ڇپائيندڙ پاران
هيءُ ڪتاب ”ٻارَ اکين جا ٺارَ“ سنڌي ٻاراڻي ادب جي
ڀلوڙ شاعر محترم پريل دايو جو ٻاراڻي شاعريءَ جو
مجموعو آهي، جنهن ۾ پاڻ انتهائي سهڻي انداز ۾ سنڌي
سٻاجهڙن ٻارڙن لاءِ وندر ورونهن تي مشتمل معياري،
معلوماتي، دلچسپ ۽ نصيحت ڀَريا نظم لکي ٻاراڻي ادب
۾ اضافو ڪري پاڻ ملهايو آهي.
جيئن ته ٻارَ قوم جو مستقبل ٿين ٿا، تنهنڪري سندن
تربيت، تعليم ۽ تحفظ ڪرڻ نه رڳو والدين جو فرض
آهي، پر اداراتي سطح تي به ان سلسلي ۾ سنجيدگيءَ
جي ضرورت آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان جا سرڪاري
توڙي نيم سرڪاري ادارا به پنهنجي ديس جي ٻارڙن جي
ترقي ۽ نشونما ڪرڻ پاڻ تي فرض سمجهن ٿا.
سنڌي ادبي بورڊ پاران به خصوصي طور ٻاراڻي ادب جي
ترقي ۽ اشاعت لاءِ نهايت تيزيءَ سان عمل ٿي رهيو
آهي. هيءُ ڪتاب ”ٻارَ اکين جا ٺارَ“ به ان سلسلي
جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ نصيحت ڀَريا،
معلوماتي ۽ تمام دلچسپ نظم شامل آهن، جنهن کي اسان
جي سنڌ جي پياري شاعر پريل دايو صاحب نهايت محنت
سان رچيو آهي.
هيءُ معياري ۽ معلوماتي ڪتاب ”ٻارَ اکين جا ٺارَ“
آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ اداري طرفان پڌرو ڪري
سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان، جنهن لاءِ آءٌ جناب
مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ، جو
تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي مفيد مشورن
سان منهنجي رهنمائي ڪئي.
اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو سنڌ
جي معصوم ۽ سٻاجهڙن ٻارڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.
18- جمادي الاول 1435هه الهڏتو
وگهيو
20- مارچ 2014ع سيڪريٽري
مهاڳ
شاعري: ادب جون سموريون صنفون شاعريءَ جي وجود ۾
اچڻ کان پوءِ روشناس ٿيون. شاعريءَ جي لاءِ اهو
چوڻ بلڪل بجا آهي ته شاعري ادب جي دنيا جو سڀني
کان اڳ ۾ پيڙهه جو پٿر رکيو. ادبي دنيا جي پارکوئن
جي گڏيل راءِ آهي ته نثر جي ڀيٽ ۾ نظم دنيا ۾
هزارين سال اڳ وجود ۾ آيو هو. شاعري ڇا آهي ۽ ان
جي سمجهاڻي ڪهڙي آهي؟ ان جي باري ۾ ايترو چوڻ ڪافي
آهي ته لفظن جو حُسن جڏهن ڪنهن خاص ترتيب ۽ ترڪيب
سان زبان منجهان ظاهر ٿئي ۽ انهن لفظن ۾ ترنّم،
ميٺاج ۽ گائڪي هجي، آواز ۽ ساز بدن ۾ هڪ اضطراب ۽
اُمنگن ۽ اُڌمن جي ڪيفيت پيدا ڪن ته انهن جو نالو
شعر ۽ نظم رکي سگهجي ٿو.
نثري ڪلام، منظوم ڪلام جي ڀيٽ ۾ لفظن جي تراش خراش
۽ وزن بحر جي بندش کان آزاد ٿئي ٿو. ان ڪري نثري
ڪلام ۾ شعر جي ڀيٽ ۾ جاذبيت، ڪشش ۽ ذهني اپيل گهٽ
ٿئي ٿي.
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته شاعرن جو ذهن عام ماڻهن
جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيز، حساس ۽ جذباتي ٿيندو آهي، اهي
فطري نظارن کان جلد مرعوب ٿيندا آهن ۽ انهن جي
ترجماني ڪرڻ ۾ ڏاڍا حساس هوندا آهن، شاعر کي سڀ
کان پهريان جذباتي حس ٿيندي آهي ۽ ان کان پوءِ
جذبن کي ذهن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽
دماغ وري جذبن جي ڀرپور اظهار لاءِ لفظن جو سهارو
وٺندو آهي، ان ڪري جذبن جي اُڀارڻ ۽ قوم ۾ حوصلو
پيدا ڪرڻ ۽ جدوجهد جي ميدان ۾ آڻڻ لاءِ نثرنگار جي
مقابلي ۾ شاعر اڳ اڳرو رهيو آهي ۽ شاعر ئي اهي
عظيم انسان آهن جن ڌرتيءَ جي گولي تي وسندڙ قومن
کي آزادي ۽ وطن پرستيءَ جي دولت سان مالامال ڪيو
آهي.
هونئن به تاريخي طور تحرير جو فن وجود ۾ اچڻ کان
هزارين سال اڳ ماڻهو شاعرن جو دلپسند ڪلام ٻُڌي
متاثر ٿيندا هئا، شاعري ياد ڪندا هئا ۽ جذباتي کيڏ
کيڏندا هئا. ان ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته انسانذات جي
تمدني ۽ تهذيبي ارتقا ۾ شاعرن اهم ڪردار ادا ڪيو
آهي ۽ انساني تاريخ ۾ اهڙا اهڙا ڪارناما سرانجام
ڏيئي چڪا آهن، جيڪي جابر ۽ طاقتور بادشاهه به ڪري
نه سگهيا. اهي ڪارناما شاعرن پنهنجي لفظن ۽ سخن جي
سونهن جي زور تي ڪري ڇڏيا. سچ پچ ته شعر ۽ شاعري
هڪ اهڙو طاقتور ۽ موثر هٿيار آهي جنهن جي ذريعي
دنيا جي وڏن وڏن ۽ عظيم شاعرن پنهنجين نٻل نيست ۽
ڪمزور قومن کي طاقت، حُريت ۽ آزادي ڏيارڻ لاءِ
طاقتور، جابر ۽ مغرور قومن جي مقابلي ۾ آڻي
بيهاريو ۽ آزادي ۽ خوشحاليءَ جي دولت سان مالامال
ڪري ڇڏيو.
محمد پريل دايو پنو عاقل جي مردم خيز سرزمين جو هڪ
لائق فرزند آهي، جيڪو علم ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾
پنهنجو پاڻ ملهائي رهيو آهي، هونئن به ماضي قريب
جي ٻه سؤ سالن کان پنوعاقل جي سرزمين سنڌ کي لائق
۽ فائق فرزند عطا ڪيا آهن، درويشي، علم ۽ ادب جي
دنيا ۾ پنوعاقل هر دؤر ۾ نمايان رهيو آهي، سخي
محمد مستقيم (بگو شير)، حضرت حماد الله، مولانا
عبدالقادر پنهواري وارو، مولانا عبدالله بقاآبادي،
عبدالواحد سنڌي، تاج بلوچ، سرور سيف، عبدالرحيم
آزاد جتوئي، نٿرمل ملنگ، فتاح ملڪ، محمد حسن
مشتاق، عبدالواحد رند، محمد عالم عباسي، حڪيم محمد
صالح بائجي شريف، ڪروڙي مل، لاهوري مل، پروفيسر
ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، حافظ ارشد انڍڙ، سنڌ جي
ملهن ۽ ملاکڙن جو وڏيرو صدورل خان چاچڙ، سگهڙ
پيراڻو تڙت پنوعاقل جي ادبي ۽ ثقافتي ميڙن جو
مهندار آنجهاني مهراج سيتل داس، انور الدين شيخ،
جسٽس عبدالقادر شيخ، مفتي دائم الدين، ابوبڪر
شبلي، مولانا سليمان طاهر، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ،
ڪامريڊ عزيز الله مري، حق نواز خادم، حافظ رفيق
احمد سومرو ۽ ٻيا بيشمار نالي نشان ۽ وڏي ناليوارا
ماڻهو سڀئي پنوعاقل جي ساڃاهه وند ڌرتي مان اُسريا
۽ نسريا هئا.
ٻاراڻو ادب:
دنيا جي مڙني وڏين ٻولين وانگر سنڌي ٻولي به
ٻاراڻي ادب سان مالامال آهي ۽ ٻاراڻي ادب جي
تخليقڪارن آڳاٽن زمانن کان وٺي سنڌي ادب جي خزاني
۾ ڪهاڻين، محاورن، ٻاراڻن ٻولن ۽ ٻاراڻي شاعري ۾
شاهڪار ادب پيش ڪري سنڌي ٻولي کي دنيا جي ترقي
يافته ۽ ادب سان مالامال ٻولين جي برابر آڻي
بيهاريو آهي. شيخ چلي، ملان نصيرالدين، ملا دو
پيازو ۽ امير حمزه جي ڪهاڻين جي خالقن وانگر اسان
جي دنيا ۾ وتايو فقير، پيراڻو ڀنڀرو ۽ اهڙا ٻيا
ڪردار اسان جي سنڌي ادب جي ڪهاڻين جي زينت بڻيا
آهن. ٻاراڻي ادب کي نظرانداز ڪري دنيا جو ڪوبه ادب
تخليق ڪري نه ٿو سگهجي. اسان جي سنڌي اديبن به ان
سلسلي ۾ پنهنجو پاڻ چڱيءَ طرح سان موکيو آهي ۽
شاندار تخليقن کي جنم ڏنو آهي.
ٻاراڻي شاعري ۾ مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس، محمد
صديق مسافر، استاد بخاري، رشيد احمد لاشاري، هري
دلگير، هوند راج دکايل، نثار بزمي، فتح محمد
سيوهاڻي، بردو سنڌي، حافظ احسن چنه، سليم هالائي،
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ادل سومرو، قاضي مقصود گل،
نصير مرزا، سوسن مرزا، اياز گل، مختيار ملڪ، احمد
خان آصف، منٺار سولنگي ۽ اختر درگاهي جا نالا
ڳڻائڻ جوڳا آهن. انهيءَ کانسواءِ ٻيا به کوڙ نئين
ٽهيءَ جا شاعر پنهنجي ذهن ۽ سوچ آهر ٻاراڻي شاعري
ڪن ٿا، پر ٻاراڻي ادب ۾ معياري ۽ ڪامياب شاعري اها
آهي جيڪا لکڻ وقت شاعر پاڻ ”ٻار“ بڻجي لکي يا
ٻاراڻي نفسيات جو خيال رکي. خيال جي اُڏام ٻاراڻي
سوچ کان اُتاهين نه هجي. پريل دايي پنهنجي ٻاراڻي
شاعري ۾ ٻارن جي نفسيات جو خاص خيال رکيو آهي، هن
کان اڳ به سال 2007ع ۾ سندس ٻاراڻن ٻولن جو مجموعو
”ٻاتا جنين ٻول“ ڇپجي چڪو آهي. جنهن کي سنڌي ادبي
سنگت سنڌ، سنڌي ٻاراڻي ادب جو بهترين ڪتاب قرار
ڏيندي کيس مڃتا ايوارڊ سان نوازيو هو.
ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي
گل ڦل جو به وڏو ڪم ۽ ڪردار آهي. تسلسل سان جاري
ٿيندڙ هن رسالي سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ کوڙ نوان شاعر ۽
ڪهاڻيڪار مُتعارف ڪرايا، جيڪي گهڻي ڀاڱي گُل ڦُل
جي پراڊڪشن آهن. انهي سلسلي ۾ ڪجهه ادارن تمام
گهڻا ڪتاب شايع ڪيا آهن. اياز پاٽولي جو قائم ڪيل
گلشن ادب ٽنڊو محمد خان، آر- ايڇ احمد اينڊ برادرز
حيدرآباد، امين ڪتاب گهر حيدرآباد، آر.ايم فتح
اينڊ برادرز حيدرآباد، اداره گلستان حيدرآباد،
”ٻارن جي ٻاري“ بدين ۾ اسرار شام جي جاري ڪيل
’سنڌي ٻارڙا‘ رسالي چڱو موچارو پاڻ موکيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان، ٻاراڻي ادب جي سلسلي ۾ گِرم
جون آکاڻيون، ڀولڙي جي ڀُل، مرزا قليچ بيگ جا
ٻارنهن ڪتاب ۽ ميڊم گوهر ممتاز قاضي جا 28 ڪتاب
ڇاپيا ويا آهن، جيڪو ڪم ساراهه جوڳو آهي، ڊاڪٽر
تنوير عباسي جو ڪتاب ”ٻاراڻا ٻول“ ۽ پرڏيهي
ڪهاڻيون (ترجمو) جهڙا ڪتاب سنڌالاجيءَ ڇپائي پڌرا
ڪيا آهن. سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ٻارن لاءِ
ٻارنهن ڪتابچا سنڌ جي شخصيات تي پڌرا ڪيا ويا آهن.
جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه، سچل
سرمسترحه، مخدوم بلاول، ڊاڪٽر شمس
العلماء دائود پوٽو ۽ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
جا نالا اچي وڃن ٿا. ٻاراڻي ادب ۾ سڀ کان اهم
طلسماتي ڪهاڻيون ٿينديون آهن. جنن، ڀوتن، راڪاسن،
ديون، پرين جون ڪهاڻيون جيڪي گهڻو ڪري هندو مذهب
جي ابتدا واري زماني ۾ شروع ٿيون هيون. جن ۾ رام،
لڇمڻ، رانوڻ، مهاڀارتا جون ڪهاڻيون اگني ڪل
راجپوتن، چندرونسي ۽ پريهار راجپوتن جي بهادري جا
قصا پڻ طلسماتي ادب جا شاهڪار آهن. لطيف سائين جي
رسالي جو هيرو ”لاکو ڦلاڻي“ سندس گهوڙي ”لاکي“ ۽
انجي محبوبا ”ريٻارڻ“ جا قصا شاهه جي رسالي جي
زينت بڻيا آهن. الف ليلا منجهه آيل قصا ۽ طلسماتي
ڪهاڻيون علي بابا چاليس چور، سندباد، شهزادن ۽
ظالم بادشاهن جا قصا جيڪي عبدالملڪ اسمعي، هارون
رشيد جي دور ۾ تخليق ڪيا، دنيا جي ادب ۾ وڏي جڳهه
والارين ٿا. چار درويش، امير حمزو، گل بڪاولي،
رستم ۽ سهراب رستم جي گهوڙي رخش ۽ سهراب جي ماءُ
تهمينا ۽ پڻ شيرين فرهاد جا قصا، جنهن ۾ فرهاد جو
کير جو درياهه وهائڻ، طلسمي ادب جو شاهڪار آهن.
(ايگزيجريشن) مبالغو ۽ غير فطري وڌاءُ ٻارن کي سٺو
لڳندو آهي. اهڙن قصن ۽ ڪهاڻين جي به سنڌي ٻوليءَ ۾
ڪا کوٽ نه آهي.
محترم پريل دايي جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ
شاعرن ۽ اديبن ۾ ٿئي ٿو، جنهن ٻاراڻي شاعري ۾ قلم
کڻي پاڻ کي درازِ قد ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. سندس
ٻاراڻي شاعري جو مجموعو ”ٻار اکين جا ٺار“ منهنجي
آڏو آهي. مان هي ٻول پڙهي سندس شاعري کي ٻن حصن ۾
ورهايو آهي. هڪڙا اهڙا ٻول آهن جيڪي ٻارن واتان
چوايا اٿس ۽ انهن جي ڪچڙي ذهن آهر سرجيل آهن. انهن
کي ٻاراڻي شاعري قرار ڏيئي سگهجي ٿو. جڏهن ته ٻِي
اهڙي شاعري آهي جن ۾ ٻارن کي نصيحت ڪئي وئي آهي.
چڱا ڪم ڪرڻ ۽ تعليم ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ، اتساهڻ
واري شاعري ڪٿي ڪٿي ٻارن جي سوچ کان اُتاهين به
لڳي ٿي. اهڙن ٻولن کي ”ٻارن لاءِ شاعري“ ڪوٺي
سگهبو. ان ۾ ٻارن لاءِ پيغام ۽ سمجهاڻي سمايل آهن.
پريل دايي هن ڪتاب جي ابتدا ۾ حمديه ڪلام ڏنو آهي
۽ پوءِ هن ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمّد مصطفيٰ صلي
الله عليه وسلم جي ثنا ۾ نعتيه ڪلام رکيو اٿس.
مالڪ موليٰ ڪر ڪم سولا
حمديه ڪلام:
حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جن فرمايو ته هر ڪم
جيڪو الله پاڪ جي نالي وٺڻ کان سواءِ شروع ڪجي ٿو
ته ان جي پُڄاڻي اَڻ وڻندڙ ٿئي ٿي. ابتدا ۽ انتها
ٻنهي جو مالڪ ڌڻي سڳورو آهي.
انسانن جي ڪاوشن ۽ ڪوششن کي بهتر نتيجن تائين مالڪ
جي مهرباني پهچائي ٿي. انسان نڪو ابتدائن جو مالڪ
آهي ۽ نڪي وري انجام ڪار کي خير خوبيءَ تائين
رسائڻ جو اختيار رکي ٿو. رب ڪريم جي ڪلام جي ابتدا
به ”الحمدالله“ جي حمديه لفظن ۽ دعائن سان ٿئي ٿي
ته لطيف سائين جي موجوده رسالي جون مهاڙيون بيت
”اول الله عليم“ به حمديه ڪلام آهي، پر اسان جي
نوجوان شاعر پريل دايي پنهنجي شاعريءَ جي الله
توهار حمديه ڪلام جي اهڙي خوبصورت لفظن سان ڪئي
آهي. جيڪي بذات خود سنڌي ٻولي جو محاوراتي ڪلام ۽
ضرب المثل محاورو/ اصطلاح آهي. حسن بيان ۽ لفظن جو
جڙاءُ هن مصرح ۾ چٽي طرح سان واضع آهي.
”هِت هُت آهين، جت ڪٿ سائين!“
سبحان الله واهه جي لفظن جي چونڊ آهي ۽ جملن جي
بيهڪ آهي. قرآن پاڪ جي آيت سڳوريءَ جو خوبصورت
ترجمو محاوراتي ٻوليءَ ۾ اهڙن سولن لفظن ۾ ڪيو ويو
آهي جو ٻارڙن جي ننڍڙن ۽ نازڪ ذهنن تائين ان جي
رسائي آسانيءَ سان ٿئي ٿي.
وَنَحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ
الْوَرِيْدِ
ترجمو: ”۽ اسان ان کي شهه رڳ کان به وڌيڪ ويجها
آهيون“.
ان آيت کي هن طرح سموئيو اٿس.
”رُوح رڳن کان ويجهو آن تون!“
نعتيه ڪلام: ”مِٺو مرسل هلي آيو هلي آيو“. هڪ خاص
قلمي واردات مان نڪتل ڪلام آهي. ”مٺڙو“ ۽ “Sweet” جو
شيرين جملو ان معنيٰ ۽ مفهوم سان حضرت محمّد ڪريم
صلي الله عليھ وسلم جي ذات ۽ صفات تي فقط سنڌي
ٻوليءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو. انساني بقا ۽ بوتي جي
صحت ۽ سلامتي لاءِ Sugar کنڊ
جو هڪ خاص مقدار فطري ۽ لازمي آهي. کنڊ کان سواءِ
انساني ڍانچو بي اعتدالي جو شڪار ٿئي ٿو، جنهن جي
نتيجي ۾ انسان اجل جو شڪار ٿي پوي ٿو. سنڌي ٻولي ۽
ادب جي اها خاص خاصيت آهي ته ايمانيات سان لاڳاپيل
مڙني هستين جي نالي اُچارڻ ۾ ان جي خوبصورت نعم
البدل تي اڪتفا ڪري ٻوليءَ جي جاندار محاورن ۽
اسلامي اصطلاحن کي خوبصورت بڻايو وڃي ٿو. مثلاً؛
حج جي ادائگي لاءِ مڪي ۽ مديني ڏانهن روانگي کي
”ڀلو پارُ“ سڏيو ويندو آهي. اهڙي ريت قرآن پاڪ کي
پڻ ”ڀلو سونهارو“ ۽ حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله
عليھ وسلم جي ذات لاءِ ميٺاڄ سان ڀرپور مفهوم
”مٺڙو مرسل“ ۽ محمّد صلي الله عليھ وسلم بدران
”نالي مٺو“ به چون.
”مٺو مرسل هلي آيو، ڀلي آيو ڀلي آيو،
مرحبا يا مرحبا، حَبّذا يا حَبّذا“
مينهوڳي ۽ وسڪارو سڀڪنهن کي وڻي ٿو. ٿر بر وسن ٿا،
وَسي وسي وڻڪار ٿئي ٿي، پکي پرنگهه، ماڻهو ۽ مرون
مڙيئي جياپي جا اسباب پسن ٿا. پاڻي زندگي آهي ۽ هر
حياتيءَ جي جياپي لاءِ پاڻيءَ جو هجڻ ضروري آهي.
پاڻي جي کوٽ ڏُڪار ۽ موت جو سبب بڻجي ٿي. دنيا جي
هر ڪُنڊ ڪُڙڇ جا انسان مينهوڳي جي اوسيئڙي ۾ رهن
ٿا ۽ ڀيڄ ڀيڄ جون دعائون ڪن ٿا. هندن جو ”مينگهه“
ديوتا ۽ مسلمانن جو ”رعد“ فرشتو سانوڻيءَ ۾ وسڪارو
آڻي سُڪار جا اسباب پيدا ڪن ٿا. سنڌي ٻارڙو به
مينهوڳي جو انتظار ڪري ٿو ۽ ڀيڄ ڀيڄ جون دعائون
گهُري ٿو. سچ پچ ٻارڙو مينهن ۾ مزو وٺي ڏاڍو گد گد
ٿيندو آهي. پريل دايو چوي ٿو:
”ڪڪرن ڪيا وسڪار،
گهر کان نڪتا ٻار،
ڪن کي لُنگ ته ڪڇا ڪن کي،
بُت اگهاڙا يار“.
ڪيترا نه خوبصورت ٻول آهن ۽ لفظن ۾ موتين جي مالها
پوئي وئي آهي. ذهنن کي اپيل ڪندڙ مُشاهدو آهي ۽
لطيف سائين جي سُر سارنگ جي عڪاسي ۽ فوٽوگرافي
آهي، ڀٽائي جي هن بيت جيان ته:
”اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا“.
پريل دايي ٻارڙن کي ابي امان جي عزت ۽ عظمت،
استادن جي ادب بابت مترنم ٻولن ذريعي آگاهي ۽
سمجهاڻي ڏني آهي ۽ بي مقصد، بي معنيٰ سرگرمين کان
پاسيرو رهڻ ۽ علم ڏانهن مائل ڪرڻ جي تلقين ڪئي
آهي. اسان جي دعا آهي ته هو ٻارن لاءِ سدائين
لکندو رهي.
4- سيپٽمبر
2013ع حافظ
ارشد انڍڙ |