سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: ٻار اکين جا ٺار (ٻارن لاءِ شاعري)

باب:

صفحو:5 

صبُح ڀلارو

آيو صبح ڀلارو،

دلچسپ آ نظارو.

 

روزي رزق لا نڪتو،

هر شخص ڀاڳ وارو.

 

اونداهه وئي اُڏامي،

روشن ٿيو ديسُ سارو.

 

اسڪول ڏي وڃڻ جي،

تياري ڪيو او ٻارو!

 

ٺـــوڙهــــو

 

 

اونهارو جو آيو آهي،

مَمُون مَٿو ڪُوڙايو آهي.

 

ڪانوَن وانگي ٺُونگا ماري،

يارَن کيس چڙايو آهي.

 

”ٺوڙهو! ٺوڙهو!“ هن کي ڪوٺي،

ٻارن شور مچايو آهي.

 

هن ته مٿو لهرايو ليڪن،

سنگتين چرچو ٺاهيو آهي!
 

نــلـــڪو

نلڪو ڏئي ٿو پاڻي،

سڀ جو ٿئي ٿو ساڻي.

 

مَٽَ ڀي ڀري اچي ٿي،

اُن تان امڙ سياڻي.

 

مان ڀي ٿو وِهنجان اُن تي،

وهنجي ٿي ڀيڻ راڻي.

 

پاڻيءَ سان دنيا قائم،

نعمت خدا جي پاڻي.

 

پاڻي نه هُجي تان ٿي،

جڳ جي وڃي پُڄاڻي!!

 

وڻ پوکيو

ٻوٽا وڻ لڳايو ڀائُو!

وڻڪاري کي چاهيو ڀائو!

 

جنهن ڀي هڪ وڻ پوکيو تنهن ڄڻ،

جنت ۾ گهر ٺاهيو ڀائو!

 

وڻ وڍيندڙ ڏوهي آهي،

ان کي ڪجهه سمجهايو ڀائُو!

 

ساوا سهڻا وڻ وڻن ٿا،

تن جي جانِ بچايو ڀائو!

 

ٻاجهاري ٿو ڳالهه ٻُڌائي،

پنهنجو ’پريل‘ دايو ڀائو!

 

جڳ جو سرجڻهارُ

 

پالي ٿو پِيو پالڻهار،

ساري جڳ جو سرجڻهارُ.

 

اُڀ ۽ ڌرتي آ سڀ اُن جو،

هر شيءِ جو مالڪ مختيارُ.

 

تيئن ڪري ٿو جيئن ٿو چاهي،

آهي هن وٽ هر اختيارُ.

 

’پريل!‘ مَڃ احڪام ڌڻيءَ جا،

ٿيندءِ ٻيڙا تنهنجا پار.

 

موليٰ مصيبت ٽارِ.... (دعا)

 

ٽارِ موليٰ ٽار،

جڳ تان

مصيبت ٽار....

 

دُنيا جو دستور انوکو

بي پهچن لئه دوکو جوکو

موجن ۾ زردار-

ٽارِ موليٰ ٽار....

 

عالم سان گڏ سنڌ ڪر سائي

تنهنجي آڏو گهُري دعا هي

ڀٽائي سرڪار-

ٽارِ موليٰ ٽار....

 

سُور صدين کان ڇو آ ساڳو

ڀُون لئه تو وٽ بڻيو دعاڳو

’پريل‘ پالڻهارَ-

ٽارِ موليٰ ٽار....

جڳ تان مصيبت ٽارِ

 

مينهُن

ڪڪرن جو اُڀ تان وسڪارو

کڻي کوڙ خوشيون آيو ٻارو!

 

وڻ ٽِڻ به ڀِنا تَڙُ ڪِيو ٽڪرنِ،

هي ديس پَيو ڌوپِي سارو.

 

جت مينهن ڦُڙي لئه ڦَٿڪيو پئي،

تِت موج ۾ مارُو ويچارو.

 

ٿَــرُ برُ به وٺو، تَرُ پَرُ به وٺو،

گهرِ گهرِ به وٺو هي موچارو.

 

مالهي

اچو اوهان کي باغُ گهمايان،

گُلن ڦُلن جو واس وٺايان.

 

هِي آ ڳاڙهو گُل گُلاب،

هِن جو ناهي ڪوبه جواب.

 

رابيلن جيئن اَڇّو اُجرو،

من کي موهي موتيو، مُگرو.

 

رات جي راڻي، ڏينهن جو راجا،

جن جي هاڪ ٻُجهي ٿي هرجا.

 

مان هان ٻارو باغ جو مالهي،

مون وٽ گلڙن لئه سڀ سوالي.

 

گهَڙو  گهَڙو

گهاڙانجي تي گهڙو ڀلو،

گهاڙانجي تي گهڙو ڀلو.

 

پاڻيءَ کي ٿو ٿڌو رکي،

ٺاهيو ڪيئن ڪنڀار دِلو.

 

درگاهن، درٻارن تي ڏس،

مٽ  ڀرڻ  جو  سدا  بِلو(1).

 

پاڻي ’پريل!‘ پيئار سڀن کي،

ملندئي ان  جو ثواب صِلو.

 

ڳوٺ جو وڏڙو

ڳوٺ جو وڏڙو، ڳوٺ جو مان،

مولائي هي مرزان خانُ.

 

ٽوپِي سان گڏ پٽڪو پائي،

سڀ کي مُنهن تي سچ ٻُڌائي،

ڪين وڙهائي ٻِن کي ٺاهي،

رُٺل ميڙ ڪري پرچائي،

تڏهن ٿو سڀڪو هن کي چاهي.

 

مَندن سان هي ميرُ رُکي ٿو،

چورن سان هِي ويرُ رکي ٿو،

ڀلائيءَ جو ڀيرُ رکي ٿو،

سچ تي پختو پيرُ رکي ٿو،

ٻين جي ڪمِ اچي ٿو تڏهن ته

سڏجي مڙس مٿير مهانُ،

مولائي هي مرزان خان،

ڳوٺ جو وڏڙو ڳوٺ جو مانُ.

 

گوسڙو ٻارُ

جو به اسڪول کان گُسائي ٿو،

پاڻ دوکو هٿن سان کائي ٿو.

 

جو پڙهڻ پابنديءَ سان نڪري،

تنهن کي سڀڪو ئي ڀلو ڀانئي ٿو.

 

سُست، ڪاهل نڀاڳو سڏجي ٿو،

علم سان دل نه جو لڳائي ٿو.

 

جو چيو وڏن جو مڃي ٿو هلي،

ڳوٺ ئي ڳُڻ تنهين جا ڳائي ٿو.

 

ننڍڙو ادڙو

سهڻو سنهڙو، ننڍڙو ننڍڙو،

منهنجو ادڙو.

 

گهر ڀاتي سڀ گهور ٿيون ٿا،

جيئن ڪري ٿو پيرين پنڌڙو،

منهنجو ادڙو.

 

وِهنجاريون، سينگاريون هن کي،

رَهي نه ميرو، مَندڙو، گندِڙو،

منهنجو ادڙو.

 

نڪ ڊگهو ۽ اکِ چِيروِين،

چپُ گُلن جي پَتڙِين جهڙو.

منهنجو ادڙو.

لِڪ لڪوٽي: ٽوٽو ۽ موٽي

 

مان ٽوٽو ۽ ڇوٽي موٽي،

راند ڪريون ٿا لڪ لڪوٽي.

 

ڀلي ڀڄي ڪو پڪڙڻ کان پو،

پِڙ تي آڳ ڏِئي ٿو موٽي.

 

راند انهي ۾ جنگ نه جهيڙو،

ڪين کڻون ٿا سوٽو سوٽي.

 

ان کي هار ملي ٿي آخر،

جيڪو نيت رکي ٿو کوٽِي.


(1)  بِلو: بندوبست/ انتظام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org