڪيائين.
(1316) منهن ڪنئرو- نرم سڀاءَ يا گهڻي لحاظ وارو.
(1317) منهن لهي ويس- موڳو ٿيو.
(1318) منهن مٿي ٿيس- آبرو يا مان وڌيس.
(1319) منهن مٽيائين- اڳين پريت ڇڏيائين.
(1320) منهن موڙڻ- دنيا کان منهن موڙيائين=
پاسو ڪيائين ڪم چئبس ته منهن نه موڙيندو= ناڪار نه ڪندو.
(1321) منهن منهن تي چڙهيائين – ڦوڪيو، ڪاوڙ لڳيس.
(1322) منهن وڏو يا اڻاسو- بيشرم.”نڪ نرڄو“.
(1323) مهيء لڙڪيائون- بکيڙو يا گوڙ ڪيائون.
(1324) مئا هٿ هڻڻ- ٿورڙي ڪوشش ڪرڻ.
”مئا
هٿ هڻندس ته به پنج سؤ رپيا اُڌارا ملندم“.
(1325) ميٽ مٿي ۾ هجيؤ ته هتي اچي لاهجو- جلد
اچجو.
(1326) (گهوڙي کي) ميدان کڻايائين- تکو دوڙيائين.
(1327) ميرو ماڻڪ- نهايت اصيل ماڻهو پر سادو
سوُدو.
(1328) ميڪ ميڪ ڪرڻ يا ميڪڻ-سڏڪا ڀرڻ يا رئڻ.
(1329) مينڍ ۾ ڳائڻ- جهيڻي يا سنهي سر ۾ ڳائڻ،
آهستي يا لڪائي ڳالهائڻ. مينڍ ۾ مارئي ڳائڻ=
پڌري ڳالهه آهستي يا لڪائي ڪرڻ ” مائٽيء جي پڪ
ٿي، مصري به ٿي کاڄي ۽ هيءُ اڃا مينڍ ۾ پيا مارئي
ڳائين]
مينڍ=
ستار وغيره جا بند ڍلا ڪري سر جهڪو ڪرڻ[.
(1330) مينهن وسندي-گهرج مهل.161
(1331) نابري واريائين- ناڪار ڪيائين ( ڪم ڪرڻ
کان).
(1332) نادري حڪم جاري ڪيائين- اڍنگو حڪم ڪڍيائين.
]
نادرشاه بادشاه سخت حڪم جاري ڪيا هئا[.
(1333) نادي ڪر- ڀائيواري نبير. شيئين ڇڏ يا کڻ.
(1334) ناس پتو يا نڪ چپ ڪونهيس- نرلڄو آهي.
(1335) ناگلي گجر نه آهي- سولو ٺڳجڻ جو نه آهي.
(1336) نالو بد ٿيس- بدنام يا گلارو ٿيو.
(1337) نالو پيو ڳائجيس- ساک پيئي ٿئيس.
(1338) نام چت ڪيائين- مري ويو.( هند ڪو اصطلاح).
(1339) ناناڻن اڳيان ڏاڏاڻا ٿو ساراهي- ( اسان
پارا) جيڪي کيس چڱي طرح سڃاڻن تن جي اڳيان ٻٽاڪون
هڻي ٿو.
(1340) ناناڻي ڍوري لنگهي ويو- ڀيٽيو” لاهي پاهي
بيٺو“.
(1341) نانءَ چڙهيو- مشهور. ” نامڪٺيو“ ” نامي
گرامي“.
(1342) نٽهڻ اُس – ساڙيندڙ يا تکي اُس.
(1343) نڙيءَ مان پاڻي پيو بکيس- نهايت سهڻو آهي.
(1344) نظر يا اک مان ڪڍ- جاچي ڏس، تپاس، جاچ.
(1345) نظر بند ڪيائونس- جهلي پهري هيٺ رکيائونس.
(1346) نقش ٻوڙيائين- مان وڃايائين.
(1347) لڪ تائين پيٽ ڀريائين- تمام گهڻو کاڌائين.
(1348) نڪ کي مر نه لائبي- پاڻ کي لڄي يا گلارو نه
ڪبو.
(1349) نڪ نرڄو يا نڪ وڍير-بيشرمو. نڪ نرڄائي=
بيشرمي
(1350) نڪ وڍيائينس- جٺ ڦٺ ڪيائينس.
(1351) نڪون تار ٿي ڪيائين- بيوس يا لاچار ٿي ائين
ڪيائين.
(1352) نڪون ساهه هرڪو ٿو کڻي- آبرو سڀ ڪنهن کي
پياري آهي.
(1353) ننڊ ڦٽيس- بي آرامي يا چنتا (ڳڻتي) ٿيس.
(1354) ننڍي پوچ- ننڍي ٽهيءَ وارا.
(1355) ننو اکر واريائين- ناڪار ڪيائين.
(1356) نوُر نچويائين- اکين کي تڪليف ڏيئي پورهيو
ڪيائين.
(1357) نوڙيء مان نانگ ڪيائين. ٿوريء ڳالهه جو وڏو
وڌاءُ ڪيائين. ڏسو ” آتڙي مان ڪاتڙي“ ۽ تيليء مان
ٿنڀ.
(1358) نهوڙي نيڻ- پوُرو ڪرڻ، مارڻ.
(1359) نيروليء جي ڪن کري آهي- ڪوڙو هل ٻڌن ته
ائين چون.
(1360) نهن چوٽي ڏڪي ويس- سڄوئي بت ڏڪيس.
(1361) نيري وهانءُ- گهوٽ مائٽن جو هڪڙو ئي پٽ ۽
ڪنئار مائٽن جي هڪڙيائي ڌيء تنجو وهانءُ. ” ڄيٺي
مينهن پهريتي پٽ. نيري وهانءُ ڪن سڀاڳن سامهون“.
(1362) وات اُٿي پيو يا ڦلاريو – وات پڇي پيو.
(1363) وات ٽڪاڻي ڪيائين- مٿاڇري صلاح ڪيائين.
]
وات ٽڪيائين ته متان پوئين ڏوراپو ملي[.
(1364) وات جا پلاءَ ٿو کائي يا وات جا ورا ٿو
پچائي- ٻٽاڪون هڻي ٿو. ” دل کي خوش ڪري ٿو“.
(1365) واترادو، وات ڏار يا وات وڏو- گهڻ ڳالهائو.
(1366) (ڪم جي) واٽ نٿو واري- (ڪم) نٿو ڪري.
(1367) وات رک- پرهيز يا ڪري ڪر 865.
(1368) وات ڪيائين- گار گند ڪيائين” گهٽ وڌ
ڳالهايائين“.
(1369) اوهان جي وات ۾ گلاب- پنهنجي ڪنهن ڳالهه
ڪرڻ لائين ٻئي کي ڳالهائڻ جي وچ ۾ روڪڻ مهل ائين
چون.
(1370) وات ۾ مڱ پيا اٿيئي ڇا؟ ڇو نٿو جواب ڏين؟
(1371) وات وجهڻ- سوال ڪرڻ. ” ٻين کي ڇو وات
وجهجي“؟
(1372) وات وڪيل آهي- پنهنجي پاران پاڻ ڳالهائي
سگهي ٿو
(1373) وار نه ونگو ٿيندئين! ذري تڪليف نه ڏسندين!
(1374) واساما يا واسانگا ڳائڻ- ڪنهن جي اوني ۾
رهڻ.
”ڪيڏي مهل لاڪر تنهجا ويٺي واساما ڳايم“.
(واسامو=
ساهي. ” اجهواچي“ چوڻ آهي واسا موڳائڻ).
(1375) واگهوءَ جي وات ۾ آهي- ڪنهن زبردست ماڻهوءَ
جي نظر هيٺ يا هن جي ڊپ ۾ آهي.
(1376) واهه واهه پئجي ويس- گهڻي ناموس يا ساک
ٿيس.
(1377) واهيري جي وير- آکيڙي ڏي موٽڻ جي مهل، نما
شام.
(1378) (ڳالهه) وائين وائين ٿي- هلي ويئي، ظاهر
ٿي.
(1379) وائي بادي (ڳالهيون) اعتبار ۾ نه آڻڻ
جهڙيون.
(1380) وائيندي تي ٿو ڇڄ ڏئي- ٻئي جي مرضي پٽاندر
ٿو ڳالهائي.
]ان
وائرين ته هڪڙو ان هاري ٻيو ڇڄ هڻي[
(1381) وايون بتال يا ولليون ٿيس- ڳالهائڻ ۾
منجهو، وائڙو ٿيو.]
بطال
=
منجهل. ولليون= بنا ڍنگ[.
(1382) وچ ڪڍيائينس- منجهه لڌائينس، سماءُ
ورتائينس
(1383) وچ وهندين! وڏو مان ٿيندئين! (دعا).
(1384) وڏا پير ڪيا اٿس-ڀلائي ڪري آيو آهي.
(1385) وڏو ڳالهائڻ اٿس- گهڻو يا اجايو ڳالهائيندو
آهي.
(1386) ور تي رسو ٿو ڀڃي- پنهنجي مطلب جي ڳالهه
ڪري ٿو
(1387) (ٻار) وري آيو- مري ويو.
(1388) وڙهي ڍانگا ٿيا- وڏو تڪرار ڪيائون.
(1389) وصال ڪيائين- ڌڻي سان وڃي مليو، مري ويو.
(1390) وقت کي سلام ڪجي- سمي پٽاندر هلت ڪجي.
(1391) وڻ گهوڙو نه ٻڌائين (1) بريز بريز يا اجائي
تڪڙ ڪيائين، تحمل يا ڌيرج نه ڪيائين. (2)
اُچايائين، آزاريائين.]وڻ
سان گهوڙو نه ٻڌائين، ساهي نه کنيائين[.
(1392) وڻ وڄائي ڇڏيائينس (1) حيران يا پريشان
ڪيائينس. (2) طوفان انبن جا وڻ وڄائي ڇڏيا=
انب ناس ٿيا.
(1393) وهڻ ولوڙيائين- گهڻا ڪشالا ڪيائين- (وهڻ
=درياهه).
(1394) وهوُ ڍڳو – نار ۾ وهندڙ ڍڳو گهڻو ڪم ڪندڙ
ماڻهوُ
(1395) ويهن ئي ننهن جا زور لاتائين- هر طرح جا
حيلا ڪيائين.
(1396) هاريو ويريو پليَ پوندئين! جيڪو خرچ يا
نقصان ٿيو اٿيئي سو شل موٽي ملندئين! (دعا جو
نمونو)
(1397) (ڪم ڪرڻ جي) هائين ڀريائين- (ڪم ڪرڻ)
قبوليائين.
(1398) (ڪم ڪرڻ جي) هام هنيائين- ٻٽاڪ هنيائين.
(1399) توسان ها ۾ ها ملائي ٿو- جئن تون چوين ٿو
تئن پاڻ به چوي ٿو، توسان ٻٽ آهي.
(1400) هٿ اٽڪائڻ- (1) وڙهڻ- ڪنهن مڙس ماڻهوئين
سان هٿ اٽڪائين ته خبر پويئي. (2) واسطو رکڻ.
(توبه ڇڪي هن پليت سان هٿ اٽڪايو آهي“.
(1401) هٿ اچڻ- حاصل ٿيڻ. ” کٿي ڏاڙهي هٿ نه اچي“.
(1402) هٿان پيس- خطا يا ڏوهه پاڻ ڪيائين پنهنجن
هٿن سان). ” هٿان تو پيئي ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين“.
(1403) هٿ تريا پيا اٿس- هٿ ۾ شيئين کڻي تورجي
اٽڪل پوريءَ طرح ڪري سگهي ٿو ( ساهميءَ ۾ تورڻ کان
سوائين).
(1404) هٿ ٽنگڻ- سوال ڪرڻ.
(1405) (خيرات) مان هٿ ٺاريائين- (خيرات) دل وٽان
ڪيائين.
(1406) هٿ پير لڌائين- ويم ڪيائين، ٻار ڄڻيائين.
(1407) هٿ جس هئڻ- ڪيل ڪم لائين جس (ناموس) يا قدر
هئڻ. ”منهنجو هٿ جس ڪونهي. ڪنهن سان چڱائي ڪريان
ته اهو پاڻ برائي پيو سمجهي“.
(1408) هٿ جو ڇوُٽ- سخي، جو وڏيءَ دل سان پئسو
خرچي.
(1409) هٿ چيو نٿو ڪري- پئسي جو زور ڪونهي.
(1410) هٿ ڇوئي اٿس- شين چورائڻ جي عادت اٿس.
(1411) هٿ ڌوئي پٺيان پيو- پوُري ڪرڻ لائين
سنڀريو.
(1412) هٿ ڪپي ڏنائين- لکي ڏنائين (صحيح پائي).
(1413) هٿ کڻڻ- واسطو ڇڏڻ. ”انهيءَ ڪپڙي تان هٿ
کڻ“.
(1414) هٿ نه منجهندئين! پئسي جي تنگي نه ڏسندين!
(1415) هٿن جا ليڪا ڊهڻ جا نه آهن- ويجهي مائٽي
ڇنڻ جي نه آهي.
(1416) هن جي هٿن جو ڄاول آهي- کانئس ننڍو آهي.
(1417) هٿن مان ڪي ڪري پيس- دل کي صدمو پهتس، گهڻو
ڏک ٿيس.
]دل
کي ايڏو لوڏو آيس جو هٿن واري شيئين ڪري پيس. ڏسو
”ڇهه ڇڄڻ“[.
(1418) هٿن ۾ هريوُن اٿس- هار وير يا ڀڃ ڊاهه ڪري
ٿو، حرڪتي آهي.
]هريوُن
=
آڱرين جي وچ واريوُن وٿيون. ٻڪ ۾ پاڻي جهلبو ته
هرين مان ڦڙا وهندا[.
(1419) هٿين پوڻ- هٿن سان وڙهڻ. ” هٿين ڇوٿو
پوين“؟
(1420) هٽ کٽائي حلوا کاڌائين- پڄنديءَ کان وڌيڪ
يا قرض کڻي خرچ ڪيائين.
ڀيٽيو- ”قرض کڻي ڪنگڻ پاتائين“
(1421) هٽ کڻي ڇڏيائين- دڪان هميشہ لائين بند
ڪيائين.
(1422) هٽيءَ ساروُ هوڪو ڏجي- پڄنديءَ آهر خرچ
ڪجي.
(1423) هٺون هيٺ نه لٿو- هوڏ ڪري بيٺو، نه مڙيو.
(1424) هجا هيرا پاتائين- ڏکيا يا سڃا (اجايا)
ڏوراپا ڏنائين.
(1425) هڏ ڀڳل آهي- پورهئي ڪرڻ تي هريل آهي.
(1426) هڏ پورو اٿس- پئسي جو زور ڪونهيس.
(1427) هڏ رک- پنهنجن هڏن کي گسڻ کان رکي، سست.
(1428) هڏ گڏ ڀڳائينس- ڏاڍي مار ڏنائينس.
(1429) هڏ گڏيل نه اٿن- پاڻ ۾ ميلاپ ڪو نه اٿن.
(1430) هرديگي چمچو- ”سڀ وٽ سان پورو“.
(1431) هرک هارڻ- دل ڪرڻ، ڪنهن سان پرڻجڻ يا ڪٿي
مائٽي ڪرڻ جي ” راجا چنيسر ليلا ڏسي هرک هاريو“.
(1432) (ڪجهه) هڙ پليءَ نه پيس- (ڪجهه) حاصل نه
ٿيس.
(1433) هڙ گسايائين- پئسا خر چيائين، نقصان
سٺائين.
(1434) هڙون وڙون مدد ڪيائين- ڪجهه پاڻون مدد
ڪيائين ۽ ڪجهه پنهنجا لائق ڪري ٻئي کان مدد وٺي
ڏنائين.
(1435) هش تي خوش ٿيو- ڪوڙي خوشامد تي خوش ٿيو.
(1436) هڪ اک کلندييءَ ٻي رئندييئين- خوشيءَ توڙي
رنج سان قبوليندين.
(1437) هڪ ڪن کان آيو ٻئي کان ويو- ”ٻڌو اڻٻڌو“.
(1438) هڪ ڪلهي تان لهه ٻئي تي چڙهه- وهنواري پلؤ
ڏي، ڏيتي ليتيءَ ۾ پورو رهه، منهنجي طلب نڪري ته
مون کي ڏي ۽ تنهنجي نڪري ته تون وٺ.
(1439) هڪڙي کي سڄي اک ۽ ٻئي کي کٻي اک ڪرڻ هڪڙي
سان هڪڙي ۽ ٻئي سان ٻي هلت ڪرڻ.
(1440) هنباريءَ رسيو-وڏي عهدي تي پهتو (هنباري=
پالڪي).
(1441) هنيانءَ تي ڇنڊو پيس- دلجائين ٿيس، ڪاوڙ
ڍري ٿيس
(1442) هنياءُ نه لوڙهه دلگير يا بي همت نه ٿيءُ.
(1443) مهنئَينءَ ۾ نه کنئَينءَ ۾ آهي- نه ڪنهن جي
نقصان نه فائدي ۾ آهي، ڪنهن جي به پچار نه اٿس.
(1444) هوا جي سٽ به ڪانهي- ذري هوا به نٿي لڳي.
(1445) هيٺ مٿ جي سڌ ڪانهيس- نفعي نقصان جي پروڙ
يا ڳڻ ڳوت ڪانهيس.
(1446) هيٺاهين وٺڻ-نئَڙت ڪرڻ.
(1447) هيڪلي وڻ هيٺ آيو آهي- جن لڳو اٿس.
(1448) هڻ کڻ لڳي پيئي آهي- موت تڪڙو ٿو ٿئي.
(1449) هيري جي ڪڻي- رڄ چڱو مڙس يا چڱي زال.
)1450(
يار ويس- ميلاپي، کلڻو ملڻو.
اشارو- اصطلاح ياورجيس اُن کي چئجي ٿو. جنهنجي
اکري معني هڪڙي ۽ رواج موجب ٻي آهي.
پهاڪو يا چوڻي اها آهي جنهن ۾ ڪا نصيحت يا نڪتو
ٿورن پر مائيدار لفظن ۾ ڄاڻايل آهي.
|